سورت هود
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-8
قرآن مجيد جون آيتون دليل ۾ بلڪل چٽيون بيان ڪيل آهن
(١) الف- لام- را. هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون (پنهنجي مطلبن ۽ دليلن ۾) مضبوط ڪيون ويون آهن. وري کولي کولي چٽيون ڪيون ويون آهن. هي (ڪتاب) ان جي طرف کان آهي جو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي. (٢) (ان قرآن جو اعلان ڇا آهي؟) اهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو. يقين رکو ته مان (رسول) سندس طرفان اوهان ڏانهن خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري پهچائڻ وارو آهيان. (٣) ۽ هي (اعلان آهي) ته، پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو ۽ ڏانهس موٽو. (ائين ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي فائدن سان بلڪل چڱيءَ طرح نوازيندو ۽ (پنهنجي قانون مطابق) هرهڪ زياده (عمل) ڪرڻ واري کي سندس وڌيڪ ڪوشش جو اجر به ڏيندو. پر جيڪڏهن (خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ کان) منهن موڙيندؤ ته مون کي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب جو وڏو ڏينهن نه اچي وڃي. (٤) اوهان سڀني کي (آخر) الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. (٥) (اي پيغمبر!) تون ٻڌي ڇڏ ته، هي ماڻهو پنهنجي سينن کي ڍڪي ويڙهي ٿا ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله کان لڪن (يعني پنهنجي دلين جون ڳالهيون لڪائين ٿا) پر ياد رکن ته (انسان جي ڪابه ڳالهه خدا کان لڪل ناهي) اهي ماڻهو جڏهن پنهنجا سڀ ڪپڙا پنهنجي مٿان وجهي ڇڏن (تڏهن به لڪي نٿا سگهن). جيڪي هو لڪي لڪي ڪن ۽ جيڪي ظاهرظهور ڪن ٿا سو سڀ الله کي معلوم آهي. هو ته سينن (يعني دلين) جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي.
حصو ٻارهون
(٦) ۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهه دار ڪونهي جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي ۽ هو نه ڄاڻندو هجي ته سندس رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جنهن کي آخر سندس وجود سونپيو ويندو (يعني ڪٿي مرندو وغيره) اهو سڀ ڪجهه ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. (يعني الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي.) (٧) ۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس (حڪومت جي) تخت جي فرمانروائي پاڻيءَ تي هئي ۽ هن لاءِ پيدا ڪيائين ته توهان انسانن کي آزمائي ۽ هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي پوي ته ڪير عمل ۾ بهتر آهي. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته توهان کي مرڻ بعد اٿاريو ويندو ته پوءِ جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي ضرور چوندا ته هي ته (ڪوڙيون) جادوءَ جهڙيون ڳالهيون آهن. (٨) ۽ جيڪڏهن اسان هنن تان هڪ مقرر وقت تائين عذاب کي ٽاري رکون ته هو ضرور چوندا ته ڪهڙي ڳالهه آهي جا ان عذاب کي روڪي رهي آهي. سو ٻڌي ڇڏيو ته جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو تنهن ڏينهن پوءِ ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري ڪونه سگهندو ۽ جنهن ڳالهه تي اهي مسخريون ڪري رهيا آهن سان ضرور مٿن اچي ڪڙڪندي.
رڪوع ٢ آيت 9-تا-24
جيڪي رڳو دنيا چاهي ٿو تنهن کي سندس ڪوشش آهر دنيا ڏني وڃي ٿي، پر آخرت جي نعمتن کان محروم رهندو.
(٩) ۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا (يعني ڪا نعمت بخشيون ٿا) ۽ وري اها هٽائي ڇڏيون ٿا ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو. (١٠) ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ٿا ته پوءِ (هڪدم غافل ٿي وڃي ٿو ۽) چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون (هاڻي ڪهڙو غم آهي) حقيقت هيءَ آهي ته انسان (ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي) خوشيءِ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو. (١١) پر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي. (١٢) پوءِ (اي پيغمبر!) تون هيئن ڪندين ڇا ته جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن مان ڪجهه ڳالهيون ڇڏي ڏيندين ۽ ان سبب پنهنجي دل کي ڏک پهچائيندين؟ هن ڪري جو اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (حضرت جن) تي ڪو خزانو (آسمان مان) ڇو نه ٿو لهي اچي يا هن سان گڏ هڪڙو فرشتو ڇو نه ٿو کڙو رهي. (نه، انهن ڳالهين جي ڪري توکي غمگين ٿيڻ نه گهرجي) تنهنجي پوزيشن (منصب) هن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ته تون (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو آهين. (توتي اها ذميواري ڪانهي ته ماڻهو تنهنجيون ڳالهيون مڃين) ۽ هر شيءِ تي الله ئي نگهبان آهي. (١٣) پوءِ اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته، هن ماڻهوءَ (يعني حضرت جن) قرآن پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ٺاهي پيش ڪريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي به توهان پڪاري سگهو ٿا تنهن کي (ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ) پڪاري وٺو. (١٤) پوءِ جيڪڏهن (توهان جا ٺهرايل معبود) توهان جي پڪار جو جواب نه ڏين (۽ توهان اهڙيون سورتون نه ٺاهي سگهو) ته توهان سمجهي ڇڏيو ته قرآن الله ئي جي علم سان نازل ٿيو آهي. ۽ هيءَ ڳالهه به حق آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هاڻي ٻڌايو ته، توهان اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا ۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ٿا يا نه؟ (١٥) جيڪو (فقط) دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهي ٿو تنهن لاءِ (اسان جو قانون هي آهي ته) سندس ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا هتي (هن دنيا ۾) پورا پورا ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ هن لاءِ هن دنيا ۾ ڪجهه به گهٽتائي ڪانه ٿي ڪئي وڃي. (١٦) پر (ياد رکو ته) هي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. (ڇو ته هو حقيقتن کان منڪر ٿي گناهه جا ڪم به ڪندا هئا). جيڪي به هنن دنيا ۾ ٺاهيو سو سڀ ضايع ٿي ويندو ۽ جيڪي عمل هو ڪندا رهيا آهن سي نابود ٿي ويندا. (١٧) وري ڏسو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪڙو روشن دليل رکندڙ هجي (يعني وجدان ۽ عقل جو فيصلو) ۽ ان سان گڏ هڪڙو شاهد به هن جي طرف کان اچي ويو هجي (يعني الله جو وحي) ۽ ان کان اڳي حضرت موسيٰ جو ڪتاب جو رهنمائي ڪندڙ ۽ سراسر رحمت هو سو به اچي چڪو هجي (۽ تصديق ڪندڙ هجي ته پوءِ به اهڙا ماڻهو انڪار ڪري ٿا سگهن ڇا؟ نه) اهي ماڻهو مٿس ايمان آڻين ٿا ۽ (ملڪ جي مختلف) ٽولين مان جيڪي به ان جا منڪر ٿيا تن بابت يقين رکو ته انهن لاءِ (دوزخ جي) باهه ئي (ٺڪاڻو) آهي، جنهن جي کين واعدو ڪيو ويو آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ نه آڻ. (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابي بابت ڪنهن به طرح جو شڪ نه ڪجانءِ) اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي، پر (افسوس! هيئن ٿو ٿئي جو) اڪثر ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نٿا آڻين. (١٨) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو ڪوڙ ڳالهائي خدا تي بهتان لڳائي، جيڪي ائين ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت شاهد شاهدي ڏيندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ هنيو هو. سو ٻڌي ڇڏيو ته انهن ظالمن تي الله جي لعنت آهي. (١٩) جيڪي الله جي راهه کان سندس بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ور وڪڙ ۽ ڏنگائي پيدا ڪن ۽ جي آخرت جا به منڪر آهن. (٢٠) اهي ماڻهو نڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا آهن (يعني الله جي ڪمن کي روڪي ڪين سگهندا) نڪي الله کان سواءِ انهن جو ڪوئي ڪارساز آهي. انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو. (ڇو ته سندن سرڪشي ۽ ضديت اهڙي ته هئي جو) نڪي حق جي ڳالهه ٻڌي سگهندا هئا، نڪي (حقيقت جي روشني) ڏسي سگهندا هئا. (٢١) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجون جانيون تباهه ڪيون ۽ (زندگيءَ ۾) جيڪي جيڪي (حق جي خلاف) ڪوڙ ٺاهيائون سي سڀ (آخرت ۾) کانئن گم ٿي ويا. (٢٢) هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي ماڻهو آخرت ۾ سڀني کان زياده تباهه حال ٿيندا. (٢٣) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنهنجي پروردگار جي طرف قرار ورتو سي بهشتي آهن ۽ بهشت (جي نعمتن) ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. (٢٤) انهن ٻن ٽولين جو مثال اهڙو آهي جيئن هڪڙا انڌا ۽ ٻوڙا ۽ ٻيا ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ، پوءِ ٻڌايو ته ڇا ٻئي ٽوليون برابر ٿي سگهن ٿيون؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر به نٿا ڪريو؟ (افسوس!)
رڪوع ٣ آيت 25-تا-35
حضرت نوح جا هدايت واسطي پنهنجي قوم کي جتن ۽ قوم جي بيزاري
(٢٥) ۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، (اي منهنجي قوم!) مان توهان کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) کليو کلايو خبردار ڪرڻ وارو آهيان. (٢٦) الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريو. مان ڊڄان ٿو ته متان اوهان تي عذاب جو دردناڪ ڏينهن نه اچي وڃي. (٢٧) تنهن تي قوم جي انهن سردان جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي، چيو ته، اسان تو ۾ هن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه ڪانه ٿا ڏسون ته، تون به اسان وانگر هڪڙو انسان آهين ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پٺيان لڳا آهن، تن ۾ به انهن ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڏسجي جي حقير(۽) ذليل آهن. (يعني جيڪي مسڪين توتي ايمان آڻي رهيا آهن سي اهي آهن جن کي اسان ڌڪاريندا رهيا آهيون ۽ کين نفرت سان ڏسندا رهيا آهيون) ۽ اهي ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پٺيان لڳي پيا آهن. اسان ته اوهان ماڻهن ۾ پاڻ کان ڪابه بهتري ۽ برتري ڪانه ٿا ڏسون. (يعني اوهان اسان کا ڪنهن به ڳالهه ۾ افضل ڪونه ٿا ڏسجو) بلڪ اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو. (٢٨) (حضرت) نوح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرفان هڪ روشن دليل تي آهيان ۽ هن پاڻ وٽان هڪ رحمت به مون کي بخشي هجي (يعني حق جي راهه ڏيکاري هجي) پر اها رحمت اوهان کي ڏسڻ ۾ نه اچي ته (مان جيڪي ڪري رهيو آهيان تنهن کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان) ڇا اسان توهان کي زور سان راهه ڏيکاريون، اگرچه توهان ان کان بيزار آهيو؟ (٢٩) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهيان تنهن جي عيوض ۾ توهان کان مال دولت ڪونه ٿو گهران، منهنجي خدمت جي مزدوري فقط الله تي آهي ۽ (هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏيو ته) جن ماڻهن ايمان آندو آهي (سي اوهان جي نظر ۾ ڪيتروئي ذليل هجن پر) مان ائين ڪرڻ وارو ناهيان جو کين پاڻ وٽان تڙي ڪڍان، هنن کي به پنهنجي پروردگار سان (هڪ ڏينهن) ملڻو آهي (جيڪو اسان سڀني جي عملن جو حساب وٺڻ وارو آهي.) پر (مان توهان کي ڪهڙيءَ طرح سمجهائي باز آڻيان) مان ته ڏسان ٿو توهان اهڙا ماڻهو آهيو جو (حقيقت کان) جاهل آهيو. (٣٠) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! (مون کي ٻڌايو ته) جيڪڏهن مان هنن ماڻهن کي پاڻ وٽان ڪڍان (۽ الله جي طرفان مون کان پڇاڻو ٿئي جنهن الله وٽ عزت جو مدار آهي، ايمان ۽ عمل تي، نه ڪي دولت ۽ دنيائي پوزيشن تي) ته پوءِ الله جي مقابلي ۾ ڪير آهي جو منهنجي مدد ڪندو؟ (افسوس آهي اوهان تي) ڇا توهان غور نٿا ڪيو؟ (٣١) ۽ (ڏسو) مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن، نڪي ائين ٿو چوان ته مان غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ٿو، نه وري منهنجي هيءَ دعويٰ آهي ته مان فرشتو آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو چوان ته جن ماڻهن کي توهان حقارت جي نظر سان ڏسو ٿا تن کي الله تعاليٰ ڪابه ڀلائي نه ڏيندو (جيئن اوهان جو اعتقاد آهي) الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي انهن ماڻهن جي دلين ۾ آهي. جيڪڏهن مان (اوهان جي خواهش مطابق) ائين چوان (ته جيئن ئي اهڙي ڳالهه وات مان ڪڍندس) تيئن ئي ظالمن منجهان ٿي پوندس. (٣٢) تنهن تي انهن ماڻهن چيو ته، اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيا ۽ گهڻائي بحث ڪري چڪين (هاڻي انهن ڳالهين مان ورندو ڪجهه به ڪين) جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن ڳالهه جو تو واعدو ڏنو آهي (يعني چيو آهي ته، اوهان تي عذاب ايندو ۽ برباد ٿي ويندؤ) اها آڻي ڏيکار. (٣٣) نوح چيو ته جيڪڏهن الله کي منظور هوندو ته بيشڪ هو اوهان تي اها ڳالهه آڻي ڪڍندو ۽ اوهان کي اها طاقت نه ٿيندي جو (کيس ان ڳالهه کان) عاجز ڪري ڇڏيو (يعني کيس روڪي سگهو). (٣٤) ۽ جيڪڏهن الله جي مشيت (ارادو ۽ خواهش) اها آهي ته اوهان کي تباهه ڪري ته پوءِ مان توهان کي ڪيتري به نصيحت ڪرڻ گهران ته به منهنجي نصيحت ڪجهه به فائدو نه ڪندي، اهوئي اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏانهن ئي اوهان کي موٽڻو آهي. (٣٥) (الله جو حڪم ٿيو ته اي نوح!) هي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته هن ماڻهو (يعني نوح) پنهنجي دل مان هيءَ ڳالهه (يعني هدايت ۽ وحي جي ڳالهه) گهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي؟ تون چئي ڏي ته جيڪڏهن هيءَ ڳالهه مون گَهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي آهي ۽ توهان جيڪي گناهه ڪيو ٿا (تن جو بدلو توهان کي ملندو) مان انهن لاءِ ذميوار ڪونه آهيان.
رڪوع ٤ آيت 36-تا-49
حضرت نوح جي قوم تي ٻوڏ، سندس پٽ لاءِ سفارش. پر الله تعاليٰ کيس فرمايو ته، هو تنهنجو ناهي ڇو ته هو بدعمل آهي.
(٣٦) ۽ حضرت نوح کي وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کان سواءِ هاڻي ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو، پوءِ جيڪي اهي (ڪافر) ڪري رهيا آهن، تنهن تي (اجايو) ڏک ۽ غم نه ڪر. (٣٧) ۽ (حضرت نوح عليه السلام کي خدا فرمايو ته) اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي حڪم مطابق هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ شرع ڪري ڏي، ۽ هنن ظالمن جي باري ۾ هاڻي اسان کي ڪجهه به عرض معروض نه ڪر. يقيناً اهي ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آهن. (٣٨) تنهن تي حضرت نوح عليه السلام ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن جڏهن سندس قوم جا (هٺيلا) سردار وٽائنس لنگهندا هئا تڏهن (کيس ٻيڙي ٺاهڻ ۾ مشغول ڏسي) مسخريون ڪرڻ لڳندا هئا. حضرت نوح کين چوندو هو ته، توهان مون تي ٽوڪون ٿا ڪيو ته (ڀلي ڪيو) اهڙيءَ ئي طرح اسان به (توهان جي بيوقوفين تي هڪڙي ڏينهن) کِلنداسين. (٣٩) اهو وقت پري ناهي جڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته اهو ڪير آهي جنهن تي اهڙو عزاب ايندو جو کيس خوار خراب ڪندو ۽ وري (آخرت ۾ به) دائمي عذاب مٿس نازل ٿيندو. (٤٠) (هي سڀ ڪجهه يعني مسخري وغيره ٿيندي رهي) تان جو جڏهن وقت اچي ويو ته ان جي (مقرر ڪيل) ڳالهه ظهور ۾ اچي ۽ (فطرت جو) تنور جوش ۾ آيو تڏهن اسان (حضرت نوح عليه السلام کي) حڪم ڏنو ته هر قسم (جي جانورن) جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ چاڙهه ۽ پنهنجي اهل عيال کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل، پر اهل عيال ۾ اهي ماڻهو داخل ناهن جن بابت اڳ ئي چيو ويو آهي (ته غرق ٿيڻ وارا آهن) پڻ انهن ماڻهن کي به پاڻ سان کڻ جن ايمان آندو آهي ۽ نوح سان گڏ ايمان ڪونه آندو هئائون، سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي. (٤١) ۽ (حضرت نوح سنگتين کي) چيو ته، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. الله جي نالي سان ان ٻيڙيءَ کي هلڻو آهي ۽ الله ئي جي نالي سان ان کي بيهڻو آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. (٤٢) ۽ (ڏسو) اهڙين لهرن ۾ جي جبلن وانگر اٿن ٿيون ٻيڙي انهن (ماڻهن) کي کڻي وڃي رهي آهي ۽ حضرت نوح عليه السلام پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو جو ڪناري وٽ بيٺو هو ۽ چيائين ته، اي منهنجا پٽ! اسان سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان نه رهي پئو. (٤٣) هن چيو ته، مان ڪنهن جبل تي پناه وٺندس، جو مون کي پاڻيءَ (۾ ٻڏڻ) کان بچائي وٺندو. حضرت نوح چيس ته، (تون ڪهڙي خام خيال ۾ گرفتار ٿي ويو آهين) اڄ الله جي (ٺهرايل) ڳالهه کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري ۽ (ڏسو) ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي لهر اچي ويئي. پوءِ هو انهن مان ٿيو جيڪي ٻڏڻ وارا هئا. (٤٤) ۽ (پوءِ الله جو) حڪم ٿيو ته، اي زمين پنهنجو پاڻي پئي ڇڏ ۽ اي آسمان برسات کي بند ڪر، پوءِ پاڻي لهي ويو ۽ حادثي پڄاڻي ڪئي ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيهي رهي. ۽ (الله جو) فيصلو ٿيو ته نامرادي ۽ ناڪامي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ظالم آهن. (٤٥) ۽ نوح عليه السلام پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ۽ چيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهر جي ماڻهن مان آهي ۽ يقيناً تنهنجو واعدو سچو آهي. توکان بهتر فيصلي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. (٤٦) (خدا) فرمايو ته، اي نوح! هو تنهنجي گهرجي ماڻهن مان ناهي. هو ته سراسر بدعمل آهي. پوءِ جنهن حقيقت جو توکي علم ناهي تنهن بابت سوال نه ڪر، مان توکي نصيحت ٿو ڪيان ته جاهلن مان نه ٿيءُ. (٤٧) (نوح) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان تنهنجي پناه ٿو گهران ته اهڙيءَ ڳالهه جو سوال ڪيان جنهن جي حقيقت جو علم مون کي ڪونهي، جيڪڏهن تون مون کي نه بخشين ۽ رحم نه ڪرين ته مان انهن ماڻهن منجهان ٿي پوندس جيڪي نقصان هيٺ آيا ۽ تباهه ٿي ويا. (٤٨) حڪم ٿيو ته، اي نوح! هاڻي ٻيڙيءَ مان لهه. اسان جي طرفان توتي سلامتي ۽ برڪتون هجن، پڻ انهن جماعتن تي جي توسان آهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جماعتون (پوءِ اچڻ واريون) آهن جن کي اسان (زندگيءَ جي فائدن سان) حصيدار ڪنداسين. پر پوءِ کين (بدعملن جي بدلي ۾) اسان جي طرف کان دردناڪ عذاب پهچندو. (٤٩) (اي پيغمبر!) اهي غيب جي خبرن مان آهن جي اسان وحي جي ذريعي توکي ٻڌائي رهيا آهيون هن کان اڳي اهي ڳالهيون نڪي تون ڄاڻندو هئين نڪي تنهنجي قوم. پوءِ (تون به) صبر ڪر ۽ استقامت رک (۽ پنهنجي فرض ادائي ۾ ثابت قدم رهه ۽ منڪرن جي جهل ۽ شرارتن جي ڪري دلگير نه ٿيءُ) بيشڪ (ڪامياب) پڇاڙي انهن لاءِ آهي جيڪي متقي آهن.
رڪوع ٥ آيت 50-تا-60
حضرت هود جو پنهنجي قوم کي نصيحت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ
(٥٠) ۽ اسان عاد (قوم) ڏي سندس برادريءَ مان حضرت هود کي پيغمبر ڪري موڪليو، حضرت هود کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود (يا حاڪم يا بادشاهه) ڪونهي، يقين ڪريو ته توهان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيو ته (حقيقت جي خلاف) ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهيو. (٥١) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان هن ڳالهه جي لاءِ توهان کان ڪو عيوضو (يا انعام) ڪونه ٿو گهران. منهنجي بدلو يا اجر ته انهيءَ تي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. پوءِ ڇا توهان اهڙي صاف ڳالهه به) نٿا سمجهو. (٥٢) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! پنهنجي پروردگار کان (پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي) مغفرت (يعني معافي) گهرو ۽ (آئنده جي لاءِ) سندس حضور ۾ توبه ڪيو. هو توهان جي لاءِ مينهن وسائيندڙ ڪڪر موڪلي ٿو (جن سان توهان جون پوکون ۽ باغ سرسبز ٿين ٿا) ۽ توهان جي قوتن ۾ نيون نيون قوتون وڌائي ٿو. (جنهن ڪري ترقيون ڪري رهيا آهيو) ۽ (ڏسو) ائين نه ٿئي جو گناهه ڪري (حق ۽ حقيقت کان) منهن موڙي ڇڏيو. (٥٣) (هنن ماڻهن) چيو ته، اي هود! تون اسان وٽ ڪو (مضبوط) دليل ته ڪونه کڻي آيو آهين ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجي معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڪونه ڏينداسين. اسان توتي ايمان آڻڻ وارا هرگز نه آهيون. (٥٤) اسان جيڪي به چئي سگهون ٿا، سو هي آهي ته اسان جي معبودن مان ڪنهن معبود جي توتي مار پئي آهي يا پٽ لڳي آهي (تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين). (تنهن تي) هود چيو ته، مان الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو ته جن هستين کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بيزار آهيان. (٥٥) توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف جيڪي به تدبيرون ڪري سگهو ٿا سي ضرور ڪيو ۽ مون کي (ڪجهه به) مهلت نه ڏيو (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري). (٥٦) منهنجو ڀروسو الله تي آهي جو منهنجو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. ڪوبه چرندڙ ساهه وارو ڪونهي جو سندس قبضي کان ٻاهر هجي. منهنجو پرورگار (حق ۽ عدل جي) سڌي واٽ تي آهي (يعني سندس راهه ظلم جي راهه ٿي نٿي سگهي.). (٥٧) پوءِ جيڪڏهن (تنهن هوندي به) توهان منهن موڙيو ته (ياد رکو ته) جنهن ڳالهه لاءِ مون کي پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي، سا ڳالهه مون پهچائي (ان کان وڌيڪ منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به ناهي) ۽ (مون کي ته هيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته) منهنجو پروردگار (توهان کي برباد ڪري) ڪنهن ٻي قوم کي توهان جي جاءِ ڏيندو، ۽ توهان سندس ڪجهه به (ڪم) بگاڙي نه سگهندؤ. يقيناً منهنجو پروردگار هر شيءِ تي نگهبان آهي. (٥٨) ۽ (ڏسو) جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان پنهنجي رحمت سان هود کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي به بچائي ورتو جن ساڻس گڏ (سچائي تي) ايمان آندو هو، ۽ اهڙي عذاب کان بچايو جو وڏو سخت عذاب هو. (٥٩) هي آهي بيان عاد قوم جو. هنن پنهنجي پروردگار جون نشانيون (تڪبر ۽ خود غرضيءَ کان) ڪوڙيون ٺهرايون ۽ سندس رسولن جي نافرماني ڪئي ۽ هرهڪ تڪبر ڪندڙ سرڪش جي حڪم جي پيروي ڪئي. (٦٠) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) دنيا ۾ هنن تي لعنت وسي (يعني الله جي رحمت جي برڪتن کان محروم رهيا.) ۽ قيامت جي ڏينهن به (مٿن لعنت پيئي) سو ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي لاءِ محروميءَ جو اعلان ٿيو جا هود جي قوم هئي.
رڪوع ٦ آيت 61-تا-68
حضرت صالح جو پنهنجي قوم ثمود کي وعظ ڪرڻ. انڪار ۽ نافرماني سبب سندن تباهه ٿيڻ. حضرت صالح ۽ مؤمنن جو بچڻ.
(٦١) ۽ اسان ثمود قوم ڏانهن سندس برادريءَ مان حضرت صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو. کائنس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ وري ان ۾ ئي اوهان کي رهايو. (يعني زمين کي اوهان سان آباد ڪيو ۽ رونق ڏني) پوءِ اوهان کي گهرجي ته کانئس بخشش گهرو ۽ سندس طرف رجوع ٿي زندگي بسر ڪريو. يقين رکو ته منهنجي پروردگار (هرهڪ کي) ويجهڙو آهي ۽ (هرهڪ جي) دعائن جو جواب ڏيندڙ آهي. (٦٢) ماڻهن چيو ته، اي صالح! هن کان اڳي ته تون اهڙي (اعليٰ دل ۽ دماغ وارو) ماڻهو هئين جو اسان سڀني جون تو ۾ ڏاڍيون اميدون هيون، پوءِ ڇا تون اسان کي روڪين ٿو ته انهن معبودن (ديوتائن) جي پوڄا نه ڪريون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن. (هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟) اسان کي به انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو شڪ آهي، جنهن جي اسان کي دعوت ڏئي رهيو آهين ۽ جنهن کي اسان جون دليون قبول ئي نٿيون ڪن. (٦٣) صالح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرف کان (مليل) روشن دليل تي به هجان (يعني خدا مون کي صحيح عقل به ڏنو هجي) ۽ پوءِ به مان سندس حڪم جي انحرافي ڪريان ۽ نافرماني ڪريان ته پوءِ ڪير آهي جو الله جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪندو. (توهان جو مون کي چئو ٿا ته ابن ڏاڏن جي رسمن خلاف خدا جو حڪم ڇڏي ڏيان، سو) توهان مون کي ڪو فائدو نه ٿا پهچايو، پر اٽلندو نقصان ۽ تباهيءَ جي طرف وٺي وڃڻ ٿا چاهيو. (٦٤) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ڏسو، هي الله جي ڏاچي (يعني سندس نالي تي ڇڏي ڏنل ڏاچي) توهان جي لاءِ هڪ (فيصلو ڪندڙ) نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين تي چرندي وتي. ان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه پهچائجو، نه ته هڪدم اوهان تي عذاب اچي ڪڙڪندو. (٦٥) پر ماڻهن (زياده ضد ۾ اچي) ان کي ماري ڇڏيو. تڏهن حضرت صالح کين چيو ته، (هاڻي توهان کي فقط) ٽن ڏينهن (جي مهلت آهي) پنهنجي گهرن ۾ کائي پي وٺو. هيءَ (خدائي) واعدو آهي، هرگز ڪوڙو نه ٿيندو. (٦٦) پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان صالح کي ۽ انهن کي، جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ ان ڏينهن جي خواري ۽ خرابيءَ کان ڇوٽڪارو ڏنو. (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پرورگار ئي آهي جو قوت وارو ۽ سڀني تي غالب آهي. (٦٧) ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ وڏي زورواري ڪڙڪي اچي پڪڙيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀ پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا. (٦٨) (۽ هو اهڙو اوچتو مري ويا) گويا انهن گهرن ۾ ڪڏهن رهيائي ڪونه هئا، سو ٻڌي ڇڏيو ته ثمود قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته ثمود جي قوم (هر طرح جي نعمتن کان) محروم رهي.
رڪوع ٧ آيت 69-تا-83
لوط جي قوم جي شهرن تي بدعملي جي ڪري پٿرن جو مينهن وسيو ۽ تباهه ٿي ويا.
(٦٩) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) حضرت ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا. هنن چيو ته اوهان تي سلامتي هجي. ابراهيم چيو ته، توهان تي به سلامتي هجي. پوءِ حضرت ابراهيم هڪدم هڪڙو ڀڳل گابو کڻي آيو (۽ کائڻ لاءِ سندن اڳيان رکيائين جو کين رواجي مهمان سمجهيو هئائين.) (٧٠) پوءِ جڏهن ڏٺائين ته هنن جا هٿ طعام ڏي نٿا وڌن تڏهن هنن جي باري ۾ بدگمان ٿيو ۽ دل ۾ ڊنو (ته هيءَ الاجي ڪهڙي ڳالهه آهي.) (پر) هنن چئي ڏنو ته ڊڄ نه، اسان ته (الله جي طرف کان) لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيو. (٧١) ۽ سندس گهرواري (ساره) به (تنبوءَ ۾) بيٺي (ٻڌي رهي) هئي. هوءَ کلي ويٺي (ڇو ته پهريون انديشو لهي ويس ۽ خوش ٿي) پوءِ اسان کيس (پنهنجي فرشتن هٿان) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ هن ڳالهه جي ته اسحاق کان پوءِ يعقوب جو ظهور ٿيندو. (٧٢) هن چيو ته، افسوس مون تي! ڇا هيئن به ٿي ٿو سگهي ته مون کي اولاد ٿئي جڏهن ته مان گهڻي ٻڍڙي ٿي وئي آهيا، ۽ هيءُ منهنجو مڙس (حضرت ابراهيم عليه ا لسلام) به پوڙهو ٿي چڪو آهي. هيءَ ته وڏي عجب جي ڳالهه آهي. (٧٣) هنن چيو ته، ڇا تون الله جي ڪمن تي عجب ٿي کائين. اوهان تي الله جي رحمت ۽ برڪتون هجن اي (ابراهيم عليه السلام جي) گهر جا ماڻهو (سندس فضل ۽ ڪرم لاءِ هيءَ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي) بيشڪ اهوئي آهي جو سڀني ڪامل صفتن سان موصوف آهي ۽ اهو ئي آهي جنهن جي لاءِ هر طرح جي بزرگي ۽ شان آهي. (٧٤) پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم جي دل مان انديشو دور ٿي ويو ۽ کيس خوشخبري ملي تڏهن هو لوط جي قوم جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪرڻ لڳو. (يعني اسان جي فرشتن کان هر هر سوال پڇڻ لڳو ته ايندڙ بلا لوط جي قوم تان ٽري وڃي). (٧٥) حقيقت اها آهي ته، حضرت ابراهيم وڏو بردبار، تمام نرم دل ۽ (هر حال ۾) الله جي طرف رجوع ٿي رهڻ وارو هو. (٧٦) (اسان جي فرشتن کيس چيو ته) اي ابراهيم، هاڻي هن ڳالهه جو خيال ڇڏي ڏي. تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه اچي وئي آهي ۽ هنن ماڻهن تي عذاب اچي رهيو آهي. جو ڪنهن به طرح ٽرڻ وارو ناهي. (٧٧) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا حضرت لوط وٽ پهتا تڏهن هو سندن اچڻ تي خوش ڪونه ٿيو ۽ سندن موجودگيءَ کيس پريشان ڪري وڌو، هن چئي ڏنو ته اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي. (٧٨) ۽ سندس قوم جا ماڻهو (ڌارين جي اچڻ جي خبر ٻڌي) ڊوڙندا (وٽس) آيا. هو اڳ ئي بڇڙن (فاحش) ڪمن ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا. حضرت لوط کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هي (شهر ۾ رهندڙ زالون) منهنجون نياڻيون آهن (يعني حضرت لوط کين پنهنجي ڌيئرن وانگر ڀائيندو هو ۽ کين سندن مردن ڇڏي ڏنو هو) اهي (زالون) اوهان جي لاءِ جائز ۽ پاڪ آهن. پوءِ (انهن ڏي وڃو ۽ بي شرميءَ جا ڪم ڇڏي ڏيو) الله کان ڊڄو منهنجي مهمانن جي باري ۾ مون کي شرمندو ۽ خوار نه ڪيو. ڇا اوهان ۾ ڪو هڪڙو به چڱو مڙس ڪونهي؟ (٧٩) هنن (خبيث) ماڻهن چيو ته توکي ته خبر آهي ته تنهنجي انهن نياڻين سان اسان جو ڪوبه واسطو ڪونهي ۽ توکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته اسان ڇا ڪرڻ چاهيون ٿا. (٨٠) حضرت لوط چيو ته، شال ائين هجي ها جو مون کي اوهان جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت هجي ها، يا ڪو مضبوط سهارو (ڪنهن جماعت جي مددگاري) هجي ها جنهن جو آسرو يا پناهه يا مدد وٺي سگهان ها! (٨١) (تڏهن) انهن مهمانن (يعني فرشتن) چيو ته، اي لوط! اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيو. (گهٻرائڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي) هي ماڻهو ڪڏهن به تو وٽ پهچي نه سگهندا (جو توکي ايذاءُ ڏين يا توتي غالب پون). تون هيئن ڪر جو جڏهن رات جو هڪ حصو گذري وڃي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي پاڻ سان وٺي نڪري هليو وڃ ۽ اوهان مان ڪوبه هيڏي هوڏي نه ڏسي (يعني ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪري)، پر تنهنجي گهرواري (تو سان گڏ نه هلندي. هو پٺتي رهجي پوندي ۽) جيڪو هنن ماڻهن تي (حادثو) اچڻو آهي سو مٿس به (يعني تنهنجي زال تي به) ايندو. انهن ماڻهن جي لاءِ عذاب جو مقرر وقت صبح آهي ۽ صبح جي اچڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. (٨٢) پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلائي ڇڏيون (يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون) ۽ انهن (علائقن) تي باهه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا. (٨٣) جي پٿر تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ (انهيءَ مطلب لاءِ) نشان ڪيا ويا هئا. اها بستي ۽ علائقا هنن ظالمن (يعني مڪي جي شريرن) کان پري ڪونه آهن (اهي مڪي جا ظالم پنهنجي مسافريءَ وقت اتان لنگهندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ان مان عبرت وٺي سگهن ٿا.)
رڪوع ٨ آيت 84-تا-95
نافرمانين جي ڪري مدين جي ماڻهن تي اهڙو آواز اچي ڪڙڪيو جو صبح جي وقت اونڌا ٿيا پيا هئا.
(٨٤) ۽ اسان مدين (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ حضرت شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو، کائنس سواءِ ڪوبه اطاعت لائق ڪونهي ۽ ماپ ۽ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو. مان ڏسي رهيو آهيان ته توهان خوشحال ۽ آسودا آهيو (يعني خدا توهان کي گهڻوئي رزق ڏنو آهي، پوءِ بي شڪريءَ کان پاڻ کي بچايو) مان ڊڄان ٿو ته توهان تي اهڙو عذاب جو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي، جو سڀني تي ڇانئجي وڃي. (٨٥) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون (سندن حق کان) گهٽ نه ڏيو. ملڪ ۾ شرارت ۽ فساد نه پکيڙيندا وتو. (٨٦) جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه مڃي ته پوءِ جيڪي الله جو ڏنل (ڌنڌي ۾) بچي پوي، تنهن ۾ ئي توهان جي ڀلائي آهي ۽ ڏسو (منهنجو ڪم ته فقط نصيحت ڪرڻ آهي.) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان کي پنهنجي راهه تي هلايان). (٨٧) ماڻهن چيو ته، اي شعيب! تنهنجون اهي نمازون (جي تون پنهنجي خدا جي لاءِ پڙهين ٿو) توکي هي حڪم ٿيون ڏين ڇا ته، اسان کي اچي چئين ته هنن معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڏيون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن؟ يا (اسان کي اچي چئين ته) توهان کي اهو اختيار ڪونهي ته توهان پنهنجي مال دولت بابت جيئن وڻيو تيئن ڪيو؟ (اسان کي بيشڪ پنهنجي مال بابت اختيار آهي) بس رڳو تون ئي هڪ نرم دل ۽ ايماندار ماڻهو وڃي رهيو آهين؟ (٨٨) حضرت شعيب چيو ته، اي منهجي قوم جا ماڻهو! توهان هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا ته، جيڪڏهن مون کي الله جي طرف کان هڪ روشن دليل مليل هجي ۽ (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) مون کي چڱي روزي ڏيئي رهيو هجي ۽ (ته پوءِ به مان چپ ڪري ويهي رهان ۽ توهان کي حق جي طرف نه سڏيان) ۽ مان ائين به ڪونه ٿو چاهيان ته جنهن ڳالهه کان توهان کي روڪيان ٿو تنهن کان توهان کي ته روڪيان پر پاڻ ان جي خلاف عمل ڪيان. (مان جيڪي توهان کي چوان ٿو تنهن تي پاڻ به عمل ڪيان ٿو). مان هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چاهيان ته جيتري قدر منهنجي وس ۾ آهي اوتري قدر حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪريان، منهنجو ڪم جيڪڏهن سرانجام ٿيڻو آهي ته فقط انهيءَ تي ڀروسو ٿو ڪيان ۽ انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿو ٿيان. (٨٩) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ائين نه ٿئي جو مون سان ضد ۾ اچي (يعني ذاتي دشمنيءَ جي ڪري) اهڙي ڳالهه ڪري ويهو جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي ڪڙڪي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم تي اچي نازل ٿيو. ۽ لوط جي قوم (وارو معاملو) ته توهان کان گهڻو پري ناهي (يعني اهو ٻين کان پوءِ ٿيو آهي ۽ اوهان سڀني کي معلوم آهي. تنهن ڪري عبرت وٺو.) (٩٠) ۽ الله کان (پنهنجي گناهن جي) معافي گهرو ۽ سندس طرف موٽو. منهنجو پروردگار وڏي رحمت وارو ۽ وڏي محبت وارو آهي (هو اوهان تي رحمت ڪندو ۽ اوهان سان محبت رکندو). (٩١) ماڻهن چيو ته اي شعيب! تون جيڪي به چئين ٿو تنهن مان گهڻيون ڳالهيون ته اسان جي سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن، ۽ اسان ڏسون ٿا ته تون اسان ماڻهن ۾ هڪ ڪمزور ماڻهو آهي. جيڪڏهن (توسان) تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو شامل نه هجن ها ته اسان ضرور توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها (يعني پٿر هڻي ماريون ها) اسان جي اڳيان تنهنجي ڪابه هلندي پڄندي يا طاقت ڪانهي. (٩٢) حضرت شعيب فرمايو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان تي الله کان وڌيڪ منهنجي برادريءَ جو دٻاءُ آهي ڇا؟ (يعني الله جو ايترو به خيال نٿا رکو جيترو منهنجي برادريءَ جو) ۽ (الله توهان جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي جو) هن (جي حڪم) کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿو. (چڱو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو منهنجي پروردگار جي احاطه (علم) کان ٻاهر ناهي. (يعني الله تعاليٰ اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ ضرور انهن جو حساب وٺندو.) (٩٣) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو. مان به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ۾ سرگرم آهيان، (يعني پنهنجي فرض ادائي ڪندو رهندس) تمام جلد اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن تي ٿو عذاب اچي جو ان کي خوار خراب ڪري ۽ ڪير سچ پچ ڪوڙو آهي. ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسان ٿو. (٩٤) ۽ پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو (تڏهن ڇا ٿيو جو) اسان شعيب کي ۽ انهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ظالم هئا تن کي هڪ سخت آواز اچي پڪڙ ڪئي. پوءِ جڏهن صبح ٿيو تڏهن (ڏٺو ويو ته) اهي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا. (٩٥) (اهي اهڙو ته اوچتو تباهه ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن به انهن گهرن ۾ رهيائي ڪون هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته مدين جي قبيلي جي لاءِ به اهڙي ئي محرومي ۽ ناڪاميابي رهي جهڙي ثمود جي قوم لاءِ ٿي هئي.
رڪوع ٩ آيت 96-تا-109
هنن پاڻ تي ظلم ڪيو، خدا ته عادل ۽ رحيم آهي.
(٩٦) ۽ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ چٽيءَ سَندَ سان پيغمبر ڪري موڪليو. (٩٧) فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن، پر اُهي سردار فرعون جي ڳالهه تي هليا، ۽ فرعون جي ڳالهه سچائي ۽ سڌائي جي ڳالهه نه هئي. (٩٨) قيامت جي ڏينهن هو (يعني فرعون) پنهنجي قوم جي اڳيان هوندو (جهڙيءَ طرح دنيا ۾ به گمراهيءَ ۾ سڀني کان اڳ ۾ هو) ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائيندو، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي نه بڇڙي پهچڻ جي جاءِ آهي اها جتي هو پهچندا. (٩٩) ۽ هن دنيا ۾ به لعنت سندن پٺيان لڳي (جو سندن بدنامي پئي ڳائجي) ۽ قيامت ۾ به (جتي آخرت جي عذاب جا حقدار ٿيا) سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي جو سندن حصي ۾ آيو. (١٠٠) (اي پيغمبر!) هي (اڳوڻين) آبادين جي خبرن مان ڪن جو بيان آهي جو اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، انهن مان ڪي ته هن وقت تائين قائم آهن ۽ ڪي بلڪل اجڙي ويون. (١٠١) ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو. بلڪ خود هنن ئي پاڻ تي ظلم ڪيو. سو (ڏس ته) جڏهن تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل ڳالهه) اچي ويئي تڏهن هنن جا اهي معبود ڪنهن به ڪم نه آيا، جن کي الله کان سواءِ (يعني الله کي ڇڏي) پڪاريندا هئا. انهن (کين) ڪجهه به فائدو ڪونه پهچايو. اٽلندو سندن تباهيءَ جو باعث ٿيا. (١٠٢) ۽ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ اهڙي ئي ٿيندي آهي جڏهن هو انساني آبادين کي ظلم ڪندي پڪڙيندو آهي. (يعني جڏهن ماڻهو ظلم ڪندا آهن ۽ الله تعاليٰ سندن ظلمن جي ڪري کين پڪڙ ڪندو آهي) يقيناً سندس پڪڙ ڏاڍي دردناڪ ۽ سخت هوندي آهي. (١٠٣) بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ وڏي عبرت رکيل آهي، جيڪو آخرت جي عذاب جو خوف رکندڙ هجي. هي (آخرت جو ڏينهن) اهو ڏينهن آهي جڏهن سڀ انسان هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويندا ۽ هي اهو ڏينهن آهي جنهن جو نظارو ڪيو ويندو. (١٠٤) ۽ اسان انهيءَ ڏينهن کي پٺتي نه رکيو آهي، پر فقط هن لاءِ ته هڪ مقرر وقت تي ان جو ظهور ٿئي. (١٠٥) جڏهن اهو ڏينهن اچي ويندو تڏهن ڪنهن کي به مجال نه ٿيندو جو الله جي اجازت کان سواءِ زبان کولي (۽ ڳالهائي) پوءِ (انهيءَ ڏينهن انسانن جا ٻه قسم هوندا) ڪي اهڙا هوندا جن جي لاءِ محرومي آهي ۽ ڪي اهڙا جن لاءِ سعادت آهي. (١٠٦) سو جيڪي ماڻهو محروم رهيا سي دوزخ ۾ هوندا ۽ هنن لاءِ اتي روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ هوندو. (١٠٧) هو انهيءَ (روڄ راڙي جي حالت ۾ ) رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن. (۽ ان جي خلاف ڪجهه نه هوندو) سواءِ هن صورت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجن ڪمن ۾ اختيار وارو آهي. جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. (١٠٨) ۽ جن ماڻهن سعادت (ڪامراني) حاصل ڪئي سي بهشت ۾ هوندا ۽ ان ۾ ئي رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن (ان جي خلاف ڪجهه ٿيڻوئي ناهي) سواءِ ان حالت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. اها (سعيدن سڀاڳن لاءِ) بخشش آهي جا هميشه لاءِ جاري رهڻ واري آهي. (١٠٩) پوءِ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪي (خدا کان سواءِ ٻين هستين جي) بندگي ٿا ڪن تن جي باري ۾ توکي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي (هو ضرور پنهنجو ڪيتو لوڙيندا) اهي اهڙيءَ ئي طرح بندگي ڪري رهيا آهن، جهڙيءَ طرح کانئن اڳي سندن ابا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن. ضرور هيئن ٿيڻو آهي ته اسان هنن (جي عملن جي نتيجن) جو حصو هنن کي پورو پورو ڏينداسين، بنا ڪنهن گهٽتائيءَ جي.
رڪوع ١٠ آيت 110-تا-123
حضرت موسيٰ تي ڪتاب نازل ڪيو ويو، پر تنهن هوندي به ماڻهن اختلاف ڪيا.
(١١٠) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيا ويا ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار اڳ ۾ ئي هڪڙي ڳالهه ٺهرائي نه ڇڏي هجي ها (يعني هيءَ ڳالهه ته دنيا ۾ هر انسان کي خدا جي قانون موجب مهلت ملڻي آهي) ته ضرور انهن جي وچ ۾ (هڪدم) فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ انهن (منڪرن) کي ان بابت شڪ ۽ گمان آهي جو منجهي پيا آهن. (١١١) ۽ (يقين ڪر ته) سڀني جي لاءِ هيئن ئي ٿيڻو آهي ته جڏهن وقت اچي ويندو تڏهن تنهنجو پروردگار سندن عملن جو بدلو کين پورو ڏيئي ڇڏيندو. جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن، تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي. (١١٢) تنهن ڪري توکي گهرجي ته جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح تون ۽ اُهي سڀ جيڪي (خدا ڏي) موٽي توسان شامل ٿيا آهن، (حق جي راهه تي) مضبوط ۽ محڪم ٿي وڃو ۽ حدن کان ٻاهر نه وڃو، يقين ڪيو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو خدا ڏسي رهيو آهي. (١١٣) ۽ هيئن به نه ڪجو جو ظالمن جي طرف جهڪي پئو (۽ هنن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملن ۾ گهٽتائي ڪيو ۽ سندن دليون وٺڻ جي ڪوشش ڪيو) جنهن ڪري (انهن جي ويجهو هئڻ سبب) توهان کي به باهه جي لهس اچي وڃي. الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه رفيق ڪونهي. پوءِ (جيڪڏهن ان کان جدا ٿيندؤ ته) ڪوبه توهان جي مدد ڪونه ڪندو. (١١٤) ۽ نماز قائم ڪيو، انهيءَ وقت جڏهن ڏينهن شروع ٿيڻ تي هجي ۽ انهيءَ وقت جڏهن رات جو پهريون حصو گذري ويو هجي. ياد رکو ته، نيڪيون برائين کي کڻي ٿيون وڃن. هيءَ نصيحت آهي انهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺندڙ آهن. (١١٥) ۽ صبر ڪيو (يعني حق جي راهه ۾ سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون ثابت قدميءَ سان سهندا رهو) ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ نيڪ عملن جو اجر ضايع نٿو ڪري. (١١٦) پوءِ (ڏسو ته) هيئن ڇو نه ٿيو جو جيڪي پيڙهيون اوهان کي اڳي ٿي گذريون تن ۾ ڪي نيڪ ماڻهو به رهن ها جيڪي ٻين ماڻهن کي گناهن ۽ شرارتن ۽ فساد کان روڪين ها، پر ائين ڪونه ٿيو سواءِ ڪن ٿورين پيڙهين جي جن کي اسان (تباهه ٿيڻ کان) ڇوٽڪارو ڏنو. ظلم ڪندڙ ته انهيءَ ئي راهه تي هلندا رهيا جنهن ۾ هنن (پنهنجي نفساني لذتن جي) آسودگي محسوس ڪئي هئي ۽ اُهي سڀ (حق جي حڪمن جا نافرمان) ڏوهاري ۽ گنهگار هئا. (١١٧) ۽ (ياد رک ته) هيئن هرگز ٿي نٿو سگهي جو تنهنجو پروردگار بستين ۽ آبادين کي ناحق تباهه ڪري ڇڏي، اگرچه انهن جا رهاڪو پاڻ کي سڌارڻ وارا هجن. (١١٨) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته سڀني ماڻهن کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ هڪ ئي راهه تي گامزن هجن ها. پر توهان ڏسي رهيا آهيو ته هن ائين نه چاهيو ۽ هتي جدا جدا ٽوليون ۽ جدا جدا واٽون ٿيون) ۽ ماڻهو ائين ئي جدا جدا راهن تي هلندا رهندا. (١١٩) پر جن تي تنهنجي پروردگار رحم ڪيو (سي اختلاف ڪونه ڪندا، ڇو ته اُهي حقيقت کي پروڙي ويندا ۽ قبول ڪندا) ۽ کين انهيءَ ئي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ (وري ڏسو ته فڪر ۽ عمل جي انهيءَ ئي اختلاف جو نتيجو آهي جو) تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه پوري بيٺي جو ضرور هيئن ٿيندو ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سان ڀري ڇڏيندس. (١٢٠) ۽ (اي پيغمبر!) رسولن جي احوالن مان جيڪي جيڪي قصا اسان توکي ٻڌايون ٿا (يعني جن جن نمونن سان ٻڌايون ٿا) تن سڀني ۾ هيءَ ئي ڳالهه (يعني مقصد رکيل) آهي ته تنهنجي دل کي تسڪين (تسلي) ڏيون (ته اڳي به ماڻهن رسولن جي مخالفت ڪئي تنهن ڪري تون پاڻ کي ارمان ۾ جهوري نه وجهه) ۽ (ٻي هيءَ ڳالهه ته انهن قصن مان) توکي حق جو اجر ملي ويو. (يعني سچائي جا روشن دليل ملي ويا) ۽ پڻ نصيحت (ته فقط نصيحت وٺندڙ نصيحت تي هلندا) ۽ پڻ (انهن قصن ۾) مؤمنن جي لاءِ (حق جي) يادگيري ڏياري ويئي. (١٢١) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين (۽ حق جي دعوت جو مقابلو ڪري رهيا آهن) تن کي چئي ڏي ته توهان پنهنجي جاءِ تي (يعني جيئن وڻيوَ ۽ پڄيوَ تيئن) ڪم ڪندا رهو. اسان به (پنهنجي جاءِ تي) عملن ۾ سرگرم آهيون. (١٢٢) ۽ (نتيجي لاءِ) منتظر رهو. اسان به منتظر آهيون. (١٢٣) ۽ (ياد رک ته) الله ئي کي آسمان ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم آهي. ۽ سڀ ڪم سندس ئي اڳيان رجوع ٿين ٿا. تنهن ڪري سندس ئي بندگيءَ ۾ لڳو رهه (يعني سڀ فرض ۽ حڪم بجا آڻيندو رهه) ۽ مٿس ڀروسو رک (ته آخر نيڪ ماڻهو ڪامياب ٿيندا ۽ بد ماڻهو نقصانن هيٺ ايندا) تنهنجو پروردگار انهن عملن کان غافل ناهي، جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن (هو ماڻهن جا سڀ عمل ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو حساب وٺي ٿو ۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.