سورت المزمل
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-19
حق جي پرچار ۾ مشڪلاتن اچڻ تي صبر ۽ ثابت قدميءَ جو حڪم.
(١) اي وڏا بار کڻندڙ (پيغمبر!). (٢) رات جو (عبادت، تعليم ۽ تربيت لاءِ) اُٿ پر ٿورو حصو. (٣) رات جي اڌ تائين يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر. (٤) يا ان کان وڌاءِ! ۽ قرآن ٺاهي (ڍاري اکر اکر ڪري) پڙهه (ته جيئن ان کي ٻڌندڙ سمجهن.) (٥) بيشڪ اسين توتي (قرآن جي ذريعي معاشري ۾ انقلاب آڻڻ جو) وڏو ڪم رکڻ وارا آهيون. (٦) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس جي تن آسانيءَ کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت (ٺيڪ) آهي ۽ ان وقت ڳالهه تمام چٽي ٿي نڪري ٿي. (٧) بيشڪ توکي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي. (ان ڪري تربيت جا سڪون وارا ڪم رات جو ڪر). (٨) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو (۽ ان جون صفتون) اڳيان رک (توکي انهن صفتن کي معاشري ۾ عملي طرح نافذ ڪرڻو آهي) ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ! (٩) (اهو) اڀرندي ۽ الهندي جو مالڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪارساز نه آهي، پوءِ تون (ڪوبه فڪر نه ڪر ۽) ان کي پنهنجن ڪمن بنائڻ وارو ڪري وٺ. (١٠) ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن (جو ڪوبه اثر نه وٺ ۽ ان) تي صبر ڪر ۽ کين چڱي وڙ سان ڇڏي ڏي. (١١) ۽ مون کي ۽ (منهنجي قانونن کي دولت جي نشي ۾) اجايو ڪندڙن دولتمندن کي (اسان جي مڪافات وارن قانونن) جي حوالي ڪر ۽ کين ٿوري مهلت ڏي. (اسان جو قانون انهن سان پاڻهي نبري وٺندو). (١٢) بيشڪ اسان وٽ (ان ڏينهن اسان جي نعمتن جي ناشڪري ڪندڙ انهن سرمائيدارن لاءِ) هٿ ڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه (تيار آهي.) (١٣) ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب هوندو. (جو انهن دنيا ۾ ٻين جي نڙيءَ جا گرهه روڪيا هوندا). (١٤) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل هاريل واريءَ جي دڙي جهڙا ٿي پوندا. (ان وقت باقي انهن مغرور دولتمندن جي حيثيت ڇا هوندي؟) (١٥) (اي ماڻهو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ پيغمبر اوهان تي (چڱاين ۽ مداين جي واٽ جي) شاهدي ڏيندڙ (محمد ﷺ) موڪليو آهي، جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسيٰ عليه السلام) موڪليوسون. (١٦) پوءِ (طاقت ۽ معتبريءَ جي اجائي گهمنڊ واري) فرعون ان
رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ اسان (سرڪشي ڪرڻ سبب) ان تي سخت پڪڙ ڪئي. (١٧) پوءِ جيڪڏهن اوهان (تڇ سرمائيدارن اسان جي حڪمن کي مڃڻ جو) انڪار ڪيو ته ان ڏينهن کان ڪيئن بچي سگهندو، جيڪو (ڏينهن پنهنجي سختي ۽ ڊيگهه سبب) ٻارن کي ٻڍو ڪندو. (١٨) آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو، (اهڙي تباهيءَ لاءِ) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي. (١٩) بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت (۽ عبرت وٺڻ لاءِ تاريخي حقيقت) آهي. پوءِ جيڪو (پنهنجو خير) گهري، سو پنهنجي پاليندڙ (جي پالڻهاريءَ وارو) رستو وٺي. (۽ پنهنجو رزق ضرورتمندن تي کولي ڇڏي.)
رڪوع ٢ آيت 20
عبادتن ۾ به اهڙو واڌارو نه ڪيو جو انساني سگهه ۽ دين جا ٻيا ڪم متاثر ٿين.
(٢٠) (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته، تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (عبادت ۽ تربيت لاءِ) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن، تن مان هڪ جماعت (به تو سان گڏ بيهي ٿي) ۽ الله رات ۽ ڏينهن جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهين ان کي (دائمي طرح) پورو ڪري ڪين سگهندو. (اڳيون حڪم هنگامي تيارين لاءِ هو، خدا اوهان تي آسانيون چاهي ٿو) ان ڪري اوهان تي مهرباني ڪيائين، پوءِ جيترو (حصو) آسان ٿئي، اوترو قرآن پڙهو. ان ڄاتو ته اوهان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا الله جي فضل (روزگار وغيره جي) تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مسافري ڪندا. ۽ ٻيا الله جي رستي ۾ جنگ ڪندا، ان ڪري جيترو آسان ٿئي اوترو قرآن پڙهو. ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ (خير جي صورت ۾) الله کي چڱو قرض ڏيو (جيڪو اوهان کي ڪيترا ڀيرا وڌي ملندو) ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ (آخرت جو ذخيرو ڪري) اڳي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ چڱو ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندؤ، ۽ (اهو طريقو آهي جنهن سان) الله کان (دنيا ۽ آخرت ۾ درپيش خطرن جي) معافي گهرو. بيشڪ الله (سڀني خطرن کان بچائي) گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.