سورت القلم
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-33
ڪافر خواهش ڪن ٿا ته، تون نرم ٿيئن ته پوءِ هو به نرم ٿين.
(١) قسم آهي، قلم جو ۽ ان جو جيڪي (علم) لکندا آهن (سي شاهد آهن ته تون عاليشان تعليم ڏيندڙ آهين.) (٢) ته (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل (نبوت) سان (همڪنار آهين) ڪو چريو نه آهين. (٣) ۽ بيڪشڪ تو لاءِ ته (تنهنجي ڪوششن جو) اڻ کٽ اجر آهي. (٤) ۽ بيشڪ تون (سيرت ۾ به) وڏي خلق وارو آهين. (کين اها ڳالهه به نٿي سمجهائي ته تونسيرت ۾ به مثالي آهين.). (٥) پوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا. (جو سگهو عملي طرح اها ڳالهه واضح ٿيندي.) (٦) ته اوهان مان ڪير چريو آهي. (٧) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻيندڙ آهي، جيڪو سندس (فرمانبرداريءَ واري سڌي) رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙن کي به چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (٨) پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڪوڙ بڪيندڙن جي (سندن ڪوڙ تي) تابعداري نه ڪر. (٩) اهي خواهش ڪن ٿا ته، (اهڙن طعنن کان تنگ اچي) تون ڍرو؟ ٿئين، پوءِ هو به (مفاهمت لاءِ) ڍرا ٿين. (١٠) ۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر، جو (اهو پست ذهنيت جي ڪري) گهڻا قسم کائڻ وارو، خوار هجي. (١١) طعنا هڻندڙ، (جو کيس تنهنجي جماعت ۾ ڪٿي به چڱائي نظر نٿي اچي) چغليون کڻي هلندڙ. (ته جيئن فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي). (١٢) (پاڻ به چڱو ڪم نه ڪري ۽ ٻين کي به) چڱي ڪم کان روڪيندڙ، (سرڪشيءِ ۾) حد کان لگهندڙ، ڏوهاري، (انسانيت لاءِ تعميري ڪم ۾ سڀ کان پٺتي). (١٣) بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کانپوءِ بداصل هجي. (هميشه نيت اها ته ماڻهن جو سڀ ڪجهه هڙپ ڪري وڃي). (١٤) (پوءِ به هو معتبر بڻيل آهي) هن ڪري ته اهو سرمائيوارو ۽ اولاد (۽ ڦهليل خاندان) وارو آهي. (١٥) (دولت ۽ قوت جي نشي ۾ سندس ڪيفيت هيءَ آهي جو) جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (نفرت ۽ آڪڙ وچان) چوي ٿو ته، هي اڳين جون آکاڻيون آهن. (١٦) سگهوئي کيس (انهيءَ آڪڙيل کي) نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون. (١٧) (اي پيغمبر!) اسان انهن (سرمائي پرستن) کي اهڙيءَ طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم (کائي پڪ ڪري ڇڏي هئي) ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا. (١٨) ۽ (ان مان مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا. (١٩) پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦيرو (پائي چٽ) ڪرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستا ئي رهيا. (جو سندن سمورو فصل چٽ ٿي ويو. (٢٠) پوءِ اهو ڀيليل (زمين) جهڙو ٿي پيو. (٢١) پوءِ صبح ٿيندي ئي (فصل پٽڻ لاءِ) هڪ ٻئي کي سڏيائون. (٢٢) ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو، جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي. (٢٣) پوءِ (ٺينگ ٽپا ڏيندا) پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا هليا. (٢٤) ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه محتاج ۽ مسڪين اندر نه اچي. (٢٥) ۽ اهي سوير پهتا ۽ (اهڙو انتظام ڪيائون جو مسڪينن کي) روڪڻ جي کين سگهه هئي. (٢٦) پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته، چيائون ته، اسين رستو ڀليل آهيون. (ڪٿي هي ٻين جو باغ ته ناهي؟!) (٢٧) (جڏهن اکيون مهٽي پڪ ڪيائون ته، پوءِ رڙ نڪري وين ته نه نه!) پر اسين بي نصيب آهيون. (۽ اسان جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو). (٢٨) سندن چڱي مڙس چيو ته، مون اوهان کي نه چيو ها ڇا ته الله جي (قانونن تي هلي ان جي) پاڪائي ڇو نٿا بيان ڪريو. (۽ سندس فرمانبرداريءَ ۾ ڇو نٿا اچو.). (٢٩) انهن چيو ته، اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي (اهو ڪنهن جي محنت ائين ضايع نه ڪندو آهي) بيشڪ اسان (مسڪينن ۽ غريبن جي حقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون سو) پاڻ تي (پاڻ) ظلم ڪيو. (٣٠) پوءِ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. (٣١) چوڻ لڳا ته، هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين (فصل جو ڏيڻ وارن خدائي قانونن جي) حد کان لنگهندڙ هئاسون. (٣٢) (هينئر اسان خدائي قانونن تي عمل طرف موٽون ٿا) اميد آهي ته اسان جو پاليندر هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي بدلي ۾ ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون.(٣٣) (اي پيغمبر! تون خدائي قانونن سان سرڪشي ڪندڙن کي ٻڌاءِ ته) اهڙيءَ طرح ئي (نافرماني ۽ ناشڪريءَ جو) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام وڏو آهي، جيڪڏهن (اها ڳالهه) سمجهه وٺن ها.
رڪوع ٢ آيت 34-تا-52
سگهوئي اسان منڪرن کي آهستي آهستي ڪري پڪڙينداسون، جتان کين خبر به نه پوندي.
(٣٤) (ٻئي طرف واري خدا جي قانونن تي عمل ڪندڙ ۽ مسڪينن محتاجن جو خيال رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ نعمت جا باغ آهن. (٣٥) پوءِ اسين (مهربانين جي عطا ۾ خدائي قانونن جي) تابعدارن کي (سرڪشي ڪندڙ) ڏوهارين جهڙو ڪنداسون ڇا؟ (٣٦) اوهان کي ڇا ٿيو آهي (جو جيئن دل ۾ اچيو ٿو تيئن ڪيو ٿا؟ خدا جي قانونن کي اورانگهڻ جو آخر) ڪيئن فيصلو ڪريوٿا؟ (٣٧) يا ته اوهان وٽ ڪو (اهڙو خدائي) ڪتاب آهي جنهن ۾ (پنهنجي مرضي اختيار ڪرڻ جي اجازت) پڙهو ٿا؟ (٣٨) (يا الله کان اوهان لکي ورتو آهي ته هتي جيئن وڻيو تيئن ڪندا وتو ۽) آخرت ۾ اوهان لاءِ اها شئ (تيار پئي) آهي جا پسند ڪريو ٿا. (٣٩) يا اوهان (مان ڪو ٻڌائي ته ان) جا اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام ۽ قسم آهن ڇا؟ جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هلندا ته (اتي) جنهن شئ جو اوهين حڪم ڪريو سا اوهان لاءِ (حاضر) آهي. (٤٠) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته، انهن مان ڪير ان (ڳالهه) جو ذميوار آهي؟ (جيڪو سيني تي هٿ هڻي چوي ته، مان خدا سان انهيءَ قسم جو عهد ڪيو آهي.) (٤١) يا ته انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا؟ (جن کين اهڙي خاطري ڪرائي آهي) پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي وٺي اچن. (۽ پنهنجي گهڙيل ڪوڙين دعوائن جي صداقت جو ثبوت ڏين). (٤٢) (اهو سڀ من گهڙت آهي ۽ خدا جو مڪافات وارو قانون اٽل آهي، سو ان وقت کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن (پريشان حاليءَ ۾ تيز ڀڄندي سندن) پني کولي ويندي ۽ کين سجدي ڏي سڏيو ويندو، پوءِ (دنيا ۾ سجدي نه ڪرڻ ڪري اتي به) سجدو نه ڪري سگهندا. (٤٣) سندن اکيون (ندامت کان) جهڪيل هونديون، انهن کي خوراي ويڙهي ويئي هوندي، هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ جڏهن) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو (ته بيپرواهي ڪندا هئا) ۽ اهي (توڻي جو ان وقت) چڱا ڀلا هئا. (٤٤) پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه) پوءِ ڇڏ مون کي ۽ انهن کي به جيڪي هن مڪافات واري) ڳالهه کي ڪوڙو چون ٿا (تن کي منهنجي حوالي ڇڏ).
سگهوئي اسين کين آهستي آهستي ڪري پڪڙ ۾ آڻينداسون، جتان کين خبر به نه پوندي. (٤٥) ۽ انهن کي آئون (هن وقت) ڍر ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. (انهيءَ ڪري هي ان جي گرفت مان ٻاهر نٿا وڃي سگهن.) (٤٦) (هي جو توکان ڀڄڻ گهرن ٿا) ڀلا تون انهن کان ڪا اجرت گهرين ٿو ڇا، جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي. (٤٧) يا انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا (جو سمجهن ٿا ته، جيڪو تون چوين ٿو اهو واقعي ۾ ٿيندو ئي ڪونه) پوءِ هو لکندا ٿا وڃن. (٤٨) پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ مڇيءَ واري (پيغمبر يونس جهڙو) نه ٿيءُ، جنهن وقت ان پڪاريو ۽ (جيڪو قوم جي مخالفت کان گهٻرائجي وقت کان پهريائين هجرت ڪري هليو ويو جو) اهو رنج ۽ الم سان ڀريل هو. (٤٩) جيڪڏهن ان کي سندس پاليندڙ جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ هو بري حال ۾ هجي ها. (جو اتان نڪري نه سگهي ها.) (٥٠) پوءِ سندس پاليندڙ ان کي (عارضي مصيبت مان ڪڍي کيس) نوازيو پوءِ نيڪن مان ڪيائينس. (٥١) ۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ ڪافر ته هن ڳالهه تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن توکان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن توکي پنهنجين (گهوريندڙ) اکين سان ٿيڙي ڇڏين. (۽ هلڙ بازيءَ جي طريقن سان توکي پريشان ڪن) ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي. (٥٢) (پر تون انهن کان گهٻراءِ نه. ان ڪري جو هي قرآن صرف هن قوم لاءِ ناهي.) هوڏانهن اهو جهانن (جي سڀني قومن لاءِ) نصيحت ئي آهي. (پوءِ جيڪو به ان مان نصيحت حاصل ڪري).