سورت الطُّورِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-28
عملن جو بدلو ملڻ جي حقيقت.
(١) طور شاهد آهي. (٢۽ ٣) ۽ (خدائي) ڪتاب شاهد آهي جو لکيل آهي ۽ کليل اڻ ويڙهيل ڪاغذ تي آهي (جنهن ڪري هرڪو پڙهي ٿو سگهي). (٤) ۽ آباد گهر (الله جو) پڻ شاهد آهي. (٥) ۽ (آسمان جي بي انتها) اونچي ۽ بلند ڇت به شاهد آهي. (٦) ۽ لهرون هڻندڙ سمنڊ به شاهد آهي ته، (٧) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو عذاب يقيناً ضرور اچڻو آهي. (٨) ان کي ڪو به ٽاري ڪونه سگهندو. (٩) انهيءَ ڏينهن آسمان سخت ٿرٿلي ۾ اچي ويندو (وڏو انقلاب برپا ٿي ويندو). (١٠) ۽ (ايتري قدر ٿرٿلو ٿيندو جو خود) جبل به هيڏي هوڏي ڀڄندا رهندا. (١١) سو (يقين ڄاڻو ته) انهيءَ ڏينهن (يعني انقلاب واري زماني ۾) حق کي نه مڃيندڙن لاءِ مصيبت مچي ويندي (۽ تباهيءَ کي اکين آڏو ڏسندا). (١٢) جيڪي بيهودين (عيش عشرتن) ۾ کيل تماشا ڪري رهيا آهن. (١٣) انهيءَ ڏينهن کين جهنم جي باهه ڏانهن سختيءَ سان ڌڪيو ويندو. (١٤) (۽ کين چيو ويندو ته) هيءَ اٿوَ اها باهه جنهن کي توهان ڪوڙو ٺهرائيندا هئو (يعني توهان چوندا هئو ته، خالي دڙڪا آهن. اسان تي عذاب ڪونه ايندو. اسان زور وارا ماڻهو آهيون.) (١٥) (کين هي به چيو ويندو ته) پوءِ ڇا هي سڀ ڪوڙو ٺاهه آهي؟ يا هيئن آهي ڇا ته توهان (انڌا آهيو ۽) ڏسي نٿا سگهو. (١٦) (هاڻي) سڙو انهيءَ باهه ۾، هاڻي صبر ڪيو يا (روڄ راڙو ڪيو ۽) صبر وڃائي ويهو، اوهان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي (هاڻي نڪي صبر مان ڪجهه ورندو، نڪي روڄ راڙي مان ڪجهه ورندو) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪندا هئو، تنهن جو ئي بدلو اوهان کي ملي رهيو آهي (نه گهٽ نه وڌ. اوهان سان ڪجهه به بي انصافي ڪانه ڪئي ويئي آهي.) (١٧) يقيناً متقي (پرهيزگار) ماڻهو باغن ۾، وڏين نعمتن ۽ خوشين ۾ رهندا. (١٨) جيڪي (نعمتون) سندن پروردگار کين عطا ڪندو سي وڏي خوشيءِ سان ماڻيندا. ۽ سندن پروردگار کين جهنم جي عذاب کان (يا انقلاب جي مصيبتن کان) بچائي وٺندو. (١٩) (۽ کين چيو ويندو ته) پنهنجن نيڪ عملن جي بدلي ۾ (هاڻي) مزي سان (۽ امن امان ۾) کائو پيئو. (٢٠) هو قطارن ۾ رکيل (شاندار) ڪوچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا ۽ اسان کين وڏين ۽ چمڪندڙ اکين وارن سنگتين سان ملائينداسين. (٢١) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي سندن اهل اولاد جا ماڻهو ايمان بابت سندن نقش قدم تي هليا (يعني سندن روش اختيار ڪيائون) تن سڀني کي اسان هڪ ٻئي سان ملائينداسين، ۽ سندن عملن (جي بدلي ۾ مليل نعمتن) مان اسان ڪجهه به نه گهٽائينداسين، هرهڪ شخص پنهنجي ئي عملن جو پورو پورو نتيجو پائيندو. (٢٢) ۽ اسان هنن کي ميوا ۽ گوشت ڏيندا رهنداسين، اهڙا جهڙا هو چاهيندا ۽ پسند ڪندا. (٢٣) هو ان (بهشت) ۾ اهڙو پيالو (شربت جو) هڪ ٻئي ۾ ڦيرائيندا رهندا جنهن ۾ ڪابه بيهودگي (يعني نشو وغيره) ڪونه هوندو، نڪي ان ۾ ڪا گناهه جهڙي ڳالهه هوندي. (٢٤) ۽ هنن جي چوڌاري سندن (خدمت لاءِ سهڻا) ڇوڪرا ۽ نوجوان ڦرندا رهندا، جيڪي لڪايل موتين وانگر (چمڪندڙ، بي داغ معصوم) هوندا. (٢٥) ۽ اهي (جنتي ماڻهو خوشي ۽ محبت ۾) هڪ ٻئي ڏانهن وڌي ايندا ۽ هڪ ٻئي کان (عجيب عجيب) سوال پڇندا (۽) (٢٦) چوندا ته، اسان اڳي پنهنجي ماڻهن (۽ اهل اولاد) بابت ڊڄندا هئاسين (ته مرڻ کان پوءِ خبر ناهي ته وري ملنداسين يا نه). (٢٧) پر الله تعاليٰ اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي ۽ اسان کي (جهنم جي) ساڙيندڙ هوا جي عذاب کان بچائي ورتو آهي. (٢٨) سچ پچ اسان اڳي الله تعاليٰ کي (پنهنجي مغفرت لاءِ) پڪاريندا هئاسين، سچ پچ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.
رڪوع ٢ آيت 29-تا-49
اي پيغمبر تون منهنجو پيغام پهچائيندو رَههُ.
(٢٩) سو (اي پيغمبر!) تون نصيحت ڪندو رهه. ڇو ته خدا جي فضل سان تون نڪي منتري جوڳي آهين ۽ نڪي ديوانو آهين. (ڪافر توتي اهي ۽ ٻيا نالا ٿا رکن پر تون پرواهه نه ڪر). (٣٠) يا اهي (ڪافر تنهنجي بابت) هيئن ٿا چون، ڇا ته هو شاعر آهي، جنهن لاءِ اسان زماني جي ڪنهن آفت جو انتظار ڪري رهيا آهيون. (٣١) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، ڀلي ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسڻ ۽ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. پاڻهي ڏسندو ته حق غالب پوندو). (٣٢) يا هيئن آهي ڇا ته، سندن عقل ۽ سمجهه کين اهائي ڳالهه ٿي سيکاري؟ (نه نه! هو عقل ته هلائين ئي ڪونه ٿا) يا هيئن آهي ڇا ته هو اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (ضد ۽ خود غرضيءَ سببان ظلم جي راهه ۾) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهن؟ (حقيقت اها ئي آهي). (٣٣) يا هئين ٿا چون ڇا ته هن (يعني حضرت محمدﷺ) پنهنجو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ (۽ خدا هن ڏي وحي ڪونه ٿو موڪلي) پر حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي ايمان يا يقين آهي ئي ڪونه، (هو رڳو گمانن ۽ وهمن ۾ ٿاڦوڙا پيا ٿا هڻن.) (٣٤) (جيڪڏهن ائين ٿا سمجهن ته قرآن الله جو ڪلام ناهي ۽) جيڪڏهن پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهن ته ڀلا اهڙي قسم جو ڪلام ٺاهي آڻي ڏيکارين ته سهي. (اهڙو ڪلام اڄ تائين ڪوبه ٺاهي نه سگهيو آهي.) (٣٥) يا هيئن آهي ڇا ته، هو عدم مان پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پيا آهن يا پاڻ ئي خالق آهن؟ (٣٦) يا هيئن آهي ڇا ته هنن پاڻ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي؟ نه نه! حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي (علم ۽) يقين (ئي) ڪونهي. (٣٧) يا هئين آهي ڇا ته، تنهنجي پروردگار جا خزانا هنن وٽ آهن؟ يا (جهان جي ڪاروبار جا) داروغا يا مئنيجر پاڻ آهن؟ (٣٨) يا وٽن ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا (جنهن تي چڙهي) هو (خدائي راز ۽ حقيقتون) ٻڌي ٿا اچن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته هنن مان ڪوبه ٻڌندڙ چٽي چٽي ثابتي ته پيش ڪري. (پر ائين هرگز ناهي.) (٣٩) يا (هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) الله کي ته ڌيئر آهن (جن جو ڄمڻ پاڻ لاءِ پسند ڪونه ڪندا آهيو) باقي پنهنجي لاءِ پٽ (ٿا چاهيو)؟ (٤٠) يا (اي پيغمبر! هيئن آهي ڇا ته) تون کانئن اجورو گهرين ٿو (۽ وڏيون رقمون وٺين ٿو) جنهن جي ڪري هو قرضن جي بار هيٺ اچي ويا آهن؟ (٤١) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن وٽ غيب (جي حقيقت اچي وئي) آهي جن کي هو لکندا ٿا وڃن؟ (٤٢) يا (هيئن آهي ڇا ته) هو (تنهنجي خلاف) ڪو منصوبو ٺاهي رهيا آهن؟ پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪافر پاڻ (خدائي عذاب جي) تجويزن ۾ وڪوڙجي ويا
آهن (۽ پاڻ تباهه ٿيندا). (٤٣) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن جي لاءِ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪوبه ٻيو معبود آهي؟ (نه نه!) الله تعاليٰ پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي، اهڙين شرڪ جي ڳالهين کان جي هو ڪندا رهن ٿا. (٤٤) ۽ جيڪڏهن هو آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته (ائين ڪونه سمجهندا ته اسان تي ڪا آسماني آفت اچي رهي آهي، پر) هو (هيئن پيا) چوندا ته اهو گهاٽو ڪڪر آهي (جو مينهن وسائيندو ۽ اسان جو ملڪ آباد ڪندو، جيئن عاد قوم جي ماڻهن سمجهيو هو.) (٤٥) سو (اي پيغمبر!) تون کين ڇڏي ڏي تان جو هو اهو پنهنجو ڏينهن اکين سان ڏسن، جنهن ۾ بيهوش ٿي ويندا. (جيئن بجليءَ جو شاڪ بيهوش ڪري ڇڏيندو آهي.). (٤٦) انهيءَ ڏينهن سندن حيلا ۽ تجويزون کين ڪجهه به ڪم نه اينديون، نڪي هنن کي ڪا مدد ملندي. (٤٧) ۽ يقيناً ظالمن کي هن (دنيائي عذاب) کان سواءِ ٻيو (آخرت وارو) عذاب به ڏنو ويندو، پر هنن مان گهڻا انهيءَ حقيقت کان بي خبر آهن. (٤٨) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم لاءِ صبر ۽ ثابت قدميءَ سان ترس. يقيناً تون اسان جي اکين جي سامهون آهين، (اسان جي توتي شفقت جي نظر آهي، اسان توکي هنن دشمنن کان بچائينداسين ۽ ڪامياب ڪنداسين) ۽ تون جڏهن جڏهن (نماز لاءِ يا ڪنهن اهم ڪم لاءِ) اٿي کڙو ٿئين تڏهن تڏهن پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه. (٤٩) ۽ رات جو ڪجهه حصو به الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪرڻ ۾ گذار ۽ تارن جي لهڻ کان پوءِ به (يعني فجر جي وقت به) پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه.