مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الشورٰي (مشورو وٺڻ يا صلاح مصلحت ڪرڻ)

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-9
الله تعاليٰ چاهي ها ته سڀني انسانن کي هڪ واٽ تي هلائي ها.
(١) حا – ميم (٢) عين – سين – قاف (٣) (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح (جيئن تون ڏسين ٿو) اهو الله توڏي وحي موڪلي ٿو ۽ جيڪي توکان اڳي ٿي گذريا تن ڏي به موڪليندو رهيو هو. جو الله وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٤) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. ۽ هو سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڏو آهي. (٥) (سندس شان ۽ جلال اهڙو ته آهي جو ان جي اثر کان) آسمان به مٿان کان ذري گهٽ ڦاٽڻ تي آهن. ۽ فرشتا پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهن ٿا (يعني سندس حڪمن موجب سندس ربوبيت ۽ رحمت وغيره جي ڪمن ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهن ٿا) ۽ جيڪي زمين تي رهن ٿا تن جي لاءِ بخششون گهرن ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ بيشڪ غفور ۽ رحيم آهي، (انهن لاءِ جيڪي سندس حڪمن تي هلڻ ۾ سعي ڪار آهن). (٦) ۽ جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني ڪارساز ۽ مددگار) بنائين ٿا تن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي، ۽ (اي پيغمبر!) تون انهن جو وڪيل يا ڪارساز ڪونه آهين (يعني توتي انهن جي بدڪمن جي ذميواري ڪانهي.) (٧) ۽ هن طرح (اي پيغمبر!) اسان توتي عربي قرآن وحي ڪري موڪليو آهي ته تون شهرن جي ماءُ (يعني مڪي شريف جي ماڻهن) کي ۽ چوگرد وارن ماڻهن کي خبردار ڪرين، ۽ گڏ ٿيڻ واري (قيامت جي) ڏينهن بابت خبردار ڪرين جنهن ڏينهن جي (اچڻ) بابت ڪو شڪ ئي ڪونهي. (انهيءَ ڏينهن) ڪي جنت ۾ ۽ ڪي وري ڄڀي ڪندڙ باهه ۾ ڌوڪيا ويندا. (٨) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي هڪ امت ڪري ها (۽ سڀ طوعَاً ڪَرهاً، پسند اچي يا نه اچين) هڪ سڌيءَ واٽ تي هلن ها، (پر الله تعاليٰ ائين نه ڪيو ۽ چاهيائين ته انسان پنهنجو ارادو ڪم آڻي پنهنجي ترقي پاڻ ڪري) پر هو پنهنجي رحمت ۾ انهن کي داخل ٿو ڪري جن کي (سندن نيڪ عملن سببان) چاهي ٿو، ۽ جيڪي ظلم ڪندڙ آهن تن جي لاءِ ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونهي. (٩) يا (هيئن آهي ڇا) ته هنن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني پنهنجو ڪارساز ۽ مددگار) ڪري ورتو آهي؟ سو (هو ياد رکن ته) فقط الله ئي ڪارساز ۽ نگهبان آهي. ۽ هو ئي مئلن کي زندهه ڪري ٿو (يعني مردهه دل ماڻهن کي زندهه دل ڪري سنئين واٽ تي آڻي ٿو) ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.

رڪوع ٢ آيت 10-تا-19
فرقا نه ٺاهيو، جهيڙا جهٽا نه ڪيو اجايا جهيڙا ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا.
(١٠) ۽ جنهن ڳالهه بابت توهان هڪ ٻئي سان اختلاف رکو ٿا تنهن جو فيصلو الله وٽ ٿيڻو آهي (پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو) اهڙو آهي الله منهنجو پروردگار! مون انهيءَ ئي تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ مان انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿيان ٿو. (١١) آسمانن ۽ زمين کي (عدم مان) پيدا ڪندڙ اهوئي آهي. هن اوهان ئي منجهان اوهان جي لاءِ جوڙا (يعني مرد ۽ زالون) بنايا آهن، ۽ چوپاين جانورن (يعني ڍورن ڍڳن) ۾ به جوڙا ٺاهيا اٿس. اهڙيءَ طرح هو اوهان کي تعداد ۾ وڌائي ٿو (۽ ڍورن ڍڳن کي به اوهان جي فائدي لاءِ وڌائي ٿو) ڪابه شيءِ الله تعاليٰ جي مثال جهڙي نه آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (١٢) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس ئي آهن. هو جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهنجي لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن جي لاءِ پنهنجي حڪمت موجب) تنگ ٿو ڪري. يقيناً هو هر چيز جو علم رکندڙ آهي. (١٣) توهان جي لاءِ هن اهوئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم هن حضرت نوح کي ڏنو هو ۽ جو توڏي به وحي جي وسيلي موڪليو ويو آهي ۽ جنهن جو حڪم حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ کي به ڏنو هوسين. (اهو حڪم هي هو) ته (اسان جي سيکاريل) دين تي قائم ۽ محڪم رهو ۽ ان ۾ ڦوٽ نه وجهو ۽ فرقا نه ٺاهيو. (اي پيغمبر!) تون جنهن دين ڏي (ماڻهن کي) سڏين ٿو سو مشرڪن کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. الله تعاليٰ جن کي (سندن اخلاص ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ) چونڊي کڻي ٿو، ۽ جيڪي ڏانهس رجوع ٿين ٿا تن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي. (١٤) ۽ جڏهن هنن (ماڻهن) وٽ (سچي دين جو) علم اچي چڪو تنهن کان پوءِ ئي هنن پاڻ ۾ سرڪشي ۽ حسد ڪري اختلاف پيدا ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان اڳي مقرر ميعاد ۽ مدي جو حڪم صادر ٿيل نه هجي ها ته يقيناً هنن جي وچ ۾ هڪدم فيصلو ڏنو وڃي ها (۽ حق جي منڪرن کي تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ انهن کان پوءِ جن ماڻهن کي (يعني يهودين ۽ عيسائين کي) ورثي ۾ ڪتاب مليل آهي سو يقيناً ان بابت (پريشان ڪندڙ) شڪ ۾ گرفتار آهن. (١٥) سو (اي پيغمبر!) تون کين هن (ڪتاب قرآن مجيد) ڏي سڏ، ۽ جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح محڪم ۽ ثابت قدر رهه ۽ سندن خواهشن جي تابعداري نه ڪجانءِ، ۽ (کين) چؤ ته جيڪي ڪتاب الله تعاليٰ نازل ڪيا آهن تن تي مان پورو ايمان رکان ٿو ۽ مون کي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان اوهان جي وچ ۾ پورو پورو انصاف ڪيان. الله تعاليٰ اسان جو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل (جهڙا عمل ڪنداسين تهڙا ڦل ملندا) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه هئڻ گهرجي. الله ئي اسان کي ۽ توهان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري آڻيندو (۽ فيصلو ڏيندو) ۽ انهيءَ ئي ڏانهن آخر سڀني کي موٽڻو آهي. (١٦) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ بابت جهڳڙا ٿا ڪن انهيءَ کان پوءِ جو سندس سڏ جو جواب ڏنو ويو هجي (يعني مٿس ايمان آندو ويو هجي) تن ماڻهن جا بحث ۽ جهڳڙا الله وٽ بيڪار آهن، (يعني هو ايمان وارن کي برغلائي ڪونه سگهندا) ۽ انهن تي غضب پوندو (يعني تباهه ٿيندا) ۽ انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي. (١٧) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن ڪتاب حق سان (ڀريل) نازل ڪيو آهي ۽ تارازي (نازل ڪئي اٿس جنهن سان انسان جي هلت چلت کي توري ٿو سگهجي) ۽ ڪهڙي ڳالهه توکي محسوس ڪرائيندي ۽ معلوم ڪرائيندي ته ممڪن آهي ته (عذاب يا تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي. (١٨) جيڪي ماڻهو ان (ساعت) بابت ايمان نٿا رکن سي (ان عذاب جي اچڻ لاءِ مسخريءَ طور) تڪڙ لايو ويٺا آهن (ته جلد اچي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان گهڙيءَ بابت لرزي رهيا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته يقيناً اها حق آهي (۽ ضرور ايندي) يقين ڄاڻو ته جي ماڻهو ان ساعت بابت جهڳڙا ٿا ڪن سي گمراهيءَ ۾ پري نڪري ويا آهن. (١٩) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن (مؤمنن توڙي ڪافرن کي باريڪ طرح ڏسي رهيو آهي ۽ انهيءَ قدر) مٿن مهربان آهي، جن کي چاهي ٿو تن کي (قدر تي) رزق ڏئي ٿو، ۽ هو وڏي قوت وارو ۽ غالب آهي.

رڪوع ٣ آيت 20-تا-29
ايمان ۽ ان جا نتيجا، ڪفر ۽ ان جا نتيجا.
(٢٠) جيڪو آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي اسان سندس کيتي ۾ واڌارو ۽ ترقي ڏيون ٿا. ۽ جيڪو دنيا جي کيتي جو طالب آهي تنهن کي اسان ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، پر آخرت مان هن کي ڪجهه به حصو نصيب نه ٿيندو. (٢١) هنن کي اهڙا شريڪ آهن ڇا (جن کي هو خدا جي خدائي ۾ شريڪ ٿا سمجهن) جن هنن جي لاءِ دين جو اهو طريقو سيکاريو آهي جنهن جو الله تعاليٰ حڪم ڪونه ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه اڳ ئي ڪيل نه هجي ها (ته گنهگارن کي پاڻ سڌارڻ لاءِ مهلت ٿي ڏجي) ته (هڪدم) هنن جي وچ ۾ فيصلو ڏنو وڃي ها (يعني هڪدم مؤمنن کي غالب ۽ منڪرن کي مغلوب ۽ تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ يقين ڄاڻو ته ظالمن جي لاءِ (آخر) سخت عذاب آهي. (٢٢) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسين ته ظالم پنهنجي بدعملن جي ڪري خوف ۽ هراس ۾ اچي ويندا ۽ اهو (عذاب يا تباهي يا مغلوبي) مٿن اچي ڪڙڪندي ۽ جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل به ڪيا اٿن سي بهشت جي باغن ۾ هوندا. اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندن پروردگار وٽان ملندو. اهوئي آهي جو وڏي ۾ وڏو فضل (۽ نعمت) آهي. (٢٣) اها آهي اُها (اعليٰ نعمت) جنهن جي خوشخبري الله تعاليٰ پنهنجي انهن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان به آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندڙ آهن. (اي پيغمبر!) تون (ماڻهن کي) چؤ ته، هن (ڪم) جي عيوض ۾ مان توهان کان ڪو اجورو يا انعام ڪونه ٿو گهران. مان ته فقط ويجهڙائي جي يعني مائٽيءَ جي محبت جي تقاضا ٿو ڪريان. ۽ جيڪو به ماڻهو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪندو تنهن جي لاءِ اسان ان ڪم جي نيڪي (۽ اجر) وڌائينداسين. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ غفور آهي ۽ (نيڪن جي نيڪيءَ جو) قدر ڪندڙ آهي (۽ کين انعام ڏيندڙ آهي.) (٢٤) هي (منڪر ماڻهو) هيئن ٿا چون ڇا ته، هو (يعني پيغمبر سڳورو) الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٿو ٺاهي؟ (يعني هو جو چوي ٿو ته مان رسول آهيان ۽ مون تي وحي ٿو نازل ٿئي سو ڪوڙ ٿو چوي. پر هو سراسر ڀليل آهن، ڇو ته جيڪڏهن الله تي ڪوڙ ٺاهي ته الله تعاليٰ ڪڏهن به کيس ڪامياب نه ڪري) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ته تنهنجي دل تي مهر هڻي ڇڏي (پر الله تعاليٰ ته اٽلندو تنهنجي دل ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ تنهنجا الفاظ عمل ۽ اخلاق اعليٰ درجي جا آهن) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ باطل کي فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ حق کي پنهنجي حڪمن سان (ڪاميابي ڏئي) سچو ثابت ڪري ٿو ڏيکاري. بيشڪ هو دلين جي رازن کان به واقف آهي. (٢٥) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو (يعني جيڪڏهن هو سنئين واٽ تي اچن ٿا ته هنن جا اڳيان گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي) ۽ هو خطائون بخشي ٿو ڇڏي، ۽ جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو سڀ هو چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي. (٢٦) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل به ٿا ڪن تن کي هو اجورو ڏئي ٿو ۽ پنهنجي خاص فضل سان وڌيڪ (نعمتون) به ڏئي ٿو. پر جيڪي ڪفر (۽ بدعمل) ڪن ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيل آهي. (٢٧) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن لاءِ رزق (۽ نعمتون) ڪشاديون ۽ عام جام ڪري ڇڏي ها ته ماڻهو (بي پرواهه ٿي عيش عشرت، سستي ۽ گناهن ۾) ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏين ها. پر هو (پنهنجي حڪمت موجب رزق ۽ نعمتون) اوتري قدر نازل ڪري ٿو جيتري قدر چاهي ٿو (۽ مناسب ٿو سمجهي) بيشڪ هو پنهنجي ٻانهن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي ۽ کين چڱيءَ طرح ڏسي ۽ چانچي ٿو. (٢٨) ۽ هو اهوئي آهي جو ماڻهن جي نااميد ٿيڻ بعد مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو، ۽ ڪارساز ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي. (٢٩) ۽ سندس نشانين مان هڪ وڏي نشاني آهي هنن آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ انهن ساهه وارن جي خلقڻ جيڪي انهن ۾ (يعني آسمان ۽ زمين ۾) پکيڙي ڇڏيا اٿس. ۽ هن کي اها قدرت آهي ته جڏهن چاهي تڏهن انهن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري.

رڪوع ٤ آيت 30-تا-43
مصيبتون اسان جي عملن جي نتيجو آهن. ٻين سان مشورو ڪرڻ.
(٣٠) ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي سا نتيجو آهي انهيءَ جو جيڪي توهان جي ئي هٿن ڪمايو آهي (يعني توهان جي ئي بدعملن جو نتيجو آهي). الله تعاليٰ ته گهڻيون ئي برائيون معاف ڪري ٿو ڇڏي. (٣١) ۽ (ياد رکو ته جيڪڏهن توهان گناهه ۽ ظلم نه ڇڏيندؤ ته) توهان ملڪ ۾ (الله تعاليٰ کان) ڏاڍا ڪونه ٿيندؤ (نڪي سندس رٿن کي روڪي سگهندؤ، نه ڪي عذاب کان ڇٽي ويندؤ) ۽ (ياد رکو ته) الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونه ٿيندو. (٣٢) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز، جي جبلن جهڙا (اتاهان ڏسڻ ۾ ايندا) آهن. (٣٣) جيڪڏهن هو چاهي ته هوا کي بيهاري ڇڏي. پوءِ اهي جهاز سمنڊ جي مٿاڇري تي (مردن وانگر) بيهي رهندا. انهيءَ ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون (عبرت وٺڻ جهڙيون) نشانيون آهن انهن سڀني لاءِ جيڪي صبر ۽ اورچائي وارا آهن ۽ (خدا جي نتيجن جو) قدر ڪندڙ آهن. (٣٤) يا (هيئن ٿئي جو) هو انهن جهازن کي (طوفان جي وسيلي ڀڃي يا ٻوڙي) فنا ڪري ڇڏي (۽ ان ۾ چڙهيل ماڻهو غرق ٿي وڃن) هن ڪري جو هنن (غفلت ڪئي هئي ۽) بدعمل ڪيا هئا، ۽ (ياد رکو ته) هو ته گهڻيون ئي برائيون معاف به ڪري ٿو ڇڏي. (٣٥) ۽ انهن (بد) ماڻهن کي جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن ڄاڻڻ گهرجي ته هنن جي لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جو ڪوبه چارو ڪونهي. (٣٦) سو (ياد رکو ته) جيڪي شيون اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهن. پر جيڪي الله وٽ آهي سو انهن ماڻهن لاءِ گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ (حق جي راهه تي هلڻ ۾) پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکندڙ آهن. (٣٧) ۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري ڀڄندڙ آهن ۽ جڏهن هو (ڪنهن جي اڳرائي کان) ڪاوڙ ۾ اچي ٿا وڃن ته (ڪاوڙ کي ماري اڳرائي ڪندڙ کي) معاف ڪري ٿا ڇڏين (۽ اڳرائين کي روڪين ٿا). (٣٨) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جا حڪم مڃين ٿا ۽ نماز جو نظام قائم رکن ٿا ۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ معاملا هڪ ٻئي سان مشورا ڪري سرانجام ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏيون ٿا تنهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا. (٣٩) ۽ جيڪي جڏهن مٿن ڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي تڏهن (ڊڄي گهر جي ڪنڊ ۾ نٿا ويهي رهن، پر مردانگيءَ سان مقابلو ٿا ڪن ۽) پنهنجي مدد ۽ بچاءُ ٿا ڪن. (٤٠) ۽ (ياد رکو ته جڏهن حقي بدلو وٺو تڏهن) ايذاءُ يا نقصان جو بدلو به اهڙوئي ۽ اوترو ئي ايذاءُ يا نقصان هئڻ گهرجي (نه وڌيڪ). پر جيڪڏهن ڪو معاف ڪري ڇڏي ۽ (ان سان گڏ) سڌارو ۽ ٺاهه به ڪري ڇڏي ته هن کي الله وٽان اجر ملندو يقيناً الله تعاليٰ ظالمن کي ناپسند ٿو ڪري. (٤١) پر جيڪڏهن ڪي ماڻهو (پاڻ تي) ظلم ٿيڻ بعد پنهنجي بچاءُ لاءِ مقابلو ڪن ۽ مدد وٺن ته پوءِ مٿن بيشڪ ڪابه ميار ڪانهي. (٤٢) يقيناً ڏوهه انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ٿا ڪن ۽ ڪنهن به حق کان سواءِ ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ٿا ڏين انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي. (٤٣) پر جيڪڏهن ڪو (مظلوم) صبر اختيار ڪري ۽ معافي ڏيئي ڇڏي ته يقيناً اهو وڏي همت (۽ فراخدليءَ) جو ڪم آهي.

رڪوع ٥ آيت 44-تا-53
الله جي راهه وٺڻ لاءِ ترغيب ۽ نه وٺڻ متعلق ترهيب.
(٤٤) ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ضد سببان) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي. ۽ (اي پيغمبر!) تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب اکين اڳيان اچي ويندن تڏهن هو (پريشان ٿي) پڇندا ته پٺتي موٽڻ لاءِ ڪو چارو آهي يا نه؟ (٤٥) ۽ (اي پيغمبر!) تون هنن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب ڏانهن آندا ويندا تڏهن (هنن جو تڪبر هليو ويندو) هو انهيءَ ذلت جي ڪري ڏاڍا نماڻا ٿي ويندا (اکيون هيٺ هونديون رڳو) مخفي طرح هيڏي هوڏي نهاريندا. ۽ جن ايمان آندو آهي سي (ان وقت) چوندا ته سچ پچ نقصان هيٺ آيل اُهي آهن جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي ماڻهن کي (هن دنيا ۾ بدعمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ سببان) نقصان هيٺ آندو آهي. ڏسو ظالم دائمي عذاب ۾ گرفتار رهندا. (٤٦) ۽ هنن (ظالمن) جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي به اولياءَ (يا ڪارساز) ڪونه هوندا جي کين کڻي ڪا مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ (ڪاميابيءَ يا عذاب کان ڇٽڻ جو) ڪوبه چارو ڪونهي. (٤٧) (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار جي حڪمن جي تعميل ڪيو انهيءَ کان اڳي جو اهو (عذاب جو) ڏينهن الله وٽان اچي وڃي، جو هرگز ٽري نه سگهندو. انهيءَ ڏينهن اوهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ڪانه هوندي، نڪي توهان (پنهنجي گناهن جو) انڪار ڪري سگهندؤ (نڪي ڪي عذر پيش ڪري سگهندؤ). (٤٨) (خبردار ڪرڻ کان) پوءِ به جيڪڏهن اهي ماڻهو پٺي ڏيئي هليا وڃن (۽ حق جي راهه تي نه اچن) ته پوءِ (ياد رک ته) اسان توکي (اي پيغمبر!) هنن جي مٿان نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي. تنهنجي ذمي آهي فقط حڪم پهچائڻ، ۽ جڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو (انهن نعمتن کي پنهنجي چالاڪيءَ جو نتيجو سمجهي انهن نعمتن تي خوشيون ٿو ملهائي (۽ فخر ٿو ڪري) ۽ جيڪڏهن هنن تي ڪا مصيبت سندن ئي بدعملن جي ڪري اچي ڪڙڪي ٿي ته پوءِ (مايوس ٿي پون ٿا) ڏسو ته انسان بيشڪ ڏاڍو بي شڪر آهي. (٤٩) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي، جيڪي چاهي ٿو سو خلقي ٿو. جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ڌيئر ڏيئي ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي پٽ ڏيئي ٿو. (٥٠) يا ته هنن کي پٽ ۽ ڌيئر ٻئي ٿو ڏئي. ۽ جنهن (عورت) کي چاهي ٿو تنهن کي سنڍ ڪري ٿو ڇڏي (جو پوءِ سندس پٽ يا ٻار نٿو ٿئي) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ هر ڪا قدرت رکندڙ آهي. (٥١) ۽ ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي لائق ناهي ته الله تعاليٰ ساڻس ڳالهائي سواءِ وحي جي رستي يا پردي جي پٺيان يا ڪو رسول موڪلي، ۽ جيڪي چاهي سو پنهنجي حڪم سان (انهيءَ رسول ڏي) وحي طور چوائي موڪلي. يقيناً هو سڀني کان مٿانهون ۽ سڀني کان وڏو حڪمت وارو آهي. (٥٢) ۽ اهڙيءَ طرح (اي پيغمبر!) اسان توڏي پنهنجا حڪم وحي رستي موڪيا آهن. توکي ته اڳي خبر به ڪانه هئي ته ڪتاب ڇا آهي ۽ ايمان ڇا آهي؟ پر اسان ان (ڪتاب ۽ ايمان) کي نور ۽ روشني ڪيو آهي، جنهن سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳايون ٿا، ۽ يقيناً تون (ماڻهن کي) سڌي واٽ ڏيکاري رهيو آهين. (٥٣) انهيءَ الله جي واٽ (ڏيکاري رهيو آهين) جو مالڪ آهي (هر شيءِ ۽ هر ساهه دار جو) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ياد رکو ته سڀ ڳالهيون ۽ معاملا آخر الله ڏانهن رجوع ٿيندا.