مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الفلق

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-5
حسد ڪندڙن جي بڇڙائيءَ کان پناهه.
(١) (اي پيغمبر!) چئو ته، صبح جي (مالڪ ۽) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (جيڪو سڄي مخلوق کي ان وقت پنهنجي پالڻهاريءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي ٿو. (٢) انهن جي بڇڙائيءَ کان (ان جي پناهه ۾ اچان ٿو) جن کي پيدا ڪيو اٿس. (٣) ۽ انڌيري رات جي بڇڙائيءَ کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي. (جنهن ۾ حق جون مخالف قوتون ويهي سازشون تيار ڪن ٿيون.) (٤) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ (مخالف قوتن) جي بڇڙائيءَ کان (جيڪي عقيدن ۽ ارادن کي غلط بياني ۽ پروپيگنڊا جي نفيس حيلن ذريعي بدلائڻ گهرن ٿيون. (٥) ۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن حسد ڪري ٿو.