مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت العٰديٰت

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-11
بيشڪ انسان پنهنجي پاليندڙ جو وڏو بي شڪر آهي.
(١) (حملو ڪندڙن جي) هانبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو پريشان حال (ڊوڙڻ شاهد آهي). (٢) پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو (جيڪي پٿرن تي نعلن هڻڻ سان نڪرنديون آهن). (٣) صبح جي وقت (سوير ننڊ جي غلبي وقت) لٽ ڪندڙن جو، (٤) پوءِ ان وقت (ڊوڙڻ سببان) رَئي اٿاريندڙن جو، (٥) پوءِ ان گهڙيءَ (ستلن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو، (٦) (انسان جي معمولي خدمت جي عيوض گهوڙن جي، ان لاءِ ايڏي قرباني شاهد آهي ته) بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو بي شڪر آهي. (جو معمولي دولت جي هوس ۾ پنهنجي مالڪ جا ضابطا ٽوڙي ٿو). (٧) ۽ بيشڪ هو انهيءَ (عمل سان پنهنجي ناشڪري واري حالت) تي پاڻ به شاهد آهي. (٨) ۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ (انڌو ٿيل) آهي (جو ڪمايل ۽ ڦٻايل مال کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو). (٩) ڇا پوءِ هو ان وقت کي نٿو ڄاڻي، جڏهن (حساب ڪتاب لاءِ) انهن کي اٿاربو، جيڪي قبرن ۾ آهن. (١٠) ۽ جيڪي سينن ۾ (مال جي محبت ۽ هوس کي مجبورين جا بهانا بنائڻ واري سندن چال) آهي، تنهن کي پڌرو ڪبو. (١١) بيشڪ سندن پاليندڙ انهن جي سموري حال کان ان ڏينهن پورو واقف هوندو.