مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت النبا

حصو ٽيهون

سورت النبا

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-30
قيامت ۽ آخرت جو ثبوت ۽ ان تي ايمان ۽ عدم ايمان جا نتيجا.
(١) (هي ماڻهو) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ (٢) اهڙي وڏي واقعي (قيامت) بابت. (٣) جنهن ۾ اهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪندڙ آهن. (ان لاءِ ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي). (٤) پڪ سان (انهن جو اهو اختلاف گهڻو وقت نه هلندو) اجهو اهي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندا. (٥) پوءِ اهي خبردار ٿين (جيئن اهي سمجهن ٿا ائين ڪونهي) اجهو اهي ڄاڻي وٺندا. (٦) (اي ماڻهو! اسان لاءِ اهو ڪيئن ناممڪن آهي) ڇا اسان زمين کي (ان جي گولائي ۽ ان جي تيز چرپر جي باوجود) وڇاڻو نه ڪيو آهي. (٧) ۽ جبلن کي زمين جون ميخون؟ (جو زمين تيز چرپر جي باوجود سنوت ۾ آهي.) (٨) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (جنهن سان اوهان جو نسل وڌي ٿو.) (٩) ۽ (رات ڏينهن جي ڦيري سان) اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي. (١٠) ۽ رات کي (اوهان جي آرام لاءِ) ڍڪ ڪيو آهي. (١١) ۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي. (١٢) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن. (١٣) ۽ هڪڙو روشن ڏيئون سج پيدا ڪيو آهي. (جيڪو اوهان لاءِ روشني جو سرچشمو آهي.) (١٤) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي. (١٥) ته ان سان داڻا ۽ گاهه (نباتات). (١٦) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون. (١٧) بيشڪ (پوءِ جيئن اسان جي هنن تخليقن ۾ نظم ۽ ضبط آهي، تيئن ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ به هڪ نظم ۽ ضبط ۽ ان جي پابندي لاءِ) فيصلي جو ڏينهن مقرر وقت آهي. (١٨) (اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو، پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي (قبرن مان نڪري) ايندؤ. (١٩) ۽ آسمان کولبو جو (هنڌا هنڌان) دروازا ٿي پوندو. (٢٠) ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) سوربا، پوءِ اهي واريءَ جهڙا ٿي پوندا. (٢١) بيشڪ جهنم هڪڙو (خطرناڪ) گهاٽ آهي. (جيڪو مجرمن جي تاڙ ۾ آهي.) (٢٢) سرڪشن (حد کان لنگهندڙن) جي رهڻ جي جاءِ بڻبو. (٢٣) جيڪي ان ۾ ڊگهيون مدتون رهندا. (٢٤) نه ان ۾ ڪا راحت (۽ آرام ملندن) ۽ نه ڪا پيئڻ جي ڪا شيءِ چکندا. (٢٥) سواءِ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۽ (سندن جسمن مان وهندڙ) پونءِ جي. (٢٦) اهو (سندن ئي ڪيتي جو) پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. (٢٧) بيشڪ اهي (هن دنيا ۾ پنهنجن ڪيل عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا. (٢٨) ۽ (انهن کي بار بار ٻڌائڻ وارن ٻڌايو پر) انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري جي (پاڻ کي غافل ڪري) ڇڏيو هو. (٢٩) ۽ اسان (غفلت ڪونه ڪئي ۽) سڀ ڪنهن شئ کي (انهن عملن ۾) لکي ڳڻي ڇڏيو آهي. (٣٠) سو (عذاب جي وقت چئبو ته) چکو جو اسين اوهان تي (عملن جي نتيجي ۾ ملندڙ) عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون.

رڪوع ٢ آيت 31-تا-40
قيامت ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي.
(٣١) بيشڪ (خدا جو لحاظ رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي آهي.(٣٢) (سير ڪرڻ ۽ کائڻ لاءِ) باغ (جنهن ۾ هر قسم جا ميوا) ۽ ڊاکون آهن. (٣٣) ۽ (وندر لاءِ) هڪ جيڏيون ڪنواريون آهن. (٣٤) ۽ (مشروبن جا) ڀريل پيالا آهن. (٣٥) ان (بهشت) ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن شئ جي طلب تي) انڪار. (٣٦) (اي پيغمبر!) اهو بدلو تنهنجي پالڻهار جي پاران هوندو، جيڪو (انهن) سڀني کي ڪافي نعمتن سان ڏيندو. (٣٧) اهو آسمانن، زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وڇ ۾ آهي تِنهن جو پاليندڙ آهي، جو وڏو مهربان آهي (ان وقت سڀ سندس حضور ۾ بيهندا ۽ ادب وچان) اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا. (٣٨) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي به نه ڳالهائيندا، سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به (الله جي مقرر ڪيل قاعدي تي) پوري ڳالهه. (٣٩) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي، پوءِ جنهن کي وڻي سو (هن دنيا ۾ نيڪ عمل ڪري) پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بنائي. (٤٠) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ (ان وقت ان ڏينهن جي واقع ٿيڻ جو) انڪار ڪندڙ چوندو ته، جيڪر آئون مٽي هجان ها (۽ جزا ۽ سزا جي معاملي ۾ نه پوان ها.)