مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت النَّجمِ

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-25
حضرت محمد ﷺ جن جي روحاني ترقي جو مشاهدو اسان انسان نٿا ڪري سگهون.
(١) بلنديءَ تي پهچي پوءِ لهڻ وارو تارو (جو هميشه اوهان کي طرف ۽ واٽ ڏيکاريندو آهي سو هن حقيقت تي) شاهد آهي ته، (٢) اوهان جو رفيق (حضورﷺ) نڪي غلط راهه تي هلي رهيو آهي، نڪي ڀلجي ويو آهي. (٣) هو ازخود پنهنجي خواهش موجب (دين جون ڳالهيون) ڪونه ٻڌائي رهيو آهي.) (٤) اهو ته فقط خدا وٽان موڪليل وحي آهي (جو هو توهان تائين پهچائي ٿو).(٥) جو وحي انهيءَ زبردست طاقت جي مالڪ (جبرائيل) کيس سيکاريو آهي جو، (٦) قوت وارو آهي. سو هو (غار حرا وٽ) سڌو سامهون آيو. (٧) جڏهن اهو آسمان جي مٿئين ڪناري تي هو. (٨) پوءِ هو ويجهو ٿيو ۽ لهي آيو. (٩) تان جو ٻن ڪمانن جو مفاصلو وڃي رهيو، بلڪ اڃا به ويجهو ٿيو. (١٠) (انهيءَ حد کي پهچڻ کان) پوءِ (هُن) الله تعاليٰ جي ٻانهي کي اُهو وحي پهچايو جو کيس پهچائڻو هو. (١١) (حضور ڪريمﷺ) جيڪي ڏٺو تنهن جي سمجهڻ ۾ سندس دل ڪوتاهي ڪانه ڪئي. (١٢) پوءِ ڇا توهان ساڻس ان ڳالهه بابت جهڳڙو ٿا ڪيو جا ڳالهه هن پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي؟ (١٣) ۽ يقيناً هن ان کي هڪڙي ٻئي وقت به ڏٺو (ڪٿي؟) (١٤) سدرة المنتهيٰ وٽ (جنهن کان اڳتي ڪوبه وڌي نٿو سگهي). (١٥) ان جي ويجهو اها جنت آهي جو رهڻ جو هنڌ آهي (انهن لاءِ جي وحي تي عمل ڪندا). (١٦) جڏهن سدرة تي اها شيءِ ڇانئجي ويئي جا ڇانئجڻي هئي. (١٧) تڏهن (حضرت جن جي حقيقت ڏسندڙ) نگاهه نڪي ٻئي طرف ڦري، نڪي حد کان ٻاهر نڪري ويئي (يعني حضور ڪريمﷺ جن حقيقت کي پوريءَ طرح سمجهيو؛ نه گهٽ نه وڌ). (١٨) يقيناً هن پنهنجي پروردگار جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏٺيون. (١٩) (ڪٿي حضرت جن جو عروج ۽ ڪمال ۽ ڪٿي ڪافرن جو تنزل جو پٿر جي بتن اڳيان ڪريا پيا آهن!) سو ڇا توهان لات ۽ عزيٰ ڏٺا آهن؟ (٢٠) ۽ ٽئين منات کي به ڏٺو اٿو؟ (اهي ٽيئي بت عورتن جي شڪلين ۾ آهن.) (٢١) ڇا اوهان (ڪافرن) لاءِ ته نر آهن، باقي الله جي لاءِ ماديون؟ (يعني اوهان ته پٽ پسند ڪندا آهيو، پوءِ بتن کي ماديون ڪيئن ٿا بنايو ۽ ڪيئن ٿا سمجهو ته ڪي ديوتائون ماديون آهن). (٢٢) اهو ته وڏو بي انصافيءَ جو ورهاڱو آهي. (٢٣) اهي آهن ته ڪجهه به ڪين، رڳو نالا آهن، جي اوهان ۽ اوهان جي وڏن کڻي هنن تي ڌريا آهن جن بابت الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. اهي (ڪافر) فقط گمان تي هلي رهيا آهن ۽ جيڪي سندن نفس چاهين ٿا تنهن جي پوئتون لڳي رهيا آهن، اگرچه هنن وٽ سندن پروردگار وٽان سچي هدايت اچي چڪي آهي. (٢٤) ڇا انسان جنهن به شيءِ جي خواهش رکي ٿو سا کيس ملي ويندي؟ (نه نه سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي). (٢٥) سو (ياد رکو ته) آخرت (جي ڀلائي) توڙي مهڙ واري (دنيا جي ڀلائي) الله جي هٿ ۾ آهي (۽ جنهن کي مناسب سمجهي ٿو تنهن کي ڏئي ٿو).

رڪوع ٢ آيت 26-تا-32
ڪبيرا گناهه ۽ فاحش ڪاريون خدا نٿو بخشي.
(٢٦) ۽ آسمانن ۾ گهڻائي فرشتا آهن، انهن جي شفاعت يا سفارش ڪجهه به فائدو ڪونه ڏيندي. سواءِ هن حالت جي جو الله تعاليٰ (پاڻ ڪنهن کي) اجازت ڏئي انهيءَ ماڻهوءَ جي (سفارش ڪرڻ) لاءِ جنهن لاءِ چاهي ۽ راضپو ڏيکاري. (اهڙي اجازت کان پوءِ سفارش قبول پئجي سگهي ٿي). (٢٧) جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان ئي ڪونه ٿا رکن سي ملائڪن تي زنانا نالا ٿا رکن. (٢٨) انهيءَ بابت هنن کي ڪجهه به علم ڪونهي. هو فقط گمان جي پوئتان لڳي پيا آهن، ۽ حق جي مقابلي ۾ گمان (ڪنهن به ڪم جو) ناهي ۽ ڪجهه به فائدو نه ڏيندو. (٢٩) سو (اي پيغمبر!) جن ماڻهن اسان جي نصيحت کان منهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ دنيائي زندگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا چاهين تن کان تون به منهن موڙي ڇڏ. (٣٠) هنن جو علم فقط ايستائين (يعني وقتي فائدي يا لذت تائين) پهچي ٿو (هو دور ڏسي نٿا سگهن ته پوءِ آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو) يقيناً تنهنجو پروردگار ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان گمراهه ٿي پيو آهي، ۽ اهوئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪنهن سڌي واٽ ورتي آهي. (٣١) ۽ جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي سو الله ئي جي قبضي ۾ آهي، انهيءَ لاءِ ته جن برائيون ڪيون آهن تن کي سندن (بد) عملن جو بدلو ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون آهن تن کي سندن چڱائين جي بدلي ۾ بهتر چڱائيون (۽ نعمتون) ڏئي. (٣٢) جيڪي ماڻهو ڪبيرن گناهن کان ۽ فحش ڪارين کان پري رهن ٿا، پر (ڀل چڪ کان) تنهنجو پروردگار بخشڻ ۾ نهايت ئي ڪشادائي ڪرڻ وارو آهي. هو اوهان کي خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن کان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏهن توهان پنهنجي مائرن جي پيٽن ۾ لڪل هئو، سو توهان پنهنجو پاڻ کي پاڪ نه سڏايو (۽ ماڻهن تي مڪرن سان اهو اثر نه ويهاريو ته اسان وڏا نيڪ آهيون) اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سچ پچ نيڪ ۽ پرهيزگار آهي.

رڪوع ٣ آيت 33-تا-62
ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي. هر ڪنهن کي پنهنجي محنت ڪم ايندي.
(٣٣) (اي پيغمبر!) تو انهيءَ ماڻهو کي نه ڏٺو آهي جنهن (حق کان) منهن موڙي ڇڏيو آهي؟ (٣٤) ۽ جنهن ٿورڙو ڏنو آهي، ۽ (پوءِ دل) سخت ڪئي اٿس، (۽ هٿ) روڪي ڇڏيو اٿس. (٣٥) ڇا، هن وٽ غيب جو علم آهي ڇا جو هو ڏسي ٿو سگهي؟ (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي؟ هرگز نه! هن کي ڪابه خبر ڪانهي). (٣٦) هن کي خبر ناهي ڇا ته حضرت موسيٰ وارن (خدائي) صحيفن ۾ ڇا (فرمايل) آهي؟ (٣٧) ۽ حضرت ابراهيم وارن (خدائي) صحيفن ۾ ڇا (فرمايل) آهي، جنهن (پيغمبر خدائي حڪمن جي) پوري پوري تعميل ڪئي. (٣٨) (انهن صحيفن ۾ فرمايل آهي) ته ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (٣٩) ۽ هرهڪ انسان کي فقط اهو ڪم ايندو جيڪو پاڻ پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان ڪيو هوندائين. (٤٠) ۽ يقيناً ڪوشش ۽ محنت (جو نتيجو) ضرور جلد ئي ڏسڻ ۾ ايندو. (٤١) پوءِ هن کي پورو پورو بدلو ملي ويندو. (٤٢) ۽ يقيناً آخر تنهنجي پروردگار وٽ (سڀني کي) پهچڻو آهي. (٤٣) ۽ يقيناً اهوئي آهي جي کلائي ٿو ۽ روئاري ٿو. (٤٤) ۽ يقيناً ماري ٿو ۽ جيئاري ٿو. (٤٥) ۽ يقيناً انهيءَ ئي نر ۽ ماديءَ جا جوڙا پيدا ڪيا (ڇا مان؟) (٤٦) هڪڙي منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن اهو (مقرر جاءِ تي) پهچايو وڃي ٿو. (٤٧) ۽ يقيناً وري جيئرو ڪري اٿارڻ سندس ذمي آهي (سو هو ضرور وري اٿاريندو). (٤٨) يقيناً اهوئي آهي جو غني ٿو ڪري ۽ خوش ٿو رکي (٤٩) ۽ يقيناً اهوئي شعري تاري جو پروردگار آهي (جنهن کي جاهل
عرب پوڄيندا آهن). (٥٠) ۽ يقيناً انهيءَ ئي پهرين عاد قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو. (٥١) ۽ ثمود قوم کي به تباهه ڪري ڇڏيو (ايتري قدر) جو ڪنهن کي به نه ڇڏيائين. (٥٢) ۽ اڳي حضرت نوح جي قوم کي به (ساڳيءَ طرح تباهه ڪيو هئائين) يقيناً اهي وڏا ظالم ۽ سرڪش هئا. (٥٣) ۽ هن (حضرت لوط وارن سدوم ۽ غموره جي) اونڌي ڪيل شهرن کي به تباهه ڪيو. (٥٤) پوءِ انهن شهرن کي انهن (پٿرن وغيره) ڍڪي پوري ڇڏيو جن (سچ پچ) انهن کي پوري ڇڏيو. (٥٥) پوءِ (اي سرڪش انسان) پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن بابت جهڳڙا ڪندو رهندين؟ (٥٦) (رحمان رب جي وڏي نعمت آهي سندس رسول ۽ ڪتاب. سو ياد رکو ته) هي خبردار ڪندڙ (پيغمبرﷺ) به اڳوڻن خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) مان هڪڙو آهي. (٥٧) (۽ يا رکو ته) اچڻ وارو (ڏينهن) اجهو آيو ڪي آيو. (٥٨) ان کي الله کان سواءِ ڪوبه ظاهر ڪري نٿو سگهي (ته ڪڏهن ايندو ۽ ڇا ٿيندو). (٥٩) پوءِ ڇا توهان هن ڳالهه بابت عجب ۾ پئجي ٿا وڃو؟ (۽ اعتبار نٿا ڪيو؟) (٦٠) ۽ کلو ٿا پيا ۽ روئو نٿا؟ (٦١) ۽ توهان بيهودين ڳالهين ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو. (غفلت ڇڏيو خبردار ٿيو). (٦٢) الله تعاليٰ اڳيان جهڪي پئو ۽ سندس ٻانهپ ڪيو (سندس سڀني حڪمن جي تعميل ڪيو).