سورت عبس
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-42
هڪ نابيني مؤمن کي ٿورو نظر انداز ڪرڻ تي رسولﷺ کي تنبيهه.
(١) (محمدﷺ) بي رخي ڏيکاري ۽ منهن موڙيائين. (٢) ان ڪري جو وٽس هڪ نابينو (صحابي) آيو. (٣) ۽ توکي (اي محمدﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو (تنهنجي تعليم سان) چڱيءَ طرح نيڪوڪار ٿي وڃي. (٤) يا (تنهنجي نصيحت تي آهستي آهستي) ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏئي. (٥) پر (ان جي برعڪس) جيڪو (هدايت جي پاسي کان) بي پرواهي ڪري ٿو. (٦) ته تون ان (جي هدايت) جو خيال ڪرين ٿو. (٧) هوڏانهن ان جي نيڪوڪار نه ٿيڻ جي توتي ڪاميار نه آهي. (٨) ۽ (ميار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هڪ شخص) تو وٽ (دين جي شوق ۾) ڊوڙندو اچي ٿو. (٩) ۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو. (١٠) پوءِ تون ان کان بي خيالو ٿئين ٿو. (سو توکي ائين نه ڪرڻ گهرجي). (١١) خبردار! بيشڪ اهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي. (١٢) پوءِ جيڪو گهري سو انکي ياد (۽ ڌيان ۾) رکي (۽ جنهن کي اها نصيحت حاصل ڪرڻ جي نيت ناهي ته ڊگهو رستو وٺي.) (١٣) اهو (لڪل ناهي بلڪ) اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل آهن. (١٤) بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن. (١٥) اهڙن لکڻ وارن جي هٿ ۾ آهن. (١٦) جيڪي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن. (١٧) (جيڪو اهڙي بلند ۽ پاڪ فڪر
اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪري، اهڙي) انسان تي مار پوي جو هو ڪهڙو نه بي شڪر آهي. (١٨) (اهو بي شڪر انسان هي به نٿو سوچي ته) ڪهڙي شيءِ مان ان کي پيدا ڪيو اٿس؟ (١٩) پاڻي جي نطفي مان ان کي پيدا ڪيو اٿس. پوءِ ان جو (هڪ نرالو جسماني) اندازو مقرر ڪيو اٿس. (٢٠) وري (ان کي اکيون، ڪن ۽ عقل وغيره ڏئي ڪاميابي واري) شاهراهه تي هلڻ ان لاءِ آسان ڪيو اٿس. (٢١) وري ان کي ماريو اٿس، پوءِ قبر ۾ پورجڻ وارو ڪيو اٿس. (٢٢) وري جڏهن گهرندو ان کي (قيامت ڏينهن) ٻيهر جيئاريندو. (٢٣) خبردار! اڃان ته، ان (انسان) اهو ڪم پورو نه ڪيو آهي، جنهن جو ان کي حڪم ڪيو اٿس. (پوءِ ان کان وڌيڪ ناشڪري ڇا چئبي؟) (٢٤) پوءِ سڀڪو انسان (رڳو) پنهنجي کاڌي ڏي ڏسي. (ته ڪيتريون شيون اسان کيس بنا معاوضي عطا ڪيون آهن.) (٢٥) اسان ئي پاڻيءَ کي (ڪڪرن مان ڌرتيءَ تي ۽ درياهن ۽ چشمن ۾) وهايو آهي. (٢٦) وري اسان زمين کي (ٻج اڀارڻ لاءِ) چيريو آهي. (٢٧) پوءِ ان ۾ اَنُ، (٢٨) ۽ ڊاک ۽ لوسڻ، (٢٩) ۽ زيتون ۽ کارڪون، (٣٠) گهاٽا باغ ميوا، (٣١) ۽ انب ڄمايا آهن (مطلب ته طرحين طرحين ميوا ۽ گاهه حاصل ڪريو ٿا). (٣٢) اوهان جي پنهنجي ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ. (پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو ناشڪريءَ جي واٽ وٺي ته ان لاءِ هلاڪت آهي.) (٣٣) پوءِ جڏهن (حساب واري ڏينهن) ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري هيبتناڪ دانهن ٿيندي. (٣٤) جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ (٣٥) ۽ پنهنجي ماءُ پنهنجي پيءُ (٣٦) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو. (٣٧) انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو جو پاڻ ۾ پورو هوندو (۽ ٻئي ڏانهن متوجهه نه ٿي سگهندو). (٣٨) ڪيترا منهن ان ڏينهن (ايمان جي ڪري) روشن (٣٩) کلندڙ خوش هوندا. (٤٠) ۽ ڪي منهن (اهڙا هوندا) جن تي (نافرمانين جي ڪري) ان ڏينهن ڌوڙ هوندي. (٤١) جن کي (ظلمت جي) ڪارهن ويڙهي ويندي. (٤٢) اهي ئي ڪافر بدڪار آهن (جن زندگيءَ ۾ فرمانبرداريءَ جي واٽ بجاءِ سرڪشي جو رستو اختيار ڪيو.)