سورت العصر
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-3
ڪامياب ماڻهن ۽ ڪامياب سماجن لاءِ چار سونهري اصول
(١) زماني جو (هر) دور شاهد آهي، (٢) ته بيشڪ انسان (فرد جي حيثيت ۾ توڙي جماعت جي حيثيت ۾ پهنجي مقصدن ماڻڻ ۾) وڏي نقصان ۾ رهيو آهي. (٣) پر انهن ماڻهن کان سواءِ جن (خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي طريقي کي مڃي) ايمان آندو ۽ (پوءِ ان طريقي مطابق) چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق (جي واٽ اختيار ڪرڻ) جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (ان واٽ تي) ثابت قدم رهڻ جي نصيحت ڪئي.