سورت البروج
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-22
بيشڪ! جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو، وري توبه به نه ڪيائون، تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي، بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.
(١) برجن واري آسمان جو قسم آهي، (٢) ۽ وري وعدي ڪيل (انهيءَ قيامت جي) ڏينهن جو (جنهن جو قرآن ۾ وري وري ذڪر ڪيو ويو آهي). (٣) ۽ شاهدي ڏيندڙ (پيغمبر) ۽ شاهدي ڏنل (مؤمنن جو جن جو قصو هي آهي ته). (٤) کاهي، جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه ٻاريل هئي. (٥) تنهن جي کوٽيندڙن (ڪافرن) تي ان وقت لعنت پيئي. (٦) جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا. (٧) ۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي، تنهن کي هي (پاڻ مزا وٺي) ڏسي رهيا هئا. (٨) ۽ انهن (ايمان وارن) مان هنن (ڪافرن) هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو. (٩) (انهيءَ الله تي ايمان آندو هو) جهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ الله ئي سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. (١٠) بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو، وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي. (١١) (ٻئي پاسي وري) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي. (١٢) (انهن ڪافرن کي چئو ته،) بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي. (١٣) بيشڪ اهوئي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر (قيامت ۾ به) پيدا ڪندو. (١٤) (پوءِ جيڪو هنن مسلمانن کي ستايو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪيا آهن تن جي خدا کان معافي وٺن) ۽ بيشڪ اهوئي (معافي گهرندڙن کي) گهڻو معاف ڪندڙ (پاڻ سڌاريندڙن سان) گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي. (١٥) عرش جو مالڪ وڏي شان وارو. (١٦) جنهن (ڳالهه) جو ارادو ڪري تنهن کي (پنهنجي مشيت سان) پورو ڪر ڇڏڻ وارو آهي. (١٧) (اي پيغمبر!) ڇا توکي (خدائي نظام ۽ قانون جي مخالفت ۾ ايندڙ (لشڪر)، (١٨) فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي. (جن جو انجام تاريخ جي ورقن ۾ لکيو پيو آهي.). (١٩) پر ڪافر (ان مان سبق وٺڻ بجاءِ الله جي قانونن کي) ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. (٢٠) (هو بيوقوف آهن) ۽ الله (جو اهوئي قانون) انهن جي پٺيان (انهن کي) گهيرو ڪندڙ آهي. (٢١) (انهن کي معلوم ناهي ته، الله جي قانونن جو مجموعو هي قرآن معمولي شئ ناهي) بلڪ اهو وڏي شان وارو قرآن آهي. (٢٢) جو حفاظت ڪيل ڦرهيءَ (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي.