سورت الرّحمٰنِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-25
توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪري سگهندؤ
(١) رحمان خدا (نهايت ئي ڪريم آهي). (٢) (جنهن اسان کي) قرآن سيکاريو آهي. (٣) (جنهن) انسان کي پيدا ڪيو آهي. (٤) (۽) کيس ڳالهائڻ سيکاريو آهي (۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي طاقت ۽ عقل عطا ڪيو آهي). (٥) (سندس پيدا ڪيل) سج ۽ چنڊ مقرر حساب (۽ قانون) سان گردش ڪري رهيا آهن. (٦) ۽ ٻوٽا (گاهه، ڀاڄيون، وليون وغيره) ۽ وڻ ٽڻ سندس اڳيان سجدو ڪري رهيا آهن (يعني سندس قانونن تي هلي رهيا آهن). (٧) ۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس. (٨) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو. (٩) ۽ (اي انسانو! هڪ ٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو. (١٠) ۽ زمين کي انهيءَ ئي (الله تعاليٰ) مخلوق (ماڻهن، مرن، پکين وغيره) لاءِ وڇائي ڇڏيو آهي. (١١) ان (زمين) ۾ (قسمين قسمين) ميوا آهن ۽ کجين جا وڻ آهن، جن جي خوشن (يعني کارڪن جي ڇڳن) تي غلاف چڙهيل آهن. (١٢) ۽ (پڻ) اناج جون پوکون پنن ۽ ڪانن سميت آهن ۽ (پڻ) خوشبودار ٻوٽا آهن. (١٣) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪري سگهندَؤ؟ (١٤) هن انسان کي آواز ڪندڙ مٽيءَ مان ڪنڀر وانگر ٺاهيو. (١٥) ۽ جنن کي بنا دونهي واري باهه مان پيدا ڪيو. (١٦) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (١٧) هو ٻن مشرقن ۽ ٻن مغربن جو پرودگار آهي. (١٨) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (١٩) هن ٻن (کاري ۽ مٺي) پاڻين کي اهڙيءَ طرح رکيو آهي جو پاڻ ۾ ملن به ٿا (۽) (٢٠) سندن وچ ۾ ديوار (يا حد به) رکيل آهي، جنهن کان ٻاهر لنگهي نٿا سگهن. (٢١) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٢٢) انهن (پاڻين) مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا. (٢٣) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٢٤) ۽ سمنڊ ۾ سولائيءَ سان هلندڙ جهاز، جيڪي جبلن وانگر کڙا ٿيل آهن سي به سندس ئي آهن. (٢٥) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟
رڪوع ٢ آيت 26-تا-45
هر روز هر گهڙيءَ هو پنهنجو نئون شان ڏيکاري رهيو آهي.
(٢٦) جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿي ويندا. (٢٧) ۽ فقط تنهنجي پروردگار جي هستي قائم رهندي جو وڏي شوڪت ۽ جلال وارو ۽ وڏي سخا ۽ شان وارو آهي. (٢٨) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٢٩) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ پنهنجن گهرجن لاءِ سندس محتاج آهن. هر روز (هر گهڙيءَ) هو (پنهنجو نئون نئون) شان ڏيکاري رهيو آهي (يعني نيون نيون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي.) (٣٠) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٣١) اي جنو ۽ انسانو، اسان جلد ئي توهان جو فيصلو ڪنداسين. (٣٢) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٣٣) اي جنن ۽ انسانن جا ٽولا! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن کان ڀڄي نڪرڻ جي سگهه آهي ته ڀڄي ته ڏيکاريو، توهان (الله جي پرمٽ يا پاسن) حڪم ۽ اجازت کان سواء هرگز ڪونه ٻاهر نڪري سگهندؤ. (٣٤) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٣٥) توهان جي مٿان باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو، پوءِ توهان (ان کان) ڪوبه بچاءُ ڪونه ڪري سگهندؤ. (٣٦) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٣٧) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو تڏهن چم وانگر (يا مَلههَ وانگر) ڳاڙهو ٿي ويندو. (٣٨) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٣٨) پوءِ انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ جن کان سندس گناهن بابت پڇيو ئي ڪونه ويندو، (ڇو ته سندن گناهه ظاهر هوندا). (٤٠) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٤١) گنهگار ماڻهو سندن ظاهر نشانن مان سڃاتا ويندا ۽ پوءِ هنن کي پيشانيءَ جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو. (٤٢) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٤٣) اهو اٿو، اهو جهنم جنهن کي گنهگار ڪونه مڃيندا هئا (۽ چوندا هئا ته، اسان تي عذاب ايندو ئي ڪونه، نڪو اچڻو آهي). (٤٤) اُهي (گنهگار) جهنم جي (باهه جي) ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ چڪر ڏيندا رهندا. (٤٥) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟
رڪوع ٣ آيت 46-تا-78
جنت جي نعمتن جو ڪجهه ذڪر.
(٤٦) جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ بابت ڊڄندا رهن ٿا جنهن گهڙيءَ پنهنجي پروردگار جي اڳيان کڙا ڪيا ويندا (۽ انهيءَ ڊڄڻ جي ڪري گناهن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا) تن جي لاءِ ٻه باغ هوندا. (٤٧) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٤٨) انهن ٻنهي باغن ۾ گهڻن ئي قسمن جون نعمتون هونديون. (٤٩) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٥٠) انهن ٻن ٻاغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا. (٥١) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٥٢) انهن باغن ۾ هر قسم جا ميوا جوڙين جوڙين ۾ هوندا. (٥٣) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٥٤) اُهي (جنتي) اهڙن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا جن جا استر قيمتي مخمل جا هوندا، ۽ انهن باغن جا ميوا جهڪيل ۽ ويجها هوندا (انهيءَ لاءِ ته انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿئي). (٥٥) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٥٦) انهن (باغن) ۾ ڪنواريون پاڪ ڇوڪريون هونديون جن جون (شرميليون) اکيون هيٺ جهڪيل هونديون، جن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي نه هوندو. (٥٧) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٥٨) اهي (ڪنواريون) اهڙيون هونديون جهڙا (چمڪندڙ) ياقوت ۽ مرجان (جا مڻيا). (٥٩) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٦٠) نيڪيءَ جي بدلي ۾ چڱائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ملندو ڇا؟ (هرگز نه، چڱائيءَ جو نتيجو نيٺ چڱوئي ملندو). (٦١) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟ (٦٢) ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻيا به ٻه باغ هوندا. (٦٣) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(٦٤) اهي (ٻئي باغ) روز ساوا هوندا. (٦٥) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟
(٦٦) انهن ۾ ٻه چشما گهڻي پاڻيءَ وارا اڇلون ڏيئي وهندڙ هوندا. (٦٧) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٦٨) انهن ٻن (باغن) ۾ قسمين قسمين ميوا هوندا ۽ کجين (جا ڏوڪا) ۽ ڏاڙهون به هوندا. (٦٩) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٧٠) انهن ۾ نيڪ، پاڪ ۽ سهڻا ساٿي ملندا). (٧١) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٧٢) اهي اهڙيون حورون عاليشان تنبن ۾ هونديون جن جون نظرون (شرم ۽ حياء جي ڪري) هيٺ کتل هونديون. (٧٣) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٧٤) انهن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي ڪونه هوندو. (٧٥) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٧٦) اهي (جنتي) سبز ڪوچن تي ۽ سهڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا. (٧٧) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟ (٧٨) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو نالو وڏين برڪتن وارو آهي. هو اعليٰ شوڪت وارو، وڏي شان ۽ سخا جو صاحب آهي.