سورت طٰہٰ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-24
هي قرآن انهيءَ لاءِ نازل ٿيو ته جيڪا دل انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان ڊڄندڙ هجي، تن لاءِ نصيحت ٿئي.
(١) طاها (يعني اي شخص) (٢) اسان توتي قرآن هن لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون ڏکن ۽ تڪيلفن ۾ پوين. (٣) هي ته انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهي ته جيڪا دل (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) ڊڄندڙ هجي تنهن جي لاءِ نصيحت ٿئي. (جيڪي ڊڄڻ وارا ناهن سي ان کي ٻڌندا به ڪين.) (٤) اهو قرآن انهيءَ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي، جنهن زمين پيدا ڪئي ۽ بلنديءَ وارو آسمان پيدا ڪيو. (٥) اهو رحمان جو (جهانداري جي) تخت تي محڪم آهي. (٦) جيڪي جيڪي آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي مٽيءَ جي هيٺان آهي (يعني زمين جي هيٺان آهي) سو سڀ سندس ئي آهي ۽ سندس ئي لاءِ آهي. (٧) ۽ جيڪڏهن تون (خدا کي) وڏي آواز سان ٿو سڏين (ته خدا جو ٻڌڻ وڏي آواز جو محتاج ناهي) ڇو ته هو لڪل ڳجهن جو به ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ لڪل ڳجهه به ڄاڻي ٿو. (٨) اهوئي الله آهي، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. انهيءَ ئي لاءِ سهڻا ۽ چڱا نالا (يعني صفتون) آهن. (٩) ۽ (اي پيغمبر!) حضرت موسيٰ جي ڳالهه تو ٻڌي آهي؟ (١٠) جڏهن هن (پري کان) باهه ڏٺي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي (جيڪي ساڻس سفر ۾ گڏ هئا) چيائين ته بيهو مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. مان (اوڏانهين) وڃان ٿو. ممڪن آهي ته توهان جي (سيءَ لاهڻ) لاءِ ٽانڊو کڻي اچان. يا ڪم از ڪم باهه وٽ (ويٺل) ڪو واٽ ڏيکارڻ وارو ملي وڃي. (١١) پوءِ جڏهن هو اتي پهتو تڏهن آواز آيو ته، اي موسي! (١٢) مان تنهنجو پروردگار آهيان، سو (ادب کان) پنهنجي جتي لاهي ڇڏ. تون طويٰ جي پاڪ ماٿري ۾ اچي بيٺو آهين. (١٣) ۽ ڏس مون توکي (رسول بنائڻ لاءِ) چونڊيو آهي. سو جيڪو وحي موڪلجي ٿو سو ڪن لائي ٻڌ. (١٤) بيشڪ مان ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري فقط منهنجي ٻانهپ ڪر ۽ منهنجي يادگيري (رکڻ) لاءِ نماز قائم ڪر. (١٥) بيشڪ (مقرر) وقت اچڻ وارو آهي. آءٌ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو، انهيءَ لاءِ ته (ماڻهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي ۽) جنهن شخص جي جهڙي ڪوشش هجي تهڙو بدلو کيس ملي. (١٦) پوءِ (ڏسجانءِ ته ائين نه ٿئي جو) اهي ماڻهو جيڪي ان وقت جي اچڻ متعلق يقين رکندڙ نه هجن ۽ پنهنجي خواهشن جا غلام هجن، سي توکي به (اڳتي وڌڻ کان) روڪي وجهن ۽ نتيجو هيءُ نڪري جو تون تباهه ٿي وڃين. (١٧) ۽ (غيبي آواز پڇيو ته) اي موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ (١٨) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، هيءَ منهنجي لٺ آهي. گهمڻ ۾ ان تي ٽيڪ ڏيندو آهيان، انهيءَ ئي سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ وڻن جا پن ڇاڻيندو آهيان، ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به طرحين طرحين جا فائدا آهن. (١٩) حڪم ٿيو ته، اي موسيٰ! ان کي (زمين تي) رک. (٢٠) حضرت موسيٰ ان کي (زمين تي) ڦٽو ڪيو ته ڇا ڏسي ته، هڪ نانگ آهي جو ڊوڙي ٿو پيو. (٢١) حڪم ٿيو ته ان کي هاڻي پڪڙي جهل. خوف نه ڪر، اسان ان کي وري اصلوڪي حالت ۾ ٿا آڻيون. (٢٢) ۽ (پڻ حڪم ٿيو ته) پنهنجو هٿ پنهنجي پاسي ۾ رک ۽ وري ڪڍي وٺ. بنا ڪنهن عيب جي چمڪندو نڪري ايندو. اها (تنهنجي لاءِ) ٻي نشاني آهي. (٢٣) (اهي ٻئي نشانيون) هن لاءِ (ڏنيون ويون آهن) ته آئنده توکي پنهنجي قدرت جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون. (٢٤) (پڻ حڪم ٿيو ته هاڻي اي موسيٰ) تون فرعون (يعني مصر جي بادشاهه) ڏي وڃ. هو وڏو سرڪش ٿي پيو آهي.
رڪوع ٢ آيت 25-تا-54
حضرت موسيٰ عليه السلام جا خدا تعاليٰ کي ڪي عرض ۽ انهن جو قبول پوڻ
(٢٥) موسيٰ عرض ڪيو ته، اي پروردگار منهنجو سينو کولي ڇڏ (ته وڏي ۾ وڏيون تڪليفون برداشت ڪرڻ جهڙو ٿيان ۽ وڏا حڪم ڪري سگهان.) (٢٦) ۽ منهنجو ڪم منهنجي لاءِ آسان ڪر (جيئن ڪابه مشڪل مون تي غالب نه پوي.) (٢٧) ۽ منهنجي زبان جي ڳنڍ ڇوڙي ڇڏ. (انهيءَ لاءِ ته ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ ۾ رواني پيدا ٿئي.) (٢٨) منهنجي ڳالهه ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي ۽ دلنشين ٿئي. (٢٩۽٣٠) ۽ پڻ منهنجي گهر وارن مان منهنجي ڀاءُ هارون کي منهنجو وزير بناءِ. (٣١) هن کي (منهنجو مددگار بنائي) منهنجي طاقت وڌاءِ. (٣٢) ۽ هن کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر. (٣٣) اسان (ٻئي گڏجي) تنهنجي پاڪائي ۽ وڏائي جو بيان گهڻي ۾ گهڻو ڪيون. (٣٤) ۽ تنهنجي يادگيريءَ ۾ گهڻي قدر لڳا رهون. (٣٥) بيشڪ تون اسان جو حال ڏسي رهيو آهين (۽ اسان کان ڪنهن به حال ۾ غافل نه آهين). (٣٦) ارشاد ٿيو ته، اي موسيٰ تنهنجي دعا قبول پيئي. (٣٧) ۽ (توکي معلوم آهي ته) اسان توتي اڳي به هڪ ڀيرو اهڙو احسان ڪري چڪا آهيون. (٣٨) اسان توکي ٻڌايون ٿا (ته انهيءَ وقت ڇا ٿيو هو) جڏهن اسان تنهنجي ماءُ جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وڌي هئي. (٣٩) ته ٻچي کي يعني توکي (جڏهن تون ڄايو هئين) هڪ صندوق ۾ وجهه ۽ صندوق کي درياهه ۾ ڦٽو ڪر. درياهه ان کي ڪناري تي ڌڪي ڇڏيندو. پوءِ ان کي اهو کڻي وٺندو جو منهنجو (يعني ذات انسان جو) دشمن آهي ۽ پڻ هن ٻچي جو به دشمن آهي. (اي موسيٰ) اسان پنهنجي خاص فضل سان توتي محبت جي ڇانو ڪئي هئي، (جو ڌاريان به توسان محبت ڪرڻ لڳا) ۽ اهو هن لاءِ هو جو اسان چاهيو ٿي ته تون اسان جي (خاص) نظر هيٺ پرورش ۽ سنڀال پائين. (٤٠) تنهنجي ڀيڻ جڏهن اتان لنگهي تڏهن (به اسان ئي ائين ڪيو جو) هن (فرعون جي ڌيءُ کي) چيو ته، مان اوهان کي اهڙي عورت ڏسيان ۽ ڏيکاريان جا هن ٻچي کي (يعني توکي) پالي ۽ نپائي؟ ۽ اهڙيءَ طرح اسان توکي وري تنهنجي ماءُ جي هنج ۾ موٽائي ڏنو ته سندس اکيون ٺرن ۽ (ٻچي جي جدائيءَ ۾) غمگين نه رهي. پوءِ (ڏس ته ڇا ٿيو جو) تو (مصر ۾) هڪ ماڻهو (کي) ماري وڌو. اسان توکي هن معاملي جي غم کان ڇڏايو ۽ توکي هر طرح جي حالتن ۾ وجهي آزمايو. پوءِ تون ڪيترائي سال مدين جي ماڻهن ۾ رهيو هئين، (انهن سڀني ڳالهين حضرت موسيٰ کي نبوت جي لائق ڪيو، ۽ مدين جي بيابانن ۾ ٻڪريون چاري تڪليفن برداشت ڪرڻ جهڙو ٿيو). آخر اي موسيٰ تون (مقرر) اندازي تي پورو آئين. (يعني آخر رسالت جي ڪم ڪرڻ جو لائق ٿئين). (٤١) ۽ (ڏس اهڙيءَ طرح) مون توکي پنهنجي لاءِ (يعني پنهنجي خاص ڪم لاءِ) بنايو ۽ تيار ڪيو آهي. (٤٢) (هاڻي) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ٻئي منهنجون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي يادگيري ڪرڻ (۽ منهجي حڪمن جي تعميل ڪرڻ) ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجو. (٤٣) توهان ٻئي (يعني موسيٰ ۽ هارون، جي هاڻي مصر ۾ پاڻ ۾ گڏيا ۽ الله تعاليٰ وري هنن کي خطاب ڪيو ته، توهان ٻئي) فرعون ڏي وڃو. هو سرڪشيءِ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. (٤٤) پوءِ (جڏهن وٽس وڃو تڏهن سختيءَ سان پيش نه اچجو) نرميءَ سان ڳالهائجو (توهان کي ڪهڙي خبر؟) ممڪن آهي ته نصيحت وٺي يا (عاقبت يا ايندڙ عذاب کان) ڊڄي. (٤٥) ٻنهي عرض ڪيو ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي خوف آهي ته فرعون اسان جي مخالفت ۾ اٻهرائي ڪندو يا سرڪشيءِ سان پيش ايندو. (٤٦) ارشاد ٿيو ته خوف نه ڪيو. مان توهان سان آهيان. مان سڀ ڪجهه ٻڌان ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسان ٿو. (٤٧) توهان وٽس (بي ڌڙڪ) ٿي وڃو ۽ چئوس ته، اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون تنهن ڪري بني اسرائيلن کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر. اسان تنهنجي پروردگار جي نشاني کڻي تو وٽ آيا آهيون، سلامتي هجي انهيءَ تي جيڪو سڌي واٽ وٺي. (٤٨) جيڪو (حقيقت کي) ڪوڙو ٺهرائي رد ڪري ۽ (مڃڻ کان) منهن موڙي ڇڏي، تنهن جي باري ۾ اسان ڏي وحي اچي چڪو آهي ته هن تي ضرور عذاب اچڻو آهي. (٤٩) (پوءِ ٻئي ڀائر فرعون وٽ ويا ۽ مٿيان لفظ کيس چيائون، تنهن تي) فرعون پڇيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ٻڌايو ته سهي ته اوهان جو پروردگار، اي موسي! ڪير آهي؟ (٥٠) حضرت موسيٰ فرمايو ته، اسان جو پروردگار اهو آهي جنهن هر چيز کي سندس خلقت بخشي ۽ پوءِ ان لاءِ (زندگي ۽ عمل جي) راهه کولي ڇڏي. (٥١) فرعون پڇيو ته، پوءِ انهن جو ڪهڙو حال ٿيڻو آهي، جيڪي اڳين زمانن ۾ ٿي گذريا آهن؟ (يعني انهن کي ته تنهنجي انهيءَ پروردگار جي خبر به ڪانه هئي.) (٥٢) حضرت موسيٰ فرمايو ته، انهيءَ ڳالهه جو علم منهنجي پروردگار وٽ ڪتاب ۾ لکيل آهي. منهنجو پروردگار نڪي ڀل چڪ ٿو ڪري، نڪي ويسر ٿو ڪري. (٥٣) اهو پروردگار جنهن اوهان جي لاءِ زمين کي بستري وانگر وڇائي ڇڏيو آهي، هيڏي هوڏي اچڻ وڃڻ لاءِ ان ۾ واٽون ڪري ڇڏيون اٿس، آسمان مان مينهن ٿو وسائي، ان جي ريج سان هر طرح جي نباتات (اوڀڙن) جا جوڙا (يعني نر ۽ مادي) پيدا ٿو ڪري. (٥٤) پاڻ به کائو ۽ پنهنجي ڍورن کي به چاريو. هن ڳالهه ۾ عقل وارن لاءِ ڪهڙيون نه چٽيون نشانيون آهن.
رڪوع ٣ آيت 55-تا-76
مصر جي جادوگرن جو حضرت موسيٰ عليه السلام سان مقابلو، سندن شڪست ۽ مٿس ايمان آڻڻ.
(٥٥) هن (يعني الله تعاليٰ) اوهان کي انهيءَ ئي زمين مان پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ئي ۾ (مرڻ بعد) موٽائي آڻي ٿو ۽ وري انهيءَ مان ئي ٻيهر اٿاريا ويندؤ. (٥٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پر تنهن هوندي به هن اهي ڪوڙيون سمجهيون ۽ (ايمان آڻڻ کان) انڪار ڪيو. (٥٧) هن چيو ته، اي موسيٰ تون اسان ڏي هن لاءِ آيو آهين ڇا ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اسان کي اسان جي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏين؟ (٥٨) چڱو اسان به اهڙا ئي جادوءَ جا ڪرشما توکي آڻي ڏيکارينداسين، اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ (مقابلي ڪرڻ جو) هڪ ڏينهن مقرر ڪر. نڪي اسان ان کان ڦرنداسين، نڪي تون ڦري وڃجانءِ. ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي جاءِ (يا حالت) هجي (يعني عدل ۽ انصاف سان مقابلو ٿيندو.) (٥٩) حضرت موسيٰ فرمايو ته، جشن جو ڏينهن اوهان جي لاءِ مقرر ٿئي ۽ پهر سج ڌاري ماڻهو ڪٺا ٿين. (٦٠) پوءِ فرعون (اها ڳالهه قبول ڪري) منهن ڦيرائي هليو ويو. پنهنجون سڀ رٿون (ٺاهي جادوءَ جو سامان ۽ جادوگر) گڏ ڪيائين ۽ پوءِ (مقرر وقت تي مقابلي جي لاءِ) اچي ويو. (٦١) حضرت موسيٰ (سڀني گڏ ٿيل ماڻهن ڏي منهن ڪري) چيو ته، افسوس آهي اوهان جي حال تي! (توهان ڇا ڪري رهيا آهيو) الله تي ڪوڙي تهمت نه لڳايو، جنهن ڪري ائين ٿئي جو هو عذاب موڪلي اوهان جون پاڙون پٽي ڇڏي. ياد رکو ته، جنهن به ڪوڙي ڳالهه ٺاهي سو ضرور ناڪامياب ۽ نامراد ٿي ويو. (٦٢) (اهو ٻڌي) ماڻهو ان معاملي بابت پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ۽ مخفي طرح (سس پس ۾) ڳالهيون شروع ڪري ڏنائون. (٦٣) پوءِ (درٻارين) چيو ته، هي ٻئي ڀائر ضرور جادوگر آهن. هو چاهين ٿا ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ڇڏين ۽ توهان جي شان شوڪت جا مالڪ ٿي ويهن. (٦٤) تنهن ڪري پنهنجا سڀ جادوءَ جا داءَ (۽ سامان) ڪٺا ڪيو ۽ قطارون ٻڌي ثابت قدم ٿي بيهو. جيڪو اڄ بازي کڻندو سو ڪامياب ٿيندو (۽ وڏا درجا حاصل ڪندو.) (٦٥) جادوگرن چيو ته، اي موسيٰ يا ته تون پهريائين (پنهنجي لٺ يا جادو) ميدان ۾ آڻ، يا وري اسان جي طرف کان اڇلائڻ جي (يعني جادو ڏيکارڻ جي) شروعات ٿئي. (٦٦) حضرت موسيٰ فرمايو ته، توهان ئي اول پنهنجا ڪرتب ڏيکاريو. (هنن ائين ڪيو ۽) حضرت موسيٰ کي سندن جادو (يا چشم بنديءَ) جي ڪري ائين ڏسڻ ۾ آيو ته سندن لٺيون ۽ رسيون (نانگن وانگر) ڊوڙي رهيون آهن. (٦٧) حضرت موسيٰ پنهنجي دل ۾ ڊپ محسوس ڪيو (ته متان هن ڪوڙي ڏيک ويک تي ماڻهو ٺڳجي وڃن.) (٦٨) سو اسان کيس چيو ته، ڊپ نه ڪر، تون ئي غالب پوندين. (٦٩) تنهنجي ساڄي هٿ ۾ جيڪا لٺ آهي سا هڪدم ميدان ۾ اڇلاءِ، اها جادوگرن جي سڀني بناوتن کي ڳهي ويندي. هنن جيڪي به بنايو آهي، سو فقط جادوگرن جو فريب آهي ۽ جادوگر ڪهڙي به واٽ کان اچي (۽ ڇا به ڪري) ڪڏهن به هو ڪامياب نه ٿيندا. (٧٠) (ٿيو به ائين) سڀ جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيا، ۽ چيائون ته بس اسان هارون ۽ موسيٰ جي خدا تي ايمان آندو. (٧١) فرعون چيو ته، هي ڇا؟ توهان منهنجي حڪم کان سواءِ موسيٰ تي ايمان آندو آهي، ضرور هو اوهان جو سردار آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو هاڻي ڏسو ته مان ڇا ٿو ڪيان، مان اوهان جا هٿ پير ابتا سبتا وڍائيندس ۽ کجين جي ٿڙن تي سوريءَ چاڙهائيندس. پوءِ توهان کي سڌ پوندي ته اسان ٻنهي ڌرين مان ڪير سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. ۽ ڪنهن جو عذاب گهڻو جٽاءَ ڪندڙ آهي. (٧٢) هنن (نماڻائيءَ سان پر بنا ڊپ جي) چئي ڏنو ته، اسان هرگز ائين نه ڪنداسين جو جيڪي (سچائيءَ جا) روشن دليل اسان جي اڳيان اچي چڪا آهن ۽ جنهن خدا اسان کي پيدا ڪيو آهي تنهن کان منهن موڙي تنهنجو حڪم مڃيون. تون جيڪو فيصلو ڪرڻ چاهين ٿو سو ڀلي ڪر. تون جيڪي گهڻي ۾ گهڻو ڪري سگهين ٿو سو فقط هي آهي ته دنيا جي هن زندگيءَ بابت ڪو فيصلو ڪرين، (ان کان وڌيڪ تنهنجي اختيار ۾ ڪجهه ناهي). (٧٣) اسان ته پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻي چڪا آهيون ته هو اسان جون خطائون بخشي ڇڏي، (خصوصاً جادوگريءَ جو ڏوهه بخشي) جنهن جي ڪرڻ تي تون اسان کي مجبور ڪندو هئين، (اسان جي لاءِ) الله تعاليٰ بهتر آهي، ۽ اهوئي باقي رهڻ وارو (دائم ۽ قائم) آهي. (٧٤) بلاشڪ جيڪو شخص پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گنهگار ٿي حاضر ٿيندو تنهن لاءِ يقيناً دوزخ (۾ پوڻ جي سزا) هوندي. نڪي هو ان ۾ مرندو نه جيئندو (ٻنهي حالتن جي وچ ۾ ڦٿڪندو رهندو.). (٧٥) ۽ جيڪو سندس حضور ۾ (سچو) مؤمن ٿي حاضر ٿيندو، ۽ عمل به چڱا ڪيا هوندائين تنهن (۽ اهڙن ٻين ماڻهن) لاءِ وڏا وڏا درجا هوندا. (٧٦) (انهن لاءِ) دائمي باغ بستان هوندا، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هو هميشه انهن ۾ رهندا. انهيءَ ماڻهو لاءِ بدلو (يا انعام) آهي، جيڪو (پنهنجي دنيائي زندگيءَ ۾ هر طرح جي گناهن ۽ پليتين کان) پاڪ رهيو.
رڪوع ٤ آيت 77-تا-89
حضرت موسيٰ عليه السلام جو بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آزادي ڏيارڻ ۽ بني اسرائيل جا انگل.
(٧٧) ۽ اسان موسيٰ ڏي وحي موڪليو ته (هاڻي) منهنجي بندن کي راتوواه (مصر مان) ڪڍي وڃ. پوءِ سمنڊ ۾ انهن جي لنگهڻ لاءِ خشڪيءَ جي واٽ ڳولي ڪڍ. نڪي پٺيان پوندڙن کان ڪو انديشو هوندوَ، نڪي ڪنهن به طرح جو ڪو ٻيو خطرو هوندوَ. (٧٨) پوءِ (جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي پاڻ سان وٺي نڪري ويو تڏهن) فرعون پنهنجي لشڪر سان سندس پٺيان پيو، پوءِ پاڻيءَ جو وهڪرو جو انهن تي چڙهي وڃڻو هو سو چڙهي ويو. (٧٩) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ڪري ڇڏيو. انهن کي سڌي واٽ نه ڏيکاريائين. (٨٠) اي بني اسرائيلؤ! مون اوهان کي اوهان جي دشمن کان ڇڏايو. توهان سان (برڪتن ۽ نعمتن جو) واعدو پورو ڪيم، جو طور جبل جي ساڄي پاسي ڪيو هوم. توهان جي لاءِ (سينا جي رڻ پٽ ۾) من ۽ سلويٰ (شَڪر ۽ تتر پکي) مهيا ڪيم. (٨١) (۽ توهان کي چيم ته) هيءَ جا پاڪ غذا مهيا ڪئي ويئي آهي سا شوق سان کائو، پر ان باري ۾ سرڪشي نه ڪجو. سرڪشي ڪندؤ ته منهنجو غضب نازل ٿيندوَ، ۽ جنهن تي به منهنجو غضب نازل ٿيو سو سمجهو ته تباهه ٿي ويو. (٨٢) ۽ (مون چيو ته) جيڪو به توبه ڪندو (۽ سرڪشي ڇڏي مون ڏي موٽندو)، ايمان آڻيندو، ۽ نيڪ عمل ڪندو ۽ سنئين سڌي واٽ وٺندو تنهن لاءِ يقيناً مان وڏو بخشيندڙ آهيان. (٨٣) ۽ (جڏهن موسي! طور جبل وٽ حاضر ٿيو تڏهن اسان کانئس پڇيو ته) اي موسيٰ! توکي ڪهڙيءَ ڳالهه اهڙو تڪڙو ڪيو جو پنهنجي قوم کي پٺتي ڇڏي هليو آئين؟ (٨٤) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته منهنجا ماڻهو (مون کان پري ڪونهن) منهنجي نقش قدم تي هلندڙ آهن. (هيءَ معنيٰ به ٿي سگهي ٿي ته منهنجي پيروي ڪري رهيا آهن) ۽ اي پروردگار مان تنهنجي حضور ۾ اچڻ لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون خوش ٿئين. (٨٥) الله تعاليٰ فرمايو ته، مان تنهنجي پٺيان تنهنجي قوم جي (استقامت جي) آزمائش ورتي ۽ سامريءَ هنن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. (٨٦) سو حضرت موسيٰ غصي ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم جي ماڻهن ڏي موٽيو. هن چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو (هي توهان ڇا ڪيو) توهان سان توهان جي پروردگار هڪ وڏي ڀلائي جو واعدو نه ڪيو هو ڇا؟ پوءِ ائين ٿيو ڇا ته، اوهان لاءِ وڏي مدت گذري ويئي (۽ اوهان کان اها ڳالهه وسري ويئي؟) يا توهان هي ڳالهه چاهي ڇا ته توهان جي پروردگار جو غضب توهان تي نازل ٿئي، ۽ انهيءَ ڪري اوهان مون سان ٺهرايل ڳالهه (يا واعدو) ٽوڙي ڇڏيو. (٨٧) هنن چيو ته، اسان پاڻ پنهنجي خواهشن سان عهد ڪونه ٽوڙيو. پر (ڇا ٿيو جو) ماڻهن جي زيب ۽ زينت جي زيورن ۽ سامان جو بار اسان تي گهڻو پئجي ويو هو. اهي اسان اڇلائي ڇڏيا. (بس اسان جو قصور ته فقط ايترو آهي) (هتي ماڻهن جي ڳالهه ختم ٿي. پوءِ الله تعاليٰ سندن قصو هن طرح ٻڌائي ٿو ته) اهڙيءَ طرح (جڏهن زيورن جو سون گڏ ٿي ويو تڏهن) سامريءَ ان کي (باهه ۾) وڌو. (٨٨) ۽ هن ماڻهن لاءِ هڪ (سونو) گابو (ٺاهي) ڪڍي آندو. خالي بي جان جسم هو جنهن مان ڳئون جي رنڀ جهڙو آواز ٿي نڪتو. ماڻهن (اها حالت ڏسي) چئي ڏنو ته، اهو آهي اسان جو معبود ۽ موسيٰ جو به. پر حضرت موسيٰ ان کي وساري ڇڏيو آهي. (٨٩) (افسوس سندن عقل تي) هنن کي اها (سولي) ڳالهه به ڏسڻ (۽ سمجهڻ) ۾ نه آئي ته گابو (آواز ته ڪڍي ٿو پر) هنن جي ڳالهه جو جواب ڏئي نٿو سگهي. نڪي کين اهو ڪو فائدو پهچائي ٿو سگهي، نڪي ڪو نقصان.
رڪوع ٥ آيت 90-تا-104
سامري جو قصو، گنهگارن جو حال قيامت جي ڏينهن
(٩٠) ۽ حضرت هارون ان کان اڳي ئي (هنن گابي جي پوڄا ڪندڙن کي صاف صاف) چيو هو ته، اي منهنجا ڀائرؤ! هي فقط توهان جي (استقامت جي) آزمائش ٿي رهي آهي. توهان جو پروردگار ته رحمان خدا آهي. سو منهنجي پيروي ڪيو ۽ منهنجي چوڻ کان ٻاهر نه وڃو. (٩١) هنن جواب ڏنو ته، جيستائين حضرت موسيٰ موٽي نه اچي تيستائين اسان ان (گابي) جي پوڄا تي ڄميا رهنداسين. (٩٢) حضرت موسيٰ (موٽي اچڻ تي) چيو ته اي هارون جڏهن تو ڏٺو ته هي ماڻهو گمراهه ٿي ويا آهن، تڏهن ڪهڙي ڳالهه ٿي جو تو کين نه روڪيو. (٩٣) انهيءَ ڳالهه کان جو منهنجي پيروي ڦٽي ڪيائون؟ توکي اها ڳالهه وڻي ڇا ته منهنجي حڪم کان ٻاهر وڃين. (٩٤) هارون چيو ته، اي منهنجا پيارا ڀاءُ! منهنجي ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي نه ڇڪ، (مان هنن سان سختي فقط هن ڪري نه ڪئي جو) مان ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ تفرقو (جدائي) وجهي ڇڏي ۽ منهنجي حڪم لاءِ نه ترسئين. (٩٥) تڏهن حضرت موسيٰ (سامريءَ کي) چيو ته، اي سامري هي تنهنجو ڪهڙو حال ٿيو؟ (٩٦) هن چيو ته، مان اها ڳالهه ڏٺي جا ٻين ڪانه ڏٺي (يعني منهنجي سمجهه وڌيڪ آهي) تنهن ڪري (الله جي) رسول جي پيروي ڪرڻ ۾ مون به ڪجهه حصو ورتو، پر پوءِ ڇڏي ڏنم (ڇا ڪيان) منهنجي نفس مونکي انهيءَ ڳالهه تي آندو. (٩٧) حضرت موسيٰ فرمايو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته نڪري هليو وڃ. زندگيءَ ۾ تنهنجي لاءِ هيئن ٿيڻو آهي جو تو چوندين ته مان اڇوت آهيان. (يعني ماڻهو توکي ويجهي اچڻ به نه ڏيندا.) ۽ (آخرت ۾ تنهنجي لاءِ عذاب جو) هڪ واعدو آهي جو ڪڏهن به ٽرڻ وارو ناهي ۽ ڏس ته تنهنجي (ٺاهيل) معبود جو هاڻي ڪهڙو ٿو حال ٿئي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ تي ڄمي بيٺو هئين. اسان ان (سوني گابي) کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏينداسين ۽ اها خاڪ سمنڊ ۾ اڇلائي لوڙهي ڇڏينداسين. (٩٨) تنهنجو معبود ته فقط الله ئي آهي. هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. اهوئي آهي جو هر شيءِ تي پنهنجي علم سان ڇانيل آهي. (٩٩) (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح اسان گذري ويل واقعن مان (ڪن خاص واقعن جون) خبرون توکي ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ اسان پاڻ وٽان توکي نصيحت جو وڏو سرمايو (يعني قرآن) عطا فرمايو آهي. (١٠٠) جيڪو ان کان منهن ڦيرائيندو سو يقيناً قيامت جي ڏينهن (هڪ وڏي گناهه جو) بار کڻندو. (١٠١) هو هميشه انهيءَ حالت ۾ رهندو. ڪهڙو نه خراب بار آهي جو هو قيامت جي ڏينهن پنهنجي مٿان رکندا! (١٠٢) انهيءَ ڏينهن جڏهن توتاري وڄائي ويندي اسان گنهگارن کي گڏ ڪري آڻينداسين ۽ هنن جون اکيون دهشت کان بي نور ٿي وينديون. (١٠٣) هو پاڻ ۾ ڪن سن ۾ هڪ ٻئي کان پڇندا ته، اسان (موت واري گهڙي ۽ هن گهڙيءَ جي وچ ۾) ڏهاڪو ڏينهن به مس رهيا هونداسين. (١٠٤) اهي ماڻهو (انهيءَ ڏينهن) جيڪي ڳالهيون ڪندا سي اسان اڳيئي ڄاڻون ٿا. انهن مان جيڪو سڀني مان وڌيڪ هوشيار هوندو سو چوندو ته نه، اسان گهڻي ۾ گهڻو هڪ ڏينهن (انهيءَ برزخ جي حالت ۾) رهيا هونداسين، (يعني جيئن ننڊ ۾ خبر نٿي پوي ته ڪيترو وقت گذري ويو، تيئن برزخ جي مدي جي خبر به ڪانه پوندي.)
رڪوع ٦ آيت 105-تا-115
قيامت واري ڏينهن جي دهشت، ان ڏينهن پورو انصاف ٿيندو.
(١٠٥) ۽ هي ماڻهو جبلن متعلق سوال پڇن ٿا (ته انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو) تون چئو ته، منهنجو پروردگار انهن کي (ذرا ذرا ڪري) بلڪل اڏائي ڇڏيندو. (١٠٦) پوءِ انهن کي اهڙو ڪري ڇڏيندو جهڙو سنئون سڌو ميدان. (١٠٧) ڪٿي به اوهان نڪي ڏنگائي ڦڏائي ڏسندؤ، نڪي ڪا هيٺاهين مٿاهين. (١٠٨) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو سڏيندڙ جي پوئتان هلندا (۽) هن کان کسڪي نه سگهندا، ۽ رحمان خدا جي جلال جي اڳيان سڀني جا آواز بيهي خاموش ٿي ويندا. ڪوبه آواز ڪونه ٻڌندو، سواءِ (هلڻ ۾) پيرن جي آواز جي. (١٠٩) انهيءَ ڏينهن سفارشون ڪم ڪونه اينديون، سواءِ هن جي جو ڪنهن کي رحمان خدا (سفارش ڪرڻ جي) اجازت ڏئي ۽ هن جي زبان جو کُلڻ پسند ڪري. (١١٠) جيڪي ماڻهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي هنن جي پٺيان گذري چڪو، تنهن سڀ جو علم الله کي آهي، پر انسان پنهنجي علم سا ان کي پروڙي نٿو سگهي. (١١١) سڀني ماڻهن جا منهن انهيءَ هميشه جيئري ۽ قائم رهندڙ خدا جي اڳيان جهڪي پوندا. جنهن ظلم جو بار پاڻ تي وڌو هوندو سو نامراد ۽ ناڪامياب ۽ تباهه ٿيندو. (١١٢) پر جنهن چڱا عمل ڪيا هوندا ۽ مؤمن به هوندو تنهن جي لاءِ ڪوبه انديشو نه هوندو، نڪي ساڻس بي انصافي ٿيندي، نڪي سندس حق ماريو ويندو. (١١٣) ۽ اهڙيءَ طرح اسان هن (نصيحت جي سرمائي) کي عربي قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو آهي ۽ مختلف طريقن سان ان ۾ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي) بدلي جي خبر ڏئي ڇڏي آهي ته، ماڻهو (گمراهيءَ کان) بچن يا نصيحت وٺڻ جي روشني هنن ۾ ظاهر ٿئي. (١١٤) پوءِ هر طرح جي بلندي الله ئي جي لاءِ آهي، اهوئي حقيقي بادشاهه آهي ۽ (اي پيغمبر!) جيستائين قرآن جو وحي توتي پورو ٿي وڃي، تنهن کان اڳي تون ان لاءِ تڪڙ نه ڪر، تنهنجي صدا هميشه هيءَ هئڻ گهرجي ته اي منهنجا پروردگار! منهنجو علم اڃا به وڌاءِ. (١١٥) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان آدم کي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ عهد وٺي ڇڏيو هو، پر هن کان ويسر ٿي ويئي، ۽ اسان (نافرمانيءَ جو) ارادو يا قصد هن ۾ ڪونه ڏٺو.
رڪوع ٧ آيت 112-تا-135
جيڪو به منهنجي هدايت تي هلندو سو نڪي گمراهه ٿيندو، نڪي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ پوندو.
(١١٦) ۽ هيءَ ڳالهه ياد رکو ته اسان فرشتن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪي وڃو، سڀ جهڪي پيا. پر ابليس نه جهڪيو. هن انڪار ڪيو. (١١٧) تنهن تي اسان چيو ته، اي آدم (ڏس) هيءُ (ابليس) تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي. ائين نه ٿئي جو هو اوهان کي (برغلائي) جنت مان ڪڍي ڇڏي، ۽ اوهان ڏکن ۽ تڪليفن ۾ پئجي وڃو. (١١٨) توهان جي لاءِ هاڻي (هن جنت ۾) اهڙي زندگي آهي جو ان ۾ نڪي بکايل ٿا رهو، نڪي اگهاڙا. (١١٩) ۽ نڪا توهان جي لاءِ اڃ جي تڪليف آهي، نڪي اُس جي، (جيڪڏهن هن جنت مان نڪرندؤ ته وڏين تڪيلفن هيٺ اچي ويندؤ). (١٢٠) پر پوءِ شيطان آدم کي وسوسي ۾ وڌو. هن چيو ته، اي آدم! مان توکي دائمي (زندگي) واري درخت جو نشان ڏسيان؟ ۽ اهڙي بادشاهيءَ جو جا ڪڏهن به زوال هيٺ نه اچي؟ (يعني توکي اهڙي وڻ وٽ وٺي وڃان جنهن جي ميوو کائڻ سان اوهان هميشه زنده رهندؤ ۽ هميشه بادشاهي ماڻيندؤ.) (١٢١) تنهن تي ٻنهي (آدم ۽ سندس گهرواريءَ) انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ۽ ٻنهي جي اوگهڙ هنن جي نظر ۾ ظاهر ٿي پئي. تڏهن سندن حالت اهڙي ٿي جو باغ جا پن ڇنڻ لڳا ۽ انهن سان پنهنجو بدن ڍڪڻ لڳا. مطلب ته آدم پنهنجي پروردگار جي چوڻ تي نه هليو، تنهن ڪري (جنت جي زندگيءَ مان) بي راهه ٿي ويو. (١٢٢) پر پوءِ سندس پروردگار کيس چونڊيو (۽ مٿس مهربان ٿيو)، هن ڏانهن (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪيائين ۽ هن لاءِ (زندگي ۽ عمل جي) راهه کولي ڇڏيائين. (١٢٣) (جيئن ته) الله تعاليٰ حڪم ڏنو ته توهان ٻئي گڏ هتان نڪري وڃو. توهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا (اوهان جي لاءِ هاڻي ٻئي قسم جي زندگيءَ جي راهه کلندي) پوءِ جيڪڏهن مون وٽان اوهان ڏي (يعني اوهان جي نسل ڏي) ڪو هدايت جو پيغام اچي ته، (هن باري ۾ منهنجو قانون ياد رکو ته) جيڪو به منهنجي هدايت تي هلندو سو نڪي گمراهه ٿيندو، نڪي تڪليفن ۾ پوندو. (١٢٤) جيڪو منهنجي يادگيري ۽ منهنجي نصيحت کان منهن موڙيندو تنهن جي زندگي تنگي (۽ ڏکن) ۾ گذرندي ۽ قيامت جي ڏينهن به کيس انڌو ڪري اٿارينداسين. (١٢٥) هو چوندو ته، اي منهنجا پروردگار! تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو آهي؟ مان ته تمام چڱو ڏسندڙ هوس. (١٢٦) ارشاد ٿيندو ته، ها، ائين ئي ٿيڻو هو. (ڇو ته) اسان جون نشانيون تنهنجي اڳيان اچي بيٺيون، پر تو انهن کي وساري ڇڏيو. سو ساڳيءَ طرح توکي به اڄ وساريو ويو آهي. (١٢٧) ۽ (ڏسو ته) ساڳيءَ طرح جيڪو به (سرڪشيءِ ۾) حد کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجي پروردگار جي نشانين تي يقين نٿو رکي، تنهن کي اسان اهڙيءَ طرح (سندس حالت جو) بدلو ڏيون ٿا، ۽ آخرت جو عذاب ته گهڻو وڌيڪ سخت آهي ۽ گهڻي دير تائين رهڻ وارو آهي. (١٢٨) ڇا هنن ماڻهن کي هن ڳالهه مان به هدايت (۽ نصيحت) نٿي ملي ته کانئن اڳي آيل قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان (گناهن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو انهن جي (ڊٺل) شهرن ۽ آبادين ۾ گهمن ڦرن ٿا (انهن جا کنڊر هنن جي اکين اڳيان آهن ته به افسوس! جو عبرت نٿا وٺن) جيڪي ماڻهو سمجهه وارا آهن تن جي لاءِ هن ئي ڳالهه ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) گهڻيون ئي نشانيون آهن. (١٢٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها جو اڳ ئي تنهنجو پروردگار (هن باري ۾) هڪڙي ڳالهه مقرر ڪري ڇڏي ها (يعني هڪڙو قانون مهلت جو نه ٺهرائي ڇڏي ها) ته هن ئي گهڙيءَ ۾ انهن تي (گناهن جو) الزام لڳي وڃي ها، ۽ اهو (عذاب ۽ سزا جو) مقرر وقت هڪدم ظهور ۾ اچي ها. (١٣٠) تنهن ڪري (توکي گهرجي ته) جيڪي جيڪي ڳالهيون اهي (گنهگار) چون ٿا تن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ۾ لڳو رهه، صبح جو سج نڪرڻ کان اڳي، شام جو سج لهڻ کان اڳي، ۽ رات جي گهڙين ۾ به ثنا ڪندو رهه ۽ ٻيپهريءَ جي لڳ ڀڳ به. ممڪن آهي ته تون بلڪل جلد (نتيجن جي ظهور کان) خوش ٿي ويندين. (١٣١) ۽ هي جو اسان مختلف قسمن جي ماڻهن کي دنيوي زندگيءَ جون آرائشون سينگار ۽ رونقون ڏنيون آهن تن تي سندن اکيون ڌيان نه ڏين (۽ ڪو خيال نه ڪر) اهي سڀ انهيءَ لاءِ آهن جو اسان هنن (گنهگارن) کي آزمائش ۾ وڌو آهي ۽ جيڪا تنهنجي پروردگار جي بخشيل روزي آهي سا ئي (تنهنجي لاءِ) بهتر آهي ۽ (نتيجن جي لحاظ کان) باقي رهڻ واري (يعني جٽادار) آهي. (١٣٢) ۽ پنهنجي گهر وارن کي به نماز جو حڪم ڏي، ۽ ان (ڪم) تي مضبوطيءَ سان ڄميو رهه ۽ ثابت قدم رهه. اسان توکان رزق ڪونه ٿا گهرون (تون ئي اسان وٽ رزق جو سائل آهي.) اسان رزق بخشڻ وارا آهيون، ۽ (چڱي) پڇاڙي تقويٰ جي لاءِ آهي. (يعني آخر تقويٰ وارا ئي ڪامياب ٿيندا ۽ سڀ نعمتون ماڻيندا). (١٣٣) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته ڇو هن (يعني حضرت محمدﷺ) پنهنجي پروردگار وٽان ڪا نشاني پاڻ سان ڪانه آندي آهي. پر ڇا هنن وٽ روشن دليل ڪونه پهچي چڪا آهن جي اڳوڻن (خدائي) ڪتابن ۾ موجود آهن. (١٣٤) ۽ جيڪڏهن اسان هنن کي هن کان اڳي (يعني قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان اڳي) عذاب نازل ڪري تباهه ڪري ڇڏيون ها ته، ضرور چون ها ته اي اسان جا پروردگار اسان جو عذاب جي اچڻ سان ذليل ۽ خوار ٿيون، تنهن کان اڳي هڪڙو پيغمبر ڇو نه موڪليئي ته اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ تباهه نه ٿيون ها. (١٣٥) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، هتي هرهڪ جي لاءِ (ايندڙ وقت جو) انتظار ڪرڻو آهي، پوءِ توهان به انتظار ڪيو. تمام جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير سڌيءَ واٽ تي آهي، ۽ ڪير ٿو منزل تي پهچي.