سورت المدثر
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-31
گهڻي ملڻ جي خواهش تي ڪنهن تي احسان نه ڪيو.
(١) اي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا. (٢) اٿي! پوءِ (خدا کان ڀليل ماڻهن کي زندگيءَ جي غلط طريقي تي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار. (٣) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام) جي عظمت (۽ ضرورت) بيان ڪر. (٤) ۽ (ظاهري ۽ باطني يعني اخلاقن واري) پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک. (٥) ۽ گند (۽ گندي بيڪار ماڻهن) کان پري رهه. (٦) ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (ان جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي. (٧) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي ثابت قدم رهڻ) لاءِ صبر ڪر. (٨) پوءِ جڏهن (حساب ڪتاب جي لاءِ ڪٺي ٿيڻ واسطي) ناقور وڄايو ويندو. (٩) تڏهن اهو (بدڪارن لاءِ) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو. (١٠) (ان ڏينهن) ڪافرن تي (ذري برابر به) آساني نه هوندي. (١١) (اي رسول! تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه ۽) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي (ماءُ جي پيٽان ئي دولت ڏئي پيدا نه ڪيو اٿم، پوءِ به ان تي سرڪشي ٿو ڪري بلڪ) اڪيلو پيدا ڪيو اٿم. (١٢) ۽ ان کي (بعد ۾ آزمائش خاطر) ڪثرت سان مال ڏنو اٿم. (١٣) ۽ پُٽ (به جيڪي انساني ڪم ڪرڻ بجاءِ سندس سرڪشي وڌائڻ لاءِ) وٽس ويٺل آهن. (١٤) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) سندس چوڌاري پکيڙي ڇڏي اٿم. (١٥) وري به (سندس هوس پوري نٿي ٿئي ۽) هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ (طاقت ۽ دولت) ڏيان. (١٦) ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي (قانون بڻائي موڪليل) آيتن جو مخالف آهي. (١٧) سگهوئي آئون ان کي (پنهنجي گرفت ۾ آڻي) سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس. (١٨) ڇو ته هو (چڱائي ۽ مدائي ڄاڻي پيو ۽ ان تي غور) فڪر ڪيائين ۽ هڪ ڳالهه (دنيا جي لالچ ۽ فائدي واري پنهنجي لاءِ) تجويز ڪيائين. (١٩) پوءِ مار پويس ڪيئن (فاني حياتيءَ جي ٿورڙي فائدي جو مطلب پنهنجي اولاد لاءِ) تجويز ڪيائين. (٢٠) پوءِ مار پويس (پنهنجي لاءِ اهڙي ڳالهه) ڪيئن تجويز ڪيائين. (جنهن جو نتيجو آخر ۾ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.) (٢١) وري ان (ڪنهن موقعي تي غور ڪري) ڏٺو. (٢٢) پوءِ (به سندس اندر جي لچائي اڀري آئي ۽) منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ ٻوٿ بڇڙو ڪيائين. (٢٣) پوءِ (خدا جي قانون کان) پٺ ڦيرايائين ۽ وڏائي ڪيائين. (٢٤) پوءِ چوڻ لڳو ته، هي (قرآن) رڳو جادو (۽ پراڻي زماني جون پُرڪشش ڳالهيون) آهن جو (صدين کان ائين ئي) هلندو اچي. (٢٥) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو (پنهنجو جوڙيل) ڪلام آهي. (٢٦) سگهوئي آئون ان کي (سندس اهڙي سرڪشيءِ ۽ نافرماني تي کيس) دوزخ ۾ وجهندس. (٢٧) ۽ (اي رسول!) توکي خبر آهي ته دوزخ (جي ٽچڪندڙ ۽ رجائيندڙ باهه) ڇا آهي؟ (٢٨) اها نه (ڪجهه بدن جو هڏو ۽ ٻوٽي) رهائي ٿي ۽ نه (ڪنهن شيءِ کي) ڇڏي ٿي. (٢٩) ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو (ٺاٺو) ڪندڙ آهي. (٣٠) ان تي اڻويهه (داروغا) مقرر آهن. (٣١) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ (انهن جي اڳين ڪتابن ۾ ڄاڻايل تعداد مطابق) امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون، ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن (اڻويهن واري انگ جيترن ملائڪن) مان الله جو مطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي (آزمائش ۾ وجهي) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ (هونئن ته ان جو لشڪر اڻ کٽ آهي) تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن (واري تعداد) کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نٿو ڄاڻي، ۽ هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.
رڪوع ٢ آيت 32-تا-56
دوزخي چوندا ته، اسين نڪي نمازين مان هئاسون، نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون.
(٣٢) ائين نه ٿيندو (ته ان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ئي ڇڏيو وڃي جيئن هو گمان ڪري ٿو.) چنڊ جو قسم آهي (چنڊ ان جو شاهد آهي جيڪو مقرر قانون تي هلي ٿو.) (٣٣) ۽ رات جو (مٽجڻ به شاهد آهي) جڏهن اها پٺ ڦيري ٿي. (٣٤) ۽ صبح جو (ٿيڻ به انهن قانونن تي شاهد آهي) جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو. (٣٥) بيشڪ اهي (تبديليون قدرتي قانونن جي) وڏن واقعن مان هڪ (مثال) آهن. (٣٦) انهن ماڻهن کي (هي مثال مڪافات ۽ حساب ڪتاب جي ٿيڻ واسطي) ڊيڄاريندڙ آهن. (٣٧) جيڪي اوهان مان (اهڙن مثالن مان سبق وٺي) اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن، (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾ پنهنجي لاءِ فيصلو اوهان کي ئي ڪرڻو آهي.) (٣٨) خدا جي پاران ڪنهن سان به زيادتي نٿي ٿئي) سڀڪو نفس پنهجي مائي جي ڪري سوگهو ٿئي ٿو. (٣٩) ساڄي پاسي وارن (نيڪوڪارن) کان سواءِ. (٤٠) (ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا، هڪ ٻئي کان (حال احوال) پڇندا. (٤١) ڏوهارين بابت (ته انهن مٿان ڇا ڇا گذريو هوندو). (٤٢) (پوءِ جڏهن انهن ڏوهارين کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه (تباهين جي هن) دوزخ ۾ وڌو آهي؟ (٤٣) اهي چوندا ته (اسان جو ڏوهه هي هو ته) اسين نڪي نمازين (عبادت ۽ اطاعت ڪندڙن) مان هئاسون. (٤٤) ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون. (٤٥) ۽ اسين حق ۽ حق وارن خلاف ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون. (٤٦) ۽ حساب جي ڏينهن کي (۽ ان جي عذاب کي) ڪوڙو ڪندا هئاسون. (٤٧) تان جو (ان حالت ۾) اسان وٽ موت اچي پهتو. (٤٨) پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي (۽ هميشه انهيءَ ۾ رهندا). (٤٩) پوءِ (هاڻي جڏهن هي سڀ چٽيون حقيقتون انهن جي سامهون پيش ٿيون آهن ته پوءِ به) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو (قرآن واري) نصيحت کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن. (٥٠) (جيڪي ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ ائين ٽاهه ٿا کائن) ڄڻ ته اهي (جهنگلي) ٽهندڙ گڏهه آهن. (٥١) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن. (٥٢) پر انهن مان هرهڪ مڙس گهري ٿو ته ان کي (ڪنهن اجتماعي نظام بجاءِ انفرادي مفادن واسطي) چٽا ڪتاب (قانون) ڏنا وڃن. (٥٣) ائين ته هرگز نه ٿيندو اهو ان ڪري آهي جو هو (عارضي مفاد تي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ هميشه رهڻ واري) آخرت کان نٿا ڊڄن. (٥٤) پڪ ڄاڻو ته بيشڪ هي قرآن هڪ کليل نصيحت آهي. (٥٥) پوءِ جيڪو (هن زندگي ۽ آخرت ۾ چڱايون) گهري سو ان مان نصيحت وٺي (ان جي مطابق زندگي گذاري). (٥٦) ۽
اهي تڏهن ئي نصيحت حاصل ڪري سگهندا جڏهن الله گهري (۽ الله گهرندو تڏهن جڏهن هو الله جي رضا ۽ مشيت گهرندا هجن) اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي (پاڻ کان ڊڄڻ وارن ۽ سندس قانون تي هلڻ وارن جون ڪوتاهيون) معاف ڪرڻ وارو آهي.