مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الانبياءَ

حصو سترهون

سورت الانبياءَ

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
ڪافرن جا حضرت رسول ڪريمﷺ جي باري ۾ غلط خيال. قرآن حضورﷺ جن جو معجزو.
(١) اهو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جڏهن ماڻهن کان (سندن عملن جو) حساب ورتو ويندو، تنهن هوندي به سندن حال هي آهي جو منهن ڦيرائي غفلت ۾ غلطان ٿي (تباهيءَ ڏي) وڃي رهيا آهن. (٢) سندن پروردگار وٽان هنن لاءِ نصيحت جون ڳالهيون هڪ ٻئي پٺيان اچي رهيون آهن، پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو هنن دل لڳائي ٻڌيون هجن. هو ٻڌن به ٿا پر اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته راند (۽ کل مسخريءَ) ۾ مشغول آهن. (٣) سندن دليون بلڪل غافل آهن، ۽ (ڏسو ته) ظلم ڪندڙ مخفي طرح ڪن سن ۾ هڪ ٻئي کي چئي رهيا آهن ته، هي ماڻهو (حضرتﷺ) سواءِ هن جي ٻيو ڇاهي ته اسان جهڙو هڪڙو ماڻهو آهي. پوءِ ڇا توهان ڏسي وائسي اهڙي هنڌ ٿا وڃو جتي جادوءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي. (٤) (پيغمبرﷺ) فرمايو ته، آسمان ۽ زمين ۾ جيڪا به ڳالهه چئي وڃي ٿي (لڪل توڙي ظاهر) سا سڀ منهنجي پروردگار کي معلوم آهي. هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٥) (اهي قريش نه رڳو ائين ٿا چون پر) هيئن به ٿا چون ته اهي رڳو خواب ۽ خيال جون ڳالهيون آهن، بلڪه هٿرادو (پنهنجي دل مان) ٺاهه ٺاهيا اٿس. نه نه بلڪه هو شاعر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته ڀلا (اسان تي بربادي اچڻ جي) ڪا نشاني ته آڻي ڏيکاري جهڙيءَ طرح اڳوڻن وقتن جي پيغمبرن ڏي موڪليون ويون هيون. (٦) پر (حقيقت هي آهي ته) انهن کان اڳي جن جن بستين کي اسان برباد ڪيو تن ۾ ته ڪنهن به (برباديءَ جي اچڻ جون نشانيون ڏسي) ايمان ڪونه آندو هو. پوءِ هي ماڻهو وري ايمان آڻيندا ڇا؟ (نه نه! سچائيءَ تي غور نه ڪرڻ وارن لاءِ هميشه اهو قانون رهيو آهي ۽ رهندو). (٧) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪي پيغمبر نه موڪليا، پر اهڙيءَ طرح جو هو به (تو وانگر) ماڻهو هئا. انهن تي اسان جو وحي نازل ٿيندو هو. پوءِ (اي منڪرؤ!) جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه معلوم ناهي ته انهن ماڻهن کان پڇي معلوم ڪيو جيڪي اهل ڪتاب آهن. (٨) ۽ اسان انهن پيغمبرن کي ڪڏهن به اهڙي جسم جو نه بنايو هو جو ماني نه کائيندا هجن، نڪي هو هميشه زنده رهڻ وارا هئا. (٩) اسان انهن سان (پنهنجي) واعدي کي سچو ڪيو. پوءِ انهن (پيغمبرن) کي ۽ (انهن سان گڏ) جنهن کي به چاهيو نجات ڏني (يعني ظالمن کان بچايو) ۽ حد کان ٻاهر ويندڙ (منڪرن) کي تباهه ڪري ڇڏيو. (١٠) اسان توهان جي لاءِ هڪڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي، ان ۾ توهان جي لاءِ نصيحت آهي (ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڇا گهرجي. ان کان وڌيڪ ڪابه ٻي نشاني ٿي سگهي ٿي ڇا؟) ڇا توهان سمجهه ئي نٿا هلايو (ڇو نٿا عقل کان ڪم وٺو.)


رڪوع ٢ آيت 11-تا-29
باطل جو نابود ٿيڻ ۽ حق جو غالب پوڻ، توحيد ۽ شرڪ
(١١) ۽ ڪيتريون ئي بستيون جيڪي ظلم ۽ شرارت ۾ غرق هيون اسان پائمال ڪري ڇڏيون، ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي اٿاري کڙو ڪيوسين. (١٢) جڏهن اسان جو عذاب هنن محسوس ڪيو تڏهن ڏسو ته اوچتوئي اوچتو ڳوٺن مان ڀڄي رهيا آهن، (جيئن جنگ جي وقت فاتح لشڪر جي خوف کان ماڻهو ڀڄندا آهن ته متان ڦرين ۽ مارين). (١٣) نه ڀڄو (هاڻي ڪاڏي ڀڄندؤ؟) پنهنجي انهيءَ ئي عيش عشرت ڏي موٽو (جنهن ۾ غرق ۽ غافل ٿي ويا هئو) ۽ انهن گهرن ڏي موٽو (جن جي مضبوطيءَ تي توهان کي غرور هو) شايد توهان کان ڪجهه پڇيو وڃي. (١٤) هنن (بستين جي ماڻهن) دانهون ڪري چيو ته، افسوس آهي اسان جي حال تي! بيشڪ اسان ظالم هئاسين. (١٥) (ڏسو) هو ائين ئي دانهون ڪندا رهيا، تان جو اسان هنن کي (برباد ڪري) لابارو ڪيل پوک وانگر ۽ وساڻيل اڱرن وانگر ڪري ڇڏيو. (١٦) (ڏسو) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي کيل تماشي طور ڪونه بنايو آهي، (ڪنهن مصلحت ۽ مقصد لاءِ بنايو آهي.) (١٧) جيڪڏهن اسان کي کيل تماشو ڪرڻ جو ارادو هجي ها ته (ڪير اسان کي روڪي سگهي ها؟) اسان پاڻ پنهنجي طرفان اهڙوئي (کيل تماشي وارو) ڪارخانو بنايون ها، پر اسان ائين ڪرڻ پسند نه ڪيو. (١٨) بلڪ (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان باطل تي حق جي ضرب (چوٽ) لڳايون ٿا ته اهو حق باطل جو مغزئي ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ هڪدم ان کي فنا ڪري ٿو ڇڏي، افسوس آهي اوهان تي! توهان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون بيان ٿا ڪيو! (١٩) جيڪو به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين تي آهي سڀ انهيءَ ئي (خدا) لاءِ آهن، ۽ جيڪي (فرشتا) سندس حضور ۾ آهن سي ڪڏهن به هٺ وڏائي ۾ پئجي سندس ٻانهپ کان منهن نٿا موڙين، نڪي (بندگي ڪرڻ ۾) ٿڪجي ٿا پون. (٢٠) هو رات ڏينهن سندس شان ۽ پاڪائي ڳائيندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن به بس نٿا ڪن. (٢١) ڇا هنن ماڻهن زمين (جي مخلوقات) مان اهڙا معبود بنايا آهن، جيڪي مُردن کي زنده ڪري ٿا ڇڏين؟ (٢٢) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود هجي ها ته (ممڪن ئي نه هو ته ان جو ڪارخانو نظام سان ۽ هڪ ڍنگ ۽ قانون سان هلي ها بلڪ) اهي (زمين ۽ آسمان) يقيناً بگڙجي برباد ٿي وڃن ها. پوءِ الله جي لاءِ جو (جهان جي) تخت جو مالڪ آهي شان ۽ پاڪائي هجي. انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي هي ماڻهو سندس متعلق بيان ڪن ٿا. (٢٣) هو جيڪي به ڪري (وس وارو آهي، ڪنهن کي به مجال يا حق ناهي جو) هن کان پڇڻ وارو ٿئي، پر ٻيا سڀ (هن جي اڳيان جوابده آهن) انهن کان باز پرست يعني پڇاڻو ٿيڻو آهي. (٢٤) پوءِ ڇا هنن ماڻهن الله کان سواءِ ٻين کي معبود ڪري ورتو آهي؟ (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي (ته جيڪڏهن ائين آهي ته) ٻڌايو، توهان جو دليل ڪهڙو آهي؟ هي آهي اهو ڪلام جو منهنجي ساٿين جي هٿ ۾ آهي (يعني قرآن) ۽ جو مون کان اڳين تي نازل ٿي چڪو آهي (يعني اڳوڻا خدائي ڪتاب. توهان انهن ۾ ڪابه ڳالهه منهنجي دعوت جي خلاف لهي نٿا سگهو.) ڳالهه هيءَ آهي ته هنن ماڻهن مان گهڻن کي حقيقت جي خبر ئي ڪانهي. پوءِ (اهوئي سبب آهي جو سچائيءَ کان) منهن ڦيرائي ڇڏيو اٿن. (٢٥) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪوبه پيغمبر اهڙو ڪونه موڪليو جنهن ڏي هن ڳالهه جو وحي نه موڪليوسين ته ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ منهنجي. پوءِ اوهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪريو. (٢٦) ۽ هو (ڀليل) چون ٿا ته رحمان خدا پنهنجي لاءِ اولاد بنائي رکيو آهي. پاڪائي هجي هن لاءِ (اهي ماڻهو جن کي الله جو اولاد سمجهن ٿا سي ته انهيءَ ڳالهه جو وهم ۽ گمان به ڪونه ٿا ڪن) بلڪ هو ته الله جا معزز (عزت وارا) ٻانها آهن. (٢٧) هو سندس اڳيان (سندس حڪم کان اڳي) ڳالهائي به نٿا سگهن. ۽ هو سندس حڪم جي تعميل ڪندا رهن ٿا. (٢٨) جيڪي به هنن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي به پٺتي ڇڏي آيا آهن (يعني سندن ماضي توڙي مستقبل) سڀ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ اهي سفارش فقط ان جي ٿا ڪن جنهن کي الله پسند ڪري ۽ اهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن. (٢٩) ۽ انهن مان جيڪڏهن ڪوبه (اهڙي جرئت ڪري وجهي جيڪو) چوي ته الله کان سواءِ مان معبود آهيان ته ان جي بدلي ۾ اسان کيس جهنم جي سزا ڏينداسين. اسان ظلم ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح ظلم جو بدلو ڏيندا آهيون.

رڪوع ٣ آيت 29-تا-41
هر انسان آخر موت جي ذائقو چکندو، هن دنيا ۾ عملن جي آزمائش آهي.
(٣٠) جيڪي ماڻهو منڪر آهن تن هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا؟ ته آسمان ۽ زمين ٻئي (پهريائين) هڪ ٻئي سان مليل هئا، پوءِ اسان انهن کي جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻيءَ مان سڀ ساهه واريون شيون پيدا ڪيون. پوءِ ڇا هي ماڻهو (ان ڳالهه تي) ايمان نٿا آڻين؟ (٣١) ۽ اسان زمين ۾ مضبوط کتل جبل بنايا ته انهن سان گڏ هڪ طرف جهڪي نه پوي. ۽ اسان انهن (جبلن) ۾ اهڙا لڪ ٺاهيا جي رستن جو ڪم ٿا ڏين، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو پنهنجي منزل ڏانهن واٽ ڳولي لهن. (٣٢) ۽ اسان آسمان ڇت وانگر ڪري ڇڏيو ۽ (هر طرح جي عيب ۽ خرابيءَ کان) محفوظ ۽ سلامت رکيو. پر هنن ماڻهن سندس نشانين کان منهن ڦيرائي ڇڏيو آهي. (٣٣) ۽ اهوئي (الله) آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن (جو فرق) پيدا ڪيو، ۽ سج ۽ چنڊ بنايا. اهي سڀ (ستارا ۽ تارا) پنهنجي پنهنجي مدار (يعني گهيري) ۾ ترندا رهن ٿا. (٣٤) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪنهن به ماڻهوءَ کي دائمي زندگي ڪانه ڏني، (نڪي تون ئي هميشه زنده رهندين) پوءِ جيڪڏهن توکي آخر هي جهان ڇڏڻو آهي ته هي ماڻهو وري هميشه زنده رهندا ڇا؟ (٣٥) هر جان کي موت جو مزو چکڻو آهي، ۽ اسان توهان کي (زندگيءَ جي) چڱين ۽ برين حالتن جي آزمائش ۾ وجهون ٿا ته توهان جي لاءِ (يعني اوهان جي ڪوشش ۽ طلب بابت) آزمائشون ٿين. ۽ پوءِ (آخر) توهان سڀني کي اسان ڏي موٽڻو آهي. (٣٦) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن توکي اهي ماڻهو ڏسن ٿا تڏهن جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي آهي، تن کي ٻيو ته ڪجهه نٿو سجهي. تنهن ڪري توکي کل مسخريءَ جي ڳالهه کڻي ٿا بنائين. (۽ چون ٿا ته) ڇا هي اهو ماڻهو آهي جيڪو اسان جي معبودن جو ذڪر ڪندو آهي (يعني انهن متعلق چوندو آهي ته اهي ڪجهه به نه آهن) ۽ هنن جو حال هي آهي جو رحمان خدا جي ذڪر کان بلڪل منڪر آهن. (٣٧) انسان جي فطرت ۾ ئي تڪڙ رکيل آهي، (هو نتيجن تي غور نٿا ڪن ۽ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ نٿا ترسن) چڱو جلد ئي اوهان (ڪافرن) کي اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکارينداسين، پوءِ ايتري تڪڙ نه ڪيو. (٣٨) ۽ هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته ڀلا ٻڌايو ته اهو (عذاب جو) واعدو ڪڏهن ظهور ۾ ايندو؟ (٣٩) جيڪڏهن هي منڪر انهيءَ گهڙي جو حال معلوم ڪري سگهن جڏهن (عذاب جي) باهه (ڀڙڪندي ۽ ان) جا شعلا نڪي پنهنجي اڳ کان هٽائي سگهندا، نڪي پنهنجي پٺيءَ کان ۽ نڪي وري ڪٿان مدد ملندين (ته جيڪر ڪڏهن به اهڙيءَ تڪڙ ۽ شرارت سان عذاب جي اچڻ جي گهر نه ڪن). (٤٠) بلڪ اها گهڙي انهن تي اوچتو اچي ڪڙڪندي ۽ هنن کي هراس ۾ حيران ڪري ڇڏيندي، پوءِ هو نڪي ان گهڙيءَ کي ٽاري سگهندا، نڪي کين ڪا مهلت ملندي. (٤١) ۽ (اي پيغمبر!) هيءَ حقيقت آهي ته توکان اڳي به پيغمبرن تي کل مسخري ڪئي ويندي هئي، پر ان جو نتيجو هي نڪتو جو جنهن ڳالهه تي هو کل مسخري ڪندا هئا (يعني عذاب جي اچڻ تي) اهوئي (عذاب) انهن تي ڇائنجي کين وڪوڙي ويو.

رڪوع ٤ آيت 42-تا-52
ڪافرن کي خبردار ڪرڻ. قيامت ڏينهن انصاف جي تارازي لڳائي ويندي.
(٤٢) (اي پيغمبر!) انهن (مڪي جي ڪافرن) کان پڇ ته ڏينهن جو وقت خواهه رات جو وقت، ڪير آهي جو رحمان خدا کان اوهان جي نگهباني ڪري ٿو سگهي، (جيڪڏهن هو اوهان کي عذاب ڏيڻ چاهي)، پر (هنن کان پڇڻ مان ڇا ورندو) هنن ته پنهنجي پروردگار جي يادگيريءَ کان منهن بلڪل ڦيرائي ڇڏيو آهي. (٤٣) يا (وري هيئن آهي ڇا ته) هنن جا ڪي معبود آهن جي کين اسان کان بچائي ٿا سگهن؟ (اهي بچائيندا ڪيئن؟ اهي پاڻ پنهنجي ئي مدد ڪري نٿا سگهن، نڪي اسان جي طرف کان کين حفاظت ملي سگهي ٿي. (٤٤) ڳالهه هيئن آهي ته اسان هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (زندگيءَ جي فائدن سان) مالامال ڪيو تان جو (آسودگيءَ جي نشي ۾) هنن جون وڏيون وڏيون عمريون گذري ويون (۽ هاڻي هنن جي رڳ رڳ ۾ غفلت ڄمي ويئي آهي) پر اهي ماڻهو (هاڻي) ڏسن نٿا ڇا ته اسان زمين کي چئني طرفن کان هنن لاءِ تنگ ڪندا ٿا اچون؟ پوءِ هو (هن مقابلي ۾) غالب پئجي رهيا آهن ڇا؟ (بلڪل نه!) (٤٥) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان فقط الله جي وحي موجب اوهان کي خبردار ڪري رهيو آهان، ۽ (اي پيغمبر! ياد رک ته) جيڪي ماڻهو ٻوڙا آهن تن کي ڪيترو به خبردار ڪيو وڃي ته به هو ڪڏهن به ٻڌڻ وارا ناهن. (٤٦) ۽ جيڪڏهن انهن تي تنهنجي پروردگار جي عذاب جو ذرڙو به پوي ته (مغز مان واءُ نڪري وڃينَ) بي اختيار چئي ڏين ته هاءِ افسوس! بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين. (٤٧) ۽ اسان قيامت جي ڏينهن انصاف جي تارازي کڙي ڪنداسين، پوءِ ڪنهن به نفس سان ذرو به بي انصافي نه ٿيندي. جيڪڏهن سرنهه جي داڻي جيترو به ڪنهن جو عمل هوندو ته اسان اهو ذرو به وزن هيٺ آڻينداسين. جڏهن ته اسان (پاڻ) حساب وٺندڙ آهيون، تڏهن ڇو نه پورو پورو انصاف ٿيندو، پوءِ باقي ڇا رهيو؟ (يعني اسان جو حساب بلڪل ٺيڪ ٺيڪ هوندو). (٤٨) ۽ (ڏسو) هيءَ حقيقت آهي ته، اسان موسيٰ ۽ هارون کي فرقان (يعني حق کي باطل کان جدا ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت) ۽ (وحي جي) روشني ۽ متقي ماڻهن لاءِ نصيحت ڏني هئي. (٤٩) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي پروردگار کان، کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي ڊڄندا رهن ٿا ۽ اچڻ واري گهڙيءَ کي خيال ۾ آڻڻ تي ڏڪي ٿا وڃن. (٥٠) ۽ هي (قرآن) به نصيحت آهي ۽ برڪت واري نصيحت آهي. اسان ئي ان کي نازل ڪيو آهي. پوءِ ڇا توهان کي ان کان انڪار آهي؟

رڪوع ٥ آيت 51-تا-75
حضرت ابراهيم عليه السلام جو بتن کي ڀڃڻ ۽ اور جو شهر ڇڏي ڪنعان وڃڻ.
(٥١) ۽ ان کان اڳي اسان ابراهيم کي سندس درجي مطابق سمجهه ۽ عقل عطا ڪيو هو، اسان کي سندس حالت جي پوري پوري خبر هئي. (٥٢) هيءَ حقيقت آهي ته هن پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو هو ته، هي ڪهڙا بت آهن جن جي پوڄا ۾ توهان ڄمي ويٺا آهيو؟ (٥٣) هنن جواب ۾ چيو ته، اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو ته انهن جي پوڄا ڪندا رهيا (۽ ڪندا رهن ٿا). (٥٤) حضرت ابراهيم فرمايو ته، توهان پاڻ به ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به چٽي چٽي گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهيو. (٥٥) تنهن تي هنن چيو ته، ڇا تون سچ پچ (اهڙي ڳالهه) چئي رهيو آهين يا مسخري ڪري رهيو آهين؟ (٥٦) حضرت ابراهيم فرمايو ته، نه (مان مسخري ڪونه ٿو ڪيان، سچ ٿو چوان ته) آسمان ۽ زمين جو پروردگار جنهن انهن سڀني کي پيدا ڪيو سوئي اوهان جو پروردگار آهي. مان انهيءَ حقيقت متعلق اوهان جي اڳيان شاهد آهيان. (٥٧) ۽ (حضرت ابراهيم وڌيڪ فرمايو ته) خدا جو قسم مان ضرور توهان جي بتن سان هڪڙي تجويز ڪندس، جڏهن توهان سڀئي پٺي ڏيئي هليا ويندؤ. (٥٨) سو هن (ائين ئي ڪيو ۽) بتن کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. فقط هڪڙي بت کي جو انهن ۾ سڀني کان وڏو سمجهيو ويندو هو، ڇڏي ڏنائين انهيءَ لاءِ ته شايد هو ماڻهو انهيءَ جي طرف رجوع ٿين (۽ ان کان پڇن ته، هنن بتن جو اهو حال ڪنهن ڪيو آهي؟) (٥٩) (جڏهن اهي ماڻهو مندر ڏي موٽي آيا، تڏهن ڀڳل بت ڏسي) چيائون ته، اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت ڪنهن ڪئي آهي؟ جنهن به ڪئي آهي سو ضرور وڏو ظالم آهي. (٦٠) ڪن ماڻهن چيو ته، اسان هڪ نوجوان کي هنن بتن جي باري ۾ ڪجهه چوندي ٻڌو هو، کيس ابراهيم پئي سڏيائون. (٦١) (تنهن تي) ماڻهن چيو ته انهيءَ کي هتي سڀني ماڻهن جي اڳيان آڻي پيش ڪيو ته سڀ شاهد رهن. (٦٢) (جڏهن حضرت ابراهيم کي وٺي آيا تڏهن) انهن ماڻهن کانئس پڇيو ته، اي ابراهيم اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت تو ڪئي آهي ڇا؟ (٦٣) حضرت ابراهيم فرمايو ته، (هيئن کڻي سمجهو ته) هن بت اها حرڪت ڪئي آهي، جيڪو انهن ۾ سڀني کان وڏو آهي. جيڪڏهن بت ڳالهائي سگهندا آهن ته خود انهيءَ بت کان پڇا ڪريو. (٦٤) پوءِ هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هنن چيو ته، هن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ته اسان ئي ظالم آهيون (۽ ٺڳيون ڪندا آهيون) (٦٥) پوءِ هنن جي حالت اها ٿي جو (شرم کان) سندن ڪنڌ جهڪي ويا. هنن (پوءِ حضرت ابراهيم کي آهستي) چيو ته، توکي ته چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هي بت ڳالهائي ڪونه ٿا سگهن، (سو وڏي بت کان ڪيئن پڇون؟) (٦٦) حضرت ابراهيم فرمايو ته، پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله کي ڇڏي اهڙين شين کي ٿا پوڄيو جي نڪي اوهان کي ڪنهن به طرح جو نفعو پهچائين نڪو نقصان! (٦٧) توهان جي حالت ڪهڙي نه اڻ وڻندڙ آهي ۽ انهن جي به جن کي توهان الله کان سواءِ پوڄيو ٿا، ڇا توهان عقل کان بلڪل ڪورا ٿي ويا آهيو؟ (٦٨) هنن (پاڻ ۾) چيو ته، جيڪڏهن اسان ۾ ڪجهه به همت آهي ته اچو ته هن ماڻهوءَ کي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيون ۽ پنهنجي معبودن جو منهن مٿي ڪريون. (٦٩) (پر) اسان جو حڪم ٿيو ته، اي باهه ٿڌي ٿي وڃ، ۽ ابراهيم جي لاءِ سلامتي (٧٠) ۽ (ڏسو) هنن چاهيو هو ته، ابراهيم سان هڪڙي کيڏ کيڏون، پر اسان کين ناڪامياب ۽ نامراد ڪري ڇڏيو. (٧١) اسان هن کي ۽ (سندس ڀائٽئي) لوط کي (دشمنن کان) بچائي هڪ اهڙي ملڪ ڏي موڪلي ڏنو، جنهن کي قومن جي لاءِ وڏي برڪت وارو ملڪ بنايو اٿئون (يعني ڪنعان ڏي موڪليوسون). (٧٢) ۽ اسان هن کي اسحاق ۽ (هڪ پوٽو) يعقوب به عطا فرمايو، انهن سڀني کي اسان صالح (يعني نيڪ عملن وارو) ڪيو هو. (٧٣) اسان انهن کي (ماڻهن جي) امامت (يعني ليڊري يا پيشوائي) ڏني هئي. اسان جي حڪم مطابق هو ماڻهن کي (حق جي) راهه ڏيکاريندا هئا. اسان هنن کي وحي ڪيو هو ته هر طرح جا نيڪيءَ جا ڪم ڪن، پڻ نماز قائم رکن ۽ زڪوات ادا ڪندا رهن. هو اسان جي ٻانهپ (۽ حڪمن جي تعميل) ۾ لڳا رهندا هئا. (٧٤) ۽ (اهڙيءَ طرح) حضرت لوط کي به اسان (خدائي حڪمن پهچائڻ جو) عهدو ڏنو ۽ (نبوت جو) علم عطا فرمايو. اسان کيس انهيءَ ڳوٺ مان بچائي ڪڍيو جنهن جا ماڻهو تمام گندا ۽ غليظ ڪم ڪندا هئا، وڏا بد راهه هئا، ۽ ليڪو لنگهي بيٺا هئا. (٧٥) ۽ اسان هن کي (يعني حضرت لوط کي) پنهنجي رحمت جي پناهه هيٺ آندو. بيشڪ هو صالح انسانن مان هڪ انسان هو.
رڪوع ٦ آيت 76-تا-93
نبين سڳورن ۽ بيبي مريم عليها السلام جو بيان ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ.
(٧٦) ۽ (ساڳيءَ طرح) حضرت نوح جو معاملو به (ياد ڪيو) جو انهن (نبين) کان اڳ جو آهي. جڏهن هن (يعني حضرت نوح) اسان کي پڪاريو هو، تڏهن اسان سندس پڪار ٻڌي ۽ کيس ۽ سندس ماڻهن کي هڪ وڏي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنو. (٧٧) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو، تن جي مقابلي ۾ اسان سندس مدد ڪئي. اهي بلڪل بد راهه ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو. (٧٨) ۽ دائود ۽ سليمان (جو معاملو به ياد ڪيو) جو هڪ (ملڪ جي) پوکن ۾ جن ۾ ماڻهن جون ٻڪريون پڪڙجي پيون هيون، حڪم هلائيندا (۽ فيصلا ڪندا) هئا ۽ اسان سندن حڪمراني ڏسندا هئاسين. (٧٩) پوءِ اسان سليمان کي ان ڳالهه جي پوري پوري سمجهه ڏئي ڇڏي، ۽ اسان حڪم ڏيڻ (۽ فيصلا ڪرڻ) جو عهدو ۽ (نبوت جو) علم انهن مان هرهڪ کي عطا فرمايو هو، ۽ پڻ اسان جبلن کي دائود جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو هو. اهي (جبل) الله جي پاڪائيءَ جا آواز بلندا ڪندا هئا. اهڙيءَ ئي طرح پکين کي به (سندس تابع ڪيو هو) ۽ اسان (ائين ئي) ڪرڻ وارا هئاسين. (٨٠) ۽ اسان دائود کي اوهان جي لاءِ زرهه ٺاهڻ جو هنر سيکاريو، انهيءَ لاءِ ته، اوهان کي هڪ ٻئي جي (تلوار جي) ڌڪ کان بچائي. پوءِ ڇا توهان (اسان جي نعمتن جا) شڪرگذار آهيو؟ (٨١) ۽ (ڏسو) اسان (سمنڊ جي) سخت هوائن کي به سيلمان جي لاءِ اهڙو مسخر (تابع) ڪري ڇڏيو هو جو سندس حڪم تي گهلنديون هيون ۽ انهيءَ زمين ڏي لڳنديون هيون، جنهن ۾ اسان وڏي برڪت رکي آهي (يعني فسطين ۽ شام جو ملڪ جنهن ڏانهن ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀونچ سمنڊ مان پري پري کان جهاز ايندا ويندا هئا) ۽ اسان سڀ ڳالهيون ڄاڻندڙ آهيون. (٨٢) ۽ شيطانن مان اهڙا شيطان (به اسان کيس تابع ڪري ڏنا) جي هن لاءِ ٽٻيون هڻندا هئا (۽ سمنڊ مان سپون ۽ موتي ڪڍندا هئا) ۽ ان کان سواءِ ٻيا به طرحين طرحين ڪم ڪاريون ڪندا هئا ۽ اسان هنن کي پنهنجي حفاظت هيٺ رکيو هو. (٨٣) ۽ ايوب (جو معاملو به ياد ڪيو.) هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان ڏکن ۽ مصيبتن ۾ پئجي ويو آهيان. اي منهنجا رب! تون ئي سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم وارو آهي. (٨٤) پوءِ اسان سندس پڪار ٻڌي ۽ جن ڏکن ۾ پئجي ويو هو سي اسان لاهي ڇڏيس. اسان سندس گهر وري آباد ڪيو، ۽ ان سان گڏ اهڙائي (مٽ مائٽ) ٻيا به ڏنا (يعني ٻيڻو مال ۽ اولاد نصيب ٿيس) اها اسان جي طرفان هن لاءِ رحمت هئي ۽ اها نصيحت آهي انهيءَ لاءِ جيڪي الله جي ٻانهپ ڪندڙ آهن. (٨٥) ۽ (اهڙيءَ طرح) اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل سڀ (حق جي راهه ۾) صبر ڪندڙ هئا. (٨٦) اسان هنن کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ آندو يقيناً هو نيڪ ٻانهن مان هئا. (٨٧) ۽ (اهڙيءَ طرح) ذوالنون (جو معاملي ياد ڪيو) هو (حق جي راهه ۾) غصي ۾ پئجي هليو ويو. پوءِ هن خيال ڪيو ته، اسان کيس تنگي (۽ تڪليف) ۾ نه وجهنداسين. پر پوءِ (جڏهن هن جي حالت تنگ ٿي ويئي تڏهن غم جي) اونداهين ۾ هن پڪاريو، ته اي خدا توکان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنجي لاءِ (هر طرح جي) پاڪائي هجي، حقيقت هي آهي ته مون (پاڻ تي وڏو) ظلم ڪيو. (٨٨) پوءِ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ هن کي غمگينيءَ کان ڇڏايوسين (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح ايمان وارن کي نجات ڏيندا آهيون. (٨٩) ۽ (اهڙيءَ طرح) زڪريا (جو معاملي ياد ڪيو) هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو هو ته، اي منهنجا پروردگار مون کي (هن دنيا ۾) اڪيلو نه ڇڏ، (يعني بي وارث نه ڪر) ۽ (هونئن ته) تون ئي (اسان سڀني جو) بهتر وارث آهي. (٩٠) سو (ڏسو) اسان هن جي پڪار ٻڌي، هن کي (هڪ فرزند) يحيٰ عطا ڪيوسين ۽ سندس اهليه کي ان لاءِ تندرست ڪيوسين، اهي سڀ ماڻهو چڱن عملن ڪرڻ ۾ سرگرم ۽ تڪڙا هوندا هئا. (اسان جي فضل ۾) اميدون رکي ۽ (اسان جي جلال کان) خوف ۾ رهي دعائون گهرندا هئا، ۽ اسان جي اڳيان عجز نياز ۽ نماڻائيءَ سان جهڪيل هوندا هئا. (٩١) ۽ (اهڙيءَ طرح) انهي (پاڪ) عورت جو معاملو (به ياد رکو) جنهن پنهنجي پاڪدامني جي حفاظت ڪئي هئي (يعني حضرت مريم جو معاملو ياد رکو) پوءِ اسان پنهنجي روح مان ڪجهه هن ۾ ڦوڪيو، ۽ کيس ۽ سندس پٽ (حضرت مسيح) کي سڄي دنيا جي لاءِ (سچائي جي) هڪ نشاني بنايو. (٩٢) (انهن سڀني نبين ۽ رسولن جي وسيلي اسان جيڪا تعليم ڏني هئي سان هيءَ هئي ته) هي توهان سڀني جي امت حقيقت ۾ هڪ ئي امت آهي (جدا جدا دين ۽ جدا جدا مذهبي ٽوليون ڪونه آهن) ۽ مان ئي توهان سڀني جي (اڪيلو) پروردگار آهان. تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو (۽ ان راهه ۾ جدا جدا نه ٿي وڃو.) (٩٣) پر ماڻهن پاڻ ۾ اختلاف ڪري (هڪ ئي) دين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا، (نيٺ ڏسندؤ ته) سڀني کي اسان ڏي موٽڻو آهي (۽ انهيءَ اختلاف ۽ دشمنين جو نتيجو چکڻو آهي.)

رڪوع ٧ آيت 94-تا-112
قيامت ڏينهن مؤمنن ۽ منڪرن جي حالت. قومن جو زوال ۽ ڪمال.
(٩٤) پوءِ (ياد رکو ته، هن باري ۾ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته) جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري ۽ (الله تي) ايمان به اٿس تنهن جي ڪوشش اجائي نه ٿيندي. اسان سندس نيڪيون لکي ڇڏڻ وارا آهيون. (٩٥) ۽ (ڏسو) جنهن بستيءَ لاءِ اسان برباديءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تنهن لاءِ (ڪاميابي ۽ سعادت) ممڪن ئي ناهي. انهيءَ بستيءَ جا ماڻهو ڪڏهن به (پنهنجي سرڪشي ۽ شرارتن کان) باز اچڻا ناهن. (٩٦) جڏهن اهو وقت اچي ويندو جو ياجوج ۽ ماجوج جي لاءِ واٽ کلي پوندي، (زمين جي) مٿاهين کان هو ڊوڙندا لهي ايندا. (٩٧) ۽ (خدا جي) سچي واعدي جي گهڙي ويجهي اچي ويندي تڏهن انهن ماڻهن جون اکيون (دهشت ۽ حيرانيءَ ۾) ڦاٽل رهجي وينديون جن ماڻهن سچائيءَ کان انڪار ڪيو هو. (اهي ماڻهو بي اختيار پڪاري پڪاري چوندا ته) افسوس اسان جي حال تي! اسان هن (دهشتناڪ گهڙيءَ) کان غافل رهياسين. بلڪ اسان ظلم ۽ شرارت ۾ ٽمٽار هئاسين. (٩٨) (الله تعاليٰ اهڙن ظالمن کي ٿو ٻڌائي ته) توهان ۽ اهي جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا دوزخ جو ٻارڻ آهيو، توهان سڀ اتي پهچڻ وارا آهيو. (٩٩) جيڪڏهن اهي سچ پچ معبود (خدائيون) هجن ها ته ڪڏهن به دوزخ ۾ نه پهچن ها. (حقيقت هيءَ آهي ته) اهي سڀ هميشه ان دوزخ ۾ هوندا. (١٠٠) هنن جي لاءِ دوزخ ۾ (فقط ايذاءَ ۽ سڙڻ) روڄ ۽ راڙو هوندو. ۽ هو انهيءَ ۾ (ٻيو ڪجهه به) نه ٻڌندا. (١٠١) (پر) جن ماڻهن جي لاءِ اسان اول کان ئي ڀلائي ۽ چڱائيءَ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، سي يقيناً دوزخ کان پري رهندا. (١٠٢) هو (ان کان ايترو ته پري هوندا جو) اتي جي (ايذاون جي) ڀڻڪ به سندن ڪنن ۾ ڪانه پوندي. ۽ هو پنهنجي پسندي موجب پنهنجي خواهش وارين سڀني نعمتن ۾ هميشه جي لاءِ مسرور رهندا. (١٠٣) هنن کي (قيامت جي وڏي ۾ وڏي دهشت به نڪي ڊيڄاريندي) نڪي غم ۾ وجهندي. فرشتا وڌي اچي هنن کي ملندا (۽ چوندا ته) هي آهي اهو ڏينهن جنهن متعلق (الله جي ڪلام ۾) واعدو ڪيو ويو هو. (١٠٤) انهيءَ ڏينهن اسان آسمان کي اهڙيءَ طرح ويڙهي ڇڏينداسين جيئن ڪتابن لاءِ پنا ويڙهبا آهن. اسان جهڙيءَ طرح پهرين خلقت شروع ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح ان کي وري پيدا ڪنداسين. انهيءَ واعدي جو پورو ڪرڻ اسان تي آهي، ۽ اسان ان کي ضرور پورو ڪنداسين. (١٠٥) ۽ (ڏسو) اسان زبور ۾ حڪم ۽ نصيحت ڏيڻ بعد لکي ڇڏيو هو ته زمين (يا ملڪ) انهن بندن کي ورثي ۾ ڏينداسين، جيڪي نيڪ هوندا. (١٠٦) هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (الله جي) ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪندڙ آهن، هڪ وڏو پيغام آهي. (١٠٧) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي فقط هن لاءِ (پيغمبر ڪري) موڪليو آهي ته تون سڄي دنيا جي لاءِ رحمت جو ظهور ٿئين. (١٠٨) ۽ (اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته مون ڏي جيڪو وحي موڪليو ويو آهي سو ته فقط هي آهي ته، اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي، (هن کان سواءِ ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي) پوءِ ٻڌايو ته ان جي اڳيان سر جهڪائيندؤ يا نه؟ (١٠٩) پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته تون کين چئو ته، مان اوهان کي (انڪار ۽ سرڪشي جي نتيجن کان) هڪڙيءَ ئي طرح خبردار ڪري ڇڏيو آهي، مون کي اها خبر ڪانهي ته جنهن ڳالهه جو واعدو ڪيو ويو آهي، تنهن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي يا اڃا پري آهي، (پر ٽرندو ته هرگز ڪين، صالحن لاءِ اقبال ۽ ڪاميابي آهي ۽ مفسدن لاءِ ادبار ۽ ناڪامي). (١١٠) جيڪي به توهان وڏي آواز سان کليو کلايو چئو ٿا ۽ جيڪو توهان (پنهنجي دلين ۾) لڪايو ٿا سو سڀ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (١١١) ۽ مون کي ڪهڙي خبر؟ ممڪن آهي ته هن (دير ۽ مهلت) ۾ توهان جي آزمائش رکي وئي هجي ۽ هڪ مقرر وقت تائين اوهان کي زندگيءَ جو مزو وٺڻو آهي. (١١٢) (پيغمبرﷺ دعا گهرندي) چيو ته، اي منهنجا رب! هاڻي (دير نه ڪر) سچائيءَ سا فيصلو ڪري ڇڏ. ۽ اسان جو پروردگار (اهوئي) رحمان خدا آهي، انهيءَ کان ئي مدد گهري وڃي ٿي. توهان (انڪار ڪندڙ) جيڪي (ڪوڙيون) ڳاليهون ٺاهي رهيا آهيو تن جي خلاف سندس ئي مددگاري فيصلو ڪري ڇڏيندي. (يعني مسلمانن جي ڪاميابي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته مسلمان ئي حق تي آهن ۽ صالح آهن ۽ توهان مفسد آهيو.)