مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الفجر

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-30
انسان فطرت ۾ اٻهرو آهي، خوشيءِ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ۽ رنج ۾ مايوس ٿي وڃي ٿو.
(١) پرهه ڦُٽيءَ (جي وقت) جو قَسم آهي. (٢) ۽ ڏهن راتين جو (جن ۾ حج جي موقعي تي پنهنجي باري ۾ سوچڻ ۽ ٻين انسانن جي حالتن پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو.) (٣) ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو (جن ۾ پوري ڪائنات جڪڙيل آهي.) (٤) ۽ رات جو جڏهن گذري ٿي، (۽ ان صورتحال تي ڪوبه فڪرمندي نه ٿو ڪري). (٥) ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ پڌرو پيغام آهي. (٦) (اي پيغمبر! اهي اڳين قومن لاءِ خدا جي پڌري پيغام کي ڇو نه ٿا هنڊائن) ڇا تو نه ڏٺو ته، تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)، (٧) ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو. (٨) جنهن (جي فن ۽ ٺٺ ٺانگر) جهڙو (ان دور جي) شهرن ۾ ڪونه پيدا ڪيو ويو. (٩) ۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي (القريٰ) ۾ (پٿر جي) ڇپن کي (پختا گهر بنائڻ لاءِ) گهڙيو هو. (١٠) ۽ ميخن (ايذائڻ جي وڏي سگهه) واري فرعون سان (به تنهنجي رب ڪيئن ڪيو؟) (١١) جيڪي شهرن ۾ (ڪمزورن تي زيادتيون ڪرڻ ۾) پنهنجي حد کان لنگهي ويا. (١٢) پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد پکيڙيائون. (١٣) پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو. (۽ هو تباهه و برباد ٿيا.) (١٤) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (ڄڻ ته) گهاٽ واري هنڌ تي آهي، (عملن کي ڏسندڙ آهي ۽ ڪوبه عمل ان کان ڳجهو نٿو رهي). (١٥) (اصل ۾ انسان خدائي قانونن ۽ ان جي عمل ۾ اچڻ جي طريقي کان اڻ واقفيت رکي ٿو. ان ڪري) انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته، (مغروري ۽ فخر ۾) هو چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني. (١٦) ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته، چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. (حالانڪ اهو سڀ ڪجهه خدا جي مقرر قانونن جي نتيجي ۾ عمل پذير ٿئي ٿو.) (١٧) ائين نه آهي (جو خدا ڪنهن کي هروڀرو خوار
ڪري) پر اوهين (ڌرتيءَ تي پرگهور جي لائق) يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو. (١٨) ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي (ضرورتمند) مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. (١٩) ۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. (۽ وارثن تائين پورو حق نٿا پهچايو.) (٢٠) ۽ (اٽڪلون سٽڪلون ڪري ٻين جي مال به ڇڪي اچو ٿا، ۽ اوهان) مال سان (ميڙ ميڙان جي) بيحد محبت رکو ٿا. (٢١) خبردار (اهوئي سبب آهي جنهن اوهان کي خوار ڪيو، سو قيامت ڏينهن) جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون (ميدان محشر لاءِ ڊگهو ميدان) ڪيو ويندو. (٢٢) ۽ تنهنجو رب (حساب ڪتاب جي لاءِ) ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ (ايندا) (٢٣) ۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان (اسان جي نصيحتن ڏانهن) ڌيان ڪندو (پر وقت نڪري چڪو هوندو) ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس؟ (٢٤) (ان وقت حسرت وچان) چوندو ته جيڪر (ڪجهه چڱا عمل) پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها. (٢٥) پوءِ ان ڏينهن الله (اهڙي سزا ڏيندو جو ان) جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪوبه نه ڏيندو. (٢٦) ۽ ان جي گرفت جهڙو ٻيو ڪوبه گرفت ۾ نه آڻيندو. (٢٧) (۽ خدا جي قانونن جي پاسداري ڪندڙ ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي (نيڪيءَ تي) اطمينان ڪرڻ وارا نفس! (٢٨) پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هل. جو تون زندگيءَ ۾ ان کي راضي ڪيو ۽ هاڻي هو توکي راضي ڪندو. (٢٩) پوءِ (زندگيءَ ۾ به) منهنجن (مطمئن) ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ. (٣٠) ۽ (آخرت ۾ به) منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.