مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الاحزاب- (لڙائي ۾ شريڪ يا لشڪر)

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-8
الله تعاليٰ تنهنجو ڪارساز آهي، تون مٿس ڀروسو رکي حق تي قائم رهه.
(١) اي نبي! تون فقط خدا کان ڊڄ، (ڪافرن ۽ منافقن کان بلڪل نه ڊڄ.) ۽ ڪافرن ۽ منافقين جي (غلط) ڳالهين تي نه لڳ (تون الله جي ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪندو رهه، ڇو ته) يقيناً الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (تنهن ڪري سندس ئي حڪمن تي هلڻ ۾ چڱائي آهي). (٢) ۽ جيڪو وحي تنهنجي پروردگار وٽان توڏي موڪليو وڃي ٿو تنهن جي پيروي ڪندو رهه. يقيناً الله تعاليٰ اوهان جي سڀني عملن جي خبر رکندڙ آهي. (٣) ۽ (اي پيغمبر!) خدا تي ڀروسو رک جو الله ئي ڪافي ڪارساز آهي. (٤) الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون ڪونه رکيون آهن، نڪي الله تعاليٰ توهان جي زالن کي جن سان توهان اظهار ٿا ڪيو توهان جون مائر بنائي ڇڏيو آهي، نڪي انهن کي اوهان جو پٽ بنايو اٿس جن کي توها پٽ ڪري نپايو آهي (يا ڌيئرن جو پٽ يا گود جو پٽ ڪري سڏيو آهي) اهي توهان جي وات جون (بي معنيٰ) ڳالهيون آهن. پر الله تعاليٰ سچي حقيقت ٿو ٻڌائي ۽ هو سڌو سنئون رستو ٿو ڏيکاري. (٥) انهن (دين جي ڀائرن يا پٽن کي يا ٻانهن) کي سندن پيءُ جي نالن سان سڏيو. اها ڳالهه الله وٽ زياده انصاف واري آهي. پر جيڪڏهن توهان کي سندن ابن جا نالا معلوم نه هجن ته پوءِ هو توهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن. پر جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ اوهان کان ڀل چڪ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان تي ڪوبه ڏوهه ڪونهي، پر گناهه هن ۾ آهي جو توهان دل جي ارادي سان ائين ڪيو ۽ (ڀل چڪ جي حالت ۾) الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٦) مسلمانن جي لاءِ حضرت نبيﷺ سندن جانين کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ۽ سندس حرم مبارڪ (يعني زالون) مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ الله جي ڪتاب موجب سچا پچا مائٽ هڪ ٻئي لاءِ وڌيڪ ويجها آهن ٻين مؤمن ڀائرن کان يا مهاجر ڀائرن کان. (يعني فوتيءَ جو ترڪو سچن مائٽن کي ملڻ گهرجي) پر جيڪڏهن پنهنجي دوستن سان چڱائي ڪيو ته ڀلي ڪيو (اها ٻي ڳالهه آهي) (خدا جي) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي. (٧) ۽ ياد رکو ته اسان نبين کان عهد اقرار ورتو هو ۽ (اي پيغمبر!) توکان به عهد اقرار ورتو اٿئون ۽ نوح کان، ابراهيم کان، موسيٰ ۽ عيسيٰ ابن مريم کان به ورتو هيوسين. انهن سڀني کان پڪو عهد اقرار ورتو هيوسين (ته رسالت ۽ تبليغ وغيره جو ڪم پوري ثابت قدميءَ سان ڪندا رهندؤ). (٨) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ سچن (پيغمبر) کان (قيامت جي ڏينهن) انهيءَ سچ (جي پيغام) بابت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح خدا جا حڪم پهچائون ۽ ماڻهن ڪهڙيءَ طرح انهن تي عمل ڪيو) ۽ (جن نه مڃيو تن) ڪافرن لاءِ الله تعاليٰ سخت عذاب تيار رکيو آهي.

رڪوع ٢ آيت 9-تا-20
جنگ احزاب/ خندق وقت منافقن جي روش ۽ خيال.
(٩) اي مؤمنؤ! الله جي اوهان تي اها نعمت ۽ احسان ياد ڪيو جو جڏهن اوهان تي لشڪرن جا لشڪر چڙهائي ڪري آيا تڏهن اسان انهن (اوهان جي دشمنن) جي مٿان هڪڙو طوفان موڪليو ۽ اهڙا (پنهنجا) لشڪر (توهان جي مدد لاءِ) موڪلياسين جي توهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. پر الله تعاليٰ سڀ ڪجهه چٽيءَ طرح ڏسي ٿو. جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (١٠) ياد رکو ته اهي (دشمن) توهان جي مٿئين طرف کان ۽ توهان جي هيٺئين طرف کان (جبلن تان ۽ هيٺاهين ماٿرين مان) توهان تي حملو ڪري آيا ۽ هراس ۾ (اوهان جون) اکيون ڦاٽي ويون ۽ دليون نڙيءَ ڏي چڙهي آيون ۽ توهان الله جي باري ۾ (اجايا) خيال ڪرڻ لڳؤ. (١١) انهيءَ موقعي ۽ حالت ۾ مؤمن وڏي آزمائش هيٺ اچي ويا ۽ سخت زلزلي ۾ وڌا ويا. (پر هو دلير ٿي ثابت قدم رهيا). (١٢) ۽ ڏسو، منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوري ۽ بي همتيءَ جو) مرض آهي سي چوڻ لڳا ته، الله ۽ الله جو رسول جيڪي واعدا (ڪاميابيءَ ۽ غلبي جا) اسان کي ڏنا هئا سي فقط ٺڳي فريب ۽ دوکا هئا. (اسان هاڻي فنا ٿي وينداسين). (١٣) ۽ انهن مان هڪڙي ٽوليءَ ته چئي ڏنو ته اي مديني جا رهواسيؤ! توهان (حملي ڪندڙن جي مقابلي ۾) بيهي به ڪونه سگهندؤ، سو موٽو پوئتي ۽ انهن مان هڪڙي ٽولي نبي(ﷺ) کان (گهرن ڏي وڃڻ جي) موڪل ٿي گهري ۽ چيو ٿي ته، يقيناً اسان جا گهر محفوظ ناهن (۽ سخت خطري ۾ آهن) اگرچه اهي گهر غير محفوظ نه هئا. انهن جو ارادو فقط ڀڄي وڃڻ جو هو. (١٤) ۽ جيڪڏهن دشمن شهر جي ڪن طرفن کان شهر ۾ گهڙي پون ها ۽ انهن (منافقن ۽ ضعيف دل ماڻهن) کي چيو وڃي ها ته (حضرت جن جي خلاف) بغاوت ڪيو ته، بغاوت ڪري ڏين ها ۽ انهيءَ بغاوت ڪرڻ ۾ ڪا ٿوري دير ڪن ها؟ (١٥) حالانڪ هنن اڳي الله کي (يعني سندس رسول کي) عهد اقرار ڏنو هو ته اسان (اهڙن موقعن تي هرگز) پٺيون ڏيئي ڀڄي ڪونه وينداسين. (کين ياد رکڻ گهربو هو ته) الله سان ڪيل عهد اقرار بابت ضرور کانئن باز پرس ٿيندي (يعني کانئن پڇاڻو ٿيندو ۽ عهد ڀڃڻ ڪري کين سخت سزا ملندي). (١٦) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان ٿا ڀڄو ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندو. (يا دشمن اوهان کي قتل ڪندا يا پنهنجي ڌر بغاوت جي بدلي ۾ اوهان کي قتل ڪندي) ۽ (جيڪڏهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب به ٿيو ته به) ڪو ٿورو وقت سلامتيءَ جو ماڻيندؤ (جلدئي سزا ۽ موت اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪندو). (١٧) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، ڪير آهي جو توهان کي الله تعاليٰ کان بچائي سگهندو، جيڪڏهن هو اوهان کي سزا ۽ عذاب ڏيڻ چاهي. ۽ جيڪڏهن هو اوهان تي رحمت ڪرڻ چاهي (ته ڪير انهيءَ رحمت کي هٽائي ٿو سگهي) انهن ماڻهن کي الله کان سواءِ ڪوبه بچائيندڙ ۽ مددگار نه لڀندو. (١٨) الله تعاليٰ اوهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ٻين کي لڙائي ڪرڻ کان) روڪين ٿا ۽ چون ٿا ته، اسان ڏي هليا اچو ۽ لڙائي ۾ شريڪ نٿا ٿين، پر ڪو ٿورو وقت. (١٩) اهي (دولت جا لالچي) اوهان مسلمانن جي حق ۾ بخيل آهن (جو اوهان کي مناسب مدد نٿا ڏين. اٽلندو فتح جي وقت غنيمت جو مال گهڻو ٿا گهرن) سو جڏهن خوف خطري جو موقعو ٿو اچي تڏهن تون (اي پيغمبر!) ڏسين ٿو ته هو توڏي اهڙيءَ طرح ٿا نهارين جو سندن اکيون انهيءَ ماڻهو جي اکين وانگر ٿيون ڦرن جنهن ماڻهو کي سڪرات جي غشي اچي ويندي آهي، پر جڏهن خوف خطري جي حالت هلي ٿي وڃي تڏهن هو (غنيمت جي) مال جي حرص ۾ تيز زبانن سان توکي طعنا ڏيڻ لڳن ٿا. انهن ماڻهن کي (دل ۾ سچو) ايمان ڪونهي، الله تعاليٰ سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي. (٢٠) اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته، (دشمن جا) لشڪر هليا ڪونه ويا آهن (يا هراس جي ڪري ٿا ائين سمجهن يا سندن دليون چاهين ٿيون ته وري اچي حملو ڪن ۽ مسلمانن کي مغلوب ڪن) ۽ جيڪڏهن اهي لشڪر وري اچي نڪرن ته هو دل و جان سان چاهيندا ته جيڪر بدوين جي بيابانن ۾ هليا وڃن ۽ اتان اوهان جي حالتن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن هو اوهان وٽ هوندا ته لڙائي ڪونه ڪندا. جي ڪندا ته بلڪل ٿورڙي.

رڪوع ٣ آيت 21-تا-27
مؤمنن لاءِ خطري جي وقت ۾ الله تعاليٰ جي مدد ڪافي آهي.
(٢١) (مسلمانو!) توهانجي لاءِ يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۾ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ (يا دنيا ۾ ئي ايندڙ وقت جي ڪاميابيءَ جون) اميدون رکن ٿا ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪن ٿا تن جي لاءِ الله جي رسول ۾ سهڻي ۾ سهڻو ۽ چڱي ۾ چڱو نمونو (۽ مثال) موجود آهي. (٢٢) ۽ جڏهن مسلمانن (دشمنن جي) لشڪرن کي (مديني تي حملي ڪندي) ڏٺو، تڏهن (بي ڌڙڪ) چئي ڏنائون ته هي ته اهوئي (موقعو) آهي جنهن جو الله ۽ سندس رسول اسان سان واعدو ڪيو هو (۽ ٻڌايو هو ته مؤمنن تي وڏا خطرا ايندا ۽ سندس ايمان جي آزمائش ٿيندو) ۽ الله ۽ سندس رسول سچ چيو هو. (سو هن خطرناڪ موقعي کين بي همت ته ڪونه ڪيو پر اٽلندو) هنن کي ايمان ۾ ۽ تابعداريءَ ۾ وڌايائين. (٢٣) مؤمنن ۾ ڪي مرد اهڙا آهن جن (انهيءَ خطرناڪ موقعي تي) اهو عهد اقرار سچو ڪري ڏيکاريو جو الله سان ڪيو هئائون، (يعني مال ملڪيت ۽ جانين سان جهاد ڪيائون) سو انهن مان ڪن پنهنجو نذر پورو ڪيو (۽ شهادت حاصل ڪيائون) ۽ ڪي (شهادت لاءِ) منتظر آهن ۽ سندن (روش ۽ ايمان ۾) تر جيتري به تبديلي ڪانه ٿي آهي (يعني ايمان ۾ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اڳيئن کان به اڳرا آهن.) (٢٤) اهو سڀ هن لاءِ ٿيو ته الله تعاليٰ سچن کي سندن سچ لاءِ عيوضو ۽ انعام ڏئي ۽ منافقن کي سزا ڏئي، جيڪڏهن چاهي يا مٿن (رحمت جي) موٽ ڪري (جيڪڏهن هو ڪفر ۽ منافقي ڇڏي خدا ڏي موٽن). بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٢٥) الله تعاليٰ ڪافرن کي موٽائي ڀڄائي ڇڏيو اگرچه هو وڏي غصي ۽ غضب ۾ ڀرجي (مديني تي حملو ڪري) آيا هئا، هنن کي ڪابه چڱائي حاصل ڪانه ٿي ۽ مؤمنن لاءِ لڙائيءَ ۾ الله تعاليٰ (جو سهارو) ڪافي آهي ۽ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي. (٢٦) ۽ جن اهل ڪتاب (بني قريظه قبيلي جي يهودين) هنن جي (يعني دشمنن جي لشڪرن جي انهيءَ موقعي تي) مدد ڪئي هئي تن کي الله تعاليٰ سندن قلعن مان هيٺ لاهي آندو ۽ سندن دلين ۾ (اوهان جو) رعب ۽ ڌاڪو وڌائين. انهن مان ڪن کي توهان قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪن کي قيدي (يا غلام) ڪيو. (٢٧) ۽ الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي سندن زمينن، گهرن ۽ مال ملڪيت جو وارث ڪيو ۽ پڻ انهيءَ زمين جو مالڪ ڪيو، جنهن ۾ اڃا توهان قدم ڪونه رکيو هو ۽ الله تعاليٰ هر چيز تي قادر ۽ قدير آهي.

رڪوع ٤ آيت 28-تا-34
اهل و عيال جي باري ۾ قرآن جون هدايتون.
(٢٨) اي نبي (سڳورا) پنهنجي زالن (مبارڪن) کي چئو ته، جيڪڏهن توهان هن دنيا جي زندگي (جون سهوليتون ۽ آسودگيون) ۽ ان جي زينت (چڱا ڪپڙا چڱيون جايون وغيره) ٿيون چاهيو ته اچو ته مان توهان کي (اهڙيءَ زندگيءَ لاءِ گهربل) مال متاع ڏيان ۽ سهڻي نموني سان اوهان کي موڪل ڏئي ڇڏيان (يعني پوءِ مون وٽ منهنجون زالون ٿي نه رهنديون). (٢٩) پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول (جو راضپو) ۽ آخرت جو گهر (يعني جنت) ٿيون چاهيو ته پوءِ توهان مان جيڪي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن تن لاءِ الله تعاليٰ تمام وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. (ٻين کان وڏو اجر هن ڪري جو تنگ گذران هوندي به تبليغ اصلاح ۽ مسڪينن جي مددگاري جو ڪم جاري رکيائون). (٣٠) اي نبي (سڳوري) جون بيبيون! توهان مان ڪابه جيڪڏهن ڪوبه چٽوپٽو فاحش ڪم ڪندي ته کيس (ٻين عورتن کان) ٻيڻو عذاب ملندو (ڇو ته ايڏي جوابداري واري پوزيشن جي ماڻهوءَ لاءِ ناروا ڪم ڪرڻ وڌيڪ نامناسب آهي) ۽ ائين ڪرڻ (يعني ٻيڻو عذاب ڏيڻ) الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي.

حصو ٻاويهون

(٣١) ۽ توهان مان (يعني حضرت جن جي حرمن مان) جيڪي به دل و جان سان الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ نيڪ عمل ڪندي تنهن کي اسان (ٻين کان) ٻيڻو اجر ڏينداسين ۽ اسان هن لاءِ شاندار رزق (يعني هر طرح جون نعمتون ۽ خوشيون) تيار رکيون آهن. (٣٢) اي نبيءَ جون زالون! اوهان ٻين عورتن وانگر نه آهيو (اوهان جي پوزيشن بلڪل ٻي آهي) جيڪڏهن توهان خدا جو خوف ٿيون رکو ۽ پرهيزگار ٿيڻ ٿيون چاهيو ته (مردن سان) اهڙي نرم (۽ دل ڇڪيندڙ) نموني سان نه ڳالهايو جو جنهن (مرد) جي دل ۾ (بي حيائيءَ جو) مرض هجي سو (ڀلجي بڇڙائيءَ جو) حرص ڪري، ۽ اهڙا لفظ ڳالهايو جي مناسب ۽ انصاف وارا ڄاتا وڃن ٿا. (٣٣) ۽ توهان پنهنجن گهرن ۾ (امن امان ۽ پاڪائيءَ سان) رهو. اڳئين جاهليت جي زماني (جي عورتن) وانگر (ماڻهن کي) هار سينگار ڏيکارينديون نه وتو. (۽ نه گهمو ڦرو) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪنديون رهو. اي اهل بيت (يعني حضرت جن جي گهر جا ڀاتيو انهن هدايتن ڏيڻ جو مقصد هي آهي جو) الله تعاليٰ فقط هي ٿو چاهي ته ناپاڪائيءَ کي اوهان کان دور رکي ۽ اوهان کي هر طرح بلڪل پاڪ ڪري ڇڏي. (٣٤) ۽ (اي حضرت جن جون زالون) اوهان کي جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪم ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون اوهان جي گهرن ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون سي پڙهو (ياد رکو ۽ ٻين کي به ٻڌايو) يقيناً الله تعاليٰ بلڪل باريڪ نڪتا به سمجهندڙ آهي ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي (تنهن ڪري سندس آيتن کي سمجهي انهن تي عمل ڪيو).

رڪوع ٥ آيت 35-تا-40
مؤمنن ۽ مؤمناڻين جون خصلتون ۽ انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت جون نعمتون.
(٣٥) بيشڪ الله تعاليٰ مسلم مردن ۽ مسلم عورتن لاءِ، مؤمن ۽ مؤمنياڻين لاءِ، فرمانبردار مردن ۽ فرمانبردار عورتن لاءِ، سچن مردن ۽ سچين عورتن لاءِ، صبر ڪندڙ مردن ۽ صبر ڪندڙ عورتن لاءِ، نماڻن مردن ۽ نماڻين عورتن لاءِ صدقا ڏيندڙ مردن ۽ صدقا ڏيندڙ عورتن لاءِ، روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) مردن ۽ روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) عورتن لاءِ پاڪدامن مردن ۽ پاڪدامن عورتن لاءِ ۽ الله کي گهڻي ياد ڪندڙ مردن ۽ عورتن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. (٣٦) ۽ ڪنهن به مؤمن ۽ مؤمنياڻي لاءِ جائز ناهي ته جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن به ڳالهه بابت ڪو حڪم صادر ڪن تڏهن هو پنهنجي انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي راءِ تي هلن (۽ پنهنجي پسندي ۽ اختيار موجب عمل ڪن) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ٿو ڪري سو ظاهرظهور سڌي واٽ ڇڏي ڀلجي گمراهه ٿي ويو آهي. (٣٧) ۽ (اي پيغمبر!) ڏس ته تو انهيءَ (زيد بن حارث) کي چيو جنهن تي الله به احسان ڪيو آهي ۽ تو به احسان ڪيو آهي ته، (اي زيد) پنهنجي زال کي پاڻ وٽ رک (طلاق نه ڏينس) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ انهيءَ ڳالهه کي لڪايو پئي جا الله تعاليٰ ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن (جي چوٻولن) کان ڊنين پئي، حالانڪ الله ئي هن ڳالهه جو حقدار آهي ته تون کانئس ڊڄين (نه ماڻهن جي اجاين طعنن کان). پوءِ جڏهن زيد باقاعدي (زال کي) طلاق ڏيئي چڪو (۽ عدت گذري ويئي) تڏهن اسان انهيءَ (زال) کي تنهنجي نڪاح ۾ آندو، انهيءَ لاءِ ته مؤمنن کي پنهنجي گود جي پٽن جي زالن سان نڪاح ڪرڻ ۾ تڪليف يا رنڊڪ نه رهي. جڏهن هو انهن کي باقاعدي طلاق ڏيئي ڇڏي ڏين ۽ الله جو حڪم ضرور عمل هيٺ آڻڻو آهي. (٣٨) نبي سڳوري لاءِ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا مشڪلات يا رنڊڪ ڪانهي جنهن متعلق الله تعاليٰ هن جي لاءِ حڪم ڪڍي ڇڏيو آهي. جيڪي ماڻهو اڳي ٿي گذريا آهن. (خصوصاً اهل ڪتاب) تن ۾ به اهائي الله جي سنت جاري هئي ۽ (ياد رکو ته) الله جو حڪم اهڙي فتويٰ آهي جا مناسب قدر ۽ انداز تي بيهاريل آهي. (٣٩) (سڀ پيغمبر الله جا حڪم بجا آڻين ٿا) اهي پيغمبر الله جا پيغام (ماڻهن کي) پهچائين ٿا ۽ الله کان ئي ڊڄن ٿا ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نٿا ڊڄن ۽ الله ئي حساب وٺڻ ۾ ڪافي آهي. (٤٠) حضرت محمد(ﷺ) اوهان جي مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهي. پر هو الله جو (موڪليل) رسول آهي ۽ نبين جي مهر آهي (يعني کانئس پوءِ ڪوبه نبي اچڻو ڪونهي) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هرهڪ شيءِ ۽ ڳالهه جو ڄاڻندڙ آهي.

رڪوع ٦ آيت 41-تا-52
مؤمنن تي الله جي رحمت، طلاق متعلق نيڪ هدايت
(٤١) اي مؤمنؤ! (هر وقت) خدا کي ياد ڪندا رهو ۽ گهڻو ياد ڪندا رهو (دنيائي ڪاروبار ۾ سندس حڪم ياد رکو ۽ انهن تي عمل ڪيو). (٤٢) ۽ صبح شام سندس پاڪائي ۽ شان بيان ڪند رهو (يعني هر وقت سندس صفتون ياد رکو ۽ انهن صفتن کي پاڻ ۾ پيدا ڪري انهن موجب عمل ڪيو). (٤٣) اهو ئي (الله) آهي جو اوهان (مؤمنن تي رحمتون ٿو موڪلي ۽ سندس فرشتا به دعائون ٿا گهرن ته اوهان تي رحمتون ٿين. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (جهل ۽ برائيءَ جي) اوندهه مان ڪڍي (علم ۽ نيڪيءَ جي) روشنيءَ ۾ آڻي. الله تعاليٰ مؤمنن جي لاءِ ڏاڍو رحم وارو آهي. (٤٤) جنهن ڏينهن مؤمن الله تعاليٰ سان ملندا تنهن ڏينهن انهيءَ سلام سان کين کيڪاريو ويندو ته ”السلام عليڪم“ يعني اوهان تي سلامتي هجي، ۽ انهن جي لاءِ وڏو ۽ عمدو اجر تيار ڪري رکيو اٿس. (٤٥) اي نبي (سڳورا) اسان توکي شاهد، خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي. (٤٦) ۽ اسان توکي پنهنجي حڪم موجب (ماڻهن کي) الله (جي فرمانبرداري ۽ فضل) ڏانهن سڏيندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ روشني پکيڙيندڙ شمع دان ڪري موڪليو آهي. (٤٧) ۽ (اي پيغمبر!) ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ ته هنن تي الله تعاليٰ وٽان وڏو فضل اچڻو آهي. (٤٨) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڪافرن ۽ منافقن جي (بيجا خواهشن ۽ چوڻ تي) نه لڳ، ۽ اهي جيڪي تڪليفون توکي ڏين ٿا تن جو خيال ئي نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي. (٤٩) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان مؤمنياڻين سان نڪاح ڪيو ۽ وري ساڻن همبستريءَ ٿيڻ کان اڳ ئي طلاق ڏيئي ڇڏيو ته پوءِ انهن عورتن جي لاءِ عدت ڪانه آهي جا توهان کي شمار ڪرڻي پوي. (يعني اُهي عورتون هڪدم ڪنهن ٻئي مؤمن سان نڪاح ڪري سگهن ٿيون. توهان کي ڇا ڪرڻو آهي) جو هنن کي ڪجهه مال متاع ڏيو ۽ هنن کي سهڻي نموني ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موڪل ڏيئي ڇڏيو (ته جڏهن وڻين تڏهن ٻيو نڪاح ڪن). (٥٠) اي نبي (سڳورا) اسان تنهنجي لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو مهر ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ اهي به توکي حلال آهن جي قيد ٿي آيل ٻانهيون هيون جيڪي الله تعاليٰ توکي (غنيمت طور) ڏياريون (۽ تو کين آزاد ڪري ساڻن نڪاح ڪيو) ۽ تنهنجون سوٽيون، پڦاٽيون، ماروٽيون ۽ ماساتيون جيڪي توسان گڏ هجرت ڪري آيون آهن سي به توکي حلال آهن ۽ اُها مؤمنياڻي به تنهنجي لاءِ حلال آهي جا پاڻ کي پاڻ (خوشيءِ سان) نبي (سڳوري) جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪڏهن نبي (سڳورو) ساڻس نڪاح ڪرڻ چاهي. اها (اجازت) خالص تنهنجي لاءِ آهي، نه ٻين مؤمنن لاءِ. اسان ڄاڻون ٿا ته ٻين مؤمنن لاءِ سندن زالن متعلق ۽ قيد ٿي آيل ٻانهين متعلق اسان ڪهڙآ حڪم ڏنا آهن. (اي پيغمبر توکي جو خاص اجازت ڏني ويئي آهي سا) هن ڪري ته توکي ڪا تڪليف (فرض ادائين ڪرڻ ۾) پيش نه اچي ۽ (ياد رک ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٥١) (اي پيغمبر! پنهنجي) انهن گهروارين مان جنهن متعلق تون چاهين تنهن جو وارو ٽاري ڇڏ ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي (انهيءَ جي بدران) پاڻ وٽ رهاءِ ۽ توتي ڪابه ميار نه رهندي، جيڪڏهن تون انهيءَ کي جنهن جو وارو ٽاري ڇڏيو هو ۽ تنهن کي پاڻ وٽ رهڻ جي طلب ڪرين. ممڪن آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن اکيون ٺرنديون (يعني کين خوشي ٿيندي) ۽ ڏک نه ٿيندن، ۽ جيڪي به تون هنن کي ڏيندين تنهن تي هو سڀ راضي رهنديون ۽ جيڪي به اوهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (۽ ان سان گڏ) بردبار به آهي. (يعني ننڍيون ننڍيون خطائون بخشي ٿو ڇڏي، بشرطيڪه اسان جي دل ۽ نيت چڱي آهي.) (٥٢) (اي پيغمبر!) هن کان پوءِ تنهنجي لاءِ ڪابه عورت (نڪاح لاءِ) حلال ناهي نڪي توکي جائز آهي ته انهن جي بدران (يعني انهن کي طلاق ڏيئي) ٻين سان نڪاح ڪرين اگرچه انهن ٻين جو حسن ۽ خوبيون توکي بهتر ڏسڻ ۾ اچن. پر جيڪڏهن ڪا ٻانهي تنهنجي حصي ۾ اچي ته پوءِ اها تنهنجي لاءِ جائز ٿي سگهندي ۽ الله تعاليٰ هر چيز تي نگهبان آهي.

رڪوع ٧ آيت 53-تا-58
حضرت جن ۽ سندن حرمن جي عزت
(٥٣) اي مؤمنو! توهان نبي سڳوري جي گهرن ۾ تيستائين نه گهڙو جيستائين اوهان کي (موڪل گهرڻ بعد) موڪل ڏني وڃي (اگرچه اوهان کي ماني جي دعوت ڏنل هجي) ائين نه ٿئي جو اڳ ئي اچي ماني تيار ٿيڻ تائين ترسي ويهي رهو، پر جڏهن توهان کي (اندر اچڻ لاءِ) سڏيو وڃي تڏهن ڀلي اندر وڃو، پوءِ جڏهن ماني کائي رهو تڏهن اٿي هليا وڃو ۽ ڳالهين ٻولهين جي مزيداريءَ لاءِ ويهي نه رهو. اها ڳالهه نبي سڳوري کي تڪليف ٿي ڏئي پر هو حياءَ کان توهان کي ڪجهه نٿو چوي. مگر الله تعاليٰ حق چوڻ کان حياءَ نٿو ڪري ۽ (اي مؤمنو) جڏهن به توهان حرمن مبارڪن کان ڪا شيءِ گهرو تڏهن پردي جي پٺيان بيهي گهرو. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دليون ۽ هنن جون دليون (خراب خيالن اچڻ کان) پاڪ رهنديون ۽ اوهان جي لاءِ مناسب ناهي ته توهان الله جي رسول کي (ڪنهن به قسم جي) تڪليف ڏيو. نڪي مناسب آهي ته توهان کانئس پوءِ سندس زالن سان ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اها ڳالهه الله تعاليٰ جي نظر ۾ وڏي خراب آهي. (٥٤) (اي مؤمنو حضرت جن ۽ سندس حرمن کي عزت ڏيڻ جي باري ۾) جيڪڏهن توهان ڪجهه ظاهر ڪيو يا (دلين ۾) لڪايو ته به يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ هرهڪ شيءِ (۽) هرهڪ ڳالهه جو علم رکي ٿو (کانئس ڪا ننڍڙي ڳالهه به ڳجهي نٿي رهي). (٥٥) انهن (حضرت جن جي حرمن مبارڪن) تي ڪو ڏوهه ڪونهي جيڪڏهن هو پنهنجي پيئرن، پٽن، ڀائرن، ڀائٽين، ڀاڻيجن، پنهنجي (يعني مؤمن) عورتن ۽ پنهنجي ٻانهن ۽ ٻانهين سان (بنا پردي جي ڳالهائين.) (اي امهات المؤمنين) الله تعاليٰ کان ڊڄنديون رهو (توهان تي وڏيون جوابداريون آهن، توهان کي خاص طرح ٻين عورتن کان وڌيڪ پرهيزگار رهڻو آهي ۽ ٻين لاءِ مثال ٿيڻو آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي (۽ اوهان جي پرهيزگاري ۽ پاڪائي جي ڪري اوهان کي ٻيڻو اجر ڏيندو). (٥٦) يقيناً الله تعاليٰ ۽ سندس فرشتا نبي سڳوري تي رحمتون موڪلين ٿا. سو اي مؤمنؤ! توهان به مٿس درود ۽ سلام موڪليو (۽ وڏي عزت سان کيس سلام ڪيو ۽ دل جي چاهه سان دعا گهرو ته الله تعاليٰ مٿس رحمت ڪري ۽ کيس سلامت رکي). (٥٧) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ناراض ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ هن دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت وجهي ڇڏي آهي، (يعني دنيا ۽ آخرت جي رحمتن ۽ نعمتن کان محروم رکيو آهي) ۽ هنن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (٥٨) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمنن کي ۽ مؤمنياڻين کي بنا سندن (گناهه يا ڏوهه) ڪرڻ جي (ناحق) ايذاءُ پهچائين ٿا ۽ تڪليفون ڏين ٿا سي وڏي بهتان ۽ چٽي پٽي گناهه جو بار پنهنجي سر تي کڻن ٿا.

رڪوع ٨ آيت 59-تا-68
مؤمن زالن لاءِ هدايت، منافقن، لوفرن ۽ باغي ماڻهن کي چتاءُ.
(٥٩) اي نبي پنهنجي زالن، ڌيئرن ۽ مؤمنن جي عورتن کي چئو ته (ٻاهر نڪرڻ وقت) پنهنجي چادرن سان ٻُڪر هڻن. اهڙيءَ طرح ڪنديون ته هو آسانيءَ سان سڃاتيون وينديون. (ته ڪي شريف مؤمنياڻيون آهن، پوءِ هنن سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي ويندي) ۽ کين ڪا تڪليف نه ڏني ويندي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٦٠) جيڪڏهن منافق (پنهنجي لچائين کان) ۽ (اهي لوفر بدمعاش) جن جي دلين ۾ روڳ آهي (سي پنهنجي فاحش طريقن کان) ۽ (اهي باغي فسادي ماڻهو) جيڪي مديني ۾ ڪوڙا افواهه اٿارين ٿا (سي پنهنجي بغاوت کان) باز نه ايندا ته اسان توکي هنن جي خلاف اڀارينداسين جو پوءِ هو شهر ۾ تنهنجي ويجهو ڪونه رهندا پر ڪو ٿورو وقت. (٦١) انهن تي لعنت هوندي ۽ جتي به هو ڏٺا ويندا اتي گرفتار ڪيا ويندا ۽ قتل ڪيا ويندا. (٦٢) جيڪي ماڻهو اڳي ٿي گذريا تن ۾ به الله تعاليٰ جو اهوئي قانون هو (ته اهڙن ماڻهن تي آخرڪار حق وارن جو تسلط ٿيو) توهان الله تعاليٰ جي قانون ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندؤ. (٦٣) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان قيامت جي گهڙيءَ بابت پڇن ٿا (ته ڪڏهن ايندي؟) تون کين چئو ته، ان جو علم فقط الله کي آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه توکي سمجهائيندي ته شايد قيامت جي گهڙي ويجهي آهي. (٦٤) (هي منڪر قيامت کي ڪونه ٿا مڃين، بيباڪ ٿي بدعمل ڪندا ٿا رهن سو) يقين آهي ته الله تعاليٰ ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ هنن جي لاءِ سخت ڄڀي ڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. (٦٥) (اهي) هميشه ان (باهه) ۾ رهندا. ۽ انهن کي ڪوبه بچائڻ وارو ۽ مددگار ڪونه لڀندو. (٦٦)انهيءَ ڏينهن هنن جا منهن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا. هو چوندا ته افسوس اسان جي حال تي. اسان الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪيون ها، ۽ رسول جي به فرمانبرداري ڪيون ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها). (٦٧) ۽ هو ائين به چوندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان سچ پچ پنهنجي سردارن ۽ وڏيرن جي چوڻ تي لڳاسين سو هنن اسان کي (سڌي) واٽ کان ڀڙڪائي گمراهه ڪري ڇڏيو. (٦٨) (سو) اي اسان جا پروردگار انهن (وڏيرن) کي ٻيڻو عذاب ڏي، ۽ اهڙي لعنت موڪل جا تمام وڏي ۽ سخت لعنت هجي.

رڪوع ٩ آيت 69-تا-73
الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. انسان امانت جو بار پاڻ کنيو آهي.
(٦٩) اي مؤمنو! انهن (يهودين) وانگر نه ٿيو جن حضرت موسيٰ کي تڪليفون ڏنيون (يعني نافرمانيون به ڪيون ۽ اجايون تهمتون به رکيون) پوءِ جيڪي جيڪي انهن (يهودين حضرت موسيٰ جي خلاف) چيو هو تن (تهمتن) کان الله تعاليٰ هن کي بي ميار ثابت ڪيو ۽ هو الله جي
نظر ۾ وڏي شان وارو هو. (٧٠) اي مؤمنو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا ڳالهه چئو سا سڌي سنئين ۽ پختي هجي (۽ حق ڏي وٺي ويندڙ هجي ۽ سچي). (٧١) (ائين ڪندؤ ته) هو اوهان جا عمل اوهان جي لاءِ سنواريندو ۽ درست ڪندو ۽ اوهان جون (اڳوڻيون) خطائون معاف ڪري ڇڏيندو، ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو تنهن عظيم الشان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (٧٢) اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي (اسان جي) امانت کڻڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن انهيءَ امانت جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان بار کڻڻ کان ڊڄي ويا (ته متان امانت جي پورائي نه ڪري سگهون ۽ خدا جي عذاب هيٺ اچون) پر انسان اهو امانت جو بار پنهنجي سر تي کنيو. هو بيشڪ بي انصاف ۽ جاهل آهي. (٧٣) نتيجو هيءُ ٿيو جو (ڪي ماڻهو منافق ۽ مشرڪ ٿي پيا سو) الله تعاليٰ منافقن مردن ۽ عورتن کي ۽ مشرڪن مردن ۽ عورتن کي عذاب ڏيندو ۽ الله تعاليٰ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين ڏي (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.