مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الڪوثر – مڪي (٣) آيتون

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-3
تون پنهنجي پاليندڙ لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر.
(١) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي (قرآن جهڙي نعمت جي) تمام وڏي ڀلائي ڏني آهي. (٢) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي (پالڻهاريءَ کي عام ڪرڻ جي فرض ادائگي) لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر! (٣) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي. (جو ان جو نالو نشان مٽجي ويندو.(