سورت اعليٰ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-19
سڀني کان مٿاهين پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪر جو اها ذات هر نقص کان پاڪ آهي.
(١) (اي محمدﷺ) تون پنهنجي سڀني کان مٿاهين پالڻهار جي نالي جي عظمت بيان ڪر. (۽ ان جي پالڻهاريءَ واري نظام لاءِ سرگرم رهه.) (٢) (اهو پالڻهار) جنهن سڀ ڪنهن کي پيدا ڪيو ۽ صحيح تناسب سان بنايو. (٣) ۽ جنهن (تقدير واري نظام سان شين جي اؤسر جو) خاص اندازو مقرر ڪيو، پوءِ (انهن شين کي فطرت يا جبلت ذريعي) رستو ڏيکاري ڇڏيو. (٤) ۽ جنهن (اوسر جي مقصد لاءِ ڌرتيءَ مان) تازو گاهه ڄمايو. (٥) پوءِ ان کي (زندگي، اوسر ۽ موت واري قانون هيٺ) ڪارو سڪل ۽ سڙيل ڪيائين. (٦) (اي پيغمبر! انساني هيئت جي اهڙي تڪميل کان پوءِ ان جي ذات جي تڪميل لاءِ) سگهوئي توکي (وحي ذريعي ضابطو) پڙهائينداسون، پوءِ تون ڪين وساريندين. (٧) پر جنهن جي وسارڻ جو الله (پنهنجي مشيت سان) ارادو ڪري، هن ڪري ته اهو ظاهر ۽ ڳجهه کي ڄاڻي ٿو. (٨) ۽ توکي ان آسان شريعت (جي پهچائڻ ۽ هلڻ) لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسون. (٩) پوءِ تون (ماڻهن آڏو اها وحي واري) نصيحت (بيان) ڪندو رهه، جتي نصيحت ڪرڻ فائدو ڏي. (١٠) جيڪو الله (وٽ حاضر ٿيڻ) جو خوف رکي ٿو، سو سگهوئي ڌيان ڪندو. (١١) ۽ وڏو نڀاڳو (ٿيندو اهو جيڪو) ان کان پاسيرو رهندو (جو پاڻ کي ان جي فائدن کان
محروم رکندو.). (١٢) (نتيجي ۾) اهو ماڻهو (تباهين جي) تمام وڏي باهه ۾ پوندو. (١٣) وري نه ان ۾ مرندو ۽ نه (آرام سان) جيئندو. (١٤) بيشڪ اهو مراد (۽ ڪامرانين) کي پهتو (جنهن رڳو جسم جي پرورش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪئي) ۽ متقي بڻيو. (١٥) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ) کي (پنهنجي عمل سان) ياد ڪيائين، پوءِ (انهيءَ رستي تي استقامت واسطي) نماز پڙهيائين. (١٦) پر اوهين هن دنيا جي (طبعي) حياتيءَ (جي تڪڙن مفادن) کي ترجيح ڏيو ٿا. (١٧) هوڏانهن آخرت (جي حياتي) گهڻو چڱي ۽ گهڻو بقا واري آهي. (١٨) بيشڪ هيءُ بيان (قرآن ۾ پهريون دفعو بيان ڪيل ناهي، بلڪ هي) ته پهرين ڪتابن ۾، (١٩) ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتابن ۾ به (اهوئي چيل) آهي.