مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت قٓ

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-15
قدرت جون تخليقون قرآني حقيقتن جي تائيد ڪن ٿيون.
(١) قاف. قسم آهي انهيءَ قرآن جو جيڪو (ظاهرظهور) نهايت شاندار آهي. (يعني هي شاندار قرآن خود شاهد آهي ۽ ثابتي آهي ته اهو الله جو ڪلام آهي ۽ ان ۾ ڏنل ڳالهيون سڀ برحق آهن.) (٢) (ڪافر قران جو شان ڏسن به ٿا ته به نٿا مڃين سو ڇو؟) حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي عجب ٿو لڳي ته هنن ئي مان هڪڙو (پاڻ جهڙو انسان) هنن ڏانهن خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي، (حسد به ٿو ٿئين) سو اهي ڪافر چون ٿا ته، هي هڪڙي نهايت عجب جهڙي ڳالهه آهي (۽ وسهڻ جهڙي ناهي). (٣) (اهي ڪافر چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ڪيا وينداسين؟) اهو موٽي اچڻ ۽ وري جيئرو ٿيڻ (اسان جي سمجهه کان) ٻاهر آهي ۽ محال آهي. (٤) اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته زمين انهن (مئل ماڻهن) مان ڪيترو گهٽائي ٿي ڇڏي، ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه محفوظ آهي. (٥) بلڪ ڳالهه هيئن آهي ته جڏهن هنن (ڪافرن) وٽ حق اچي چڪو آهي تڏهن حق کي نٿا مڃين تنهن ڪري هو مونجهاري جي حالت ۾ پئجي ويا آهن. (٦) ڇا هوانهيءَ آسمان ڏي نظر نٿا ڪن جو سندن مٿان آهي؟ اسان ڪيئن نه ان کي بنايو آهي ۽ (تارن وغيره سان) ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪي به ڦوٽون يا خرابيون ڪونه آهن. (٧) ۽ زمين کي اسان پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا اَٿئون ۽ ان ۾ هر قسم جا سهڻا اوڀڙ (نباتات) ڄمايا اَٿئون. (٨) (اهو سڀ جو بنايو اٿئون سو) هن لاءِ ته جيڪو به (خدا جو) ٻانهو (خدا ڏي) رجوع ٿيندڙ آهي سو اکيون کولي (حقيقتن کي) ڏسي ۽ (خدا کي) ياد ڪري (۽ نصيحت وٺي). (٩) ۽ اسان آسمانن مان برڪتن سان ڀريل پاڻي وسايون ٿا ۽ پوءِ ان جي وسيلي باغات ۽ اناج جون کيتيون لاباري لاءِ لڳايون ٿا. (١٠) ۽ پڻ ڊگها شاندار کجين جا وڻ ڄمايون ٿا جن جي کارڪن جا خوشا هڪ ٻئي مٿان تهه ڪري بيهندا آهن. (١١) (اهي کارڪون الله تعاليٰ جي) ٻانهن لاءِ رزق آهن. ۽ اسان ان (مينهن) جي وسيلي مئل زمين کي زندهه ڪري ٿا ڇڏيون. (قيامت جي ڏينهن) مئل ماڻهن جو اٿڻ به اهڙيءَ طرح ٿيندو. (١٢) (جيڪڏهن قرآن کي نٿا مڃين ۽ فطرت مان به حقيقتون نٿا سکن ته قومن جي تاريخ مان عبرت وٺي ڏسو) هنن (ڪافرن) کان اڳي حضرت نوح جي قوم جي ماڻهن، رس وارن ۽ ثمود جي قوم جي ماڻهن (حق کي) نه مڃيو. (١٣) ۽ عاد قوم جي ماڻهن، فرعون ۽ حضرت لوط جي برادري وارن به نه مڃيو. (١٤) ۽ گهاٽي ٻيلي جي ماڻهن ۽ تبع جي ماڻهن به نه مڃيو. انهن سڀني ماڻهن رسولن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سو (انهن جي باري ۾) منهنجو ڏنل دڙڪو حق ثابت ٿيو (۽ هو سڀ منهنجي ڏنل قول موجب تباهه ٿيا.) (١٥) سو ڇا اسان پهرين خلق جي خلقڻ ۾ ٿڪجي پيا آهيون ڇا؟ (جو وري ماڻهن کي جيئرو ڪري نه سگهنداسين) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته هي (ڪافر) نئين خلقت جي باري ۾ شڪن ۾ گرفتار آهن ۽ منجهيل آهن.

رڪوع ٢ آيت 16-تا-29
قيامت جي ڏينهن جو احوال. مان پنهنجي ٻانهن سان ذرو به بي انصافي ڪرڻ وارو ناهيان.
(١٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ئي انسان کي خلقيو آهي ۽ اسان ئي ڄاڻون ٿا ته سندس نفس ڪهڙا ڪهڙا وسوسا منجهس وجهي ٿو. ۽ اسان کيس سندس شهه رڳ کان به ويجها آهيون. (جا ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي). (١٧) ياد رکو ته ٻه (فرشتا) انسان جي عملن کي جانچڻ ۽ لکي ڇڏڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، جن مان هڪڙو سندس ساڄي پاسي ويٺل آهي ۽ ٻيو کاٻي پاسي. (١٨) اهو انسان ڪو لفظ وات مان مس ڪڍي ٿو ته هڪدم هڪ محافظ فرشتو جو سندس ڀرسان ويٺل آهي ان کي لکي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي. (١٩) ۽ (آخر) موت واري سڪرات في الحقيقت اچي وڃي ٿي (ان وقت انسان جون اکيون کلن ٿيون ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته) هيءَ اٿئي اها ڳالهه جنهن کان تون ڀڄندو هئين. (٢٠) ۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي. اهو آهي اهو ڏينهن جنهن بابت (دنيا ۾ رسولن جي معرفت) خبر ڏني ويئي هئي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو هو. (٢١) (توتاري وڄڻ بعد هڪدم) هرهڪ شخص هليو ايندو. ساڻس هڪڙو کيس هڪلڻ وارو ۽ هڪڙو شاهد هوندو. (٢٢) (کيس چيو ويندو ته) تون في الحقيقت هن (ڏينهن) بابت غافل هئين. هاڻي اسان توتان پردو لاهي ڇڏيو آهي. سو اڄ تنهنجي نظر تمام تيز آهي (۽ تون هاڻي سڀ ڪجهه ڏسي ۽ سمجهي سگهين ٿو). (٢٣) ۽ سندس ساٿي چوندو ته هي آهي (هن ماڻهوءَ جو اعمال نامو) جو مون وٽ تيار ٿيو رکيو آهي. (٢٤) (ان وقت پڪاريو ويندو ته) هرهڪ سرڪش ۽ نافرمان ڪافر کي جهنم ۾ اڇلائي وجهو. (٢٥) جيڪو چڱائيءَ کان منع ڪندو هو (گناهن ڪرڻ ۾) ليڪو لنگهي بيهندو هو، (۽ هرهڪ حق جي ڳالهه بابت) شڪ ۽ گمان آڻيندو هو. (٢٦) جيڪو الله سان گڏ ٻين کي به معبود ٺهرائيندو هو (يعني الله جي حڪمن کي ڇڏي ٻين ابتڙ حڪن تي عمل ڪندو هو) سو کيس سخت عذاب ۾ اڇلائي وجهو. (٢٧) سندس ساٿي چوندو ته اي اسان جا پروردگار مون هن کي نافرمان باغي ڪونه ڪيو هو، پر هو پاڻ وڏي گمراهيءَ ۾ پئجي ويو هو. (٢٨) الله تعاليٰ فرمائيندو ته (خاموش!) منهنجي اڳيان جهڳڙو نه ڪيو. مون ته توهان کي اڳ ئي (پنهنجي رسولن جي معرفت خبردار ڪيو هو (تنهن هوندي به توهان غافل رهيو). (٢٩) مون وٽ (منهنجو) قول (يا حڪم) ڪڏهن به نٿو ڦري (هر ڪنهن کي انصاف سان جزا ۽ سزا ضرور ملڻي آهي) ۽ مان پنهنجي ٻانهن سان ذرو به بي انصافي ڪرڻ وارو نه آهيا.

رڪوع ۳ آيت 30-تا-45
قيامت جي ڏينهن جون حالتون.
(٣٠) هڪڙي ڏينهن اسان جهنم کان پڇنداسين ته، تون (دوزخين سان) ڀرجي ويو آهين يا نه؟ هو چوندو ته آهن ڪي وڌيڪ (يعني مان ڀرجي ڪونه ويو آهيان. ڪيترا به هجن ڀلي آڻيو). (٣١) ۽ پرهيزگارن نيڪن لاءِ بهشت بلڪل ويجهو آندو ويندو. پري نه هوندو. (٣٢) (ان وقت چيو ويندو ته) هي آهي اهو بهشت جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنو ويو هو. اهو بهشت انهيءَ شخص لاءِ آهي جيڪو (غلط واٽ ڇڏي) الله ڏي (يعني سڌي واٽ ڏي) موٽي اچي ۽ (حق ۽ قانون تي) محڪم رهي. (٣٣) (۽) جو رحمان خدا کي ڏسڻ کان سواءِ ئي کانئس ڊڄي (ته متان بڇڙا ڪم ڪري رحمان کي ناراض ڪري وجهان) ۽ جو (هر وقت الله ڏي) رجوع ڪندڙ دل رکي. (٣٤) (اي بهشتيو) سلامتيءَ سان ۽ امن امان سان (بهشت ۾) گهڙي پئو، هي
هميشه رهڻ وارو ڏينهن آهي. (يعني اوهان هميشه لاءِ بهشت ۾ رهندو). (٣٥) اهي (بهشتي) ان بهشت ۾ جيڪي به چاهيندا سو کين ملندو ۽ (ان کان سواءِ هنن لاءِ) اسان وٽ وڌيڪ به گهڻوئي هوندو (جو اسان اڻ گهرئي کين ڏينداسين.) (٣٦) ۽ اسان هنن کان اڳي ڪيتريون ئي پيڙهيون تباهه ڪري ڇڏيون، جيڪي هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون. پوءِ هو ملڪن ۾ دربدر رلنديون رهيون. (ڏسو) هنن لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جي ڪا جاءِ به هئي؟ (٣٧) بيشڪ انهيءَ ۾ وڏي نصيحت آهي انهيءَ ماڻهو لاءِ جيڪو (سالم ۽ سمجهه واري) دل رکندڙ هجي يا (حق جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ خيال سان) ڪن ڏئي، ۽ (سمجهڻ بعد حق جي) شاهدي ڏئي. (٣٨) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان آسمانن، زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ايامن ۾ خلقيو ۽ اسان کي ذرو به ٿڪ ڪونه ٿيو. (پوءِ اسان جي لاءِ اهو ڪم بلڪل سولو آهي ته ماڻهن کي وري جيئرو ڪري اٿاريون). (٣٩) پوءِ (اي پيغمبر اهي ماڻهو ايمان نٿا آڻين ته خيال نه ڪر) جيڪي هي ماڻهو بڪندا رهن ٿا تنهن کي صبر سان سهندو رهه ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه، سج اڀرڻ کان اڳي ۽ پڻ سج لهڻ کان اڳ ۾. (٤٠) رات جي ڪجهه حصي ۾ به سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ پڻ سجدن کان پوءِ (يعني هر وقت الله ۽ سندس حڪمن کي ياد رک ۽ انهن جي تعميل ڪر). (٤١) ۽ انهيءَ ڏينهن لاءِ ڪن لڳائي رک جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ ڪنهن ويجهي جاءِ کان سڏ ڪندو. (٤٢) جنهن ڏينهن ماڻهو في الحقيقت وڏو ڌڌڪو ٻڌندا، اهو هوندو وري اٿڻ وارو (قيامت جو) ڏينهن. (٤٣) يقيناً اسان ئي حياتي ڏيون ٿا ۽ اسان ئي موت آڻيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي. (٤٤) انهيءَ ڏينهن زمين هنن کان تڪڙي تڪڙي ڦاٽي پوندي. اهو ٿيندو حشر (يعني سڀني ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ) (ماڻهن کي جمع ڪرڻ) اسان جي لاءِ بلڪل سولو آهي. (٤٥) (اي پيغمبر!) جيڪي جيڪي هي ماڻهو چون ٿا سو اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. تون انهن سان زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. سو تون قرآن مجيد جي وسيلي انهن ماڻهن کي نصيحت ڪندو رهه جيڪي منهنجي (عذاب جي) واعدي کان ڊڄن ٿا.