مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت التڪوير

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-29
آخرت جو بيان. قرآن جهان وارن لاءِ نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
(١) جڏهن (قيامت اچڻ وقت) سج کي ويڙهيو ويندو، (۽ منجهس روشني نه رهندي). (٢) ۽ جڏهن تارا هيٺ ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا. (٣) ۽ جڏهن جبلن کي (هلڪڙي شيءِ وانگر) هلايو ويندو. (٤) ۽ جڏهن ڏهن مهينن جون (ڌنارن کي پياريون) ڍڪيون ڏاچيون (ڌنار کان سواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون. (٥) ۽ جڏهن (هڪ ٻئي کان ٽهڻ وارا) جهنگلي جانور (به خوف ۽ گهٻراهٽ ۾) گڏ ڪيا ويندا. (٦) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه (باهه وانگر) تپايا ويندا. (٧) جڏهن ڀانت ڀانت جا ماڻهو (هڪ جاءِ تي) آندا ويندا. (٨) ۽ جڏهن جيئري پوريل (۽ ناحق ماريل) نياڻي کان پڇيو ويندو، (٩) ته ڪهڙي گناهه ڪري هوءَ ماري ويئي هئي؟ (١٠) ۽ جڏهن (ماڻهن جي ڪيل عملن جا) دفتر کوليا ويندا. (١١) ۽ جڏهن آسمان جي کل لاٿي ويندي. (جو اهو کل لٿل ٻڪريءَ وانگر ڳاڙهو هوندو.) (١٢) ۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي. (١٣) ۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو. (مطلب ته جڏهن هي قيامت جا سڀ منظر سامهون بيهندا.) (١٤) تڏهن سڀڪو شخص انهن (دنيا ۾ ڪيل عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو. (١٥) پوءِ (قيامت جي منظرن جون اهي ڳالهيون ائين چيل ناهن، بلڪ قرآن ۾ چيل آهن، جنهن جي سچائي تي) پٺتي هٽندڙ (تارن جو نظام به) شاهد آهي. (١٦) سڌو هلندڙن (۽ پنهنجي منزل طرف) لڪي هلندڙ (تارن جو نظام به اوهان کي شاهدي ڏيندو). (١٧) ۽ رات جي (شاهدي) جڏهن اها اچي ٿي، (١٨) صبح جي (شاهدي) جڏهن (اهو زندگيءَ جي پيغام کڻي) ظاهر ٿئي ٿو. (١٩) ته اهو (قرآن) خوبين واري قاصد (جبرائيل) ذريعي موڪيل ڪلام آهي. (٢٠) جو سگهه وارو، عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو آهي. (٢١) اتي (آسمانن ۾ ملائڪن وٽ) سندس حڪم مڃيل ۽ امانت وارو آهي. (٢٢) ۽ (اي مڪي وارؤ!) اوهان سان گڏ رهڻ وارو (محمدﷺ) ڪو چريو نه آهي. (الله اوهان جي لاءِ به ڪائنات وانگر مستحڪم ۽ ٺوس قانون انهيءَ رسول جي ذريعي رسائي ٿو.) (٢٣) ۽ (کيس خدا جي پاران وحي رسي ٿو) بيشڪ ان (رسول وحي آڻيندڙ) جبرائيل کي آسمان جي پڌري ڪناري تي ڏٺو آهي. (٢٤) ۽ هو غيب جي خبرن (وحي کان مليل پيغام) ٻڌائڻ ۾ بخل ڪرڻ وارو نه آهي. (جيئن جو تيئن پهچائي ٿو). (٢٥) ۽ نه اهو (قرآن اندازي تي مبني يا حقيقت کان پري) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي. (٢٦) جڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ اوهان ڪيڏانهن ڀٽڪو ٿا؟ (٢٧) اهو (قرآن پڪ ڄاڻو ته) جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. (٢٨) ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو اوهان مان (فضيلتپڻي جي واٽ تي) سڌو هلڻ گهري ٿو. (٢٩) ۽ اوهين جهان وارن جي پاليندڙ الله جي (قانونن آڏو سيس نوائي سندس) گهر کان سواءِ (فضيلتپڻي جي واٽ تي سڌي هلڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو.