سورت الحج
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-10
جيڪي ماڻهو بعث بعد الموت کان انڪار ٿا ڪن ۽ بي سود جهڳڙا ٿا ڪن، تن کي نه علم آهي نه ڪو دليل آهي.
(١) اي انسانؤ! پنهجي پروردگار (جي عذاب) کان ڊڄو. يقين رکو ته اچڻ واري گهڙيءَ جو زلزلو هڪڙو وڏو سخت واقعو ٿيندو. (٢) جنهن ڏينهن اها گهڙي اوهان جي اڳيان اچي ويندي تنهن ڏينهن (ڪنهن کي به ڪنهن جي به خبر ڪانه رهندي) ٿڃ پياريندڙ عورتون پنهنجي ٿڃ پيئندڙ ٻچڙن کي به وساري ڇڏينديون. سڀئي حامله (وقت کان اڳي) پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. ماڻهن کي اوهان اهڙي حال ۾ ڏسندؤ جو ڄڻ ته سچ پچ متوالا ۽ پاڳل بڻجي ويا آهن، هو متوالا يا ديوانا ڪونه هوندا، پر الله جي عذاب جي خوفناڪي وڏي خوفناڪ آهي (جا هنن کي ديوانن وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندي.) (٣) ۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جو الله جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪن اگرچه هنن وٽ علم به ڪونهي، اهي ماڻهو هرهڪ سرڪش شيطان پٺيان لڳي ٿا پون (۽ سندس تابعداري ٿا ڪن) (٤) شيطان متعلق هيءَ ڳالهه (خدا وٽ) لکجي ويئي آهي ته جيڪو به سندس رفيق ٿيندو تنهن کي هو ضرور گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جهنم جي عذاب تائين پهچائي ڇڏيندو. (٥) اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي هن باري ۾ شڪ آهي ته ماڻهو (ٻيهر) جيئرو ٿي اٿندو ته (هن ڳالهه تي غور ڪيو) اسان توهان کي (ڇا مون) پيدا ڪيو؟ مٽيءَ مان. پوءِ (توهان جي ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ جو سلسلو ڪهڙيءَ طرح جاري رهيو؟) هن طرح جو پهريائين نطفو ٿو ٿئي. پوءِ علقه (يعني ڄميل رت جو ٽڪرو، ماءُ جي پيٽ ۾) بنجي ٿو پوي. پوءِ وري ڪجهه شڪل وارو ۽ ڪجهه بي شڪل گوشت جو ٽڪرو ٿي ٿو پوي، ۽ اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو ته توهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جا ڪارناما) چٽا ۽ ظاهر ڪري ڇڏيون. پوءِ ڏسو ته، جنهن نطفي متعلق اسان چاهيون ٿا ته (ٻار جي صورت وٺي) تنهن کي عورت جي رحم (يعني ڳهڻ) ۾ هڪ مقرر وقت تائين قرار ڏيون ٿا. پوءِ (جڏهن نطفو سڀني مقرر حالتن مان لنگهي ٿو تڏهن) ٻاراڻي حالت ۾ اوهان کي ٻاهر ڪڍون ٿا. پوءِ توهان کي (هڪ ٻئي پٺيان) اهڙين حالتن ۾ آڻيون ٿا جو (آخر) پنهنجي جوانيءَ جي عمر کي پهچي ٿا وڃو. پوءِ توهان ۾ ڪو ته اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ کان اڳي ئي) مري ٿو وڃي. ۽ ڪو وري اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ تائين پهچي ٿو ۽) عمر جي نڪمي ۽ ضعيف حالت ڏانهن موٽائي آندو ٿو وڃي (جيئن ٻاراڻي حالت ۾ هو) تان جو علم ۽ عقل وارو درجو حاصل ڪري وري بي سمجهيءَ جي حالت ۾ پئجي ٿو وڃي. ۽ (اوڀڙن جو مثال وٺو) توهان ڏسو ٿا ته زمين سڪي ٺوٺ ٿيل آهي. پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تڏهن جهٽ پٽ لڏڻ ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ هر قسم جا اوڀڙ (گاهه ٻوٽا پوکون وغيره) ڄمي اڀري سهڻو نظارو ڏيکارين ٿا. (٦) اهو سڀ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله جي هستي هڪ حقيقت آهي ۽ هو بيشڪ مُردن کي زنده ڪري ٿو ڇڏي، ۽ هو هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي قدرت رکي ٿو (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.) (٧) ۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته مقرر گهڙي اچڻي آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ضرور انهن کي اٿاري کڙو ڪندو، جيڪي قبرن ۾ آهن، (يعني جيڪي مري ويا آهن، سي وري مقرر وقت تي جيئرا ڪيا ويندا، جيئن مينهن پوڻ تي اوڀڙ مقرر وقت تي اڀري نڪرندا آهن). (٨) ۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نڪو آهي علم، نڪا اٿن رهنمائي ۽ نڪي ڪو روشن ڪتاب، تنهن هوندي به الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن. (٩) ۽ هٺ وڏائي سان جهڳڙا ٿا ڪن، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي الله جي راهه کان هٽائي گمراهه ڪري ڇڏين. اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به خواري خرابي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن به اسان کين باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسين. (١٠) (هر هڪ کي چيو ويندو ته) هي (عذاب) انهيءَ جو نتيجو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي هٿن سان اڳيئي مهيا ڪري رکيو هو. ۽ الله تعاليٰ ته پنهنجي بندن لاءِ ڪڏهن به ظالم ٿي نٿو سگهي.
رڪوع ٢ آيت 11-تا-22
ڪي ماڻهو مصيبت يا تڪليف اچڻ تي مايوس ٿي خدا کي ڇڏي ٿا ڏين. ايمان، اميد ۽ نيڪ عملي مؤمنن جي راهه آهي، انڪار، مايوسي ۽ بدعملي منڪرن جي راهه آهي.
(١١) ۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل جي ڄمائي سان نٿا ڪن جيڪڏهن هنن کي ڪو فائدو ٿو پهچي ته دل کي آرام اچين ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن (تڪليف جي) آزمائش ۾ پون ٿا ته پٺي ڏئي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏي موٽي پون ٿا. هو دنيا ۾ به نامراد ٿين ٿا ۽ آخرت ۾ به. ۽ اهائي ظاهر ظهور نامرادي آهي. (١٢) هو الله کي ڇڏي انهن شين کي (پنهنجي حاجت روائيءَ لاءِ) سڏين ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نڪي فائدو. اهائي گمراهي آهي جا سڀني کان وڌيڪ اونهي گمراهي آهي. (١٣) اهي اهڙي هستيءَ کي سڏين ٿا جنهن جي نفع کان زياده ان جو نقصان وڌيڪ ويجهو آهي. (نفعو جيڪڏهن کڻي ڏسڻ ۾ به اچي ته به اهو وهمي آهي نه سچو نفعو). بيشڪ بڇڙو آهي (اهڙو) دوست ۽ بڇڙو آهي (اهڙو) ساٿاري. (١٤) جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ٿا ڪن تن کي ضرور الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ پهچائي ڇڏيندو جن جي تَري ۾ نهرون وهي رهيون هونديون. الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (هو مالڪ ۽ مختار آهي) (١٥) جيڪو ماڻهو (نااميد ٿي) اهو خيال ٿو ڪري ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد ڪونه ڪندو، (تنهن لاءِ زندگيءَ جي ڪابه راهه باقي نه رهي) کيس گهرجي ته هڪ رسي ڇت تائين کڻي ان کي ڇت سان ٻڌي ڇڏي ۽ (ان ۾ گردن اٽڪائي زمين کان پنهنجو) لاڳاپو ڇني ڇڏي (يعني ڦاهو کائي مري) پوءِ ڏسي ته انهيءَ تدبير سان سندس غم ۽ غصو دور ٿئي ٿو يا نه! (١٦) ۽ ڏسو اهڙيءَ طرح اسان هي ڪلام روشن دليلن جي شڪل ۾ نازل ڪيو ۽ هن لاءِ نازل ڪيو جو الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو. (١٧) جن ماڻهن ايمان آندو آهي، (يعني مسلمان آهن) جي يهودي آهن، صابي آهن، نصاريٰ آهن، مجوسي آهن يا مشرڪ آهن، تن سڀني جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فيصلو ڪري ڇڏيندو (۽ انهن جي عملن جي حقيقت ظاهر ٿي پوندي) ان کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي. (١٨) ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪو به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين ۾ آهي، ۽ پڻ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ، چوپايا جانور سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ جهڪيل آهن، (يعني الله تعاليٰ جيڪا سندن فطرت ڪئي آهي، تنهن موجب عمل ڪري رهيا آهن) ۽ ڪيترائي انسان به (فطرت جي قانون تي رهلي رهيا آهن پر افسوس جو) گهڻائي انسان اهڙا به آهن جن تي عذاب جي حقداري (يا لائقيت) ثابت ٿي چڪي آهي (ڇو ته هنن جا عمل فطرت، عقل ۽ وحي جي خلاف آهن) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي به الله تعاليٰ ذلت ۽ خواريءَ ۾ وجهي تنهن لاءِ ڪوبه ڪونهي جو کيس عزت ڏيڻ وارو هجي. اهو الله جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو ڇڏي. (١٩) (ڏسو) اهي ٻه مخالف (فرقا) آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي باري ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ ڳالهيون ٻڌائين ٿا، انهن مان جيڪي ڪفر جي واٽ وٺن ٿا تن جي لاءِ باهه جا ڪپڙا ماپي ڪتري تيار ڪيا ويندا، ۽ انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو ويندو. (٢٠) ان (جي ساڙيندڙ گرميءَ) کان جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي سو کامڻ ۽ جلڻ لڳندو ۽ سندن چمڙيون به جلڻ لڳنديون. (٢١) ۽ پڻ هنن کي روڪي جهلڻ لاءِ لوهه جا گرز هوندا. (٢٢) جڏهن جڏهن (عذاب جي) ايذاءَ کان بي قرار ٿي ٻاهر نڪرڻ چاهيندا تڏهن انهن (گرزن) سان انهيءَ ئي (عذاب) ۾ کين موٽايو ويندو ۽ (کين چيو ويندو ته هاڻي ڇو ٿا نڪرو؟) ساڙيندڙ عذاب جو مزو ته چکو.
رڪوع ٣ آيت 23-تا-25
ڪعبت الله سڀني انسانن لاءِ آهي. ان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندڙ گرفت ۾ ايندا.
(٢٣) (پر) جيڪو فرقو ايمان ٿو آڻي ۽ عمل به صالح ٿو ڪري تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندو جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، انهن کي اتي (باهه جي ڪپڙن بدران) سون جا ڪنگڻ ۽ موتين جا هار پارايا ويندا، ۽ انهن جو لباس اتي ريشمي هوندو. (٢٤) انهن کي ڳالهين مان اهڙي ڳالهه جي رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ملي جا نهايت ئي پاڪيزه آهي ۽ کين راهن مان انهيءَ راهه تي هلايو ويو جنهن جي ساراهه ڪئي ويئي آهي. (٢٥) يقيناً جن (مڪي جي) ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ پڻ مسجد الحرام کان (يعني ڪعبت الله کان روڪين ٿا) جو اسان سڀني انسانن لاءِ (عبادتگاهه) ٺهرايو آهي، پوءِ اهي اتي جا رهاڪو هجن توڙي ٻاهران ايندڙ هجن ٻئي برابر آهن، (سو انهن ڪافرن کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان انهن کي ۽ هر انهيءَ ماڻهو کي) جيڪو ان ۾ ظلم طور حق کان ڦري وڃڻ جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب جو مزو چکائينداسين.
رڪوع ٤ آيت 26-تا-33
ڪعبت الله ۽ حج جو ذڪر
(٢٦) ۽ ڏسو اسان حضرت ابراهيم جي لاءِ ڪعبي واري جاءِ مقرر ڪري ڇڏي (۽ حڪم ڏنو) ته ڪنهن ٻي شيءِ کي مون سان شريڪ نه ڪر، ۽ منهنجو هيءِ گهر انهن ماڻهن لاءِ پاڪ رک جيڪي طواف ڪندڙ هجن، عبادت ۾ سرگرم رهندڙ هجن، ۽ رڪوع ۽ سجدي ۾ جهڪندڙ هجن. (٢٧) ۽ (پڻ اسان کيس حڪم ڏنو هو ته) ماڻهن ۾ حج جو اعلان (پڙهو) ڏيئي ڇڏ. ماڻهو توڏانهن دنيا جي پري پري وارين واٽن (۽ ملڪن) کان ايندا رهندا، ڪي پيادا ته ڪي قسم قسم جي سوارين تي ايندا جيڪي (اٺ گهوڙي وغيره سفر جي تڪليف کان) ٿڪل هوندا. (٢٨) اهي هن لاءِ ايندا ته پنهنجي فائدن وٺڻ واري جاءِ تي اهي حاضر ٿين، ۽ اسان جيڪي پاليل جانور هنن کي رزق طور ڏنا آهن، تن جي قرباني ڪري مقرر ڏينهن ۾ الله جو نالو وٺن. پوءِ قربانيءَ جو گوشت پاڻ به کائو ۽ بکايل فقيرن کي به کارايو. (٢٩) پوءِ اهي ماڻهو (يعني حاجي) قرباني ڪرڻ بعد پنهنجي جسم ۽ لباس جي ميرائي لاهي ڇڏين. (يعني احرام لاهي ڇڏين) پڻ پنهنجا نذر پورا ڪن ۽ هن قديم گهر (يعني ڪعبت الله) جي چوڌاري طواف ڪن. (٣٠) سو ڏسو (حج جي) ڳالهه ائين ٿي ۽ جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهريل پاڪ رسمن جي عزت ٿو ڪري تنهن جي لاءِ سندس پروردگار وٽ وڏي چڱائي آهي. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رکو ته) انهن جانورن کان سواءِ جن جي حرام هئڻ جو حڪم قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي، سڀ چوپايا جانور اوهان جي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن. پوءِ توهان کي گهرجي ته بتن جي ناپاڪائيءَ کان پاڻ کي بچايو ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پري رهو. (٣١) فقط الله ئي جي لاءِ ٿي رهو. ساڻس ڪنهن به ٻي هستيءَ کي شريڪ نه ڪيو. جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو تنهن جو حال اهڙو سمجهو جو ڄڻ ته ڪو مٿانهينءَ کان اوچتو هيٺ ڪري پيو. پوءِ (جيڪا به شيءِ اهڙيءَ طرح ڪري پوندي تنهن کي يا ته) ڪو پکي (سرڻ وانگر) جهٽڪو ڏيئي کڻي ويندو يا ته هوا جو جهوٽو کيس اڏائي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ اڇلائي ڦٽو ڪندو. (٣٢) اها آهي (حقيقت). پوءِ ياد رکو ته جنهن به الله جي نشانين جي عظمت (شان ۽ وڏائي) مڃي تنهن اهڙي ڳالهه مڃي جا حقيقت ۾ دلين جي پرهيزگاريءَ جي ڳالهين منجهان (هڪڙي ڳالهه) آهي. (٣٣) انهن (چوپاين جانورن) ۾ هڪ مقرر وقت تائين توهان جي لاءِ (قسم قسم جا) فائدا آهن. پوءِ (انهن کي هن) قديم گهر تائين پهچائي انهن جي قرباني ڪرڻ آهي.
رڪوع ٥ آيت 34-تا-38
حج ۽ قرباني متعلق ڪي وڌيڪ ڳالهيون.
(٣٤) ۽ (ڏسو) هرهڪ امت جي لاءِ اسان عبادت جو ڪوئي نه ڪوئي طريقو مقرر ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ته انهن پاليل جانورن کي جي اسان رزق طور (کين) ڏنا آهن، ذبح ڪن ته الله جو نالو وٺن. پوءِ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود اهوئي هڪڙو يگانو معبود آهي، ۽ (جيئن ته ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته) فقط انهيءَ ئي جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائي رکو. ۽ (اي پيغمبر!) نماڻائي ۽ نيازمندي رکندڙ ٻانهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏ. (٣٥) انهن (حق جي نيازمندن) کي (به خوشخبري ڏيئي ڇڏ) جن وٽ جيڪڏهن الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته انهن جون دليون ڏڪي ٿيون وڃن. جيڪي هر قسم جي مصيبتن ۾ صبر ڪندڙ آهن، جيڪي نماز درست ڪري پڙهڻ ۾ ڪوشش ڪندڙ آهن، ۽ جيڪي انهيءَ رزق مان جو الله تعاليٰ کين ڏنو آهي، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندا ٿا رهن. (٣٦) ۽ (ڏسو، قربانيءَ جي انهن) اٺن کي (جن کي پري پري کان حج جي موقعي تي نيو وڃي ٿو) اسان انهن شين ۾ شمار ڪيو آهي، جي اوهان جي لاءِ الله جي (عبادت جي) نشانين مان آهن. انهن ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي. تنهن ڪري اوهان کي گهرجي ته انهن کي قطارن ۾ بيهاري ذبح ڪرڻ وقت الله جو نالو ياد ڪريو. پوءِ جڏهن هو ڪنهن به پاسي ته ڪري پون (يعني ڪسجي وڃن) تڏهن انهن جي گوشت مان پاڻ به کائو ۽ فقيرن ۽ زيارت ڪندڙ (حاجين) کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي توهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، ته توهان (الله تعاليٰ جي نعمتن جا) شڪرگذار رهو. (٣٧) ياد رکو ته، الله تعاليٰ وٽ انهن قربانين جو نڪي گوشت ٿو پهچي ۽ نڪي رت. سندس حضور ۾ جيڪي پهچي ٿو سگهي سو آهي فقط اوهان جي تقويٰ. (يعني اوهان جي دل جي نيڪي) انهن جانورن کي الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح اوهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته الله جي هدايت ۽ رهنمائي تي شڪرگذاري ڪيو ۽ سندس نالي جي وڏائي جو آواز بلند ڪيو ۽ نيڪ عملن ڪندڙن جي لاءِ (خدا وٽ قبوليت جي وڏي) خوشخبري آهي. (٣٨) جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کي يقيناً الله تعاليٰ (ظالمن جي ظلم ۽ سختين کان) بچائي ٿو. هن ۾ ذرو به شڪ ناهي ته الله تعاليٰ امانت ۾ خيانت ڪندڙن کي، جيڪي خدا جي نعمتن جا بي شڪر آهن، ڪڏهن به پسند نٿو ڪري.
رڪوع ٦ آيت 39-تا-48
جنگ جي اجازت، جهاد جو فلسفو. اسلامي حڪومت جا مقصد.
(٣٩) جن (مؤمنن) جي خلاف ظالمن جنگ جاري رکي آهي تن کي به هاڻي (ساڻن) جنگ ڪرڻ جي رخصت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته هنن تي سراسر ظلم ڪيو ٿو وڃي. ۽ الله تعاليٰ بيشڪ هنن (مؤمنن) جي مدد ڪرڻ جي قدرت ۽ طاقت رکي ٿو. (٤٠) هي (مؤمن) اهي مظلوم آهن، جيڪي ناحق پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا آهن. (هنن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو) هو ته فقط چوندا ۽ مڃيندا هئا ته اسان جو پروردگار الله آهي. ۽ ڏسو جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪن (نيڪ) ماڻهن جي هٿان ڪن (ظالمن) کي نه روڪيندو رهي ها (۽ هڪ ٽولي کي ٻئي ٽولي تي ظلم ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏئي ها) ته ڪنهن به قوم جا عبادتگاهه زمين تي سلامت نه رهن ها، نڪي (عيسائين ۽ يهودين جون) خانقاهون ۽ ديوليون نڪي ٻين جا عبادتگاهه ۽ مسجدون، جن (سڀني) ۾ الله تعاليٰ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهي سڀ گهڻو اڳي ڊاٺيون وڃن ها. (ياد رکو ته) جيڪو به الله (جي سچائيءَ) جي حمايت ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ به ضرور مدد ڪندو. انهيءَ ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي ته هو يقيناً سڀ ڪا قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي. (٤١) اِهي (مظلوم مسلمان) اُهي آهن جن کي جيڪڏهن اسان زمين ۾ (يعني ملڪ ۾) طاقتور ڪنداسين (يعني سندن حڪومت ٿيندي) ته هو نماز (جو نظام) قائم ڪندا. زڪوات جو انتظام رکندا، نيڪين جو حڪم ڏيندا ۽ برائين کان روڪيندا، ۽ (ياد رکو ته) سڀني ڳالهين جي پچاڙي ۽ نتيجو الله تعاليٰ جي ئي هٿ ۾ آهي. (٤٢) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي (منڪر) توکي ڪوڙو ٺهرائي تنهنجي ڳالهه نٿا مڃن ته (اهو انڪار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) هن کان اڳي به گهڻين ئي قومن پنهنجي پنهنجي وقتن جي رسولن کي ڪوڙو سمجهي نه مڃيو هو، جهڙوڪ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم. (٤٣) ابراهيم جي قوم، لوط جي قوم. (٤٤) ۽ مدين جا ماڻهو- ۽ حضرت موسيٰ کي به ڪوڙو ٺهرايو ويو (اگرچه خود سندس قوم يعني بني اسرائيل کيس ڪوڙو ڪونه ٺهرايو پر فرعون ۽ سندس ماڻهن کيس نه مڃيو) ۽ اسان (هميشه هيئن ڪيو جو) پهريائين منڪرن کي (ڪجهه مدت تائين) مهلت ڏني، پوءِ پڪڙ ڪئي. سو ڏسو ته اسان جو ناراضپو هنن جي لاءِ ڪهڙو نه سخت ٿيو (۽ هو سخت عذابن ۾ مبتلا ٿيا ۽ آخر تباهه ٿيا). (٤٥) پوءِ (ڏسو ته) ڪيتريون ئي بستيون جي ظلم ڪندڙ هيون تن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو. اهي اهڙيون ته خراب ٿيون جو پنهنجي ڇتين ڀر ڪري ڍير ٿي پيون. تلاءَ ۽ کوهه بيڪار رهجي ويا، ۽ اونچيون محلاتون کنڊر بنجي پيون. (٤٦) پوءِ اهي ماڻهو ملڪن ۾ ڪونه ٿا گهمن ڦرن ڇا جو (اهي کنڊر ڏسي) عبرت وٺن؟ هنن کي دل ۽ دماغ هجي ته جيڪر سمجهن (۽ نصيحت وٺن)، هنن کي ڪن هجن ته جيڪر ٻڌن (۽ سمجهن). پر حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪو انڌو ٿو ٿئي ته اکيون ڪونه ٿيون انڌيون ٿين، پر دليون انڌيون ٿي ٿيون پون، جي سينن جي اندر لڪل آهن. (٤٧) ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو عذاب جي گهر ڪرڻ ۾ توسان تڪڙ لائي ٿا ڏين (يعني چون ٿا ته جيڪڏهن سچ پچ اسان تي عذاب اچڻو آهي ته ڇو نٿو اچي؟ تون کين چئو ته) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ پنهنجو واعدو ضرور پورو ڪندو) پر تنهنجي پروردگار وٽ هڪ ڏينهن ايڏو آهي جيڏو اوهان جي شمار ۾ هڪ هزار سال. (٤٨) ۽ ڪيترويون ئي بستيون هيون جي ظالم هيون ۽ جن کي اسان (شروعات ۾) ڍر ڏيئي ڇڏي ڏنو. پر پوءِ نيٺ انهن کي پڪڙ ڪئي سون ۽ آخر ته سڀني کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي.
رڪوع ٧ آيت 49-تا-57
جيڪي ايمان آڻيندا ۽ صالح عمل ڪندا، تن کي عزت جي روزي ملندي.
(٤٩) (اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته اي انسانو! مان ته فقط (انڪار ۽ شرارت جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهيان ۽ چٽيءَ طرح خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان. (٥٠) پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ نيڪ عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي آهي. (٥١) (پر) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين جي خلاف مقابلو ڪري ڪامياب ٿيڻ ٿا چاهين سي دوزخي آهن، (انهن جي لاءِ هر طرح جي ڪاميابين ۽ سعادتن کان محرومي آهي.) (٥٢) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي جيترا به رسول ۽ نبي موڪليا تن سڀني سان هي معاملو ضرور پيش آيو، جو هنن جيئن ئي (اصلاح ۽ سعادت جي) خواهش ڪئي تيئن ئي شيطان هنن جي خواهشن ۾ ڪا نه ڪا فتني جي ڳالهه وجهي ڇڏي. ۽ پوءِ الله تعاليٰ شيطان جي وسوسن وجهڻ وارين ڳالهين جو اثر ميٽي ڇڏيو. ۽ پنهنجي نشانين کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٥٣) انهيءَ ۾ (هڪ وڏي) مصلحت هيءَ هوندي آهي ته شيطان جا وسوسا انهن ماڻهن لاءِ آزمائش ٿين ٿا جن جون دليون روڳي آهن ۽ (سچائي جي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ کان) سخت ٿي ويون آهن. ۽ بيشڪ ظالم وڏي اونهي مخالفت ۾ پئجي ويا آهن. (٥٤) پڻ ان ۾ هي مصلحت به هوندي آهي ته (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي علم مليو آهي، سي ڄاڻي وٺن ته اهو معاملو في الحقيقت الله جي طرف کان آهي. اهڙيءَ طرح هو ان تي ايمان آڻين ۽ سندن دلين ۾ نماڻائي ۽ نياز پيدا ٿئي. يقيناً الله تعاليٰ ايمان وارن کي (سعادت واري) سڌي واٽ وٺائڻ وارو آهي. (٥٥) (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي هن باري ۾ شڪ آڻيندا رهندا تان جو (فيصلي واري) گهڙي اوچتو اچي مٿن ڪڙڪندي يا ڪنهن منحوس ڏينهن جو عذاب ظهور ۾ اچي ويندو. (٥٦) انهيءَ ڏينهن بادشاهي فقط الله جي هوندي. هو انهن سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ چڱا عمل ڪيا هوندا تن جي لاءِ خوشين ۽ نعمتن وارا باغ هوندا. (٥٧) پر جن ماڻهن انڪار ڪيو هوندو، ۽ اسانجون نشانيون ڪوڙيون سمجهيون هونديون تن جي لاءَ خوار خراب ڪندڙ عذاب هوندو.
رڪوع ٨ آيت 58-تا-64
ظلم ڪندڙن سان ويڙهه ڪرڻ وارن کي الله تعاليٰ جي مدد ملندي ۽ حالتن بدلبيون
(٥٨) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ هجرت ٿا ڪن ۽ پوءِ لڙائيءَ ۾ قتل ٿا ٿين يا پنهنجي موت مري ٿا وڃن، تن کي الله تعاليٰ ضرور (آخرت ۾) بهترين روزي ڏيندو، ۽ بيشڪ الله ئي آهي جو سڀني کان بهتر روزي بخشيندڙ آهي. (٥٩) هو ضرور کين اهڙيءَ جاءِ تي پهچائيندو، جنهن ۾ هو خوش ۽ راضي رهندا. يقيناً هو (سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ پنهنجي ڪمن ۾) وڏو بردبار آهي. (٦٠) (بهرحال) حقيقت اها آهي، پوءِ جيڪو به زيادتي (۽ اڳرائي) نٿو ڪري، بلڪ جيتري سختي ان سان ڪئي ويئي آهي، ٺيڪ ٺيڪ اوتري ان جي عيوض ۾ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ وري دشمن وڌيڪ زيادتي ڪرڻ لاءِ حملو ٿو ڪري ته پوءِ ضروري آهي ته الله مظلوم جي مدد ڪري. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. (٦١) ۽ اها (صورت حال) هن ڪري ٿي ٿئي جو الله رات کي ڏينهن جي اندر ظاهر ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات جي اندر (يعني حالتن جي بدلجڻ جو قانون جاري آهي) ۽ پڻ هن ڪري جو الله تعاليٰ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (٦٢) پڻ هن ڪري به جو فقط الله ئي حق آهي ۽ جن هستين کي کانئس سواءِ پڪارين ٿا سي باطل آهن، ۽ وري هن ڪري به ته الله تعاليٰ جي هستي بلند مرتبي واري ۽ وڏي شان واري آهي. (٦٣) ڇا توهان هي (نظارو) نه ڏٺو آهي جو الله تعاليٰ آسمان مان مينهن وسائي ٿو ۽ (سڪل) زمين سرسبز ٿي وڃي ٿي. يقين رکو ته الله تعاليٰ وڏو لطف ڪندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي. (٦٤) آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ سندس ئي آهي ۽ بيشڪ هو بي نياز بي پرواهه (بادشاهه) آهي، ۽ سڀني سهڻين ساراهن جو لائق آهي.
رڪوع ٩ آيت 65-تا-72
اصل دين سڀني جو هڪ آهي، جيڪو آهي خدا پرستي.
(٦٥) تو هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا؟ ته ڪهڙيءَ طرح الله تعاليٰ زمين جون سڀ شيون اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيون آهن. (يعني ڪم اچڻ لاءِ تابع ڪري ڏنيون آهن) جهاز کي ڏسو، ڪيئن نه سندس حڪم سان سمنڊ ۾ ترندو هليو وڃي ٿو. وري ڪهڙيءَ طرح هن آسمان کي (يعني سيارن تارن وغيره کي) روڪي جهليو آهي، جو زمين تي ڪونه ٿا ڪرن. جيڪڏهن ڪرندا ته سندس ئي حڪم سان ڪرندا. بيشڪ الله تعاليٰ انسان جي لاءِ ڏاڍو شفيق (مهربان) ۽ وڏي رحمت وارو آهي. (٦٦) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زندگي ڏني. ۽ وري موت ڏئي ٿو ۽ وري (ٻيهر) جيئاري اٿاريندو. بيشڪ انسان وڏو بي شڪر آهي. (٦٧) (اي پيغمبر!) اسان هرهڪ امت جي لاءِ (عبادت جو) هڪڙو طريقو ٺهرايو آهي، جنهن تي اها امت عمل ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ماڻهن کي هن معاملي ۾ (يعني اسلام جي عبادت جي طريقن بابت) توسان جهڳڙي ڪرڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي. تون ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي طرف سڏ (ڇو ته اصل دين آهي به خدا پرستي) يقيناً تون هدايت جي سڌي رستي تي هلندڙ آهين. (٦٨) جيڪڏهن (انهيءَ هوندي به) ماڻهو توسان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئي ڏي ته الله تعاليٰ توهان جا عمل خوب ڄاڻي ٿو. (٦٩) توهان جن ڳالهين بابت هڪ ٻئي سان اختلاف ڪري رهيا آهيو، تن بابت قيامت جي ڏينهن هو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري حقيقت کي بلڪل ظاهر ڪري ڇڏيندو. (٧٠) (اي پيغمبر!) تو کي خبر ناهي ڇا ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي اهي سڀ ڳالهيون ڪتاب ۾ لکيل آهن. ائين ڪرڻ الله جي لاءِ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. (٧١) ۽ هي ماڻهو الله کي ڇڏي انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن جن متعلق نڪي هن ڪا سند نازل ڪئي آهي، نڪي هنن وٽ ڪا علم جي روشني آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن کي مدد جو ڪوبه سهارو نٿو ملي سگهي. (٧٢) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي اسان جون روشن آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن جن ماڻهن جي دلين ۾ ڪفر (ويهي ويو) آهي، تن جي منهن تي ناپسندي ڏسي توهان سندن انڪار ۽ نفرت جهٽ سهي ڪري سڃاڻي سگهو ٿا. ائين پيو ڏسجي ته ناراضگيءَ ۾ کامي ٽهڪي هو (آيتن) پڙهڻ وارن تي حملو ڪري ڏيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته، اوهان کي انهيءَ (اندر جي باهه) کان به وڌيڪ خراب حالت جي خبر ٻڌائي ڇڏيان؟ اها آهي ساڙيندڙ باهه (جا اڳتي هلي اوهان کي ساڙيندي) جنهن بابت الله تعاليٰ منڪرن جي لاءِ واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٽڪاڻو يا منزل ڪهڙي نه خراب ٿيندي!
رڪوع ١٠ آيت 73-تا-78
انسانن جي لاءِ بي بها نصيحتون
(٧٣) اي انسانو! اوهان کي هڪڙو مثال ٻڌايو وڃي ٿو. غور سان ٻڌو. الله کان سواءِ جن (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي توهان سڏيو ٿا تن ته هڪ مک به ڪڏهن پيدا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن توهان جا هي سڀ معبود گڏجي زور لڳائين تڏهن به پيدا ڪري نه سگهندا ۽ جيڪڏهن هڪڙي مک انهن کان ڪجهه کسي کڻي وڃي ته هنن ۾ اها به طاقت ڪانهي جو ان کان ڇڏائي وٺن. (ظاهر آهي ته اهي) طلبگار (يعني مشرڪ ۽ بت پرست جيڪي ڪوڙن معبودن جي طلب ٿا رکن) به ضعيف آهن ته (سندن) مطلوب به ضعيف آهن. (يعني پوڄا ڪندڙ به جڏا ۽ محتاج آهن ته سندن معبود به جڏا ۽ عاجز آهن.) (٧٤) الله تعاليٰ جي بلند مرتبي جي جيڪا عزت ڪرڻ گهرجي سا اهي (مشرڪ بت پرست) نه ڪري سگهيا. هو ته هر طرح جي قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي. (٧٥) الله تعاليٰ فرشتن مان ڪن کي پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي پسند ٿو ڪري. ۽ ساڳيءَ طرح ڪن انسانن کي به (پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي کڻي ٿو جن کي رسول يا پيغمبر ڪوٺجي ٿو) بيشڪ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (٧٦) هو ڄاڻي ٿو جيڪي به هنن کي (اڳتي هلي) پيش اچڻو آهي، ۽ جيڪي به هنن سان اڳي ٿي گذريو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي آخري ڏوري سندس ئي هٿ ۾ آهي. (٧٧) مؤمنؤ! رڪوع ۾ جهڪو، سجدي ۾ ڪري ڪري پئو، پنهنجي پروردگار جي ٻانهپ ڪيو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪيو. عجب ناهي ته ائين ڪرڻ سان اوهان ڪامياب ۽ بامراد ٿيندؤ (يعني دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪندؤ). (٧٨) ۽ الله جي راهه ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايو. ان جي راهه ۾ بي انتها ڪوشش ڪرڻ جو جيڪو حق آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻيو. الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي وڏي فضيلت لاءِ چونڊي کنيو آهي، ۽ توهان جي لاءِ دين ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي (يا تڪليف) ڪانه رکي اٿس. توهان کي اهوئي (سنئو سڌو) طريقو ڏسيو ويو آهي، جو توهان جي پيءُ حضرت ابراهيم جو هو. الله تعاليٰ توهان جو نالو مسلم رکيو آهي. اڳوڻن زمانن ۾ به ۽ (قرآن) ۾ به ۽ اهو هن لاءِ ڪيائين ته رسول(ﷺ) اوهان جي لاءِ (حق جو) شاهد ٿئي (يعني حق سيکاري) ۽ توهان وري سڀني انسانن جي لاءِ (حق سيکاريندڙ ٿيو). تنهن ڪري توهان نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ زڪوات جو بندوبست رکو. الله جو سهارو مضبوط جهليو. اهوئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ جنهن جو ڪارساز الله ٿيو، تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار!