مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الجاثية (گوڏن ڀِرِ ڪِرندڙ )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-11
ڪافرن کي خبردار ڪرڻ ۽ ايمان تي آڻڻ لاءِ هدايتون
(١) حا – ميم (٢) هي ڪتاب الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏيءَ قدرت ۽ حڪمت وارو آهي. (٣) يقيناً آسمانن ۽ زمين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن. (٤) ۽ خود اوهان کي خلقڻ ۾ ۽ حيوانن ۾ جن کي (زمين تي) پکيڙي ڇڏيو اٿس وڏيون نشانيون آهن انهن لاءِ جيڪي يقين رکندڙ آهن. (٥) ۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ ان رزق ۾ جو الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان پوءِ زمين کي ان جي موت (يعني خشڪ ۽ ويران ٿيڻ) بعد زنده (يعني سرسبز) ڪري ٿو ڇڏي ۽ هوائن جي رخ ڦيرائڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي عقل وارا آهن ۽ عقل هلائين ٿا. (٦) اهي الله جون آيتون آهن جي (اي پيغمبر!) اسان سچائيءَ سان توکي ٻڌائيون ٿا. پوءِ اهي (ڪافر) الله کي ۽ سندس آيتن (۽ حڪمن) کي ڇڏي ڏيڻ بعد ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (٧) ويل (۽ خرابيون) آهن هرهڪ ڪوڙي گنهگار لاءِ. (٨) جيڪو الله جون آيتون ٻڌي ٿو جي کيس پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، ته به تڪبر ۽ هٺ کان (انڪار تي) ضد ٻڌي ٿو بيهي، ڄڻ ته هن ٻڌيون ئي ڪون. سو (اي پيغمبر!) کيس دردناڪ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏ. (٩) ۽ جڏهن هو اسان جي آيتن مان ڪجهه معلوم ڪري ٿو تڏهن هو انهن تي کل مسخري ٿو ڪري، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب هوندو (۽ ٻيا مٿن کلندا). (١٠) انهن جي اڳيان جهنم هوندو ۽ جيڪي هنن ڪمايو هوندو سو کين ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ جن کي الله کان سواءِ اولياءَ (يا دوست ۽ مددگار) ڪري ورتو هئائون سي به کين ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب هوندو. (١١) اها آهي (سچي) هدايت ۽ جن پنهنجي پروردگار جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي تن جي لاءِ سخت تڪليف وارو عذاب هوندو.

رڪوع ٢ آيت 12-تا-21
قرآن جي سچائيءَ لاءِ هي ڪافي دليل آهي ته ان تي عمل سان مؤمن ڪامياب ٿيندا.
(١٢) الله تعاليٰ اهو (مهربان) آهي جنهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) سمنڊ به تابع ڪري ڏنو آهي، ته جهاز سندس حڪم سان ان ۾ هلن، ۽ توهان سندس فضل (يعني رزق، دولت، علم وغيره) جي تلاش ڪيو ۽ توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو. (١٣) ۽ جيڪي به شيون آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ وٽانئس (عطا ڪيل آهن) سي سڀ هن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن. يقيناً انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (١٤) (اي پيغمبر!) جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته جيڪي ماڻهو الله جي ايامن (يا ڏينهن) جي اميد نٿا رکن (يعني نٿا ڄاڻن ته جزا ۽ سزا جا ڏينهن اچڻا آهن) تن کي (ڪيل ڏوهه) معاف ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ پاڻ ماڻهن کي بدلو ڏئي انهن ڪمن جو جي هو ڪندا رهيا آهن. (١٥) جيڪو به نيڪ ڪم ٿو ڪري (هن ئي دنيا ۾) سو پنهنجو ئي فائدو ٿو ڪري ۽ جيڪو برائيون ٿو ڪري سو به (هن ئي دنيا ۾) پاڻ تي ئي وبال ٿو آڻي. پوءِ (مرڻ بعد آخر ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندؤ (۽ اوهان کي اوهان جي عملن موجب بهشت يا دوزخ ملندو). (١٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب، حڪومت ۽ نبوت ڏني ۽ اسان کين پاڪ ۽ چڱين شين جو رزق ڏنو (۽ گهڻيون ئي نعمتون عطا ڪيون) ۽ اسان کين سڄي جهان جي ماڻهن کان بهتر ۽ برتر ڪيو. (١٧) ۽ اسان هنن کي (ديني) معاملن بابت چٽا، روشن حڪم ۽ دليل ڏنا، پر جڏهن هنن وٽ علم اچي ويو تڏهن ان بعد ئي هنن پاڻ ۾ حسد ۽ سرڪشي ڪري اختلاف ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا، جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن تن بابت يقيناً تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو ۽ فتويٰ ڏيندو. (١٨) (بني اسرائيلن جي نبين کان) پوءِ اسان توکي (ديني) معاملن جي (سچي) طريقي جي رهنمائي ڪئي آهي. سو تون ان جي پيروي ڪندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي (ذاتي) خواهشن ۽ حرصن جي پيروي نه ڪر جيڪي جاهل آهن (۽ حق کي نٿا سمجهن). (١٩) (اي پيغمبر!) يقين ڄاڻ ته الله جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو توکي ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ يقين ڄاڻ ته ظالم هڪ ٻئي جا محافظ ۽ مددگار آهن ۽ الله تعاليٰ پرهيزگارن (مؤمنن) جو ڪارساز ۽ مددگار آهي. (٢٠) هي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ اکيون کوليندڙ ثابتيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو (علم حاصل ڪري) يقين رکن ٿا تن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهي. (٢١) جيڪي ماڻهو برائين جي پٺيان لڳي پيا آهن سي هئين ٿا سمجهن ڇا ته اسان کين انهن سان برابر ڪنداسين، جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل ٿا ڪن؟ ۽ سندن زندگي ۽ موت هڪ جهڙو ڪنداسين؟ (هرگز نه!) جيڪي هنن سمجهيو آهي ۽ جيڪو هنن فيصلو ڪيو آهي سو ڪهڙو نه غلط ۽ خراب آهي!

رڪوع ٣ آيت 22-تا-26
دهريا رڳو گمان تي آهن، هنن کي يقيني علم ڪونهي.
(٢٢) ۽ الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حڪمت جي تحت خلقيو آهي (بنا مقصد نه پر ڪنهن مقصد سان) انهيءَ لاءِ ته هرهڪ شخص پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ جو بدلو پائي، ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي. (٢٣) ڇا تو انهيءَ شخص کي ڏٺو آهي، جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو خدا بنايو آهي، ۽ الله تعاليٰ (سندس اها روش ڏسي ۽) ڄاڻي ٻجهي کيس گمراهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندس ڪنن تي ۽ قلب تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ سندن اکين تي پردو چاڙهي ڇڏيو آهي. سو الله تعاليٰ جي ائين ڪرڻ بعد ڪير آهي جو هن کي سڌيءَ راهه تي آڻي سگهندو؟ ڇا توهان نٿا سمجهو ۽ نٿا نصيحت وٺو؟ (٢٤) ۽ هو چون ٿا ته بس فقط اهائي دنيا جي زندگي آهي (ٻي ڪانه ٿيندي) اسان (هتي ئي) مرون ٿا ۽ جيئون ٿا، ۽ زمانو ئي اسان کي فنا ڪري ٿو. انهيءَ بابت هنن کي علم آهي ئي ڪونه، هو فقط اٽڪلون ٿا ڊوڙائين. (٢٥) ۽ جڏهن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هنن جو دليل فقط هي هوندو آهي جو چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان (مؤمن پنهنجي خيال ۾) سچا آهيو ته ڀلا اسان جي ابن ڏاڏن کي آڻيو (ته اسان پنهنجي اکين سان کين ڏسون). (٢٦) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي اوهان کي جيئاري ٿو، وري ماري ٿو. پوءِ هو قيامت جي ڏينهن اوهان کي گڏ ڪندو. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.

رڪوع ٤ آيت 27-تا-37
آخرت جي ڏينهن ضرور انصاف ٿيڻو آهي.
(٢٧) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي ۽ جنهن ڏينهن (فيصلي جي) گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن حق کي ڪوڙو ٺهرائيندڙ ماڻهو نقصان هيٺ ايندا. (٢٨) ۽ تون ڏسندين ته هرهڪ فرقي جا ماڻهو گوڏن ڀر ڪريل هوندا، ۽ هرهڪ فرقي کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو (۽ اعمال نامون ڏيکاري) کين چيو ويندو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيا هئا تن جو بدلو اوهان کي اڄ پورو پورو ملي ويندو. (٢٩) هي اٿوَ اسان جو لکايل اعمال نامون جو اوهان بابت سچو سچو احوال ٿو ٻڌائي، جيڪي جيڪي اوهان ڪندا هئو سو يقيناً اسان لکائي دفتر تي آڻيندا هئاسين. (٣٠) سو جن ماڻهن ايمان اندو هو ۽ چڱا عمل ڪيا هئا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ظاهرظهور وڏي ڪاميابي هوندي. (٣١) پر جن (حق تي هلڻ کان) انڪار ڪيو هو (تن کي چيو ويندو ته) ڇا اسان جون آيتون اوهان کي پڙهي ڪونه ٻڌايون وينديون هيون؟ پر توهان تڪبر ڪيو ۽ توهان گناهن ۾ غلطان ماڻهو هئو. (٣٢) ۽ جڏهن چيو ويندو هو ته، بيشڪ الله جو واعدو حق آهي ۽ (فيصلي جي) گهڙي ضرور اچڻي آهي ۽ ان جي اچڻ بابت ذرو به شڪ ڪونهي، تڏهن توهان چوندا هئو ته اسان ٿا ڄاڻون ته گهڙي ڇا آهي، اسان ته ڀانيون ٿا ته اهو خالي خيال ۽ وهم آهي، ۽ اسان کي ان تي يقين بلڪل ڪونه ٿو اچي. (٣٣) ۽ هنن لاءِ سندن عملن جون برايون ظاهر ٿي پونديون، ۽ جن (عذاب جي) ڳالهين تي ٽوڪون ڪندا هئا، سي کين گهيري وينديون. (٣٤) ۽ (کين) چيو ويندو ته، اڄ اسان اوهان کي وساري ٿا ڇڏيون، جيئن اوهان هن پنهنجي ڏينهن جي پيش اچڻ (جي حقيقت) کي وساري ڇڏيو هو، ۽ (هاڻي) توهان جي رهڻ جي جاءِ (دوزخ جي) باهه آهي، ۽ اوهان جو ڪوبه مددگار ڪونهي. (٣٥) هي (عذاب) هن ڪري اٿوَ جو توهان الله تعاليٰ جي آيتن ۽ حڪمن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ دنيا جي زندگيءَ (جي حرص هَوس) اوهان کي ٺڳي ڇڏيو. سو هاڻي ان (عذاب) مان ڪونه ڪڍيا ويندا نڪي سندن ڪو عذر قبول ڪيو ويندو. (٣٦) سو سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو آسمانن جو پروردگار آهي ۽ زمين جو به پروردگار آهي ۽ سڄي ڪائنات جي پرورش ڪندڙ آهي. (٣٧) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ فقط سندس ئي شان ۽ وڏائي آهي ۽ اهوئي وڏي طاقت، غلبي ۽ حڪمت وارو آهي.