سورت البلد
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-20
انسان عيش ۽ آرام جي لاءِ ناهي آيو، بلڪ هي ته مشڪلاتن جي دنيا آهي.
(١) هن شهر (مڪي) جو قسم آهي. (٢) جو تون هن شهر ۾ (جدوجهد جي عملي زندگيءَ سان) رهندڙ آهين. (٣) ۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل (آدم ۽ سندس اولاد) جو (قسم آهي). (٤) ته بيشڪ اسان انسان کي (وحي جي تابع رهي هڪ متوازن زندگي گذارڻ جي) مشقت ۾ (گذارڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي. (٥) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، مٿس ڪابه قابض ۽ ضابطي واري قوت ناهي (جنهن جي قانونن جي اطاعت کيس ڪرڻ گهرجي.) (٦) چوي ٿو ته، مون (دنيا جي حياتيءَ ۾) مال جا ڍير لٽايا آهن. (٧) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، (جن شين ۽ مصارفن تي هن ڍير لٽايا آهن) ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. (٨) ڇا (شين کي ڏسڻ جي تميز ۽ مشاهدي لاءِ) اسان سندس ٻه اکيون (نه جوڙيون آهن)! (٩) ۽ (پڇڻ ٻڌائڻ کيس) زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن! (١٠) ۽ اسان ان کي (وحي جي تعليم ذريعي چڱائيءَ
برائيءَ جا) ٻه شاهي رستا نه ڏيکاري ڇڏيا آهن! (١١) پوءِ به هو همت ڪري (ذاتي مفاد جي عيش پرستيءَ واري رستي کي ڇڏي عام انساني مفاد جي) سخت لڪ ۾ نه گهڙيو. (١٢) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي. (جيڪو آهي ته صبر آزما، پر انسان کي بلندين جي طرف وٺي وڃي ٿو.) (١٣) (ٻڌو اهو رستو هي آهي ته) ٻانهن کي ( هر قسم جي غلامين مان) آزاد ڪرائڻو آهي، (جيئن هرهڪ ماڻهوءَ کي جسماني، ذهني ۽ قلبي آزادي هجي ۽ هو خدا کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ ۾ نه هجي). (١٤) يا بک جي ڏينهن ۾ کاڌو کارائڻو آهي. (١٥) مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي. (١٦) يا (توڙي) مٽيءَ هاڻن (سڀني) مسڪينن کي. (١٧) وري انهن ماڻهن مان ٿئي جن (الله جي پالڻهاريءَ وارن ٺوس قانونن تي) ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. (١٨) اهي ئي سڀاڳا آهن، (جن کي هر قسم جون برڪتون حاصل ٿينديون). (١٩) ۽ جن اسان جي (پالڻهاريءَ وارين) آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن. (۽ بي برڪتي انهن جي مقدر آهي). (٢٠) انهن تي (هن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به) باهه دميل هوندي.