سورت الشعرآءِ- شعرا =شاعِرَ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-9
حضرت جن کي مڪي وارن جي ارڏاين تي فڪرمندي. الله تعاليٰ ڪنهن کي زور سان مؤمن نٿو ڪري
(١) طا- سين- ميم (٢) هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن. (٣) (اي منهنجا رسول) هي (مڪي جا) ماڻهو جو ايمان نٿا آڻين تنهن سبب ممڪن آهي ته تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهندين (غم نه ڪر جلدئي گهڻائي ماڻهو ايمان آڻيندا). (٤) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته آسمان مان انهن (ڪافرن) ته اهڙي ڪا نشاني (يا معجزو) نازل ڪري سگهون ها جنهن کي ڏسي هنن جا ڪنڌ جهڪي پون ها، (پر اسان نٿا چاهيون ته زور سان ڪنهن کي مؤمن ڪيون. هر ڪنهن کي پنهنجو عقل هلائي پنهنجي خوشيءِ سان سڌي واٽ وٺڻ گهرجي.) (٥) ۽ انهن (منڪرن) ڏي جڏهن جڏهن رحمان خدا جي طرف کان نصيحت جي ڪا نئين ڳالهه اچي ٿي ته (غور ڪرڻ کان سواءِ ئي) منهن کڻي ٿا ڦيرائين. (٦) سو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کي) ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪري ويٺا آهن. تنهن ڪري انهن وٽ اها ڳالهه جلد اچي ويندي جنهن تي هو کلي رهيا آهن ۽ ٽوڪون ڪري رهيا آهن. (٧) هنن (منڪرن) زمين تي غور سان نظر نه ڪئي آهي ڇا؟ (هو نٿا ڏسن ڇا) ته اسان ڪيتري قدر هر قسم جون عمديون شيون ان ۾ ڄمايون ۽ پيدا ڪيون آهن. (ساڳيءَ طرح اسان حق کي دنيا ۾ غالب ڪنداسين. (٨) انهيءَ ۾ (يعني عمدين شين جي ڄمائڻ ۾ ماڻهن جي لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي پر (افسوس جو هو غور نٿا ڪن ۽) انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. (٩) ۽ (ياد رکو ته) تنهنجو پروردگار بيشڪ وڏي قدرت رکندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (هو ضرور حق کي غالب ڪندو.)
رڪوع ٢ آيت 10-تا-33
خدا جي حڪم سان بني اسرائيل کي فرعون جي محڪوميءَ مان جان ڇڏائڻ
جون ڪوششون.
(١٠) ۽ (اي پيغمبر! اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پروردگار موسيٰ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته تون انهن ظالم ماڻهن ڏي وڃ. (١١) يعني فرعون جي ماڻهن ڏي وڃ. ڇا هو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڪونه ڊڄندا؟ (١٢) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي هن ڳالهه جو انديشو آهي ته هو مون کي ڪوڙو سمجهندا (۽ منهنجي ڳالهه نه مڃيندا). (١٣) ۽ منهنجي دل گهٻرائجي ويندي ۽ منهنجي زبان ئي نه هلندي. سو هارون کي به پيغام موڪل (۽ منهنجي مدد لاءِ رسول ڪر). (١٤) ۽ مون تي هنن جو (قتل جي ڏوهه) جو الزام آهي (جو مون هنن جو هڪڙو ماڻهو ماري وڌو هو). سو مون کي خوف آهي ته هو مون کي به قتل ڪندا. (١٥) الله تعاليٰ فرمايو ته، هرگز نه، (هو توکي قتل نه ڪندا) اوهان ٻئي منهنجي نشانين (يعني ڏنل معجزن) سان (وٽن) وڃو. اسان توهان سان گڏ هونداسين، ۽ (توهان جي پڪار) ٻڌندا رهنداسين. (١٦) سو توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو، ۽ کيس چئي ڏيو ته، اسان سڄي جهان جي پروردگار جا موڪليل پيغمبر آهيون. (١٧) (توڏي موڪليا ويا آهيون) هن لاءِ ته بني اسرائيلن کي (جيڪي تنهنجي ملڪ ۾ آهن) اسان سان گڏ موڪل (ته اسان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اصلوڪي وطن ڏي وٺي وڃون). (١٨) (حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون اهو حڪم مڃيو ۽ فرعون وٽ ويا ۽ اهو پيغام کيس پهچايائون. تنهن تي فرعون) چيو ته، (اي موسيٰ!) توکي اسان ننڍپڻ ۾ نپايو ۽ پاليو ڪين هو ڇا؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان ۾ نه رهيو هئين ڇا؟ (جو هاڻي احسان فراموش ٿي بني اسرائيلن کي اسان جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيو آهين.) (١٩) ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) تو انهيءَ وقت اهو (هڪ مصريءَ کي قتل ڪرڻ وارو) ڪم به ڪيو هو جو (توکي ياد هوندو ته تو سچ پچ) ڪيو هو. تون ته وڏو احسان فراموش آهين. (٢٠) حضرت موسيٰ فرمايو ته، بيشڪ مون ان وقت اهو ڪم ڪيو، هو جو مان ان وقت بي خبر هئس، (تنهن ڪري مون کان خطا ٿي ويئي). (٢١) سو مان توهان کان ڊڄي ڀڄي ويس. پر پوءِ منهنجي پروردگار مونکي دانائي ۽ سمجهه ڏني ۽ مون کي پيغمبر ڪري موڪليائين. (٢٢) ۽ ڇا اهو به ڪو احسان آهي جو تون مون تي ٿڦي يا مڙهي رهيو آهين ته تو بني اسرائيلن کي غلام بنائي رکيو آهي. (٢٣) فرعون (لاجواب ٿي) چيو ته، ڀلا سڄي جهان جو پروردگار ڪير آهي؟ (٢٤) حضرت موسيٰ جواب ۾ فرمايو ته، (سڄي جهان جو پروردگار اهوئي آهي) جو آسمان ۽ زمين جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به زمين ۽ آسمانن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي، جيڪڏهن توهان يقين (۽ ايمان) وارا ٿيڻ چاهيو (ته ڏسي سگهو ٿا ته اهائي حقيقت آهي، پر جيڪڏهن گمان ۽ شڪ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ ٿا چاهيو ته انڌائي رهندؤ ۽ تباهه ٿيندؤ). (٢٥) فرعون (وري به لاجواب ٿي ٽوڪ جي نموني) انهن (پنهنجن) ماڻهن کي چيو جيڪي سندس چوڌاري بيٺا هئا ته، ٻڌو نٿا (ته ڇا ٿو چوي؟) (٢٦) حضرت موسيٰ (سندن گهٻرايل حالت جو وجهه وٺي پنهنجي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ) چوڻ لڳو ته، اهوئي اوهان جو به (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ اوهان جي گذاري ويل ابن ڏاڏن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي. (٢٧) فرعون (اڃا به وڌيڪ لاجواب ٿي پنهنجي ماڻهن کي) چوڻ لڳو ته، بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏي (اوهان کي سيکارڻ لاءِ) موڪليو ويو آهي سو ته ديوانو آهي. (٢٨) حضرت موسيٰ (وڌيڪ) فرمايو ته، جيڪڏهن توهان عقل کان ڪم وٺو ته (سمجهي سگهندؤ ته) اهوئي رب مشرق ۽ مغرب جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي. (٢٩) (ويچاري فرعون کي اچي لڳو پنهنجي بادشاهي وڃڻ جو ڊپ سو حضرت موسيٰ کي) چيائين ته، جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي معبود (۽ بادشاهه) ڪري وٺندين ته مان توکي قيد ۾ رکندس. (٣٠) حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا (تون مون کي قيد ڪندين؟) اگرچه مان توڏي چٽي ۽ روشن شيءِ (يعني پڪا دليل ۽ عاليشان معجزا) کڻي آيو آهيان. (٣١) فرعون (لاچار ٿي) چيو ته، جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڀلا اها شيءِ پيش ڪر؟ (٣٢) تنهن تي حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ (پَٽ تي) اڇلائي ته هڪدم هڪڙي وڏي چٽي پٽي ازدها يعني بلا يا وڏو نانگ ٿي پيئي. (٣٣) ۽ ٻيو (ڇا ڪيائين جو بغل مان) پنهنجي هٿ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ته اهو ناظرينن کي چمڪندڙ ڏسڻ ۾ آيو.
رڪوع ٣ آيت 34-تا-51
حضرت موسيٰ عليه السلام فرعون جي گهرايل جادوگرن کي لاجواب ڪري وڌو ۽ جادوگرن ايمان آندو.
(٣٤) فرعون انهن سردارن کي جيڪي سندس اردگرد هئا، چيو ته، بيشڪ هيءُ وڏو هوشيار جادوگر آهي. (٣٥) هو چاهي ٿو ته، پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان تڙي ڪڍي. ان حالت ۾ اوهان جي راءِ ڪهڙي آهي؟ (٣٦) هنن (سردارن) جواب ۾ چيو ته، هن کي (يعني حضرت موسيٰ کي) ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي (يعني في الحال کين ڪجهه نه چئو) ۽ سڀني شهرن ڏي گڏ ڪندڙ قاصد موڪل. (٣٧) جيڪي (تنهنجي) سڀني هوشيار جادوگرن کي (جمع ڪري) تو وٽ وٺي اچن. (٣٨) سو سڀ جادوگر گڏ ڪيا ويا، انهيءَ ڏينهن لاءِ جو (مقابلي لاءِ) مقرر ڪيو ويو ۽ جو معلوم ۽ مشهور ڏينهن هو، (يعني عيد يا جشن جو ڏينهن هو.) (٣٩) ۽ (جڏهن گهڻائي ماڻهو ان ڏينهن گڏ ٿي ويا تڏهن) ماڻهن کان پڇيو ويو ته سڀئي گڏ ٿيا آهيو؟ (٤٠) (چڱو اڄ) ممڪن آهي ته جيڪڏهن اسان جا جادوگر (حضرت موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ ۾) غالب رهندا ته (اسان پنهنجي) جادوگرن جي پيروي (وڌيڪ شوق سان) ڪندا رهنداسين. (٤١) پوءِ جڏهن جادوگر به اچي ويا تڏهن هنن فرعون کي چيو ته، جيڪڏهن اسان (مقابلي ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام تي) غالب پئجي وڃون ته پوءِ اسان کي انعام ملندو نه؟ (٤٢) فرعون چيو ته، هائو (نه رڳو اوهان کي انعام ملندو پر) توهان ان صورت ۾ منهنجي ويجهو ٿيندؤ. (يعني اوهان کي درٻاري ڪيو ويندو). (٤٣) حضرت موسيٰ انهن (جادوگرن) کي چيو ته، جيڪي توهان کي پيش ڪرڻو آهي، سو پيش ڪيو. (يعني پنهنجا ڪرشما ڏيکاريو). (٤٤) تنهن تي هنن پنهنجون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾ اڇليون ۽ چوڻ لڳا ته، فرعون جي عزت جو قسم! اسان ضرور غالب پونداسين. (٤٥) (سندن رسيون ۽ لٺيون نانگن وانگر چرندي ڏسڻ ۾ آيون) تنهن تي حضرت موسيٰ به پنهنجي لٺ ميدان ۾ اڇلائي ته (سبحان الله! ڇا ٿيو جو اها لٺ وڏي بلا بڻجي) انهن سڀني کي ڳهي ويئي جي ڪوڙا ڏيک هنن ٺاهيا هئا. (٤٦) تڏهن سڀ جادوگر (ان کي خدائي معجزو سمجهي خدا جي اڳيان) سجدي ۾ ڪري پيا. (٤٧) (۽ بي ڌڙڪ) چئي ڏنائون ته، اسان سڄي ڪائنات جي پروردگار تي ايمان آندو آهي. (٤٨) (اسان انهيءَ پروردگار تي ايمان ٿا آڻيون) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ رب تي جنهن کي موسيٰ ۽ هارون رب ڪري ٿا مڃين). (٤٩) (فرعون جادوگرن تي ڪاوڙجي) چيو ته، ڇا منهنجي اجازت وٺڻ کان اڳ ۾ ئي توهان (مون کي ڇڏي ٻئي رب تي) ايمان آندو آهي؟ مون کي يقين آهي ته هي (موسيٰ) اوهان جو وڏو آهي (۽ اوهان جو استاد آهي) جنهن اوهان کي جادوگري سيکاري آهي. سو جلد ئي اوهان کي خبر پوندي (ته مان توهان سان ڪهڙيون تعديون ٿو ڪيان) . مان توهان جا هٿ ۽ پير آرپار ابتا سبتا وڍائي ڇڏيندس، ۽ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس. (٥٠) هنن (جادوگرن جواب ۾) چيو ته، ڪهڙي ڳالهه آهي (آخر ته سڀ ڪنهن کي مرڻو آهي اسان کي ايمان جي لذت ۽ خدا جو راضپو ڪافي آهي) اسان يقيناً پنهنجي رب ڏانهن موٽي وڃڻا آهيون (جو اسان تي پنهنجون رحمتون ۽ نعمتون ڪندو). (٥١) (وڌيڪ چيائون ته) اسان ته اهائي خواهش ٿا رکون ته اسان جو پروردگار اسان جون خطائون معاف ڪري، جو اسان (اوهان مصري ماڻهن ۾) سڀني کان اڳ ۾ مؤمن ٿيا آهيون.
رڪوع ٤ آيت 52-تا-68
حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي وٺي روانو ٿيو ۽ فرعون ٻڏي مئو.
(٥٢) ۽ اسان موسيٰ کي وحيءَ جي رستي حڪم ڏنو ته، منهنجي بندن (بني اسرائيلن ۽ ٻين مؤمنن) کي راتوواهه (مصر ملڪ مان) ڪڍي وڃ. پڪ آهي ته فرعون ۽ سندس ماڻهو (اوهان کي روڪڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ) اوهان جي پوئتان پوندا. (٥٣) (انهيءَ وچ ۾) فرعون (ڇا ڪيو جو سڀني) شهرن ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليائين (۽ بني اسرائيلن جي خلاف لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو). (٥٤) (۽ چوڻ لڳو ته) هي (بني اسرائيل) هڪ ننڍڙي (۽ هيڻي) ٽولي آهن. (٥٥) (تنهن هوندي به ايتري جرئت ڪئي اٿن جو) اسان جي خلاف غصي جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن (يا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي غصو ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن.) (٥٦) ۽ (هو ڏسن ئي نٿا ته) اسان ته بيشڪ وڏو لشڪر آهيون ۽ (هنن جي مقابلي لاءِ اڳ ئي) خبردار (۽ تيار) آهيون. (٥٧) تنهن ڪري اسان هنن (بني اسرائيلن) کي باغن ۽ چشمن مان تڙي ڪڍيو. (٥٨) ۽ پڻ خزانن ۽ چڱين جاين (يا چڱن عهدن ۽ ڌنڌن) کان اسان کين محروم ڪيو. (٥٩) (برابر فرعون ۽ سندس ماڻهن بني اسرائيلن سان) اهڙي هلت ورتي هئي (۽ کين غلام بنائي رکيو هو) پر اسان (يعني الله تعاليٰ پوءِ) بني اسرائيلن کي (شام ملڪ ۾) اهڙين شين (يعني باغن وغيره) جو وارث ڪيو. (٦٠) (حضرت موسيٰ ته بني اسرائيلن سان رات جي وقت روانو ٿي ويو) پوءِ صبح جو سج اڀرڻ بعد فرعون ۽ سندس ماڻهو (انهيءَ خبر پوڻ تي) سندن پٺيان پيا. (٦١) پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪ ٻئي کي ڏٺو تڏهن حضرت موسيٰ جي ساٿين (ڊڄي) چيو ته، پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا. (٦٢) حضرت موسيٰ فرمايو ته، هرگز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مددگار) آهي. اهوئي اجهو ٿو مون کي (حفاظت جي) واٽ ڏيکاري. (٦٣) پوءِ اسان موسيٰ کي وحي جي رستي حڪم ڪيو ته سمنڊ تي پنهنجي لٺ هڻ. (هن لٺ هنئي ته) سمنڊ ڇڄي (ٻه ڀاڱا ٿي) پيو، ۽ هرهڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل جهڙو ڏسڻ ۾ آيو. (٦٤) ۽ ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) اسان اڃا به وڌيڪ ويجهو آندو. (٦٥) ۽ حضرت موسيٰ کي ۽ سندس سڀني ساٿين کي ته (دشمن جي لشڪر توڙي سمنڊ کان) بچائي ورتوسين. (٦٦) پر ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) ٻوڙي ڇڏيوسين. (٦٧) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، (مڪي جي ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ) پر انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. (٦٨) ۽ تنهنجو رب بيشڪ غالب ۽ مهربان آهي (يعني منڪر مغلوب ٿيندا ۽ مؤمنن تي الله تعاليٰ جي مهرباني ٿيندي).
رڪوع ٥ آيت 69-تا-104
حضرت ابراهيم عليه السلام جي، بتن متعلق سمجهاڻي. نيڪ ماڻهن جو مقصد ۽ دعا
(٦٩) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي حضرت ابراهيم جو قصو به ٻڌاءِ. (٧٠) (انهيءَ وقت وارو حال ٻڌاءِ) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کان ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کان پڇيو ته، توهان ڪنهن جي ٻانهپ ۽ غلامي ٿا ڪيو؟ (٧١) هنن جواب ڏنو ته، اسان بتن جي پوڄا ۽ ٻانهپ ڪندا آهيون ۽ انهن وٽ (گهڻو وقت گوڏا ڀڃي) حاضريءَ ۾ رهندا ۽ ويهندا آهيون. (٧٢) (تنهن تي) حضرت ابراهيم کانئن پڇيو ته، جڏهن توهان انهن بتن کي پڪاريو ٿا تڏهن اهي اوهان جو آواز ٻڌن ٿا ڇا؟ (٧٣) يا اهي اوهان کي ڪو نفعو يا نقصان به پهچائين ٿا ڇا؟ (٧٤) هنن ورندي ڏني (ته، نه!) پر اسان پنهنجي وڏن کي ائين ڪندي (يعني بتن جي پوڄا ڪندي) پئي ڏٺو آهي (سو اسان به ائين ٿا ڪيون ۽ ڪندا رهنداسين.) (٧٥ ۽ ٧٦) حضرت ابراهيم وري پڇيو ته، پوءِ توهان ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو ڇا ته جن جي پوڄا اوهان ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان جا اڳوڻا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا هئا سي ڪهڙي شيءِ آهن؟ (۽ انهن جي پوڄا مان حاصل ڇا ٿيندو؟). (٧٧) (مان ته پنهنجي تجربي، عقل ۽ خدائي هدايت جي وسيلي چٽو ڏسي سگهان ٿو ته) اهي سڀ (جن جي پوڄا ٿي رهي آهي سي) منهنجا دشمن آهن (بلڪ سڀني ماڻهن جا دشمن آهن، ڇو ته انهن جي ڪري سڀ تباهه ٿا ٿين) فقط سڄي جهان جو پروردگار ئي (منهنجو ۽ ٻين سڀني جو دشمن ناهي، بلڪ اسان جو ڀلو چاهيندڙ ۽ نعمتون ڪندڙ آهي). (٧٨) (اهوپروردگار ئي منهنجي سڄڻ آهي) جنهن مون کي خلقيو ۽ اهوئي آهي جو مون کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو. (٧٩) ۽ جو مون کي کارائي ٿو ۽ پيئاري ٿو. (٨٠) ۽ جو جڏهن مان بيمار ٿو ٿيان تڏهن مون کي شفا ڏئي ٿو. (٨١) ۽ جو مون کي ماريندو ۽ وري جيئاريندو. (٨٢) ۽ جنهن ۾ منهنجي اميد آهي ته هو جزا ۽ سزا جي ڏينهن منهنجون خطائون بخشيندو. (٨٣) (مٿين الفاظن چوڻ بعد حضرت ابراهيم دعا گهري ٿو ته) اي منهنجا رب! مون کي علم ۽ عقل عطا ڪر ۽ مون کي صالح (نيڪ) ماڻهن ۾ شامل ڪر. (٨٤) ۽ مون کان پوءِ جيڪي پيڙهيون پيدا ٿيڻيون آهن تن ۾ منهنجو سچو ۽ چڱو ذڪر جاري رک (ته انهن لاءِ منهنجي تاريخ چڱو مثال ٿئي ۽ هو به چڱا عمل ڪن). (٨٥) ۽ مون کي نعمتن سان ڀريل جنت جو وارث ڪر. (٨٦) ۽ منهنجي پيءُ کي به بخش، هو بيشڪ گمراهه ماڻهن ۾ شامل آهي. (٨٧) ۽ مون کي انهيءَ ڏينهن خوار ۽ شرمسار نه ڪجانءِ، جنهن ڏينهن ماڻهو وري جيئرا ڪري اٿاريا ويندا. (٨٨) ۽ جنهن ڏينهن نڪي مال ملڪيت ڪم ايندي، نڪي پٽ ڪم ايندا. (٨٩) پر جيڪو ماڻهو سليم (۽ پاڪ) دل کڻي الله وٽ ايندو (سو بيشڪ قيامت جي ڏينهن فلاح پائيندو.) (٩٠) ۽ جنت پاڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ ويجهي آندي ويندي. (٩١) ۽ گمراهن جي لاءِ دوزخ ظاهر ڪري (کين) ڏيکاريو ويندو. (٩٢) ۽ انهن (گمراهه ماڻهن) کي چيو ويندو ته، ڪٿي آهن اهي (ديوتائون) جن کي اوهان پوڄيندا هئو؟ (يعني هاڻي توهان سمجهي ٿا سگهو ته اهي ڪجهه به نه آهن.) (٩٣) خدا کي ڇڏي (جن ديوتائن کي اوهان پوڄيندا هئو سي ٻڌايو ته) توهان جي ڪا مدد به ڪري ٿا سگهن يا رڳو سندن به ڪا مدد ڪري ٿا سگهن؟ (بلڪل نه). (٩٤) پوءِ اهي ۽ سڀ گمراهه ماڻهو منهن ڀر ان دوزخ ۾ اڇلايا ويندا. (٩٥) ۽ ابليس جا لشڪر سڀ جو سڀ (پڻ ان باهه ۾ اڇلايا ويندا). (٩٦) اهي (گمراهه ماڻهو) پاڻ ۾ جهڳڙا ۽ بحث ڪندا ۽ چوندا ته، (٩٧) قسم آهي خدا جو ته اسان چٽي چٽي گمراهي ۾ هئاسين. (انهيءَ وقت). (٩٨) جڏهن اسان اوهان (ڪوڙن ديوتائن) کي سڄي جهان جي رب جي برابر سمجهندا هئاسين. (٩٩) ۽ اسان کي گمراهه ڪيو ته انهن ئي ڏوهارين ڪيو (جيڪي ٺڳيءَ سان اسان کي مطيع ڪري پنهنجا فائدا ڪڍندا هئا. جو اسان کي چوندا هئا ته اسان توهان جي شفاعت ڪنداسين.) (١٠٠) (پر) پوءِ هاڻي ته اسان لاءِ ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ڪونهي. (١٠١) ۽ نڪو ڪو (اسان لاءِ) سچو دوست ئي آهي. (١٠٢) پوءِ هاڻي جيڪڏهن هيئن ممڪن هجي جو اسان وري دنيا ۾ وڃي سگهون ته اسان جيڪر يقيناً ايمان آڻيون (اهو پڇتاءُ هاڻي ڪم نه ايندو.) (١٠٣) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، پر (تنهن هوندي به مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (١٠٤) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀني تي) غالب ۽ رحم وارو آهي. (اي پيغمبر تون فڪر نه ڪر، اهي منڪر مغلوب ٿيندا ۽ اسان مؤمنن تي رحم ڪري کين غالب ڪنداسين.)
رڪوع ٦ آيت 105-تا-122
حضرت نوح عليه السلام جي واقعي ۾ به عبرت وٺندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
(١٠٥) (اهڙيءَ ئي طرح) حضرت نوح جي قوم به رسولن کي نه مڃيو. (١٠٦) (ڏسو ته ڇا ٿيو) جڏهن سندن ئي برادريءَ جو ماڻهو حضرت نوح (انهن ڏانهن پيغمبر ڪري موڪليو ويو جنهن کين) چيو ته (ڇو بد ڪمن ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي ويا آهيو؟) ڇا توهان الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ئي نٿا؟ (١٠٧) مان توهان جي لاءِ اعتبار جوڳو پيغمبر آهيان. (١٠٨) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان). (١٠٩) ۽ (ڏسو ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (جو ڪيان ٿو پيو) ڪنهن به قسم جو اجورو يا عيوضو اوهان کان ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. (١١٠) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪيو (ڇو ته اهي خدا جا حڪم آهن). (١١١) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، (اي نوح! اسان ڏسون ٿا ته) بلڪل رذيل ۽ خسيس ماڻهو تنهنجي پيروي ڪري رهيا آهن (۽ تو وٽ اچن ٿا) ڇا اهڙيءَ حالت ۾ اسان (سردار) توتي ايمان آڻيون (۽ انهن خسيس ماڻهن سان گڏجي ويهون؟) (١١٢) حضرت نوح جواب ڏنو ته، مون کي ڪهڙي خبر آهي ۽ ڪيئن خبر پوي ته اهي (مسڪين ماڻهو) ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪندا آهن؟ (١١٣) خدا شال توهان کي سمجهه ڏئي (۽ توهان سمجهو ته) انهن ماڻهن (جي عملن وغيره) جو حساب وٺڻ ته فقط منهجي پروردگار جي ذمي آهي (نه ڪه منهنجي ذمي). (١١٤) ۽ مون کي هرگز مناسب ناهي ته مان ايمان آڻيندڙن کي تڙي ڪڍان، (هنن جي دلين جي خبر ته فقط الله کي آهي). (١١٥) (وڌيڪ حضرت نوح کين فرمايو ته،) مان ته فقط (الله جي نافرماني ڪندڙن کي) چٽيءَ طرح خبردار ڪندڙ آهيان. (۽ ايندڙ عذاب جي خبر چٽيءَ طرح ٻڌايان ٿو.) (١١٦) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، اي نوح! جيڪڏهن تون انهن ڳالهين ڪرڻ کان باز نه ايندين ته اسان توکي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين. (١١٧) حضرت نوح (الله تعاليٰ کي ٻاڏائي) چيو ته، اي منهنجا رب! منهنجي قوم جي ماڻهن مون تي ايمان آڻڻ کان صفا انڪار ڪيو آهي. (١١٨) سو هاڻي منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪري ڇڏ، ۽ مون کي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي مون سان شامل آهن، (هنن حق جي دشمنن کان) بچائي وٺ. (١١٩) سو اسان هن کي ۽ سندس ساٿين کي جيڪي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ (سوار) هئا (دشمنن کان ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان) بچائي سلامت رکيو. (١٢٠) پوءِ جيڪي ماڻهو (پٺتي) باقي رهيا تن (منڪرن) کي اسان ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو. (١٢١) (ڏسو) هن واقعي ۾ به (عبرت وٺڻ لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي. پر (افسوس) هنن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (١٢٢) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو رب سڀني تي غالب آهي (۽ کين تباهه ڪندو) ۽ سڀني تي مهربان آهي. (تنهن ڪري مؤمنن تي نعمتون ڪندو).
رڪوع 7 آيت 123-تا-140
حضرت هود عليه السلام ۽ سندس قوم عاد جو ذڪر
(١٢٣) (ساڳيءَ طرح) عاد قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو. (١٢٤) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت هود هنن کي چيو ته، (توهان ڇو برائين ۾ ڪاهي پيا آهيو) ڇا توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄوئي نٿا؟ (١٢٥) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان (۽ توهان کي خبر آهي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ڪڏهن امانت ۾ خيانت ڪئي آهي) مان سچ پچ اعتبار جوڳو آهيان. (١٢٦) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ئي چڱائي آهي.) (١٢٧) ۽ (ڏسو) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدا جي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) اوهان کان ڪوبه اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. (١٢٨) ڇا توهان هرهڪ مٿانهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجايا بي فائدا يادگار ٿا بنايو؟ (١٢٩) ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو. (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي.) (١٣٠) ۽ جڏهن (ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان به) لڙو ٿا ته، (انصاف کي ڇڏي) ظلم ۽ ڏاڍائي واري واٽ ٿا وٺو. (١٣١) سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. (١٣٢) انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا. (١٣٣) (توهان کي خبر آهي ته) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن. (١٣٤) ۽ باغات ۽ چشما (به عطا ڪيا اٿس). (١٣٥) (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناهه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو. (١٣٦) انهن (منڪرن) جواب ۾ چيو ته (اي هود! تون اجايو پنهنجو ۽ اسان جو مغز ٿو کپائين) تون اسان کي واعظ نصيحت ڪرين توڙي نه ڪرين اسان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. (اسان تنهنجون ڳالهيون ڪونه مڃينداسين.) (١٣٧) اهي (عذاب کان ڊيڄارڻ جون) ڳالهيون ته اڳوڻن ماڻهن جون آهن. (جن کي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي عادت ٿي ويئي هئي تون جهونن خيالن جو ماڻهو آهين، اسان نئين روشني وارا آهيون.) (١٣٨) ۽ (انهن منڪرن وڌيڪ هيئن به حضرت هود کي چئي ڏنو ته) اسان تي عذاب بلڪل ڪونه ايندو). (١٣٩) مطلب ته هنن حضرت هود کي نه مڃيو، تنهن ڪري اسان به هنن کي برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ (سمجهه وارن لاءِ وڏي) عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس ته) هنن ماڻهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. (١٤٠) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) يقيناً تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب ۽ وڏي رحم وارو آهي.
رڪوع ٨ آيت 141-تا-159
حضرت صالح عليه السلام ۽ سندس قوم ثمود جو مختصر ذڪر.
(١٤١) ثمود قوم جي ماڻهن به رسولن کي ڪونه مڃيو. (١٤٢) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت صالح کي چيو ته، ڇا توهان (مسڪينن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ۽) خدا کان ڊڄو ئي نٿا؟ (١٤٣) (مان توهان کي صاف صاف سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته) مون کي اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي (۽ توهان کي معلوم آهي ته) مان معتبر آهيان (تنهن ڪري هن ڳالهه ۾ به مون تي اعتبار ڪيو). (١٤٤) سو توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان رڳو خدا جا حڪم ٿو پهچايان). (١٤٥) ۽ (توهان ڏسو ٿا ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (يعني اوهان کي خدا جا حڪم پهچائڻ لاءِ) ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. (١٤٦) ڇا (توهان هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) جيڪي هتي هن دنيا ۾ (نعمتون) آهن، سي ماڻڻ لاءِ اوهان کي (دائمي طور) امن امان ۾ ڇڏيو ويندو؟ (١٤٧) توهان (دائمي) باغن ۽ چشمن ۾ امن امان جي حالت ۾ ڇڏيا ويندو؟ (١٤٨) ۽ توهان (دائمي ڀلين) ٻنين ۽ کجور جي وڻن ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ ڇا جن کجورن جا ڇڳا (کارڪن جي بار کان) ٽٽڻ تي آهن. (١٤٩) ۽ توهان ٽڪرن کي ٽڪي وڏي هنر ۽ ڪارگريءَ سان جايون ٺاهيو ٿا. (١٥٠) (اوهان اهي نعمتون خدا جي طرف کان نٿا سمجهو ۽ سندس نافرماني ٿا ڪيو) سو خدا (وٽان ايندڙ عذاب) کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (ڇو ته مان فقط اهي حڪم ٿو پهچايان جي خدا تعاليٰ وٽان ٿا اچن). (١٥١) ۽ انهن جا حڪم نه مڃيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، (۽) (١٥٢) جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ٿا ڪن ۽ سڌارو ڪونه ٿا ڪن. (١٥٣) (ظالم ۽ خودغرض سردارن تي انهيءَ نصيحت جو اثر ڪونه پيو) هنن چيو ته، (اي صالح تون آهين ڇا؟) توتي ڪو جادوءَ جو اثر پئجي ويو آهي (جو بي عقليءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين). (١٥٤) تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. جيڪڏهن تون سچ ٿو چوين (ته مون کي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) ته ڀلا آڻ ڪا نشاني (يعني ڏيکار ڪو معجزو). (١٥٥) (حضرت صالح) فرمايو ته، هيءَ ڏاچي (نشاني) آهي. هن کي به پاڻي پيئڻ جو حق آهي ۽ اوهان کي به (پنهنجي مال کي) پاڻي پيارڻ جو حق آهي (پر واري سان) مقرر ڏينهن تي. (١٥٦) ۽ ان ڏاچيءَ کي ڪو ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائجو. نه ته هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو عذاب اچي توهان تي ڪڙڪندو. (١٥٧) پوءِ به هنن ڏاچيءَ جا پير ڪاٽي ڇڏيا، پر پوءِ پشيمان به ٿيا (۽ ڊنا ته متان عذاب سچ پچ اچي وڃي).(١٥٨) سو (سچ پچ) هنن تي عذاب اچي ڪڙڪيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (فسوس ته هنن مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (١٥٩) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.
رڪوع ٩ آيت 160-تا-175
حضرت لوط عليه السلام ۽ سندس قوم جو مختصر ذڪر
(١٦٠) (ساڳيءَ طرح) حضرت لوط جي قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو. (١٦١) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن کي حضرت لوط (عليه السلام) چيو ته (افسوس جو توهان سخت شرمناڪ ۽ غليظ ڪم ڪري رهيا آهيو) (ڇا توهان خدا (جي عذاب) کان ڊڄوئي نٿا؟ (١٦٢) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيان، ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (مون تي اعتبار ڪيو مان توهان کي توهان جي ئي چڱائي لاءِ ضروري نصيحت ٿو ڏيان). (١٦٣) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو. (١٦٤) ۽ (ياد رکو ته) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدائي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) توهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. (١٦٥) ڇا سڄي جهان ۾ توهان ئي آهيو جي نرن ڏي (بدفعليءَ لاءِ) وڃو ٿا؟ (يا سڄي جهان ۾ توهان کي رڳو نر ئي بدفعليءَ لاءِ پسند آهن ڇا؟) (١٦٦) ۽ توهان جي لاءِ توهان جي پروردگار جيڪي زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏي ٿا ڏيو (۽ ڇوڪرن ۽ مردن ڏي ٿا وڃو). حقيقت هيءَ آهي ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهيو. (١٦٧) هنن (فاحش ماڻهن) جواب ڏنو ته، اي لوط! جيڪڏهن تون (هن واعظ ۽ نصيحت کان) باز نه ايندين ته اسان توکي ضرور (هن ملڪ مان ئي) ڪڍي ڇڏينداسين. (١٦٨) (تنهن تي) حضرت لوط چيو ته، مون کي اوهان جي (برن) عملن کان سخت نفرت آهي، (سو مان پاڻ به اوهان وٽ رهڻ ۾ راضي نه آهيان). (١٦٩) (حضرت لوط پوءِ خدا کي پڪاريو ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي ۽ منهنجي خاندان جي ماڻهن کي هنن (فاحش) ماڻهن جي عملن (جي شامت کان يا سندن ظلم) کان بچائي وٺ. (١٧٠) سو اسان هن کي ۽ سندس سڀني مڃيندڙن کي بچائي ورتو. (١٧١) سواءِ هڪ ٻڍي عورت جي (جا سندس ئي زال هئي) اها (پاڻ بي ايمان ٿي) پٺتي رهجي پيئي. (١٧٢) پوءِ ٻين کي اسان ناس ڪري ڇڏيو. (١٧٣) ۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿرن جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون.) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو. (١٧٤) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (١٧٥) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) تنهنجو پرودگار ئي آهي جو سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.
رڪوع ١٠ آيت 176-تا-191
حضرت شعيب عليه السلام ۽ اهل مدين جو ذڪر.
(١٧٦) (ساڳيءَ طرح) ائڪه جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو. (١٧٧) ڏسو حضرت شعيب هنن کي چيو ته (توهان واپار ۾ ٻين کي نقصان ٿا رسايو) ڇا توهان کي خدا جو خوف ئي نٿو ٿئي؟ (١٧٨) يقيناً مان توهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان، (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (۽ اعتبار جي لائق آهيان). (١٧٩) سو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ منهنجي حڪمن جي پيروي ڪيو (ڇو ته اهي حڪم الله جا آهن). (١٨٠) ۽ (منهنجي سچائيءَ جي لاءِ هيءَ به ثابتي آهي ته) مان انهيءَ (تبليغ جي) ڪم لاءِ اوهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پالڻهار جي ذمي آهي. (١٨١) پوري ماپ ڪري ڏيو (نه گهٽ ڏيو) ۽ ماڻهن کي نقصان نه پهچائيندا ڪريو. (١٨٢) ۽ سڌي ۽ سچي تارازيءَ سان تور ڪيو (ائين نه ڪيو جو ڏيڻ مهل گهٽ توري ڏيو ۽ وٺڻ مهل وڌيڪ توري وٺو.) (١٨٣) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو (نڪي پاڻ وٽ روڪي رکو) ۽ زمين تي (ٺڳيون ۽) بگاڙ نه ڪندا وتو. (١٨٤) ۽ انهيءَ خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن اوهان کي به خلقيو ۽ اوهان کان اڳين پيڙهين کي به. (جنهن اوهان کي پيدا ڪيو آهي سو اوهان کي برن عملن جي سزا به ڏئي سگهي ٿو.) (١٨٥) هنن جواب ۾ چيو ته، توتي ڪو جادوءَ جو اثر پيل آهي، (۽ پاڳل ٿي پيو آهين.) (١٨٦) ۽ تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. بيشڪ اسان توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا. (١٨٧) جيڪڏهن تون (پنهنجي انهيءَ دعويٰ ۾) سچو آهين (ته مان خدا جو رسول آهيان) ته آسمان مان اسان تي ڇپ ڪيراءِ؟ (١٨٨) حضرت شعيب تنهن تي (نماڻائيءَ سان) جواب ڏنو ته، منهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا (برا) عمل ڪري رهيا آهيو (۽ اهوئي اوهان تي ڇپ ڪيرائي سگهي ٿو يا ٻئي طرح سزا ڏئي ٿو سگهي.) (١٨٩) پر هنن کيس نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو ڇانو واري ڏينهن جي عذاب اچي کين پڪڙيو (شايد ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري چوڌاري دونهون ۽ پٿر اڏاڻا ۽ ڪريا جن جي ڪري ڪجهه قدر اوندهه ٿي ويئي ۽ ماڻهن تي اهڙيون ڇپون ڪريون جو تباهه ٿي ويا.) بيشڪ اهو هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو سخت عذاب هو. (١٩٠) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (١٩١) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي اهو آهي جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو به آهي.
رڪوع ١١ آيت 192-تا-227
قرآن مجيد ۾ چٽو ۽ کليل بيان آهي، جيڪي ان تي عمل نه ڪندا سي عذاب ۾ پوندا.
(١٩٢) ۽ يقيناً هيءُ (قرآن) ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل آهي. (١٩٣) ان کي روح الامين (حضرت جبرائيل) کڻي آيو آهي، (جو بيشڪ سچو ۽ ايماندار فرشتو آهي.) (١٩٤) (اي پيغمبر! اهو قرآن) تنهنجي قلب تي نازل ڪيو وڃي ٿو، انهيءِ لاءِ ته تون (ماڻهن کي خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرين. (١٩٥) (اهو قرآن مجيد) چٽي ۽ چٽائي ڪندڙ عربي زبان ۾ (نازل ڪيو ويو آهي). (١٩٦) ۽ يقيناً ان جي ذڪر اڳوڻن خدائي ڪتابن ۾ ڪيل آهي (ته آخري پيغمبر مڪي ۾ پيدا ٿيندو ۽ مٿس آخري ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيندو.) (١٩٧) ڇا هنن (مڪي جي ڪافرن) لاءِ هي نشاني ڪافي ناهي ته ان (جي سچائيءَ) کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا (۽ ايمان آڻين ٿا. سچ پچ ڪن تمام وڏن يهودي ۽ عيسائي بزرگن ايمان آندو.) (١٩٨) ۽ جيڪڏهن اسان ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ تي قرآن مجيد نازل ڪيون ها (۽ هن جي ٻولي به ڪا ٻي هجي ها)، (١٩٩) ۽ اهو ڌاريو ماڻهو (ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾) کين اهو پڙهي ٻڌائي ها ته پوءِ هي (عرب) نڪي (سمجهن ها نڪي) ان تي ايمان آڻين ها. (٢٠٠) اهڙيءَ طرح (يعني چٽي عربيءَ ۾ قرآن مجيد نازل ڪرڻ سان) اسان اها (اسلام جي تعليم عرب جي) گنهگارن جي دلين ۾ به ويهاري ڇڏي آهي. (٢٠١) پوءِ به (ڪي سخت دل) ماڻهو ان تي ايمان ڪونه آڻيندا، جيستائين ڪه سخت عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن. (٢٠٢) پر عذاب ته مٿن بلڪل اوچتو اچي ڪڙڪندو ۽ هنن کي خبر ئي ڪانه پوندي. (٢٠٣) انهيءَ وقت هو (پريشان ٿي) چوندا ته، (هاءِ هاءِ!) اسان کي ڪجهه مهلت ملندي يا نه؟ (٢٠٤) پوءِ ڇا؟ هنن ماڻهن تڪڙ لائي ڏني آهي ته (جيڪڏهن اهي ڳالهيون سچيون آهن ته) اسان تي عذاب جلد اچي. (٢٠٥) ڀلا ڏسو ته سهي ته، جيڪڏهن اسان هنن (منڪرن) کي ڪي سال خوشحاليءَ ۾ رکون. (٢٠٦) ۽ پوءِ انهن تي اهو عذاب اچي وڃي، جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو آهي. (٢٠٧) ته پوءِ اها آسودگي (۽) دنيوي نعمتون هنن کي ڪجهه به فائدو ڪونه ڏينديون. (٢٠٨) (اسان جو اهو قانون آهي ته) ڪڏهن به ڪنهن بستيءَ کي برباد نه ڪيوسين جيستائين پهريائين هنن ڏي هنن کي خبردار ڪرڻ لاءِ پيغمبر موڪلياسين (۽ هو تنهن هوندي به برائين ۾ مشغول رهيا، پوءِ اسان به هنن کي تباهه ڪري ڇڏيو). (٢٠٩) يادگيري ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ (اسان هنن ڏي پهريائين پيغمبر موڪليا ته به هو باز نه آيا ۽ اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو) اسان ڪڏهن به بي انصافي ڪونه ٿا ڪيون. (٢١٠) هي (وحي يا قرآن مجيد) شيطانن ڪونه آندو آهي، (جيئن ڪافر بڪ بڪ ڪري رهيا آهن.) (٢١١) ائين ڪرڻ هنن لاءِ (يعني شيطانن لاءِ) نڪي ٺهي ٿو نڪي هو (اهڙو قرآن ٺاهي سگهڻ جي) طاقت رکن ٿا. (٢١٢) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته، شيطان ٻڌڻ جي جاءِ کان ئي پري ڪڍيا ويا آهن (هن لاءِ ته ائين نه ٿئي جو هو ٻڌي ان ۾ ڦيرڦار ڪري پوءِ ماڻهن کي ٻڌائين). (٢١٣) سو (اي پيغمبر!) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود يا ديوتا کي نه پڪارجانءِ. نه ته تون به انهن ۾ هوندين جن کي عذاب ڪيو ويندو. (٢١٤) ۽ پنهنجي ويجهن مائٽن کي (خدا جي نافرماني جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏ. (٢١٥) ۽ جن مؤمنن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي تن تي ڏاڍو مهربان رهه (ايترو پيار ڪر جيترو اڏامندڙ پکي ڪندو آهي، جو کنڀن کي ڀڪوڙي لهي اچي ٻچن کي کنڀڙاٽين هيٺان لڪائيندو آهي.) (٢١٦) پوءِ جيڪڏهن هو (منڪر) تنهنجي نافرماني ڪن ته کين چئي ڏي ته، جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان. (٢١٧) (اي پيغمبر تون سندن پرواهه نه ڪر،
پنهنجي ڪم کي جرئت سان ڪندو رهه) ۽ انهيءَ الله تي ڀروسو رک جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو آهي. (٢١٨) (انهيءَ الله تي ڀروسو رک) جو توکي (نماز ۾) بيهندي ڏسي ٿو. (٢١٩) ۽ جو توکي نماز پڙهندڙن ۾ اٿندي، ويهندي (سجدو ڪندي) ڏسي ٿو. (٢٢٠) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. (٢٢١) ڇا مان اوهان کي ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا (۽ کين گمراهه ڪن ٿا)؟ (٢٢٢) شيطان هرهڪ ڪوڙي ۽ گناهه ڪندڙ ماڻهو ڏي اچن ٿا (۽ کين بدعمل ڪرائين ٿا). (٢٢٣) (اهڙن ماڻهن ڏي اچن ٿا جيڪي) ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڪن لڳائين ٿا ۽ جيڪي اڪثر ڪري ڪوڙا آهن. (٢٢٤) ۽ شاعرن جي پيروي به اهي ڪن ٿا جيڪي گمراهه آهن. (٢٢٥) تو ڏٺو ڇا ته اهي (شاعر) هرهڪ ماٿريءَ ۾ حيران ۽ پريشان رلندا وتندا آهن. (يعني هرهڪ مضمون تي شعرگوئي ڪندا آهن، اگرچه ان بابت کين پورو علم به نه هجي. (٢٢٦) ۽ هو اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن تي پاڻ ئي عمل نه ڪندا آهن. (٢٢٧) پر (ڪي شاعر اهڙا به آهن) جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱا عمل ڪن ٿا ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪن ٿا، ۽ جن تي جڏهن ظلم ڪيو ويو تڏهن ان ظلم بعد هنن بچاءَ جي ڪم ۾ (يعني جهاد ڪرڻ ۾) حصو ورتو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلدئي معلوم ٿي ويندو ته هو ڪهڙيءَ جاءِ تي موٽي وڃڻا آهن، (يعني هن دنيا ۾ به ذليل حالت ۾ ايندا ۽ آخرت ۾ به دوزخ ۾ پوندا.)