سورت الهمزه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-9
گلاخور، ٽوڪ هڻندڙ ۽ مال ميڙي ان کي ڳڻيندڙ لاءِ وڏي خرابي آهي.
(١) هر اهو شخص هلاڪ ۽ برباد ٿيو جو گلاخور ۽ ٽوڪ هڻندڙ آهي. (٢) جنهن (جي زندگيءَ مقصد)
مال کي ميڙي ۽ ان جي ڳڻ ڳڻان رهيو آهي. (٣) خيال ڪري ٿو ته، سندس مال (مصيبتن کان بچائڻ لاءِ) ساڻس سدائين گڏ رهندو. (٤) ائين هرگز نه ٿيندو (ائين سمجهڻ سندس ناداني آهي) ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (هلاڪت) ۾ اڇلايو ويندو. (٥) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟ (٦) اها الله جي (مڪافات واري) ڀڙڪايل باهه آهي. (٧) جا (شعلن سان) دلين کي وٺي وڃي ٿي. (٨) بيشڪ اها مٿن دميل هوندي. (٩) ڊگهن ٿنڀن ۾ (سوگهي ٿيل هوندي).