مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الدُخَانِ (دونهون يا ڪوهيڙو )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-29
حق جي قبوليت لاءِ ترغيبون
(١) حا – ميم (٢) غور ڪيو هن ڪتاب (قرآن مجيد) تي جو (سڀني حقيقتن کي) چٽو ڪندڙ آهي. (٣) اسان يقيناً ان کي برڪت واري رات ۾ نازل ڪيو، ۽ يقيناً اسان (ماڻهن کي مصيبتن کان بچڻ لاءِ) خبردار ڪرڻ ٿا چاهيون. (٤) ان (قرآن مجيد) ۾ هرهڪ دانائي جي ڳالهه (۽ معاملو جهل جي ڳالهه کان جدا ڪري) چٽو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. (٥) خود اسان وٽان صادر ٿيل حڪم موجب (ائين ڪيو ويو آهي) يقيناً اسان ئي (وحي ۽ پيغمبرن کي) موڪليندڙ آهيون. (٦) (اهو ئي وحي) تنهنجي پروردگار وٽان (سڀني ماڻهن لاءِ) رحمت طور موڪليل آهي. يقيناً هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٧) (اها رحمت انهيءَ رب وٽان آيل آهي) جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پروردگار آهي، بشرطيڪه توهان يقين رکڻ وارا هجو. (جيڪڏهن توهان رڳو گمانن تي نه هلي پر علم ۽ غور جي وسيلي يقين تي پهچو ته پوءِ توهان ڏسندو ته، يقيناً قرآن مجيد رب جي رحمت آهي.) (٨) هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود (يا حاڪم) ڪونهي، اهوئي جيئاري ۽ ماري ٿو، اهوئي اوهان جو به پروردگار آهي ته اوهان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن جو به پروردگار آهي. (٩) پر ڳالهه هيئن آهي ته اهي (جاهل) شڪن (۽ وهمن) ۾ کيل تماشا ڪري رهيا آهن. (١٠) سو (اي پيغمبر! تون) انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان چٽو پٽو دونهون آڻيندو. (١١) جو دونهو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو، اهو (هنن لاءِ) سخت عذاب هوندو. (١٢) (تڏهن ماڻهو چوندا ته) اي اسان جا پروردگار! اسان تان هي عذاب ٽاري ڇڏ، اسان (هاڻي) يقيناً ايمان ٿا آڻيون. (١٣) (پر) هو ڪٿي ٿا نصيحت وٺن ۽ سمجهن؟ (ڏسو ته) هنن ڏانهن (حقيقتن کي) چٽو ڪندڙ رسول اچي به ويو آهي. (ته به) (١٤) پوءِ هو هن کان منهن ڦيرائي هليا ٿا وڃن، ۽ چون ٿا ته هو (ٻين جو) سيکاريل آهي ۽ ديوانو آهي. (١٥) اسان ته يقيناً ڪجهه وقت لاءِ اهو (ڏڪار جو) عذاب ٽاري ڇڏينداسين، پر توهان يقيناً (ڪفر ۽ بدڪارين ڏي) موٽندؤ. (١٦) (ياد رکو ته) هڪڙي ڏينهن اسان وڏي سخت پڪڙ سان (هنن کي) پڪڙينداسين، يقيناً اسان بدلو وٺڻ وارا آهيون، (يعني هنن کي هن جي بدڪارين جو بدلو ضرور ملندو. فرعون جو مثال مان عبرت وٺڻ گهرجين.) (١٧) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، کانئن اڳي اسان فرعون جي ماڻهن کي آزمائيو، ۽ هنن ڏي هڪڙو وڏي شان وارو پيغمبر (حضرت موسيٰ عليه السلام) آيو. (١٨) (هن کين چيو ته،) خدا جي ٻانهن (بني اسرائيلن ۽ مصري مؤمنن) کي منهنجي حوالي ڪيو. يقيناً مان توهان ڏي (خدا جو) پيغمبر ٿي آيو آهيان ۽ يقيناً ڀروسي ۽ اعتبار جي لائق پيغمبر آهيان. (١٩) ۽ خدا جي مقابلي ۾ هٺ وڏائي نه ڪيو، يقيناً مون اوهان ڏي چٽي پٽي سند آندي آهي. (٢٠) ۽ مان پنهنجي ۽ اوهان جي پروردگار وٽ پناهه گهري آهي، انهيءَ کان جو توهان مون کي پٿر هڻي ماريو (يا ڪو ايذاءُ پهچايو.) (٢١) ۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه آڻيو ته گهٽ ۾ گهٽ مون کان پري ته رهو. (٢٢) (پر هنن کيس نقصان پهچائڻ جون رٿون ڪيون) سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاري چيو ته، يقيناً هي ماڻهو گنهگار ۽ بدڪار آهن. (٢٣) (الله تعاليٰ وٽان ارشاد ٿيو ته) پوءِ منهنجي ٻانهن کي رات جي وقت (مخفي طرح) پاڻ سان وٺي نڪري وڃ. يقيناً (خبر پوڻ بعد) هو توهان جي پٺيان پوندا (۽ توهان تي ڪاهه ڪندا). (٢٤) ۽ (اي موسيٰ تنهنجي لاءِ سمنڊ هٽي ويندو، پوءِ) سمنڊ کي (هر جي) اوڙ جي حالت ۾ ڇڏي وڃجانءِ، (فرعون جا ماڻهو اوڙ يا واٽ ڏي ڪاهي پوندا، پر سمنڊ وري چڙهندو) يقيناً هو اهو لشڪر آهن جو غرق ٿيڻو آهي. (٢٥) ڪيترا نه باغ ۽ نهرون هيون جن کي هو ڇڏي هليا ويا! (٢٦) ۽ ڪيتريون پوکون ۽ شاندار جايون هين. (٢٧) ۽ ڪيتريون نه نعمتون هين جي هو (خوشين ۽ غفلتن ۾) ماڻيندا هئا. (اهي سڀ ڇڏي فنا ٿي ويا ۽ جهنم ۾ داخل ٿيا)! (٢٨) اهڙيءَ طرح (ٿي سندن پڇاڙي ۽) ۽ اسان ٻين ماڻهن کي سندن وارث ڪيو. (٢٩) سو نڪي آسمان مٿن ڳوڙها ڳاڙيا، نه ڪي زمين هنن لاءِ رني ۽ نه ڪي هنن کي مهلت ڏني ويئي!

رڪوع ٢ آيت 30-تا-42
بني اسرائيلين جو فرعون کان ڇوٽڪارو. مڪي جي ڪافرن کي ان مان عبرت وٺڻ گهرجي.
(٣٠) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان بني اسرائيلن کي ذليل ڪندڙ عذاب کان بچايو. (٣١) يعني فرعون (جي ظلمن ۽ غلاميءَ) کان (بچايو). يقيناً اهو فرعون وڏو سرڪش ۽ ليڪو لنگهي بيهڻ وارن مان هو. (٣٢) ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته اسان انهن (بني اسرائيلن) کي پنهنجي علم مطابق سڄي جهان جي ماڻهن کان بلند ڪيو ۽ چونڊي کنيو. (٣٣) ۽ اسان هنن کي نشانيون (ڪتاب پيغمبر ۽ بادشاهي وغيره) ڏنيون جن ۾ چٽي چٽي آزمائش رکيل هئي. (هو پورا نه نڪتا ۽ تباهه ٿيا). (٣٤) هي (مڪي جا ڪافر) يقيناً چون ٿا ته. (٣٥) اسان جي هن پهرئين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، ۽ اسان وري ڪونه اٿاريا وينداسين. (٣٦) (مسلمانو!) جيڪڏهن توهان سچ ٿا چؤ ته، (قيامت ايندي ته) ڀلا اسان جي وڏن کي (جيئرو ڪري اسان جي روبرو) آڻيو (ته اسان ڏسون). (٣٧) (ڏسو ته) اهي (مڪي جا ڪافر) بهتر (۽ وڏي طاقت وارا) آهن يا تبع قوم جا ماڻهو ۽ اهي جيڪي انهن کان اڳي ٿي گذريا آهن (اهي گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ طاقت وارا هئا) انهن کي ئي اسان برباد ڪري ڇڏيو، ڇو ته، يقيناً هو وڏا گنهگار هئا. (٣٨) ۽ (ياد رکو ته،) اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي کيل تماشي طور (بنا ڪنهن مقصد جي) ڪونه خلقيو آهي. (٣٩) اسان انهن کي ڪنهن رحمت (يا مقصد) کان سواءِ نه خلقيو آهي، پر هنن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن. (٤٠) يقيناً هنن سڀني لاءِ فيصلي وارو ڏينهن مقرر ڪيل وقت آهي، (جنهن ڏينهن نيڪن کي بدڪارن کان جدا ڪري ڪامياب ڪيو ويندو ۽ بدڪارن کي خوار خراب ڪيو ويندو). (٤١) انهيءَ ڏينهن ڪوبه دوست دوست کي (يا سنڀاليندڙ پنهنجي سنڀال هيٺ واري کي) ڪجهه به ڪم نه ايندو، ۽ هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي. (٤٢) سواءِ انهن جي جن تي الله تعاليٰ رحم ڪيو آهي، يقيناً هو غالب ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ٣ آيت 43-تا-59
قيامت بعد بدڪار ڪافرن جي حالت ۽ صالح بندن جي حالت.
(٤٣) بيشڪ ٿوهر جو (ڪوڙو) وڻ، (٤٤) (قيامت بعد دوزخ ۾) گنهگارن جو کاڄ ٿيندو. (٤٥) (اهو کاڄ) پگريل پتل (يا تيل جي گيرٺ) وانگر پيٽ ۽ آنڊن ۾ ٽهڪندو. (٤٦) (اهڙيءَ طرح
ٽهڪندو) جهڙيءَ طرح گرم پاڻي ٽهڪندو آهي. (٤٧) (اتي حڪم ٿيندو ته) پڪڙيوس ۽ گِهلي گِهلي ڄڀي ڪندڙ باهه جي وچ ۾ وٺي وڃوس. (٤٨) پوءِ سندس مٿي تي عذاب ڏيندڙ ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو. (٤٩) (ان هٺيلي ظالم کي چيو ويندو ته) چک (عذاب جو مزو) بيشڪ تون (دنيا ۾) وڏي طاقت وارو ۽ وڏي عزت وارو هئين. (٥٠) بيشڪ اهو اٿئي اهو (عذاب) جنهن بابت (دنيا ۾) شڪ آڻيندو هئين (۽ چوندو هئين ته نڪا قيامت ايندي نڪو مون کي عذاب ٿيندو). (٥١) يقيناً نيڪ ماڻهو (جيڪي خدائي قانون ۽ اسلامي نظامِ زندگي جي اندر رهيا) امن امان واري جاءِ (يا حالت) ۾ هوندا. (٥٢) باغن ۽ نهرن جي وچ ۾ رهندا. (٥٣) سنها ريشمي ڪپڙا ۽ ڀلا بخمل جا ڪپڙا پهريندا ۽ (هڪ ٻئي جي من موهيندڙ صحبت ۽ محبت ۾) هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويهندا. (٥٤) يقيناً ائين ٿيندو ۽ اسان کين وڏين اکين وارن حورن سان ملائينداسين. (٥٥) اتي قرار سان انهن باغن ۾ هر قسم جي ميون جو آرڊر ڏيئي سگهندا (۽ سڀ ڪجهه کين ملندو). (٥٦) اتي جنت ۾ پهرئين (دنيا واري) موت کان سواءِ ٻيو موت ڪونه چکندا (هميشه زندهه رهندا ۽ هميشه موجون ماڻيندا رهندا) ۽ الله تعاليٰ کين ڄڀي ڪندڙ باهه جي عذاب کان (هيمشه لاءِ) بچائي ڇڏيندو. (٥٧) اهو سڀ تنهنجي پروردگار جي فضل سان ٿيندو. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (٥٨) اسان هن قرآن کي تنهنجي (عربي) زبان ۾ آسان ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته هو سمجهن ۽ نصيحت وٺن. (٥٩) سو (اي پيغمبر!) ترس يقيناً هي (ڪافر) به ترسيا ويٺا آهن، (جلد ئي هو مغلوب ٿيندا.)