مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الفرقان

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-9
قرآن مجيد حق ۽ باطل جي وچ ۾ سنڌو ڪري ڏيکاري ٿو
(١) وڏي برڪت وارو (۽ برڪتون بخشيندڙ) آهي، اهو الله جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) تي حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو قرآن مجيد نازل ڪيو، انهيءَ لاءِ ته سڀني انسانن کي (باطل ۽ برن ڪمن جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) خبردار ڪري. (٢) (جنهن قرآن مجيد نازل ڪيو سوئي الله آهي) جو سڀني آسمانن ۽ زمين جو بادشاهه آهي. هن پاڻ لاءِ ڪو اولاد ڪونه ٺهرايو آهي، (ڇو ته هونئن ئي سڀ ڪجهه سندس آهي) ۽ سندس بادشاهيءَ ۾ ڪوبه ساڻس شريڪ ڪونهي. هن ئي هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي، ۽ هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. (٣) پر (افسوس ماڻهن جي بي سمجهائيءَ تي جو) هنن الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيا معبود (خدائيون) بنائي رکيا آهن جيڪي ڪابه شيءِ پيدا ڪري نٿا سگهن، بلڪ هو پاڻ (الله جا) پيدا ڪيل آهن. اهي (ڪوڙا معبود) پاڻ کي ئي نقصان کان بچائي نٿا سگهن، نڪي پاڻ کي ڪو نفعو پهچائي ٿا سگهن. هنن جي قبضي ۾ نڪي آهي موت، نڪي زندگي ۽ نڪي وري جيئرو ٿي اٿڻ. (٤) ۽ ڪافر چون ٿا ته (هيءُ ماڻهو جو چوي ٿو ته مان رسول آهيان ۽ مون تي الله وٽان وحي نازل ٿو ٿئي) اهو سراسر بهتان آهي جو هن پاڻ ٺاهيو آهي، ۽ ٻين ماڻهن ان (قران جي ٺاهڻ) ۾ سندس مدد ڪئي آهي. بيشڪ اهي ماڻهو ظلم ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. (سمجهه هلائين ته جيڪر بنا دير ايمان آڻين.). (٥) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته اهي ڳالهيون (جي هو ٻڌائي ٿو) اڳوڻن ماڻهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن جي هن کڻي لکايون آهن ۽ جي صبح شام هن کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون. (٦) (اي پيغمبر! کين) چئي ڏي ته، هي (قرآن) انهيءَ (الله) نازل ڪيو آهي جو آسمانن ۽ زمين جي اسرارن کان پوريءَ طرح واقف آهي (ڪنهن به انسان کي ايترو علم ناهي جو قرآن مجيد واريون ڳالهيون ٻڌائي سگهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (جو اسان جي هدايت لاءِ ۽ فائدي لاءِ اعليٰ نصحتون ٿو ڏئي). (٧) اهي (منڪر) هيئن به ٿا چون ته هيءُ ڪهڙو رسول آهي جيڪو ماني کائي ٿو ۽ رستن تي گهمي ڦري ٿو. ڇو نه هن ڏي ڪو فرشتو موڪليو ويو آهي، جو هن سان گڏجي (ماڻهن کي) خبردار ڪري. (٨) يا ڇو نه هن جي اڳيان خزانو اچي ٿو پوي. يا ڇو نه هن کي ڪو باغ ٿو ملي، جنهن مان کائي پيئي ۽ گذران ڪري ۽ ظالم (وڌيڪ هيئن به) چون ٿا ته، توهان (مسلمان) اهڙي ماڻهو جي پيروي ڪيو ٿا جنهن تي ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو آهي. (٩) ڏس (اي پيغمبر!) تنهنجي باري ۾ هي ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا مثال بيان ڪري رهيا آهن. سو اهي گمراهه ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري هو سچي راهه لهي نه سگهندا.

رڪوع ٢ آيت 10-تا-20
منڪرن جي سزا، قيامت ۽ قيامت کان پوءِ
(١٠) وڏي برڪت وارو (۽ برڪتون ڏيندڙ) آهي، اهو الله جو جيڪڏهن چاهي ته (اي پيغمبر!) انهن کان گهڻو بهتر باغ جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن (۽ انهن نهرن جي ڪري دائماً سرسبز رهن) سي تنهنجي لاءِ (هن دنيا ۾ ئي) مهيا ڪري ڏئي، ۽ توکي (شاندار) محلاتون عطا ڪري. (١١) (پر) ڳالهه هيءَ آهي ته، هي ماڻهو (فيصلي جي) گهڙيءَ جا منڪر آهن، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ان گهڙيءَ جو منڪر ٿيندو تنهن جي لاءِ اسان شعلا ڪندڙ باهه تيار رکي آهي. (١٢) دوزخ جي باهه جڏهن انهن منڪرن کي پري کان ڏسندي تڏهن اهي ان باهه جي غصي ۽ ڪاوڙ جا ڦوڪارا ۽ آواز (پري کان) ٻڌندا (۽ سمجهندا ته اها باهه اسان کي جلائڻ لاءِ بي تاب بيٺي آهي.). (١٣) ۽ جڏهن انهن منڪرن کي ڪنهن سوڙهي هنڌ زنجيرن سان جڪڙيو ويندو تڏهن هو موت کي سڏيندا (۽ چاهيندا ته هن ساڙيندڙ باهه ۾ جلڻ کان بهتر آهي ته موت اچي وڃي). (١٤) اي منڪرؤ! اڄ هڪڙي موت لاءِ نه پڪاريو. پر گهڻن موتن کي پڪاريو (توهان انهيءَ عذاب کان ڪڏهن به نه ڇٽندؤ) (١٥) انهن (منڪرن) کا پڇو ته، اها توهان جي حالت بهتر آهي يا دائمي جنت بهتر آهي، جنهن جو واعدو نيڪ ۽ پاڪباز ماڻهن کي ڏنل آهي. اها جنت نيڪ ماڻهن لاءِ (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ۽ انعام آهي ۽ سندن رهڻ جو مڪان ٿيندو. (١٦) جيڪي به اهي (نيڪ ماڻهو) چاهيندا سو کين اتي ملندو. هو هميشه اتي رهندا. (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار پاڻ تي اهو واعدو لازمي ٺهرايو آهي (۽ اهو واعدو انهيءَ جي لائق آهي ته نيڪ ماڻهو ان لاءِ دعا گهرندا رهن.) (١٧) ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ انهن کي ۽ جن کي الله کان سواءِ پوڄيندا هئا تن کي هڪ هنڌ آڻي گڏ ڪندو تڏهن انهن کان پڇندو ته توهان منهنجي هنن بندن کي گمراهه ڪيو هو يا هو پاڻ رستو ڀلجي گمراهه ٿي ويا هيا؟ (١٨) اهي (جن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي سي) جواب ڏيندا ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ! اسان کي ڪهڙو حق هو جو اسان توکي ڇڏي ٻين کي اولياء (مددگار) بنايون، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) تو هنن کي ۽ سندن وڏن کي خوشحال (۽ دولت مند) ڪيو تان جو (دولت جي نشي ۾ ۽ عيش عشرتن ۾ گرفتار ٿي) تنهنجي يادگيريءَ کان غافل ٿي ويا (۽ تنهنجي حڪمن ۽ قانون تي نه هليا) اهي ماڻهو (بيڪار) ۽ تباهه ٿيڻ جا ئي لائق آهن. (١٩) (الله تعاليٰ تنهن تي مشرڪن کي فرمائيندو ته ڏسو) توهان جيڪي چئو ٿا تنهن بابت توهان جا معبود چون ٿا ته اهو ڪوڙ آهي (ته اسان کين گمراهه ڪيو) سو هاڻي توهان نڪي عذاب کي ٽاري سگهو ٿا، نڪي ڪنهن کان مدد حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ توهان مان جنهن به اهو ظلم ڪيو (جو سڌي واٽ ڇڏي ظلم جي روش اختيار ڪئي) تنهن کي اسان تمام سخت سزا جو مزو چکائينداسين. (٢٠) ۽ اسان (اي پيغمبر!) توکان اڳي جيڪي به پيغمبر موڪليا هئا سي سڀ (تو وانگر) ماني کائيندا هئا ۽ رستن سان گهمندا ڦرندا هئا ۽ اسان توهان (انسانن) کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش بنايو آهي (انهيءَ لاءِ ته ڏسون) ته توهان صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو ٿا يا نه! ۽ (ياد رکو ته) اوهان جو پروردگار سڀ ڪجهه ڏسندڙ آهي.

حصو اوڻيهون

رڪوع ٣ آيت 21-تا-34
منڪرن جو تڪبر ۽ بڪواس ته کين قيامت جي ڏينهن ڇا ٿيندو؟
(٢١) ۽ جيڪي ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) اسان جي اڳيان حاضر ٿيڻ جو ويساهه ڪونه ٿا رکن سي چون ٿا ته اسان ڏي فرشتا ڇو نه موڪليا ويا آهن؟ يا اسان جو پروردگار (ڇو نه ٿو اسان جي سامهون) اچي ته اسان کيس ڏسون؟ (اهڙن سوالن مان ثابت آهي ته اهي منڪر) تڪبر ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ کي تمام وڏو ٿا سمجهن، ۽ هو وڏا سرڪش ٿي پيا آهن. (٢٢) (پر) جڏهن اهي (منڪر) ملائڪن کي (هن دنيا يا آخرت ۾) ڏسندا تڏهن گنهگارن جي لاءِ ڪا خوشيءِ جهڙي ڳالهه نه ٿيندي (ڇو ته ملائڪ کين تباهه ڪرڻ لاءِ يا عذاب ڏيڻ لاءِ موڪليا ويندا) اهي منڪر (عذاب يا تباهي کي ايندو ڏسي) چوندا ته هاءِ هاءِ! اهڙي حالت ۾ ڪا اوٽ هجي جا اوهان (عذاب آڻيندڙ ملائڪن) ۽ اسان جي وچ ۾ اچي وڃي. (٢٣) ۽ اسان (ان وقت انهن منڪرن جي) عملن ڏي توجهه ڪنداسين ۽ انهن عملن کي (جن کي هو پاڻ لاءِ مفيد سمجهندا هئا) اڏامندڙ ئي ڪري ڇڏينداسين. (٢٤) (پر نيڪ عمل ڪندڙ) جنتي ماڻهو انهيءَ ڏينهن بهترين مڪان ۾ رهندا (۽ بهترين حالت ۾ هوندا) ۽ بهترين آرامگاهه حاصل ڪندا. (٢٥) ۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽي پوندو ۽ فرشتن کي هڪ ٻئي پٺيان موڪليو ويندو. (٢٦) تنهن ڏينهن حقيقي بادشاهي (ڪليءَ طرح) رحمان خدا جي هوندي ۽ اهو ڏينهن ڪافرن لاءِ بيحد سخت ٿيندو. (٢٧) انهيءَ ڏينهن ظالم (نافرمان) شخص (افسوس منجهان) پنهنجي هٿن کي چڪ پائيندو ۽ چوندو ته جيڪر حضرت رسول(ﷺ) سان گڏ (سندس ڏيکاريل) رستو اختيار ڪيان ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها). (٢٨) (۽ پڻ چوندو ته) هاءِ منهنجي بدبختي! مان جيڪر فلاڻي (برغلائيندڙ) کي دوست نه بنايان (ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها). (٢٩) هيءَ حقيقت آهي ته جڏهن مون وٽ (خدائي) نصيحت ۽ پيغام اچي چڪو هو تنهن بعد هن (شيطان) مونکي برغلائي گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ (بيشڪ) شيطان (هميشه کان) انسان کي (برغلائي) خوار خراب ڪندڙ آهي. (٣٠) ۽ حضرت رسول(ﷺ) چوندو ته، اي منهنجا رب! منهنجي قوم جي ماڻهن (يعني مڪي جي قريش منڪرن) هن قرآن کي نه مڃيو هو (۽ ان کي بيوقوفيءَ جي بڪواس سمجهيو هو). (٣١) ۽ (اهو خدائي قانون آهي جو) اهڙيءَ ئي طرح اسان هرهڪ نبيءَ لاءِ گنهگارن منجهان هڪڙو دشمن بنايو هو. (پر اي پيغمبر ياد رک ته) تنهنجو پروردگار هدايت ڪرڻ (۽ ڪاميابي جي واٽ ڏيکارڻ) ۽ مدد ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪافي آهي. (٣٢) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (هيئن به) چون ٿا ته ڇو نه قرآن هن تي (يعني حضرت جن تي) هڪ ئي وقت (هڪ گهڙيءَ ۾) نازل ڪيو ويو آهي؟ (جواب هي آهي ته) اهڙيءَ طرح (آهستي آهستي) هن لاءِ (نازل ڪيو ٿو وڃي) ته (اي پيغمبر!) تنهنجي قلب کي ان جي وسيلي مضبوط ۽ قائم رکون، ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري (مصلحت موجب) پڙهي ٻڌايو آهي. (٣٣) ۽ تووٽ جيڪي سوال اهي ماڻهو پيش ڪن ٿا تن جو صحيح ۽ سهڻو جواب چڱي سمجهاڻيءَ سان توڏي موڪليندا رهون ٿا. (٣٤) جن ماڻهن کي منهن ڀر دوزخ ڏي گهليو ويندو سي ئي ماڻهو آهن جن جو ٽڪاڻو بلڪل خراب آهي ۽ سڌي رستي کان ڀلجي گمراهه ٿي پيا آهن.

رڪوع ٤ آيت 35-تا-44
رسولن کي نه مڃڻ ڪري اڳين قومن جي تباهي.
(٣٥) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي وزير ڪيو هو. (٣٦) پوءِ اسان انهن ٻنهي کي حڪم ڪيو هو ته انهن ماڻهن ڏي وڃو (يعني فرعون ۽ سندس سردارن ڏي کين سمجهائڻ لاءِ وڃو) جن اسان جي نشانين کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. (ٻئي ڀائر ويا ۽ کين گهڻوئي سمجايائون پر هنن نه مڃيو) تنهن ڪري اسان هنن کي اهڙو تباهه ڪري ڇڏيو جهڙو تباهه ڪرڻ چئجي. (٣٧) ۽ حضرت نوح جي قوم به جڏهن رسولن کي نه مڃيو تڏهن اسان انهن (نه مڃيندڙن) کي (وڏي ٻوڏ ۾) ٻوڙي ماريو. ۽ اسان هنن کي (پوين) قومن (جي عبرت وٺڻ) لاءِ نشاني بنايو ۽ (ياد رکو ته پنهنجي قانون موجب) اسان سڀني ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (٣٨) ۽ (ساڳيءَ طرح) اسان عاد جي قوم کي، ثمود جي قوم کي ۽ الرس جي ماڻهن کي ۽ ٻين گهڻين قومن کي، جي انهن جي وچ واري عرصي ۾ ٿي گذريون، (تن سڀني کي سندن ظلمن سببان برباد ڪري ڇڏيو.) (٣٩) ۽ اسان سڀني (ماڻهن) جي سمجهائڻ لاءِ مثال بيان ڪيا، ۽ (سندن انڪار ۽ ظلمن سببان) اسان کين بلڪل تباهه ۽ نابود ڪري ڇڏيو. (٤٠) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هي (منڪر قريش) انهي بستيءَ وٽان گهڻائي ڀيرا لنگهيا آهن، جنهن بستيءَ تي پٿرن جو خراب مينهن وسايو ويو هو (۽ جنهن کي هميشه لاءِ ويران ڪيو ويو آهي) انهن (قريشن) اها ويران بستي ڪانه ڏٺي آهي ڇا؟ (ڏٺي ته اٿن) پر هو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته (جزا سزا لاءِ) وري ٻيهر جيئرو ٿي اٿبو. (٤١) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن هي ماڻهو توکي ڏسن ٿا تڏهن تنهن جي باري ۾ کل چرچا ڪن ٿا (۽ چون ٿا) ته، ڇا هيءُ آهي اهو شخص جنهن کي الله رسول ڪري موڪليو آهي؟ (٤٢) (۽ اهي ڪافر قريش تنهنجي متعلق هيئن به ٿا چون ته) جيڪڏهن اسان پنهنجي ديوتائن (جي پوڄا) تي ثابت قدم نه رهون ها ته هي شخص (يعني پيغمبر) ضرور اسان کي اسان جي ديوتائن کان ڦيرائي گمراهه ڪري ڇڏي ها، پر جڏهن (جلد ئي) هو عذاب کي اکين سان ڏسندا تڏهن هنن کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير (حقيقي) واٽ ڇڏي ڀلجي ويو آهي. (٤٣) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهيءَ شخص کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي حرص ۽ خواهش کي کڻي پنهنجو خدا بنايو آهي؟ پوءِ ڇا تون هن جو سنڀاليندڙ ٿي سگهندين (۽ هن کي هدايت واري واٽ تي آڻي عذاب کان بچائي سگهندين ڇا؟ (٤٤) يا (اي پيغمبر!) تون هيئن ٿو سمجهين ڇا ته، هنن مان گهڻا (تنهنجون ڳالهيون) ٻڌن ٿا يا سمجهن ٿا؟ (بلڪل نه) هو ته رڳو ڍور ڍڳا آهن. بلڪ هو ته رستو ڇڏي ڀلجي ويا آهن.

رڪوع ٥ آيت 45-تا-60
زمين ۽ آسمان ۾ الله تعاليٰ جون ڪارفرمايون ۽ نعمتون
(٤٥) ڇا تو پنهنجي پروردگار (جي ڪافرمائين) ڏي نظر ڪانه ڊوڙائي آهي، ته ڪيئن هو پاڇي کي ڊگهو ٿو ڪري. جيڪڏهن هو چاهي ها ته ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏي ها. (پر اسان ائين نه ڪيو ۽ سج کي هڪ هنڌ بيهاري ڪونه ڇڏيو جنهن مان فائدي بدران تباهي اچي ها) تنهن ڪري ئي اسان سج کي ان (پاڇي ۽ روشنائي ۽ رات ۽ ڏينهن) جو رهبر ڪيو. (٤٦) پوءِ اسان ان (پاڇي) کي آهستي آهستي پنهنجي طرف ويڙهيندا اچون ٿا. (٤٧) ۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن رات کي توهان جي لاءِ لباس بنايو ۽ ننڊ کي توهان جي لاءِ آرام ۽ راحت (جو وسيلو) بنايائين، ۽ ڏينهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ (۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ) لاءِ بنايائين. (٤٨) ۽ اهوئي (خدا) آهي جو هوائن کي پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳي (برسات جي) خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليندو آهي ۽ اسان (يعني خدا تعاليٰ) آسمان مان پاڪ ڪندڙ پاڻي وسايون ٿا. (٤٩) (مينهن جو وسايون ٿا سو) هن لاءِ ته مئل (يعني خشڪ ۽ ويران) بستيءَ کي جيئرو (يعني سرسبز ۽ آباد) ڪري ڇڏيون ۽ انهن چوپاين جانورن ۽ انسانن کي پاڻي پياريون جي اسان گهڻي تعداد ۾ خلقيا آهن. (٥٠) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ان (نعمت يعني پاڻيءَ) کي انهن (ماڻهن) ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته هو غور ڪن (۽ خدائي نعمتن مان فائدو وٺن ۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪري خوشحال ٿين) پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو بي شڪري ڪرڻ کان باز نه آيا. (٥١) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ ڳوٺ يا شهر ۾ هڪڙو خبردار ڪندڙ (يعني رسول) موڪليون ها. (پر ائين ڪرڻ جو ضرور ڪونهي). (٥٢) پوءِ (اي منهنجا رسول تون) هنن ڪافرن جي چوڻ (۽ خواهشن) تي نه هل، بلڪ هن (قرآن ٻڌائڻ) سان هنن (جي هدايت) لاءِ جهاد يعني سخت ۾ سخت ڪوشش ڪندو رهه جو وڏي ۾ وڏو جهاد آهي. (٥٣) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن ٻن درياهن (يعني سمنڊ ۽ ندين) کي (ڌرتيءَ تي) ڇڏي ڏنو آهي، هيءُ (يعني ندين جو پاڻي) مٺو ۽ پيئڻ ۾ وڻندڙ آهي ۽ هو (يعني سمنڊ جو پاڻي) کارو ۽ ڪوڙو آهي ۽ الله تعاليٰ انهن ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ هڪ پردو (يا ديوار) ۽ هڪ روڪ وجهي ڇڏي آهي، جنهن کان اڳتي وڌي نٿا سگهن. (٥٤) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن پاڻيءَ مان انسان کي پيدا ڪيو آهي. (انسان مٽيءَ ۽ پاڻي مان ٺهيل آهي. نطفي ۾ به پاڻي ۽ ٻيا جزا آهن. نطفي جو خيال ڪري سمجهو ته) الله تعاليٰ پيڙهين جون مائٽيون ۽ (شادي جي وسيلي) ساهرن جون مائٽيون بنايون آهن. (انهيءَ لاءِ ته اسان سڀ پاڻ کي هڪ ڪنٽنب سمجهي هڪ ٻئي سان عدل احسان ۽ محبت جو برتاءِ ڪيون) ۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي قدرت وارو آهي. (٥٥) (ايترين قدرتن ۽ نعمتن هوندي به هي بي شڪر ڪافر) ماڻهو خدا کي ڇڏي اهڙين شين جي پوڄا ٿا ڪن جي نڪي کين نفعو پهچائي ٿيون سگهن، نڪي نقصان. (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سو خدا جي خلاف (شيطانيت جي) مدد ڪري رهيو آهي. (٥٦) (ڪافر ڀلي نافرمان ۽ بي شڪر ٿين) اسان ته توکي فقط (نيڪي ڪندڙن لاءِ) خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بدعمل ڪندڙن لاءِ) خبردار ڪرڻ وارو بنائي موڪليو آهي. (٥٧) (سو اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته مان هن ڪم لاءِ توهان کان ڪا مزوري يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران، سواءِ هن (انعام جي) ته جيڪو چاهي سو پنهنجي پروردگار ڏانهن (وڃڻ جو يعني سعادت حاصل ڪرڻ جو سڌو سهڻو) رستو وٺي هلي. (٥٨) ۽ (اي پيغمبر! خوشخبري ٻڌائڻ ۽ خبردار ڪرڻ واري اعليٰ ڪم ۾) تون انهيءَ هميشه زنده رهڻ واري خدا تي ڀروسو رک جو ڪڏهن به مرڻ وارو ناهي ۽ انهيءَ خدا جي پاڪائي ۽ شان سندس اعليٰ صفتن سان گڏ بيان ڪندو رهه. اهو خدا پنهنجي بندن جي گناهن ۽ برن ڪمن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي. (٥٩) (اهو خدا سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو) جنهن ڇهن ايامن يا دورن ۾ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن سڀني شين کي پيدا ڪيو جي انهن جي وچ ۾ آهن. (نه رڳو پيدا ڪيائين پر) پوءِ به بادشاهيءَ جي تخت تي قائم ۽ محڪم رهندو ٿو اچي (يعني سڀ ڪجهه سندس هٿ ۾ آهي) هو رحمان خدا آهي (جو هر انسان، جانور ۽ چيز جون گهرجون پوريون ڪندڙ آهي.) پڇي ڏس انهيءَ کان جنهن کي (انهن ڳالهين جي) خبر آهي. (٦٠) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته توهان رحمان خدا کي سجدو ڪيو (يعني سندس قانونن ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته ڪير آهي رحمان؟ جنهن جي لاءِ به تون اسان کي حڪم ڪندين، تنهن کي اسان سجدو ڪنداسين ڇا؟ (هرگز نه) ۽ ائين چئي هو (ڪافر حق کان) نفرت ڪرڻ ۾ اڃا به وڌيڪ اڳتي وڌن ٿا.

رڪوع ٦ آيت 61-تا-77
خدا جي سچن ٻانهن جون خصلتون ۽ انهن لاءِ انعام ۽ نعمتون.
(٦١) برڪتن وارو ۽ برڪتون عطا ڪندڙ آهي، اهو خدا جنهن آسمان ۾ روشن تارا رکيا ۽ پڻ ان ۾ نهايت ئي روشن بتي (يعني سج) ۽ روشني ڏيندڙ چنڊ رکيو. (٦٢) ۽ هو ئي اهو خدا آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان لڳاتار آڻيندو رهي ٿو (اهي نعمتون عبرت ڏيندڙ ۽ هدايت ڪندڙ آهن) انهيءَ شخص لاءِ جو نصيحت وٺڻ چاهي ٿو يا شڪر گذاري ڏيکارڻ جو ارادو ڪري ٿو. (٦٣) رحمان خدا جا سچا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نماڻائيءَ سان هلن چلن ٿا ۽ جڏهن جاهل (۽ مغرور) ماڻهو ساڻن (بيهودي نموني سان) ڳالهائين ٿا تڏهن هو کين چون ٿا ته شال سلامتي هجي توهان تي (يعني خدا اوهان کي بيهودين ڳالهين کان ۽ عذاب کان بچائي. مان ته صبر ڪيون هليو ٿو وڃان). (٦٤) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان (فرمانبرداريءَ جا) سجدا ۽ بيهڪون ڪندي راتيون گذارين ٿا. (٦٥) ۽ جيڪي خدا کان دعا گهرن ٿا ته، اي اسان جا رب! اسان کان دوزخ جو عذاب هٽائي ڇڏ. بيشڪ ان جو عذاب ڏاڍو سخت عذاب آهي. (٦٦) اهو (دوزخ) يقيناً سخت خراب ٽڪاڻو ۽ رهڻ جي جاءِ آهي. (٦٧) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جي جڏهن (پئسا، سامان يا پنهنجون طاقتون) خرچ ڪن ٿا يا ڪم ٿا آڻين تڏهن حد کان ٻاهر نٿا وڃن ۽ فضول خرچي نٿا ڪن، نڪي وري ڪنجوسائي ٿا ڪن. انهن جي سڀ هلت چلت افراط ۽ تفريط (يعني اور ۽ پور) جي وچ ۾ هوندي آهي. (٦٨) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر) (٦٩) قيامت جي ڏينهن هن کي ٻيڻو عذاب ملندو ۽ انهيءَ عذاب ۾ هميشه ذلت ۽ خواريءَ سان رهندو. (٧٠) پر (انهيءَ تان سزا ۽ عذاب ٽري ويندو) جيڪو توبه ڪندو (يعني انهن بد عملن کان باز ايندو) ۽ (خدا ۾ سچو) ايمان رکندو ۽ عمل به چڱا ڪندو. پوءِ الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جون برايون چڱائين ۾ بدلائي ڇڏيندو (يعني هو برائيون ڪڍي ڇڏيندا ۽ نيڪيون اختيار ڪندا. ياد رکو) ته، الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٧١) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به گناهه ڇڏي (سڌيءَ واٽ ڏي) موٽي ٿو ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو سو حقيقتاً چڱي موٽ کائي خود خدا ڏي موٽي ٿو. (٧٢) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي ڪوڙ (۽ ظلم واري ڳالهه) تي شاهدي نٿا ڏين ۽ جڏهن ڪنهن بيهودگيءَ (يا بري ڪم ٿيڻ واري جاءِ) وٽان لنگهن ٿا تڏهن شريفاڻي ڍنگ سان (نه آڪڙ سان)، پاسو ڪري هليا وڃن ٿا. (٧٣) ۽ جيڪي جڏهن کين سندن پروردگار جي نشانين سان ڪجهه سمجهايو وڃي ٿو تڏهن انهن تي ٻوڙن ۽ انڌن وانگر ڪري نٿا پون. (پر انهن تي غور ۽ فڪر ٿا ڪن ۽ عقل ڪم ٿا آڻين.) (٧٤) ۽ جيڪي دعا ٿا گهرن ته، اي اسان جا پالڻهار! اسان جي زالن ۽ ٻارن (کي اهڙو ڪر جو انهن) مان اسان جي اکين کي ٿڌاڻ ۽ خوشي حاصل ٿئي ۽ اسان کي پرهيزگار ماڻهن لاءِ رهبر ۽ رهنما ڪر. (٧٥) اهڙن (سچن بندن) کي جنت ۾ ماڙيون ملنديون. ڇو ته هنن صبر ۽ استقامت سان زندگي گذاري، ۽ (جنت ۾ فرشتا) هنن کي چڱي ڀليڪار ۽ سلامتيءَ جي دعا ڪندي ملندا. (٧٦) اهي (سچا بندا) ان (جنت) ۾ هميشه رهندا، ڪهڙي نه چڱي رهڻ جي جاءِ ۽ فرحتن وٺڻ جي جاءِ هوندي! (٧٧) (اي پيغمبر! منڪرن کي) چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان خدا کي نٿا پڪاريو ته خدا کي توهان جي انڪار سببان ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ٿئي، هيءَ حقيقت آهي ته توهان (حقيقتن ۽ مفيد حڪمن کي) ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان (عمل ڪرڻ کان) انڪار ڪيو آهي، سو توهان جلد ئي ان جي سزا ڀوڳيند‍‎ؤ.