مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت المعارج (وڏا مرتبا )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-35
قيامت ڏينهن ڏوهاري خواهش ڪندو ته، جيڪر پنهنجا پٽ، زال، ڀائر ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي، سو بدلي ۾ ڏيئي پنهنجي جان ڇڏايان.
(١) (نه مڃيندڙن مان ٽوڪ ڪندي) هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو. (ته ڪڏهن اهو عذاب ڪڙڪندو؟) (٢) (کين چئو ته) ان کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي. (٣) جو (ڌيرج جي) وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي مڪافات واري قانون هيٺ نيٺ ته ايندو.) (٤) ملائڪ ۽ (ايمان وارن جا) روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي (دنيا جي) پنجاهه هزار ورهين (جي برابر) ٿيندي. (٥) پوءِ (اي پيغمبر! تون انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪر ۽) تون سهڻي نموني سان (ثابت قدم رهي) صبر ڪر. (٦) بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا. (٧) ۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا. (٨) (۽ جنهن وقت اهو اچي ڪڙڪيو ته) ان ڏينهن آسمان رجايل ٽامي جهڙو ٿيندو. (٩) ۽ (مضبوط بيٺل) جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا (ڦلڙا) ٿي ويندا. (١٠) (نفسا نفسيءَ جي حالت هوندي) ۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه. (١١) (توڙي جو) اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ ۾ به ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب (کان بچڻ خاطر) بدلي ۾ پنهنجا پٽ. (١٢) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ. (١٣) ۽ پنهنجو گهراڻو، جن سان هو رهندو هو. (فديي طور ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي). (١٤) ۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهي سو به بدلي ۾ ڏئي وري اهو (بدلو ڏيڻ) ان کي (ان عذاب مان) ڇڏائي. (١٥) (پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي. (١٦) جيڪا کل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي. (١٧) (اها باهه آواز ڏئي) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن (دنيا ۾ خدا جي ربوبيت ۽ ورهاست واري نظام کان) پٺ ڦيري ۽ (ان جي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو. (١٨) ۽ (مال) گڏ ڪيو، پوءِ (ٽجوڙيون ڀري يا ڪا ڪٿي جمع ڪري) سنڀالي رکيو. (١٩) بيشڪ انسان (وحي جي تعليمات کان سواءِ پنهنجي جوهر ۾) ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي. (٢٠) (نتيجي ۾) جڏهن انکي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ۽ بزدل ٿيو پوي. (٢١) ۽ جڏهن خوشحالي پهچيس ٿي ته (خير جي ڪمن کان) ڪنجوس ٿيو پوي. (٢٢) پر نمازي (يعني فرمانبردار) ائين نه ڪندا آهن. (٢٣) جيڪي پنهنجي نماز (۽ پنهنجي فرمانبرداريءَ) تي هميشه پورا آهن، (٢٤۽ ٢٥) (انهن جي فرمانبرداريءَ جي علامت اها آهي جو مال کي صرف پنهنجي انفرادي مفاد لاءِ نه سمجهندا آهن، بلڪ) انهن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم ماڻهن) لاءِ مقرر حق آهي. (جيڪو الله جي سونپيل امانت سمجهي انهن تائين رسائيندا آهن.) (٢٦) (اهي ئي ماڻهو آهن) جيڪي حساب جي ڏينهن کي (پنهنجي عمل سان) سچو مڃين ٿا. (٢٧) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي گرفت ۽ عذاب کان ڊڄندڙ آهن. (٢٨) ڇو ته (الله جي قانون جي خلاف ورزيءَ تي ٻي پناهه آهي ئي ڪونه، ان ڪري) سندن پاليندڙ جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي شيءِ نه آهي. (٢٩) (سندن خاصيت هيءَ به آهي ته) پنهنجين عصمتن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اهي مرد توڙي عورتون). (٣٠) (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. سواءِ پنهنجي زالن ۽ ملڪ ٿي ويل عورتن جي. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾) اهي ملامت ڪيل نه آهن. (٣١) پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (٣٢) (انهن جي خاصيت هيءَ به آهي ته) اهي پنهنجي امانتن (جي حفاظت) ۽ پنهنجي انجام (کي پوري ڪرڻ) جو خيال رکندڙ آهن. (٣٣) ۽ جيڪي (ڪنهن معاملي تي شاهدي ڏين ٿا ته) پنهنجي شاهدين تي پورا بيهندڙ آهن. (٣٤) ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا. (٣٥) اهي (ئي آهن جيڪي هميشه) باغن ۾ عزت وارا ٿي رهندا.

رڪوع ٢ آيت 36-تا-44
منڪرن جي نموني بازين جي الله کي پرواهه ڪونهي. کيس طاقت آهي ته انهن کان چڱا آڻي.
(٣٦) پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو (مٿي ڄاڻايل ڳالهين کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ) توڏي ڊوڙندا اچن ٿا. (٣٧) ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي، (٣٨) (۽ ساڳي وقت) انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع به رکي ٿو ته (ساڳين حالن تي رهندي) ڇو نه ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟ (٣٩) ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي جنهن (ڪرڀائتي مادي) مان پيدا ڪيو آهي، تنهن کي هو ڄاڻن ٿا. (٤٠) پوءِ قسم ٿو کڻان اڀرندن ۽ الهندن جي پالڻهار جو (ان جو پالڻهاريءَ وارو نظام شاهدي ڏيندو) ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي ته، (٤١) انهن (پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ رڪاوٽ بنجندڙ ماڻهن) جي بدلي ۾ (دنيا ۾ ئي) انهن کان بهتر (ماڻهو) آڻيون، ۽ اسين (ائين ڪرڻ ۾) ڪي عاجز نه آهيون. (٤٢) پوءِ (اي پيغمبر!) کين ڇڏي ڏي ته، بڪ ڪندا وتن (بي مقصد ڪوشش جون ٻاراڻيون) رانديون ڪن، ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان (نتيجي واري) ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو. (٤٣) جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا. (٤٤) (ان وقت شرمساريءَ وچان) سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اهوئي اهو ڏينهن آهي جنهن جو کين (وري وري) واعدو ڏنو ويندو هو.