سورت الجمعه (معنيٰ : گڏ ٿيڻ )
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-8
حضرت جن سڀني قومن لاءِ رسول آهن، پاڻ سڳورن جو منصب.
(١) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاه، پاڪ ذات ۽ زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (٢) هو اُهو آهي جنهن (ڪائنات جي نظام کي ترتيب ۾ رکڻ وانگر انساني نظام کي ترتيب ۾ رکڻ لاءِ) اڻ پڙهيلن ۾ (جن کي اڳ عرصي کان آسماني ڪتاب نه مليو هو) انهن مان هڪ رسول موڪليو جيڪو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين (تربيت سان) پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي (ٻيا علم ۽ فهم) سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا. (٣) ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (جيڪي بعد ۾ ايندا ان کي (ئي) موڪليو اٿس) جيڪي اڃا تائين مسلمان سان نه مليا آهن ۽ اهو (هينئر عالمگير نبوت ڏيڻ ۾) زبردست حڪمت وارو آهي. (٤) اهو (وحي جو اچڻ) الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس (جو پنهنجي مشيت سان وحي جي مخاطبن کي ان لائق سمجهي) تنهن کي ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (٥) جن کي تورات (جو ڪتاب) کڻايو ويو، پوءِ ان کي نه کنيائون، انهن جو مثال گڏهه جي مثال جهڙو آهي، جو (گهڻا) ڪتاب کڻي وڃي ٿو. جن ماڻهن الله جي آيتن کي (پنهنجي بي عملين جي انڪار سان) ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ الله (اهڙي) زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. (٦) (اي پيغمبر!) چئو ته، اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعويٰ ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن (منجهئون) رڳو اوهين الله جا دوست آهيو ته (پوءِ ان جي آزمائش هي آهي ته سندس رستي ۾) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعويٰ ۾) سچا آهيو. (٧) هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا، انهن ڪمن جي (ڀوَ) ڪري جن کي سندن هٿن اڳي (آخرت لاءِ) موڪليو آهي ۽ الله مجرمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (٨) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو (ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي پهچڻ وارو آهي. وري ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين ڪريو پيا تنهن جي (نتيجي جي) اوهان کي خبر ڏيندو.
رڪوع ٢ آيت 9-تا-11
جڏهن جمعي جي نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته سودي ۽ واپار کي ڇڏي ڏيو.
اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته (اجتماعي طرح) الله جي
ياد ڪرڻ لاءِ جلد ڪريو ۽ سودي واپار (۽ ٻين مشغولين) کي ڇڏي ڏيو. (اچي الله جا قانون ۽ هدايتون ٻڌو جن جي مطابق توهان کي هلڻو آهي.) اهو (اجتماع) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي، جيڪڏهن اوهين (ان جا نتيجا) ڄاڻو!(١٠) پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين تي پکڙجي وڃو ۽ (حلال رزق ذريعي) الله جو فضل گهرو ۽ (دنيا جي سڀني ڪمن ۾) الله (جي قانونن تي عمل ڪندي ان) کي گهڻو ياد ڪريو تان ته اوهين ڪامياب ٿيو. (١١) (اي پيغمبر!) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.