مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الصافات (صافات جمع صافة – قطارن ۾ بيٺل)

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-21
منڪرن جون بي وقوفيءَ واريون مسخريون- فيصلي واري ڏينهن کين خبر پوندي ته حق ۽ ان جو نتيجو ڇا آهي ۽ حق کان منهن موڙڻ جو نتيجو ڇا آهي.
(١) غور ڪيو انهن بابت جيڪي صفون ٻڌيون بيٺا آهن. (٢) ۽ جيڪي (برائين کي ۽ ظالمن کي) سختيءَ سان ڌڪي ڇڏيندا آهن. (٣) ۽ جيڪي (خدا جو) پيغام (قرآن مجيد) پڙهي ٻڌائيندڙ آهن. (٤) (غور ڪرڻ سان اوهان معلوم ڪري وٺندؤ ته) يقيناً اوهان جو معبود (الله تعاليٰ) بيشڪ هڪ آهي. (٥) (جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پروردگار آهي، ۽ هو مشرق جو پروردگار آهي. (٦) يقيناً اسان ئي هن ويجهي آسمان کي تارن جي زينت سان رونق ڏني آهي. (٧) ۽ (ان کي) هرهڪ سرڪش باغي شيطان کان حفاظت ۾ رکيو آهي. (٨) اهي (شيطان) اعليٰ سردارن جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن. (بلڪ) هر طرف کان کين تڙي ڪڍيو ٿو وڃي. (٩) اهي تڙيل ۽ ڌڪاريل آهن، ۽ انهن جي لاءِ دائمي عذاب آهي. (١٠) (اهي شيطان اعليٰ سردارن جي ويجهو وڃي نٿا سگهن) سواءِ انهيءَ جي جو چوري ڇپي جهٽ هڻي ڪجهه کڻي وڃي. پر پوءِ تکيءَ روشنيءَ وارو ٻرندڙ تارو هن جي پٺيان ڪاهي پوي ٿو. (١١) سو هنن (منڪرن ماڻهن) جي راءِ ته پڇ ته کين خلقڻ (اسان جي لاءِ) وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا ٻي سڀ ڪائنات جا اسان خلقي آهي. (تنهنجي خلقڻ جو ڪم وڌيڪ ڏکيو آهي). اسان ته هنن کي چنبڙندڙ گاري مان خلقيو آهي. (١٢) سچ پچ توکي (اي پيغمبر) عجب ٿو لڳي جڏهن هي (بي وقوف منڪر) مسخريون ٿا ڪن (۽ نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ هر چيز تي قادر آهي). (١٣) ۽ جڏهن هنن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي تڏهن هو ڌيان ئي نٿا ڏين. (١٤) ۽ جڏهن هو ڪا نشاني ڏسن ٿا تڏهن مسخريون ٿا ڪن. (١٥) ۽ چون ٿا ته هي ته ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته چٽو پٽو جادو آهي. (١٦) (۽ هيئن به چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن اسان کي وري اٿاريو ويندو (١٧) ۽ پڻ اسان جي قديم ابن ڏاڏن کي (به اٿاريو ويندو؟) (١٨) (اي پيغمبر تون) چئو ته هائو (بيشڪ اوهان کي اٿاريو ويندو) ۽ (پوءِ) توهان ذليل ۽ خوار خراب ٿيندؤ. (١٩) (ٻڌو) اهو اٿارڻ (ڪو وقت ڪونه وٺندو) فقط هڪ ضرب يا آواز سان ٿيندو ۽ هو هڪدم ڏسڻ لڳندا. (٢٠) ۽ چوڻ لڳندا ته، افسوس اسان جي حال تي! هي آهي جزا يا بدلي جو ڏينهن. (٢١) (کين چيو ويندو ته هائو) هي آهي اهو جدا جدا ڪرڻ جو ڏينهن جنهن جي مڃڻ کان انڪار ڪندا هئو.

رڪوع ٢ آيت 22-تا-74
قيامت بعد مؤمنن جي اعليٰ حالت ۽ منڪرن جي بدحالي.
(٢٢) (قيامت جي ڏينهن حڪم ٿيندو ته) ظالمن کي، سندن رفيقن کي ۽ جن جي هو تابعداري ۽ ٻانهپ ڪندا هئا تن سڀني کي گڏ ڪري هتي آڻيو. (٢٣) خدا کي ڇڏي (جن جي ٻانهپ ڪندا هئا تن کي گڏ ڪري آڻيو ۽) انهن سڀني کي (يعني ظالمن، سندن ساٿين ۽ معبودن کي) ساڙيندڙ دوزخ واريءَ واٽ تي لڳائي ڇڏيو (ته وڃي دوزخ ۾ ڪرن ۽ سڙن). (٢٤) ۽ کين بيهاريو جو کانئن ڪجهه پڇيو ويندو. (٢٥) (کانئن پڇيو ويندو ته) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪيو. (٢٦) حقيقت هي هوندي جو انهيءَ ڏينهن هو تسليم ڪندا (۽ پنهنجو قصور سمجهي لاجواب ٿي بيهندا). (٢٧) ۽ هو هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري هڪ ٻئي کان پڇندا. (٢٨) (رواجي مسڪين ماڻهو ليڊرن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته توهان ساڄي طرف کان (يعني زور ۽ حڪم جي نموني) اسان ڏي (اسان کي برغلائڻ لاءِ) ايندا هئو (سو توهان اسان کي هن حال ۾ آندو آهي). (٢٩) اهي (زور وارا ماڻهو) جواب ڏيندا ته نه (رڳو اسان جو قصور ڪونهي). حقيقت هي آهي ته توهان کي به انهن (رسولن جي ٻڌايل حقيقتن) تي ايمان ڪونه ٿي آيو. (٣٠) نڪي اسان کي اوهان جي مٿان ڪا اختياري هئي، نه بلڪل نه. حقيقت هيءَ آهي ته توهان پاڻ سرڪش ماڻهو هئو (۽ خدا جي حڪمن جي تابعداري نه ڪَيوَ.) (٣١) سو اسان سڀني جي حق ۾ اسان جي پروردگار جو قول سچو ثابت ٿيو آهي ته اسان ضرور (عذاب جو) ذائقو چکنداسين. (٣٢) اسان اوهان کي گمراهه ڪيو جو يقيناً اسان پڻ گمراهه هئاسين. (٣٣) سو يقيناً انهيءَ ڏينهن اهي سڀ (مسڪين توڙي زور وارا ليڊر) عذاب ۾ شريڪ هوندا. (٣٤) (ياد رکو ته) اسان گنهگارن سان اهڙي ئي طرح هلت ڪنداسين. (٣٥) اهي ئي هئا جڏهن انهن (منڪرن) کي چيو ويندو هو ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تڏهن هو تڪبر ڪندا هئا (۽ اها ڳالهه نه مڃيندا هئا). (٣٦) ۽ چوندا هئا ته هڪڙي چرئي شاعر جي لاءِ اسان پنهنجي خدائن کي ڇڏي ڏينداسين ڇا؟ (٣٧) نه نه (هو چريو شاعر هرگز ناهي) پر پاڻ سان حق کڻي آيو آهي (۽ جلد ڏسندؤ ته حق قائم رهندو ۽ باطل فنا ٿي ويندو) ۽ (اڳوڻن) رسولن (جي پيغام) جي تصديق ٿو ڪري. (٣٨) يقيناً اوهان (منڪر) سخت عذاب جو ذائقو چکندؤ. (٣٩) جيڪي جيڪي (بد) عمل توهان ڪيا هوندا تن جو ئي پورو پورو بدلو اوهان کي ملندو (نه گهٽ نه وڌ). (٤٠) پر الله جا سچا ٻانها (انهن جي حالت ٻي هوندي ۽ وڏيون نعمتون ماڻيندا) (٤١) انهن جي لاءِ مقرر رزق هوندو. (٤٢) (هنن لاءِ) ميوا (۽ هر قسم جون نعمتون ۽ خوشيون) هونديون ۽ هنن کي وڏي عزت ۽ وڏو درجو ملندو. (٤٣) (هو) نعمتن جي باغن ۾ هوندا. (٤٤) (جتي) تخت تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويهندا. (٤٥) صاف چشمي مان (ڀريل) پيالو هنن ۾ ڦيرايو ويندو. (٤٦) جو صاف اڇو هوندو ۽ پيئندڙن لاءِ ڏاڍو لذيذ هوندو. (٤٧) ان جي پيئڻ سان نڪي مٿي کي ڦيري ايندي، نڪي ان سان هنن کي ڪو نشو ٿيندو. (٤٨) ۽ هنن وٽ اکيون هيٺ ڪندڙ (شرميليون) ۽ وڏين اکين واريون عورتون هونديون. (٤٩) ڄڻ ته هو لڪائي رکيل بيضا آهن. (٥٠) اهي هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪندا ۽ هڪ ٻئي کان (ڳالهيون) پڇندا. (٥١) انهن مان هڪڙو ڳالهائيندڙ چوندو ته، يقيناً (دنيا ۾) منهنجو هڪڙو سنگتي هو. (٥٢) جيڪو چوندو هو ته، تون به انهن منجهان آهين ڇا جي (رسول جي پيغام جي) تصديق ڪندڙ آهن (۽ کيس مڃيندڙ آهن)؟ (٥٣) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽيءَ ۾ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن (اسان کي وري جيئرو ڪيو ويندو ۽ اسان جي عملن جو) اسان کي بدلو ڏنو ويندو؟ (٥٤) (جڏهن بهشت وارو پنهنجي دنيا واري سنگتيءَ جا اهي لفظ ٻڌائيندو تڏهن) آواز ايندو ته توهان (بهشت وار‍ؤ انهيءَ سنگتيءَ جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ) هيٺ نهارڻ چاهيو ٿا ڇا؟ (٥٥) پوءِ هو هيٺ نهاريندو ۽ انهيءَ (سنگتيءَ) کي دوزخ جي باهه جي وچ ۾ ڏسندو. (٥٦) (۽ کيس) چوندو ته قسم آهي خدا جو ته تو ته مون کي ذري گهٽ کڏ ۾ ڪيرايو هو. (٥٧) ۽ جيڪڏهن مون تي خدا جي مهرباني نه ٿئي ها ته مان ته انهن منجهان ٿيان ها جيڪي (هتي سزا لاءِ) حاضر ڪيا ويا آهن. (٥٨) (اهو بهشتي خوشي ۽ ڊپ ۾ وڌيڪ) چوندو ته ڇا اسان وري ته ڪونه مرنداسين؟ (٥٩) سواءِ اسان جي پهرئين موت جي (ٻيو موت ته ڪونه ڏسنداسين؟) نڪي اسان کي عذاب ڪيو ويندو؟ (٦٠) (هي بهشت جو دائمي طور مليو آهي، سو) بيشڪ اها وڏي (سعادت ۽) ڪامراني آهي. (٦١) پوءِ اهڙيءَ ڪامرانيءَ واسطي سڀني عمل ڪندڙن کي (چڱا) عمل ڪرڻ گهرجن. (٦٢) ڇا اها (ڪامراني) بهتر مهماني آهي يا (دوزخ وارو) ٿوهر جو وڻ (بهتر نعمت آهي)؟ (٦٣) يقيناً اسان انهيءَ (ٿوهر جي وڻ) کي ظالمن لاءِ فتنو (يعني آزمائش) ڪيو آهي. (٦٤) اهو هڪڙو وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان اڀري ٿو. (٦٥) انهيءَ (جي ميون) جا ڇڳا اهڙا آهن جو ڄڻ ته شيطانن جا مٿا آهن. (٦٦) يقيناً ان وڻ منجهان (ڪوڙو ميوو) هو کائيندا ۽ ان سان پنهنجي پيٽن کي ڀري ڇڏيندا. (٦٧) پوءِ اُن جي مٿان هنن کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو مڪسچر پياريو ويندو. (٦٨) پوءِ يقيناً هنن کي وري دوزخ جي باهه ڏي موٽايو ويندو (ائين وري وري ڪيو ويندو). (٦٩) يقيناً هنن پنهنجن ابن ڏاڏن کي غلط راهه تي ڏٺو (پر اهو خيال ڪونه ڪيائون ته هو غلط راهه تي آهن). (٧٠) سو پاڻ به انهن جي نقش قدم تي ڌوڪيندا هلندا رهيا. (٧١) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته کانئن اڳي آيل ماڻهن مان گهڻا گمراهه ٿي ويا هئا. (٧٢) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان هنن ۾ خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليا. (پر هنن ڌيان ڪونه ڏنو). (٧٣) سو ڏسو ته جن کي خبردار به ڪيو ويو (ته به ڪين مڙيا) تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. (٧٤) پر الله جا سچا ٻانها (نه رڳو عذاب کان بچيا پر هر طرح ڪامياب ۽ ڪامران رهيا.


رڪوع ٣ آيت 75-تا-113
حضرت نوح عليه السلام، حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ سندن پٽن جو ڪجهه بيان.
(٧٥) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته حضرت نوح اسان کي پڪاريو (۽ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ سندس مدد ڪئي) سو اسان (پڪار ڪندڙن جي) مدد ڪرڻ ۾ ڪهڙا نه چڱا آهيون. (٧٦) ۽ اسان هن کي ۽ سندس ماڻهن کي وڏي آفت (يعني ٻوڏ) کان بچايو. (٧٧) ۽ اسان سندس نسل کي (زمين تي) باقي رکيو (۽ منڪرن کي ٻوڙي ڇڏيو). (٧٨) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ (دعا) ڇڏي (جا اڄ تائين گهڻيون ئي قومون گهرنديون آهن) ته؛ (٧٩) سڀني ماڻهن ۾ يا سڀني جهانن ۾ حضرت نوح تي سلام هجي (يا سلامتي هجي مٿس). (٨٠) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙي ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. (٨١) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (٨٢) پوءِ اسان ٻين کي ٻوڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيو. (٨٣) ۽ يقيناً سندس جماعت مان (يعني سندس طريقي ته هلندڙ) حضرت ابراهيم به هو. (٨٤) ڏسو هن سالم دل سان پنهنجي پروردگار ڏي پنهنجي رخ رکيو. (٨٥) ڏسو هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کان پڇيو ته، توهان ڇا کي پوڄي رهيا آهيو (هي بت ۽ هي سج چنڊ تارا آهن ڇا؟) (٨٦) ڇا ڪوڙ کي پوڄي رهيا آهيو؟ الله کي ڇڏي (ڪوڙن) معبودن (جي پوڄا ڪرڻ) ٿا چاهيو؟ (٨٧) پوءِ ڀلا جهان جي پروردگار جي متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ (٨٨) پوءِ هن تارن ڏي هڪڙي نظر اڇلائي. (٨٩) ۽ چيو ته مان بيمار آهيا. (٩٠) پوءِ اهي (بت پرست ۽ نجوم پرست) هن کي پٺي ڏيئي هليا ويا. (٩١) پوءِ حضرت ابراهيم سندس معبودن (يعني بتن ڏي) رخ ڪيو ۽ چيو ته ڇا (جيڪي طعام توهان جي اڳيان بت پرستن رکيا آهن سي) کائو ئي نٿا؟ (٩٢) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو (جواب ئي نٿا ڏيو ۽) ڳالهايو ئي نٿا. (٩٣) سو هنن ڏي وڌيو ۽ ساڄي هٿ سان (هنن کي) ڌڪ هڻڻ لڳو. (٩٤) تنهن تي اهي ماڻهو ڊوڙندا آيا ۽ سندس سامهون ٿيا. (٩٥) حضرت ابراهيم کين چيو ته، ڇا جن کي توهان پاڻ تراشي ٺاهيو آهي تن کي توهان پوڄيو ٿا؟ (٩٦) (توهان ايترو به خيال نٿا ڪيو ته) الله ئي توهان کي خلقيو آهي ۽ جيڪي توهان بنايو ٿا تنهن کي به (ته اصل الله ئي پيدا ڪيو آهي.) (٩٧) (تنهن تي هو دليل ته ڪونه ڏيئي سگهيا سو وير وٺڻ لاءِ) چيائون ته هن جي لاءِ هڪ کورو ٺاهي تپايو ۽ پوءِ اڇلايوس انهي ڄڀي ڪندڙ باهه ۾. (٩٨) مطلب ته هنن سندس خلاف گهڻائي منصوبا رٿيا ۽ اسان هنن کي (ناڪامياب ڪري) خوار ۽ بي ايمان ڪري ڇڏيو. (٩٩) ۽ حضرت ابراهيم چيو ته، مان پنهنجي پروردگار ڏي وڃي رهيو آهيان. يقيناً هو مون کي سڌي واٽ تي لڳائيندو. (١٠٠) (حضرت ابراهيم دعا گهري ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي (اهڙو پٽ) ڏي جو صالحن منجهان هجي. (١٠١) سو اسان هن کي هڪڙي حليم طبع ڇوڪر جي بشارت ڏني. (١٠٢) پوءِ جڏهن (حضرت اسماعيل جوان ٿيو ۽) ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي عمر کي رسيو تڏهن حضرت ابراهيم کيس چيو ته، اي منهنجا (پيارا) پٽ! مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته توکي ذبح ٿو پيو ڪيان (يعني ڪهان ٿو پيو) پوءِ خيال ڪري ٻڌاءِ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ هن جواب ڏنو تي منهنجا (پيارا) بابا! جيڪو توکي حڪم مليو آهي تنهن جي تعميل ڪري ڇڏ. تون ڏسندين ته انشاءَ الله مان صابر رهندس. (١٠٣) پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا حڪم جي تابعداريءَ لاءِ تيار ٿيا ۽ پيءُ پٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. (١٠٤) تڏهن اسان کيس پڪاري چيو ته، اي ابراهيم (بس، پٽ کي نه ڪهه). (١٠٥) بيشڪ تو خواب سچي ڪري ڏيکاريو (يعني پٽ کي ڪهڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهين ۽ هو به ڪسجڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهي. سو اسان اوهان ٻنهي کي دنيا ۽ آخرت ۾ وڏي ڪاميابي ڏينداسين) اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. (١٠٦) يقيناً اها ظاهرظهور آزمائش هئي، (اسان جي ڪا اها مرضي ڪانه هئي ته پٽ کي ڪهي ڇڏي. اسان کي جانورن يا ماڻهن جو رت ڪونه ٿو کپي). (١٠٧) ۽ اسان هڪ وڏي قربانيءَ جو فديو ڏيئي هن کي (يعني حضرت اسماعيل کي) بچايو. (١٠٨) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ (دعا) ڇڏي ته، (١٠٩) سلامتي هجي حضرت ابراهيم تي. (١١٠) اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. (١١١) يقيناً هو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو. (١١٢) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي (ٻئي پٽ) اسحاق (جي ڄمڻ) جي بشارت ڏني ته هو هڪ صالح نبي ٿيندو. (١١٣) ۽ اسان حضرت ابراهيم تي ۽ حضرت اسحاق تي برڪتون ڪيون. انهن جي نسل مان ڪي ته نيڪيون ڪندڙ آهن پر ڪي ظاهرظهور (ظالم آهن ۽) پنهنجي نفس تي ظلم ڪري رهيا آهن.

رڪوع ٤ آيت 114-تا-138
حضرت موسيٰ عليه السلام ، حضرت الياس عليه السلام ۽ حضرت لوط جي باري ۾ ٿورو احوال
(١١٤) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان موسيٰ ۽ هارون تي وڏو احسان ڪيو. (١١٥) ۽ ٻنهي کي ۽ سندن قوم (بني اسرائيل) کي وڏي مصيبت (يعني فرعون جي غلاميءَ ۽ سندس ظلمن) کان ڇڏايو. (١١٦) ۽ اسان سندس مدد ڪئي جنهن ڪري هو غالب رهيا (۽ مصيبتن کان ڇٽي پيا). (١١٧) ۽ اسان ٻنهي کي اهڙو ڪتاب ڏنو جو حقيقتن کي چٽو ڪري ڏيکارڻ ۾ وڏي مدد ڪندڙ هو. (١١٨) ۽ اسان ٻنهي کي سڌي راهه ڏيکاري ڇڏي. (١١٩) ۽ اسان ٻنهي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هي ديا ڇڏي. (١٢٠) (ته) موسيٰ ۽ هارون تي سلامتي هجي. (١٢١) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. (١٢٢) بيشڪ اهي ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن منجهان هئا. (١٢٣) ۽ يقيناً حضرت الياس به هڪڙو رسول هو. (١٢٤) ڏسو! هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو ته، (خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن کان) توهان ڊڄو ئي نٿا؟ (١٢٥) ڇا توهان بعل (سورج ديوتا) کي پڪاريو ٿا ۽ انهيءَ الله کي ڇڏي ٿا ڏيو جو بهترين خالق آهي. (١٢٦) انهيءَ الله کي (وساري ٿا ڇڏيو) جو اوهان جو به پروردگار آهي ۽ اوهان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن جو به پروردگار آهي. (١٢٧) پر هنن کيس ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو، سو يقيناً اهي (عذاب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. (١٢٨) سواءِ الله جي سچن ٻانهن جي (جن کي ڪامياب ڪيو ويندو). (١٢٩) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ دعا ڇڏي (ته)، (١٣٠) حضرت الياس تي سلامتي هجي. (١٣١) بيشڪ اسان نيڪيون ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. (١٣٢) يقيناً هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هڪ هو. (١٣٣) ۽ يقيناً حضرت لوط به هڪڙو رسول هو. (١٣٤) ڏسو اسان کيس ۽ سندس سڀني ماڻهن کي (سندن مخالفن کان ۽ ڇپن هيٺ اچي تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو. (١٣٥) سواءِ هڪ پوڙهي عورت جي (جا سندس زال هئي) جا پٺتي رهجي ويلن ۾ رهجي پيئي. (١٣٦) پوءِ (انهن) ٻين کي اسان (پٿرن جي مينهن سان) ناس ڪري ڇڏيو. (١٣٧) ۽ يقيناً توهان (مڪي جا عرب) ڏينهن جي وقت به انهن جي (کنڊرن) مٿان لنگهندا آهيو. (١٣٨) ۽ رات جي وقت به (لنگهندا آهيو) پوءِ ڇا توهان (انهيءَ واقعي مان ڪجهه) سمجهو ئي نٿا (۽ عبرت ئي نٿا وٺو. افسوس!)

رڪوع ٥ آيت 139-تا-182
حضرت يونس عليه السلام جو بيان، مڪي جي ڪافرن جي حالت ۽ کين نصيحت.
(١٣٩) ۽ يقيناً حضرت يونس به هڪڙو رسول هو. (١٤٠) ڏسو هو (نينوا شهر مان ماڻهن جي مڃڻ بابت نااميد ٿي شهر ڇڏي نڪتو ۽) ڀريل جهاز ڏانهن ڀڳو (۽ ان ۾ چڙهيو). (١٤١) هُن ڪُڻن وجهڻ جي قبوليت ڏني (ڪڻا وڌائون جيڪي سندس خلاف ويا ۽) هو قصور وار ٺهرايو ويو. (١٤٢) پوءِ هڪ مڇي کيس ڳهي ويئي ۽ هن پاڻ کي ڏوهه ڏنو (جو هو خدا جي حڪم کان سواءِ نينوا مان نڪتو هو). (١٤٣) پوءِ جيڪڏهن هو (پشيمان نه ٿئي ها ۽) خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان نه ڪري ها ته، (١٤٤) قيامت تائين ان (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ پيو رهي ها. (١٤٥) پوءِ اسان هن کي خشڪ ڪناري تي بيمار جهڙي حالت ۾ اڇلائي ڇڏيو. (١٤٦) ۽ اسان هن جي مٿان هڪڙو ڪدوءَ جي قسم جو پکڙندڙ وڻ ڄمايو ۽ پکيڙيو. (١٤٧) ۽ اسان هن کي (وري نينوا جي) هڪ لک ۽ ڪجهه وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليو. (١٤٨) هنن ايمان آندو سو اسان به ڪجهه عرصي تائين هنن کي آسودگيءَ واري زندگي نصيب ڪئي. (١٤٩) سو (اي پيغمبر!) تون هنن (مڪي جي ڪافرن) جي راءِ ته پڇ ته، ڇا تنهنجي پروردگار لاءِ آهن ڌيئرون ۽ توهان جي لاءِ پٽ؟ (يعني توهان ته پٽ ٿا چاهيو ۽ ڌيئرن کي ڌڪاريو ٿا، پوءِ الله جي لاءِ وري ڪيئن ٿا ڌيئرون ٺهرايو؟) (١٥٠) يا (پڇين ته) اسان ملائڪن کي ماديون ڪري خلقيو آهي ڇا؟ توهان (ائين) ڏٺو آهي ڇا؟ (١٥١) ڏس هو يقيناً هٿرادو ڪوڙ ٺاهي رهيا آهن (ته) (١٥٢) الله تعاليٰ ٻار ڄڻيا آهن، يقيناً هو بلڪل ڪوڙا آهن. (١٥٣) ڇا هن پٽن کان ڌيئرن کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي؟ (١٥٤) توهان (منڪرن) کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪيئن ٿا اهڙي (غلط) راءِ ڏيو؟ (١٥٥) پوءِ توهان سمجهندؤ يا نه؟ (١٥٦) يا توهان وٽ ڪا چٽي سند يا دليل به آهي؟ (١٥٧) جيڪڏهن توهان سچا آهيو (۽ ڪا سند اٿوَ) ته ڀلا آڻيو پنهنجو ڪتاب (هنن وٽ ڪا سند يا دليل ته هوئي ڪونه!) (١٥٨) ۽ انهن (منڪرن) الله ۽ جنن جي وچ ۾ مائٽي ٺهرائي آهي (يعني چون ٿا ته جن الله تعاليٰ جا مائٽ آهن) پر حقيقت هي آهي ته جنن کي معلوم آهي ته، هو يقيناً (خدا جي اڳيان پڇاڻي لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. (١٥٩) وڏو شان آهي الله جو هو پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي منڪر ساڻس لڳائين ٿا. (١٦٠) پر الله جا سچا ٻانها (ائين ڪونه ٿا ڪن). (١٦١) سو يقين آهي ته اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪريو ٿا. (١٦٢) ڪنهن کي به اوهين الله جي باري ۾ گمراهه ڪري نه ٿا سگهو. (١٦٣) سواءِ انهيءَ جي جو (پاڻ گمراهه ٿي) ٻرندڙ باهه ۾ پوڻ وارو آهي. (١٦٤) (صفن ۾ بيٺل مؤمن يا ملائڪ چون ٿا ته) اسان مان هرهڪ لاءِ بيهڻ جي جاءِ مقرر آهي. (١٦٥) ۽ اسان (فرض ادائين لاءِ هڪ ٿي) صفن ۾ بيٺا آهيون. (١٦٦) ۽ يقيناً اسان (خدا جي راهه ۾) جهاد ڪندڙ آهيون. (١٦٧) ۽ (هنن منڪرن ۾) ڪي اهڙا هئا جيڪي چوندا هئا ته، (١٦٨) جيڪڏهن اسان وٽ اڳين ماڻهن جو ڪو پيغام ڇڏيل هجي ها. (١٦٩) ته پوءِ سچ پچ اسان خدا جا سچا ٻانها ٿيون ها. (١٧٠) پر هاڻي (جڏهن وٽن قرآن اچي ويو آهي تڏهن) ان کي نٿا مڃين. پر جلد ئي معلوم ڪندا (ته نه مڃڻ جو نتيجو ڇا ٿو ٿئي). (١٧١) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان جو قول اسان جي موڪليل ٻانهن کي اڳ ئي پهچي چڪو آهي ته، (١٧٢) يقيناً سندن مدد ڪئي ويندي. (١٧٣) ۽ يقيناً اسان جو لشڪر غالب پوندو. (١٧٤) تنهن ڪري (اي پيغمبر!) ڪجهه وقت انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏ. (يعني کين ڇڏي ڏي). (١٧٥) ۽ انهن کي ڏسندو رهه (ته ڪهڙي ٿي حالت ٿئين) هو به جلد ئي ڏسندا (ته اسان تون غالب ۽ ڪامياب رهندين). (١٧٦) پوءِ ڇا هنن (سچ پچ) اسان جي عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ لائي ڏني آهي؟ (هو چوندا هئا ته تي عذاب ڪونه ايندو ۽ جيڪڏهن اچڻو آهي ته ڀلا هڪدم اچي.) (١٧٧) پر جڏهن اهو عذاب سندن اڳيان اچي نازل ٿيندو تڏهن انهن جو صبح ڪهڙو نه خراب ٿيندو جن کي خبردار به ڪيو ويو هو (پر ڌيان ئي ڪونه ڏنائون ۽ پنهنجا عمل نه سڌاريائون). (١٧٨) سو (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏ. (١٧٩) ۽ ڏسندو رهه (ته سندن حالت ڪهڙي ٿي ٿئي) هو به جلد ڏسندا (ته تون ڪامياب ٿيندين). (١٨٠) تنهن جو پروردگار وڏي شان وارو آهي ۽ وڏي طاقت ۽ عزت جو مالڪ آهي، هو پاڪ آهي انهن سڀني ڳالهين کان جي اهي ڪافر هن جي متعلق چون ٿا. (١٨١) ۽ سڀني رسولن تي سلام هجي. (١٨٢) ۽ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.