سورت النمل (ڪِوِل)
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-14
قرآن مجيد جي حقيقت، مؤمنن جي صفت ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام کي نبوت جو ملڻ
(١) طا- سين- هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو هڪڙو چٽو ڪتاب آهي، (۽ حقيقتن کي چٽو ڪري ڏيکاريندڙ آهي. (٢) (هي قرآن مجيد) ايمان وارن لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. (ته جيڪڏهن توهان انهيءَ واٽ تي هلندؤ ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب رهندؤ). (٣) (ايمان وارا اهي آهن) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏيندا رهن ٿا ۽ آخرت ۾ يقين رکن ٿا (ته اسان جي عملن جا نتيجا ضرور نڪرڻا آهن ۽ چڱن عملن ڪندڙن کي انعام ۽ برن عملن ڪندڙن کي عذاب ضرور ملڻو آهي.) (٤) جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن تن جا (برا) عمل اسان کين سهڻا ۽ چڱا ڪري ٿا ڏيکاريون. تنهن ڪري هو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن. (٥) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ خراب ۾ خراب عذاب (هن ئي دنيا ۾) تيار رکيو آهي ۽ آخرت ۾ ته اهي ئي ماڻهو سڀني کان وڌيڪ نقصان هيٺ ايندا. (٦) انهيءَ ئي صورت جي ڪري (پيغمبر!) توکي هي قرآن انهيءَ الله وٽان مليو آهي جو وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (فقط الله کي ئي پوري پوري خبر آهي ته ڪهڙا عمل آخر نقصانڪار ثابت ٿيندا ۽ ڪهڙا آخر مفيد ثابت ٿيندا). (٧) اهو واقعو ياد رکو جو حضرت موسيٰ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي چيو ته مون کي هڪڙي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي (ضرور اتي ڪي ماڻهو هوندا) سو مان جلد ئي اتان (رستي جي) خبر وٺي توهان ڏي هليو ايندس (توهان اتي ئي بيٺا رهجو) يا توهان ڏي ٽانڊو کڻي ايندس، انهيءَ لاءِ (ته باهه ٻاري) تؤ وٺو ۽ سيءُ لاهيو. (٨) سو جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (روشنيءَ) وٽ پهتو تڏهن (غيبي) آواز آيو ته جيڪو روشنيءَ جي اندر آهي سو وڏي برڪت وارو (الله) آهي ۽ جيڪو ان جي ويجهڙائي ۾ آهي (يعني حضرت موسيٰ) سو به برڪت وارو آهي. ۽ پاڪ آهي ۽ وڏي شان وارو آهي اهو الله جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (٩) (الله تعاليٰ اتي فرمايو ته) اي موسيٰ يقيناً مان الله آهيان، سڀ ڪا طاقت ۽ قدرت رکندڙ آهيان ۽ وڏي حڪمت وارو آهيان. (١٠) (اي موسيٰ) پنهنجي لٺ ته اڇلاءِ (حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ۽ پوءِ) جڏهن ان کي اهڙيءَ طرح چرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته نانگ آهي تڏهن پٺي ڦيرائي ڀڄڻ لڳو، ۽ پٺئين پاسي نهارايائين به ڪين. (تنهن تي الله تعاليٰ آواز ڏنس ته) اي موسيٰ! ڊڄ نه، مون وٽ منهنجي موجودگيءَ ۾ پيغمبر ڪونه ڊڄندا آهن. (١١) پر (ڳالهه هيئن آهي ته) جنهن ڪو ظلم ڪيو ۽ پوءِ برائي کي نيڪيءَ سان بدلائي ڇڏيو ته پوءِ (اهڙن لاءِ) يقيناً مان بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهيان. (١٢) ۽ (اي موسيٰ) پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته پوءِ اهو هٿ بنا ڪنهن داغ يا نقص جي (چنڊ وانگر) چمڪندي ٻاهر ايندو. اهي (ٻه نشانيون يا معجزا) انهن نون نشانين مان آهن جي فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي کڻي وڃ، بيشڪ هو وڏا سرڪش ۽ بي فرمان ماڻهو آهن. (١٣) جڏهن هنن (نافرمان ماڻهن) وٽ اسان جون چٽيون چٽيون نشانيون آيون تڏهن (بي وقوفن) چيو ته، هي ته ظاهرظهور جادو آهي. (١٤) ۽ هنن ظلم ۽ سرڪشيءِ سبب انهن نشانين ۽ حڪمن کي نه مڃيو اگرچه سندن دليون انهن (حق جي نشانين) تي اعتبار ڪري چڪيون هيون. سو ڏسو ته هنن بگاڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.
رڪوع ٢ آيت 15-تا-31
حضرت سليمان عليه السلام جو شان شوڪت. خدا سان نسبت هوندي ته دنيا جا ڪمال به ملندا.
(١٥) ۽ (گذريل زماني ۾) اسان دائود ۽ سليمان کي (شين جو توڙي روحاني) علم ڏنو هو. (جنهن تي) هنن ٻنهي چيو هو ته، خاص ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي پنهنجي مؤمن ٻانهن مان گهڻن کان وڌيڪ علم وارو ۽ وڌيڪ نيڪ ۽ صالح ڪيو اٿس ۽ وڌيڪ نعمتون ڏنيون اٿس) (١٦) ۽ حضرت سليمان حضرت دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته، اي انسانؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر چيز مان ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويو آهي. بيشڪ اهو ظاهرظهور (خدا جو) فضل آهي. (١٧) ۽ حضرت سليمان جي لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ڪيا ويا ۽ انهن کي صفن ۾ نظام هيٺ رکيو ويو (بلڪ سڄي رعيت ۽ سڀ جانور وغيره چڱي نظام هيٺ آندا ويا.) (١٨) (حضرت سليمان پنهنجي لشڪر سان ڪنهن طرف ڪوچ ڪيو) تان جو ڪولين جي ماٿريءَ منجهان اچي لنگهيا. هڪڙي ڪول (واڪو ڪري) چيو ته، اي ڪوليون! پنهنجي گهرن يا ٻرن ۾ گهڙي وڃو، متان حضرت سليمان ۽ سندس لشڪر بي خبريءَ ۾ اوهان کي لتاڙي چيڀاٽي ماري ڇڏين. (١٩) انهيءَ ڳالهه تي حضرت سليمان مرڪي کلي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهيءَ احسان جي شڪرگذاري (عملاً) ڏيکاريان جو مون تي ڪيو اٿئي ۽ منهنجي پيءُ تي ڪيو اٿئي. ۽ هيءَ به توفيق ڏي ته اهڙا صالح عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪر. (٢٠) ۽ (حضرت سليمان) پکين جي حاضري ورتي ۽ (سڀني گڏ ٿيل پکين کي نظر مان ڪڍي) چيائين ته، هي ڇا! ڪهڙي ڳالهه آهي جو مان هد هد (پکيءَ) کي ڪونه ٿو ڏسان؟ يا (هيئن آهي ڇا) ته هو غيرحاضر آهي؟ (٢١) (جيڪڏهن بنا سبب غيرحاضر رهيو آهي ته) کيس سخت سزا ڏيندس يا کيس ڪهائي ڇڏيندس يا ته مون وٽ ڪو چٽو ۽ وسهائيندڙ دليل پيش ڪري. (٢٢) پر هدهد ڪو گهڻو وقت پري ڪونه رهيو. (هو انهيءَ ئي وقت پهچي ويو ۽) چيائين ته (اي حضرت سليمان) مان اهو (ملڪ) ڏسي ۽ گهمي آيو آهيان جو تو نه ڏٺو ۽ نه گهميو آهي، ۽ مان سبا (شهر) مان سچو حال احوال لهي تو وٽ آيو آهيان. (٢٣) مان ڏٺو ته اتي هڪ عورت ماڻهن تي حڪومت هلائي رهي آهي ۽ هن کي هر چيز موجود ڪري ڏنل آهي ۽ کيس هڪڙو وڏو شاندار تخت آهي. (٢٤) مون هي به ڏٺو ته پاڻ ۽ سندس ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو ڪري رهيا آهن ۽ شيطان سندن نظر ۾ (اهڙن) عملن کي سهڻو ۽ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. سو هن انهن ماڻهن کي (سڌيءَ) راهه کان روڪي رکيو آهي. تنهن ڪري هنن کي سچي هدايت نه ملي آهي. (٢٥) ايتري حد تائين (شيطان هنن کي ڀلايو آهي) جو هو انهيءَ الله کي سجدو نٿا ڪن جو آسمان ۽ زمين جي لڪل شين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ جيڪي به توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي به توهان ظاهر ڪيو ٿا سو سڀ ڄاڻي ٿو. (٢٦) پر فقط الله ئي اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي ۽ اهوئي وڏي تخت جو رب آهي. (يعني حقيقي بادشاهه هڪ الله آهي). (٢٧) حضرت سليمان (راڻي بلقيس بابت احوال ٻڌي هدهد کي) چيو ته، چڱو اسان ڏسنداسين ته تو سچ چيو آهي يا ڪوڙ ڳالهايو اٿئي. (٢٨) منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ انهن (سبا شهر جي ماڻهن) جي اڳيان وڃي اڇلاءِ. پوءِ انهن کان هٽي بيهه ۽ ترسي ڏس ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين. (٢٩) (هد هد ويو ۽ خط پهچايائين تنهن تي) راڻي بلقيس چيو ته، اي اميرؤ! مون کي هڪڙو وڏي شان وارو خط مليو آهي. (٣٠) اهو خط حضرت سليمان وٽان آيو آهي. ۽ هن طرح لکيل آهي “الله جي نالي سان شروع ٿا ڪيون جو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي. (٣١) توهان (سبا جي راڻي ۽ ٻيا ماڻهو) منهنجي مقابلي ۾ هٺ وڏائي ۽ سرڪشي نه ڪجو. بلڪ فرمانبردار ٿي مون ڏي هليا اچو.”
رڪوع ٣ آيت 32-تا-44
يمن جي راڻي بلقيس جو دنيا جي ڌوڪي واري ڇڪتاڻ مان نڪري مسلمان ٿيڻ
(٣٢) (جڏهن راڻي بلقيس کي حضرت سليمان جو خط پهتو تڏهن) چيائين ته، اي (منهنجا) اميرؤ! مون کي پنهنجي راءِ ٻڌايو (ته ڇا ڪجي؟) جيستائين توهان راءِ نه ڏيندا آهيو تيستائين مان ڪنهن به (وڏي ۽ قومي) ڪم جو قطعي فيصلو ڪونه ڪندي آهيان. (٣٣) سردارن ورندي ڏني ته، اسان وڏي طاقت وارا ۽ سخت لڙاڪو آهيون (تنهن ڪري سليمان سان لڙڻ لاءِ به تيار آهيون پر اسان کي تنهنجي راءِ تي ڀروسو آهي.) معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي (اسان چاهيون ٿا ته تون پاڻ فيصلو ڪرين) خيال ڪري ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڏئين. (٣٤) راڻيءَ (تنهن تي) چيو ته، (توهان کي خبر هوندي ته) بادشاهه جڏهن ڪنهن (پرائي) ملڪ ۾ گهڙن ٿا تڏهن ان کي تباهه ڪري ٿا ڇڏين ۽ ان ملڪ جي عزت وارن ماڻهن جي بي عزتي ٿا ڪن. (جڏهن اهي بادشاهه فتنو ڪندا اڳتي ويندا آهن تڏهن) ائين ئي ڪندا آهن. (٣٥) سو مان هيئن ٿي ڪيان جو (پهريائين) هنن ڏانهن (يعني حضرت سليمان ۽ سندس اميرن ڏانهن) ڪو تحفو يا سوغات ٿي موڪليان. پوءِ ڏسنديس ته، ايلچي ڪهڙو جواب وٺي ٿا موٽن. (٣٦) پوءِ جڏهن (راڻيءَ جا ايلچي) حضرت سليمان وٽ آيا (۽ سوغات پيش ڪيائون) تڏهن حضرت سليمان فرمايو ته، ڇا توهان مون کي دنيائي دولت ڏيڻ ٿا چاهيو؟ (ٻڌو) الله تعاليٰ جيڪا (روحاني دولت) مون کي عطا ڪئي آهي سا ان کان گهڻو بهتر آهي، جا اوهان کي ڏني اٿس. (مان دنيائي دولت ۽ اوهان جي سوغات تي راضي ڪونه ٿو ٿيان) بلڪ اوهان ئي آهيو جو پنهنجي (دولت ۽) سوغات تي خوش ٿا ٿيو. (٣٧) (حضرت سليمان وڏي ايلچيءَ کي پوءِ هيئن به چيو ته) موٽي وڃ هنن ڏانهن (يعني پنهنجي راڻي ۽ اميرن ڏانهن) اسان پنهنجي اهڙن لشڪرن سان مٿن حملو ڪنداسين جن جو مقابلو هو ڪري نه سگهندا. ۽ اسان کين خوار خراب ڪري ان (ملڪ) مان ڪڍي ڇڏينداسين، ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جهڙا ٿيندا. (٣٨) (ايلچي هليا ويا، حضرت سليمان پوءِ) فرمايو ته، اي منهنجا سردارؤ! اوهان مان ڪير راڻيءَ جو تخت کڻي مون وٽ پهچي ويندو، انهيءَ کان به اڳي جو هو ماڻهو فرمانبردار ٿي مون وٽ پهچي وڃن. (٣٩) (تنهن تي) جنن مان هڪڙي وڏي طاقت واري جن چيو ته، توهان پنهنجي درٻار مان اٿندؤ تنهن کان به اڳي اهو تخت اوهان جي خدمت ۾ اچي پيش ڪندس. يقينا مون کي ان ڪم لاءِ وڏي ڪافي طاقت آهي ۽ مان ڀروسي جي لائق آهيان. (٤٠) (پر) هڪڙي شخص جنهن کي (خدائي) ڪتاب جو ڪجهه علم هو (تنهن) چيو ته، مان ان تخت کي اک ڇنڀڻ کان به اڳي آڻي سگهندس. (ان شخص کي حڪم مليو هو جهٽ پٽ تخت کڻي آيو) پوءِ جڏهن حضرت سليمان اهو تخت پنهنجي اڳيان ڏٺو تڏهن چيائين ته، هي منهنجو رب جي فضل جو نتيجو آهي. (جو مون وٽ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي اهڙا ڪم ايڏو تڪڙو ڪري سگهن ٿا. ايترو فضل هن لاءِ آهي ته) منهنجو رب مون کي آزمائي ته مان شڪر ٿو ڪيان (۽ سندس نعمتون سندس راهه ۾ ڪم ٿو آڻيان) يا ناشڪري ٿو ڪيان ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به شڪر ٿو ڪري سو (رڳو) پنهنجي (فائدي) لاءِ ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪوبه ناشڪري ٿو ڪري (ته پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري نه ڪه الله تعاليٰ جو) الله تعاليٰ ته يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي. (ڪابه حاجت ڪانهيس) ۽ بيشڪ هو وڏي شان وارو ۽ وڏي سخا وارو آهي. (٤١) حضرت سليمان (پوءِ) فرمايو ته، راڻيءَ جي تخت جي شڪل هن لاءِ (ايتري قدر) مٽائي ڇڏيو (جو جڏهن ڏسي ته مشڪل سڃاڻي سگهي.) پوءِ ڏسنداسين ته هوءَ حق کي سڃاڻي سگهي ٿي يا انهن منجهان آهي جيڪي هدايت وٺڻ جيتري سمجهه نٿا رکن. (٤٢) (راڻيءَ کي سندس ايلچين حضرت سليمان جو پيغام پهچايو، ۽ هوءَ حضرت سليمان ڏي وڃڻ لاءِ رواني ٿي) پوءِ جڏهن (حضرت سليمان وٽ) پهتي تڏهن کانئس پڇيو ويو ته، هيءِ تخت تنهنجو آهي ڇا؟ راڻيءَ جواب ڏنو ته ڄڻ ته اهوئي آهي، (۽ وڌيڪ چيائين ته) اسان کي هن کان اڳ ئي (خدا وٽان ڪجهه) علم مليل هو (هاڻي توهان جي عقل، علم، سچائي ۽ پيغمبري جي خبر به پئجي ويئي) سو هاڻي فرمانبرداري قبول ٿا ڪيون، ۽ اسلام تي اچون ٿا. (٤٣) (راڻي بلقيس بيشڪ سمجهه واري هئي پر سندس وڏا توڙي سندس ماڻهو سج جي پوڄا ڪندڙ هئا) انهيءَ ئي ڳالهه کيس (سچي دين کان) روڪي رکيو هو، جو هوءَ (ٻين وانگر) خدا کي ڇڏي ٻين شين جي پوڄا ڪندڙ هئي، ۽ بيشڪ هوءَ ڪافرن جي قوم منجهان هئي (۽ انهن ۾ ڄائي نپني هئي). (٤٤) (پوءِ) راڻيءَ کي چيو ويو ته، (هاڻي) وڏي محلات ۾ هل. پوءِ جيڪي (اڱڻ ۾) ڏٺائين تنهن کي پاڻيءَ جو دٻو سمجهيائين ۽ (ڪپڙن کي پسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙا مٿي کنيائين ۽) پنيون ظاهر ڪري وڌائين. (تنهن تي) حضرت سليمان کيس چيو ته، هڪ محلات آهي جا شيشي جي وڏين سرن يا ٽڪرن سان بنايل آهي (ڪپڙن مٿي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. راڻي غور ڪري) چيو ته، اي منهنجا پروردگار (مان ڀليل هيس) مان پاڻ تي ظلم ڪندي رهي هيس. هاڻي مان حضرت سليمان سان شامل ٿي انهيءَ ئي الله جي ٻانهپ قبول ٿي ڪيان، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.
رڪوع ٤ آيت 45-تا-58
حضرت صالح عليه السلام ۽ حضرت لوط عليه السلام ۽ انهن جي قومن جو ذڪر.
(٤٥) ۽ هي سچو واقعو آهي ته اسان ثمود قوم جي ماڻهن ڏانهن سندن برادريءَ جي ماڻهوءَ حضرت صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪيو (۽ سندس حڪمن جي پيروي ڪيو) پوءِ ڏسو ته ڇا ٿيو جو اهي ماڻهو ٻه ٽوليون ٿي پيا (هڪڙي مؤمنن جي ۽ ٻي مخالفن جي) جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندا رهيا. (٤٦) حضرت صالح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ڇو توهان چڱائي گهرڻ جي بدران عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ لائي ڏني آهي؟ ڇو نٿا الله کان بخشش گهرو ته من. توهان تي رحم ڪري؟ (٤٧) هو چوڻ لڳا ته، (اي صالح) تون ۽ تنهنجا ساٿي (مؤمن) اسان جي لاءِ نڀاڳا ۽ منحوس ثابت ٿيا آهيو. حضرت صالح فرمايو ته، توهان جو نڀاڳ الله جي طرف کان آهي (ڇو ته توهان الله تعالي! جي فرمانبرداري ڇڏي ظلم تي سنبري بيٺا آهيو.) بلڪ توهان اها قوم آهيو جنهن جي آزمائش ٿي رهي آهي. (٤٨) ۽ انهيءَ شهر ۾ نَــوَ شخص هئا جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ڪندا هئا ۽ سڌرڻ جو منجهن امڪان ئي ڪونه هو. (٤٩) انهن هڪ ٻئي کي چيو ته، اچو ته الله جي نالي تي قسم کڻون ۽ واعدو ڏيون ته اسان رات جي وقت (لڪي چپي) صالح ۽ سندس عيال تي وڃي ڪڙڪنداسين (۽ کين قتل ڪري ڇڏينداسين) ۽ پوءِ سندس وارثن کي (ڪوڙ هڻي) چونداسين ته اسان ته سندس عيال جي قتل ٿيڻ جي جاءِ به نه ڏٺي آهي ۽ يقيناً اسان سچ ٿا چئون (ته اسان کي ڪابه خبر ڪانهي.) (٥٠) هنن ته اهو منصوبو يا تجويز ٺاهي، پر اسان (يعني الله تعالي!) به پنهنجي تجويز تيار رکي جنهن جو هنن کي پتو به ڪونه پيو (هو ناڪامياب ٿيا. اٽلندو پاڻ تباهه ٿيا.) (٥١) پوءِ (اي پيغمبر!) ڏس ته سندن منصوبي جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي (۽ نتيجو ڪهڙو نڪتو). اسان انهن (نون شخصن ) کي توڙي سندن قوم جي سڀني ماڻهن کي ناس ڪري ڇڏيو. (٥٢) (اکين سان ڏسو) هي آهن انهن جا گهر جيڪي سندن ئي ظلم جي ڪري ڊاهي ڍير ڪيا ويا. انهيءَ واقعي ۾ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ عبرت جي نشاني آهي، جيڪي علم (۽ عقل) وارا آهن. (٥٣) ۽ جن ماڻهن (حضرت صالح تي) ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ۽ نيڪ عملي اختيار ڪيائون تن کي اسان بچائي ورتو. (٥٤) ۽ اسان حضرت لوط کي به پيغمبر ڪري موڪليو. ڏسو هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو ته، ڇا توهان غليظ بي شرميءَ جو ڪم ڪي رهيا آهيو، اگرچه توهان ڏسو به ٿا (ته اها سخت بي حيائي آهي.) (٥٥) ڇا توهان شهوت سان مردن ڏي ٿا وڃو ۽ عورتن کي ڇڏي ٿا ڏيو. حقيقت هيءَ آهي ته توهان سخت جاهل ماڻهو آهي. (۽ وڏا ظالم ۽ بدڪار آهيو). (٥٦) پر هنن (بدڪارن) وٽ سواءِ هن جي ٻيو جواب ئي ڪونه هو ته لوط جي گهراڻي کي شهر مان ڪڍي ڇڏيو. اهي ماڻهو اچي پاڪ باز بڻيا آهن! (٥٧) سو اسان حضرت لوط کي ۽ سندس گهروارن کي سواءِ سندس زال جي (برباديءَ کان) بچائي ورتو. سندس (منڪر) زال متعلق اسان اها ڳالهه ٺهرائي ڇڏي ته پٺتي رهندڙن ۾ رهجي پوندي (۽ انهن سان گڏ تباهه ٿي ويندي). (٥٨) ۽ (حضرت لوط ۽ سندس عيال جي نڪري وڃڻ بعد) اسان هنن (منڪرن) جي مٿان (پٿرن جو) سخت مينهن وسايو. اهو مينهن ڪهڙو نه هولناڪ ثابت ٿيو انهن ماڻهن لاءِ جن کي (حضرت لوط جي وسيلي) خبردار ڪيو ويو هو (پر هنن نه مڃيو هو).
رڪوع ٥ آيت 59-تا-66
الله جي نعمتن ۽ قدرتن جو بيان، افسوس جو ان هوندي به جاهل انسان خدا کي ڇڏين ٿا.
(٥٩) (اي منهنجا پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي ۽ سلامتي هجي سندس انهن ٻانهن تي جن کي پيغمبريءَ لاءِ چونڊيائين. (اي انسانو! ذرا غور ته ڪيو ۽ ڏسو ته) الله تعاليٰ بهتر آهي يا اهي (مخلوق) جن کي خدا سان شريڪ بنايو وڃي ٿو.
حصو ويهون
(٦٠) (ڀلا ٻڌايو ته) آسمانن کي ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي، ۽ ڪير آسمان مان اوهان جي لاءِ مينهن ٿو وسائي؟ (ڏسو) اسان ئي ان مينهن جي ريج سان سرسبز ۽ سهڻا باغ لڳايون ٿا. اوهان کي اها طاقت بلڪل ڪانهي جو اوهان انهن باغن جي وڻن کي ڄمايو ۽ وڏا ڪيو. (پوءِ ٻڌايو ته) خدا سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ هرگز نه. حقيقت هيءَ آهي ته هي (مشرڪ) اهڙا ماڻهو آهن جي (ڏنگي واٽ ٿا وٺن ۽) وڏي بي انصافي ٿا ڪن. (۽ پاڻ سان ظلم ٿا ڪن). (٦١) (ڀلا ٻڌايو ته) ڪنهن زمين کي (انسانن وغيره لاءِ) قرار گاهه يعني رهڻ جي جاءِ بنايو آهي، ۽ ان ۾ نديون نهرون رکيون آهن، ۽ ڪنهن ان تي جبل ٺاهيا آهن ۽ ڪنهن ٻن سمنڊن (يعني مٺي ۽ کاري پاڻيءَ) جي وچ ۾ جدا ڪندڙ حد مقرر ڪري ڇڏي آهي؟ (پوءِ ٻڌايو ته) خدا سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ حقيقت هيءَ آهي ته هنن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو بي علم آهن. (٦٢) (ڀلا ٻڌايو ته سهي ته) ڪير آهي جو ڏکايل جي (دانهن) ٻڌي ٿو جڏهن اهو ڏکايل کيس پڪاري ٿو ۽ ڪير تڪليفن کي دور ڪري ٿو؟ ڪنهن توهان کي زمين تي خليفو ڪري رکيو آهي يا زمين جو بادشاهه بنايو آهي؟ (پوءِ ٻڌايو ته) الله سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ حقيقت هيءَ آهي ته توهان (مشرڪ) ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏيو (۽ غور فڪر ئي ڪونه ٿا ڪيو). (٦٣) (وري ٻڌايو ته) ڪير آهي جو اوهان کي بَرن ۽ بَحرن (جهنگلن ۽ سمنڊن) جي اونداهين ۾ رستو ٿو ڏيکاري؟ ۽ ڪير آهي جو پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳي هوائن کي (انهيءَ رحمت جي) خوشخبري ڏيڻ لاءِ موڪلي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود ٿي سگهي ٿو؟ (هرگز نه) جن کي مشرڪ خدا سان شريڪ ٺهرائين ٿا تن کان خدا گهڻو بالاتر آهي. (يعني خدا اهڙو قادر آهي جو هن کي مددگارن جي گهرج ئي ڪانهي). (٦٤) ڀلا ڪير آهي جنهن پهريائين پهريائين خلقت جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ به خلقيندو رهي ٿو؟ ۽۽ ڪير آهي جو اوهان کي زمين ۽ آسمان مان رزق پهچائيندو رهي ٿو، ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود ٿي سگهي ٿو؟ (اي منهنجا پيغمبر! انهن مشرڪن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان (شريڪن ٺهرائڻ ۾) سچا آهيو ته پنهنجو ڪو دليل ته آڻيو؟ (٦٥) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪو به آسمان ۾ ۽ زمين تي آهي تنهن کي غيب جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي. فقط هڪ الله ئي غيب جون ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. اهي ته ايترو به معلوم ڪري نٿا سگهن ته ڪڏهن کين وري جيئاري اٿاريو ويندو. (٦٦) بلڪ هنن ماڻهن جو علم آخرت جي باري ۾ ڪجهه به پروڙي نٿو سگهي. بلڪ هو ان بابت شڪ ۽ گمان جي اوندهه ۾ رهندڙ آهن، بلڪ بلڪل انڌا آهن.
رڪوع ٦ آيت 67-تا-82
دنيا ۾ تاريخ جي کنڊرن کي ڏسندؤ ته توهان کي يقين ٿيندو ته هن دنيا ۾ بدعملين ئي مصيبتون ۽ تباهيون آنديون.
(٦٧) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چون ٿا ته، ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڳري مٽي ٿي ويندا تڏهن وري اٿاري ٻاهر ڪڍيا وينداسين؟ (٦٨) اهي دڙڪا اڳي به اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ملندا رهيا آهن اهي ڪجهه به نه آهن، اهي اڳوڻن ماڻهن جا ڪوڙا قصا آهن. (٦٩) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته (قيامت کي به نٿا مڃيو پر) زمين تي سير سفر ڪيو ۽ پنهنجي اکين سان ڏسو ته گنهگار ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ته (خراب) ٿي ٿئي. (انهيءَ مان ئي عبرت وٺو ۽ سبق سکو). (٧٠) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن (جي ايمان نه آڻڻ ۽ سندن ايندڙ تباهيءَ) تي غم نه ڪر. نڪي انهن ماڻهن جي منصوبن جي باري ۾ پاڻ کي ڳڻيتن ۾ وجهه يا پنهنجي دل کي بيقرار ڪر (هو تنهنجي خلاف ڪهڙيون به تجويزون ٺاهين پر هو توکي ڪجهه به ڪري نه سگهندا). (٧١) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته ٻڌايو ته، ڪڏهن اهو واعدو ظهور ۾ ايندو (يعني ڪڏهن اسان تي عذاب ايندو). (٧٢) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جنهن عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ لائي ڏني اٿوَ تنهن جو ڪجهه حصو ممڪن آهي ته توهان کي اچي ويجهو پيو آهي. (قريش ڪافرن کي پوءِ جلد ئي بدر جي شڪست جو ماتم ڪرڻو پيو). (٧٣) ۽ بيشڪ تنهنجي پروردگار جو ماڻهن تي وڏو فضل آهي (جو کين عذاب ۽ تباهيءَ کان مهلت ٿو ڏئي ته من سمجهن) پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا بي شڪر آهن (جو قرآن جهڙي نعمت کي رد ڪري ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪري پاڻ کي تباهيءَ ۾ ٿا وجهن). (٧٤) ۽ تنهنجو پروردگار يقيناً سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. جيڪي هو (ڪافر) پنهنجي دلين ۾ لڪائين ٿا سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ظاهر ٿا ڪن سو به ڄاڻي ٿو. (٧٥) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ ڪابه اهڙي لڪل شيءِ ڪانهي جا (الله جي) هڪ چٽي ڪتاب ۾ لکيل ناهي. (يعني الله کي هرڪا مخفي شيءِ به معلوم آهي.) (٧٦) يقيناً هي قرآن بني اسرائيلن لاءِ هنن جي گهڻين ئي اهڙين ڳالهين کي چٽو ۽ صاف ڪري ٿو ڇڏي جن ۾ هو هڪ ٻئي سان اختلاف رکن ٿا. (يعني اختلافن بابت چٽو فيصلو ڏئي ٿوته ڪهڙي ڳالهه ٺيڪ آهي ۽ ڪهڙي غلط آهي.) (٧٧) يقيناً هي قرآن ايمان وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ رحمت آهي. (٧٨) بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجي حڪم سان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ بيشڪ هو (هر شيءِ تي) غالب آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٧٩) سو (اي منهنجا پيغمبر!) الله تي ڀروسو رک. يقيناً تون صريح (يعني چٽي) حق تي آهين، (ڪافر باطل تي آهن، تون سندن پرواهه نه ڪر. الله تعاليٰ تنهنجي مدد ڪندو.) (٨٠) تون مُردن کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائي ڪونه سگهندين، (يعني مُردا تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ۽ سمجهي ڪونه سگهندا) نڪو ٻوڙا تنهنجو سڏ ٻڌي سگهندا، جڏهن ته اهي (ٻڌڻ جي بدران) پٺي ڏئي ٿا هليا وڃن. (پوءِ ڪيئن تون هنن جي رهنمائي ڪري سگهندين؟) (٨١) نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان ڦيرائي سڌي واٽ ڏي آڻي سگهندين. تون ته فقط انهن کي ئي (حق جون ڳالهيون) ٻڌڻ جهڙو ڪري سگهندين جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا ۽ فرمانبردار مسلمان ٿين ٿا.(٨٢) ۽ جڏهن (الله جو) واعدو انهن (منڪرن) جي حق ۾ ظهور ۾ ايندو (يعني مٿن عذاب جو وقت اچي ويندو) تڏهن اسان زمين مان هڪ جانور ٻاهر ڪڍنداسين جو کين ٻڌائيندو (ته هاڻي عذاب اچڻو آهي) يقيناً ماڻهن کي اسان جي آيتن تي يقين ڪونه هو (سو هاڻي اکين سان عذاب ڏسندا ۽ لوڙيندا).
رڪوع ٧ آيت 83-تا-93
عذاب ۽ قيامت ضرور اچڻا آهن. چڱائي جو ۽ بدعمليءَ جو پورو پورو عيوضو ملندو، هر فرعون لاءِ موسيٰ هوندو.
(٨٣) ۽ هڪڙي ڏينهن اسان هر هڪ قوم مان انهيءَ ٽولي کي هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن کي نه مڃيندا هئا ۽ انهن کي صفن ۾ کڙو ڪيو ويندو. (٨٤) تان جو جڏهن اهي (منڪر خدا جي درٻار ۾) اچي ويندا تڏهن خدا انهن کان پڇندو ته ڇا توهان منهنجون آيتون ۽ حڪم رد ڪري ڇڏيا هئا، اگرچه توهان انهن حڪمن بابت علم ۽ سمجهه ڪم به نه آندي؟ جي ائين ناهي ته ڀلا ٻڌايو ته توهان ڇا ڪندا رهيؤ؟ (ڪو عذر يا بهانو اٿؤ؟ بلڪل نه!) (٨٥) ۽ هو جو ظلم ڪري رهيا هئا سو (عذاب جو) واعدو هنن جي حق ۾ پوري طرح تعميل هيٺ ايندو. پوءِ هو ڳالهائي به ڪونه سگهندا (ڇو ته هو ڏسندا ته بيشڪ اسان عذاب جا لائق آهيون.) (٨٦) اهي (منڪر) نٿا ڏسن ڇا؟ ته اسان رات هن لاءِ بنائي آهي ته ان ۾ آرام وٺن ۽ ڏينهن هن لاءِ بنايو آهي ته ان ۾ کين روشني ملي (۽ ڏسن وائسن، علم ۽ عقل پرائين ۽ ڪم ڪاريون ۽ چڱا عمل ڪن) هن ۾ (يعني ڏينهن ۽ رات جي فلسفي ۾) انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ايمان آڻيندڙ آهن. (٨٧) ۽ هڪڙي ڏينهن بگل (يعني توتاري) وڄائي ويندي (ان ڏينهن سڀ مُردا اٿي کڙا ٿيندا ۽ قيامت جي فيصلي لاءِ گڏ ڪيا ويندا) پوءِ جيڪي به آسمان ۾ هوندا ۽ زمين تي هوندا سي سڀ دهلجي ويندا (۽ دردناڪ حالت ۾ هوندا) سواءِ انهن (صالحن) جي، جن جي باري ۾ خدا چاهيندو (ته اهي خوشحال هجن) ۽ سڀ (بدڪار توڙي صالح ٻانها) سندس درٻار ۾ نماڻا ۽ جهڪيل ٿي حاضر ٿيندا. (٨٨) ۽ توهان جبلن کي ڏسو ٿا ته سمجهو ٿا ته اهي ڏاڍا مضبوط کتل آهن، پر (قيامت جي ڏينهن) اهي ائين اڏامي ويندا جيئن ڪڪر اڏامي ويندا آهن. هيءَ انهيءَ الله تعاليٰ جي عجيب ڪاريگري آهي، جنهن هرهڪ شيءِ کي (۽ هرهڪ جانور کي) اعليٰ نظام هيٺ رکيو آهي. جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا تنهن جي هو بيشڪ چڱيءَ طرح خبر رکندڙ آهي. (٨٩) جيڪو به نيڪيءَ جا ڪم ڪندو تنهن کي ان کان گهڻو بهتر بدلو ملندو ۽ اهڙا ماڻهو انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جي دهشت کان امن ۾ هوندا. (٩٠) ۽ جيڪو به برائيءَ جا ڪم ڪندو تنهن کي منهن
ڀر باهه ۾ اڇلايو ويندو. (انهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا جهڙا توهان (بد) عمل ڪيا هئا تهڙي ئي سزا اوهان کي نه ڏني ويئي آهي؟ (توهان سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي ويئي آهي ڇا؟) (٩١) (اي منهنجا پيغمبر تون پنهنجي باري ۾ چئي ڏي ته) مون کي هي ئي حڪم مليو آهي ته مان هن (مڪي جي) شهر جي رب جي ٻانهپ ڪيان جنهن رب ان شهر کي پاڪ ٺهرايو آهي.۽ (جيڪي به دنيا ۾ آهي سو) سڀ ڪجهه الله ئي جو آهي. ۽ مون کي هيءُ به حڪم مليو آهي ته مان سندس فرمانبردار ٻانهن ۾ شامل ٿيان. (٩٢) ۽ (مون کي هيءُ به حڪم مليو آهي) ته (ماڻهن کي) قرآن مجيد پڙهي ٻڌايان پوءِ جيڪو سڌي واٽ تي هلندو سو پنهنجي لاءِ فائدو حاصل ڪندو، پر جيڪڏهن ڪو گمراهه ٿي ڏنگي واٽ تي هلندو ته پوءِ (اهڙن ماڻهن کي) چئو ته، مان ته فقط (خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن بابت) خبردار ڪندڙ آهيان، (توهان منهنجي پيروي نه ڪندؤ ته توهان ئي تباهه ٿيندؤ، مون کي ته وڌيڪ ڪجهه به ڪرڻو ناهي). (٩٣) ۽ (اي منهنجا پيغمبر!) چئو ته سچي ساراهه خدا جي آهي (۽ لک احسان انهيءَ ئي جا آهن) هو جلد ئي اوهان کي (فتح ۽ ٻين نعمتن جون) نشانيون ڏيکاريندو جي توهان پاڻ سڃاڻي سگهندؤ ۽ (ياد رکو ته) توهان (مسلمان) جيڪي جيڪي (چڱا) عمل ڪري رهيا آهيو سي تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو (۽ اوهان کي ضرور ڪامياب ڪندو).