سورت المجادله (هڪ ٻئي سان بحث مباحثو ڪرڻ)
سورت المجادله (هڪ ٻئي سان بحث مباحثو ڪرڻ)
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-6
ظهار جو حڪم ۽ منڪرن جو انجام
(١) (اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جيڪا پنهنجا مڙس جي معاملي ۾ توکي هر هر چوي پئي ۽ الله جي اڳيان (پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ وارو) پنهنجو ڏک بيان ڪري پئي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي پيو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (٢) جيڪي اوهان مان (نادانيءَ جي ڪري غصي ۾) پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي بيهودي ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا (کين گهرجي ته ڪوڙ کان توبه ڪن) ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي. (٣) ۽ جيڪي پنهنجين پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، وري جيڪا (بيهودي ڳالهه) چئي اٿن ان کان (پشيمان ٿي پوئتي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ سکو) ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (٤) پوءِ جو شخص (ٻانهون غلاميءَ ۾ڦاٿل) نه لهي ته (ان تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳولڳ ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن (جيڪو الله جي حدن جو ئي مورئون انڪار ڪندو ته اهو ڪافر آهي) ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (٥) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي (حڪمن جي) مخالفت ڪن ٿا اهي (دنيا ۾ به ائين) خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا، جيڪي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ (انهن حڪمن جي مخالفت ڪرڻ وارن) ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (٦) (ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي.
رڪوع ٢ آيت 7-تا-13
منافقن جي روين تي گرفت. مجلس جا آداب
(٧) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ڪا ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اهو انهن ۾ چوٿون هوندو آهي ۽ پنجن ڄڻن جي ته اهو انهن ۾ ڇهون هوندو آهي ۽ توڻي ان کان گهٽ ۽ توڻي (ان کان) وڌيڪ (ماڻهو هجن) جتي به هجن (۽ جيترا به هجن) پر اهو انهن سان گڏ هوندو آهي، پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (٨) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين (ذريعي سازشن) ڪرڻ کان روڪيو ويو، پوءِ اهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا وري به اهوئي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناهه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان سلام ڪن ٿا جيڪو سلام الله (مقرر) نه ڪيو آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان جي ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نٿو ڪري (ٿورڙو ترسن) انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (٩) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته (منافقن وانگر) گناهه ۽ الله جي حدن کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين (خدائي قانونن جي نگهباني ۽ انساني فلاح جو سوچي) ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون (۽ رٿابنديون) ڪريو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي (حساب ڪتاب ڏيڻ واسطي) گڏ ڪيو ويندو. (١٠) اها (منافقن) ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي، الله جي حڪمن کان سواءِ. ۽ الله تي ايمان وارا هر ڳالهه ۾ ڀروسو ڪن. (١١) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته (هتان وارا حڪم ٻڌي عمل ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو. اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي (اهڙين جماعتي پابندين سان) الله تن جا درجا بلند ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (١٢) اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي (عام مفاد لاءِ) خيرات يا عطيو ڏيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. (انهيءَ سان منافق جيڪو گهڙيءَ گهڙيءَ ڳجهي ڳالهه جو بهانو ڪري رسول ڪريم جو وقت وڃائين ٿا سو بند ٿي ويندو) پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (عطيو ڏيڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. (١٣) ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي عطيو يا خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان (خيرات) نه ڪئي (جا تنظيم ڪاري جي ابتدائي معاملن ۾ ضروري هئي) ته الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن (فرمانبرداري جي واٽ تي هلي) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.
رڪوع ٣ آيت 14-تا-22
الله ۽ سندس رسول جي مخالفن سان دوستي نه رکو.
(١٤) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءِ جي ڪري) الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه (حقيقت ۾) اوهان مان آهن ۽ نه (کليو کلايو) انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان سان سچي هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. (١٥) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. (١٦) انهن (فريب ڪاريءَ سان) پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان ڍال جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا. سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي. (١٧) سندن مال ۽ سندن اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. (١٨) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو، تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اهي ئي (ماڻهو پهرين درجي جا) ڪوڙا آهن. (١٩) مٿن (مفاد پرستين ۽ سرڪشين جو محرڪ) شيطان غالب ٿي ويو آهي، پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي. (٢٠) جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. (٢١) الله جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾) ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي. (٢٢) (اي رسول!) اهڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن. توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ، سندن ڀائر يا مائٽ هجن. اهي ئي (ڀلارا ماڻهو آهن) جن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي وحي واري فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه پيا وهن. اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. پڪ ڄاڻو ته الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي.