سورت الضحيٰ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-11
يتيم تي متان سختي ڪرين ۽ سواليءَ کي متان جهڻڪين.
(١) (اي پيغمبر! تنهنجو انقلاب ضرور ڪاميابيون ماڻيندو، ان لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ، رات کان پوءِ ڏينهن لازم ايندو پوءِ) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي، (٢) ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. (٣) ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي. (پوءِ ڪڏهن وحي جي تاخير ٿيڻ مان ڪافرن جو اهڙو نتيجو ڪڍڻ غلط آهي.) (٤) ۽ بيشڪ پوئين (خبر ۽ ڪامرانين واري) حالت تو لاءِ پهرين (تڪليفن واري) حالت کان گهڻي چڱي آهي. (٥) ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون (ان ڪاميابيءَ تي) مسرور ٿيندين. (٦) (تون پنهنجي زندگيءَ کي ڏس ته) ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ (توکي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ) جاءِ ڏنائين. (٧) ۽ توکي (حقيقت جي) رستي جو ڳولائو ڏسي پوءِ (وحي جي ذريعي سڌو) رستو ڏيکاريائين. (٨) ۽ توکي ضرورتمند ڏسي پوءِ ايترو ڏنائين جو تون ڪنهن مدد جو محتاج نه رهين. (٩) (پوءِ جيئن تنهنجي يتيم ذات جي سنڀال ٿي تيئن تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين. (١٠) ۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جي ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين. (١١) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر (انهن نعمتن کي خدائي عطيو سمجهي ٻين تي به اهي نعمتون ڪم آڻيندو رهه).