مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت رعد (معنيٰ: ڪڪرن جي گجگوڙ)

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-7

دنيا ۾ جيڪي به آهي تنهن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته سڀ ڪجهه قانونن تي هلي رهيو آهي، تنهن ڪري قانون ساز ۽ ڪارساز ضرور آهي.
(١) الف- لام- ميم- را. (اي پيغمبر!) هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جون آيتون آهن ۽ جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي، سو حق جو امر آهي (نه ٻيو ڪجهه) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ان تي) ايمان نٿا آڻين. (٢) اهو الله ئي آهي، جنهن آسمان کي بلند ڪيو ۽ توهان ڏسو ٿا ته ڪوبه ٿنڀ انهن کي جهليون ڪونه بيٺو آهي. (خلقڻ بعد هو ننڊ پئجي ڪونه ويو پر) پنهنجي حڪومت (جي تخت) تي قائم رهيو (يعني مخلوقات ۾ حڪم احڪام جاري ڪندو رهيو ۽ انتظام ڪندو رهيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيائين، (اهڙيءَ طرح) جو هرهڪ پنهنجي ٺهرايل مدت تائين (پنهنجي پنهنجي واٽ تي) هلي رهيو آهي. اهوئي (هن خلقت جي ڪارخاني جو) انتظام ڪري رهيو آهي ۽ (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون الڳ الڳ ڪري بيان ٿو ڪري ان لاءِ ته اوهان کي يقين ٿي وڃي ته (هڪ ڏينهن) پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي (۽ عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي.) (٣) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن زمين جو مٿاڇرو پکيڙي ڇڏيو آهي، ان ۾ جبل ٺاهيا اٿس، نديون ۽ نهرون وهائي ڇڏيون اٿس ۽ هر طرح جي ميون جا جوڙا ٻن ٻن قسمن جا ڄمايا اٿس. هن رات ڏينهن (جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جو ۽ درجي بدرجي اچڻ) جو اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي جو ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي ڍڪي ڇڏيندي آهي. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (٤) ۽ ڏسو، زمين ۾ (طرحين طرحين) ٽڪرا آهن جي هڪ ٻئي سان مليل آهن. انهن ۾ انگورن جا باغ آهن، (ان جون) پوکون آهن. کارڪن جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ته ڪي وري ڳنڍيل ڪونه آهن. سڀني کي هڪ ئي پاڻي ملي ٿو. پر (تنهن هوندي به) اسان ڪجهه ميون کي ٻين ميون کان ذائقي ۾ بهتري ڏيون ٿا. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم ٿا وٺن. (٥) ۽ (اي انسان!) جيڪڏهن تون ڪا عجيب ڳالهه ڏسڻ چاهين ٿو ته (سڀ کان وڌيڪ) عجيب ڳالهه انهن منڪرن جو هي قول آهي ته جڏهن اسان (مرڻ بعد ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينداسين تڏهن اسان وري نئين خلقت ۾ آڻي اٿاريا وينداسين ڇا؟ توهان (سمجهه وارؤ) يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار کان انڪار ڪيو ۽ اهي ئي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل هوندا ۽ اهي ئي آهن جيڪي دوزخي هوندا ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٦) ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توسان برائيءَ جي لاءِ تڪڙ مچائي ٿا ڏين (يعني ٽوڪ طور توکي چون ٿا ته جلدي اسان تي عذاب آڻ!) ان کان اڳي جو چڱائي جي طلب ڪن، حالانڪ انهن کان اڳي اهڙا مثال ۽ واقعا ٿي گذريا آهن (جن متعلق دنيا ۾) ڪهاڻيون ۽ پهاڪا ٺهي ويا آهن. (پر هي بيوقوف انهن مان عبرت نٿا وٺن) تنهنجي پروردگار ته بيشڪ (سندن) ظلم کي درگزر ڪرڻ وارو (۽ مهلت ڏيڻ وارو) آهي. پر هن ۾ به شڪ ڪونهي ته (جيڪڏهن هو حق تي نه ايندا ته) تنهنجو پروردگار سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو سخت آهي. (٧) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (يعني پيغمبرﷺ) تي پنهنجي پروردگار جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نه نازل ٿي آهي. حالانڪ تون ته فقط (انڪار ۽ بدعملين جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو هڪڙو رهنما (واٽ ڏيکاريندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪڙو رهنما پئي آيو آهي.

رڪوع ٢ آيت 8-تا-18
الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين پاڻ پنهنجي عملن سان پنهنجي حالت نٿا بدلائين.
(٨) الله (تعاليٰ جو علم اهڙو ته وسيع ۽ عالمگير آهي جو هو) اهو به ڄاڻي ٿو ته ماديءَ جي پيٽ ۾ ڇا آهي (يعني ڪهڙي قسم جو ٻچو پيٽ ۾ آهي) ۽ پيٽ ڇو ٿا گهٽجن ۽ وڏا ٿين، هن وٽ هر شيءِ جو هڪ اندازو ٺهرايل ٿئي ٿو. (٩) هو غيب ۽ شهادت (يعني لڪل ۽ ظاهر؛ غير محسوس ۽ محسوس) ٻنهي جو ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڏو ۽ بلند مرتبي وارو آهي. (١٠) توهان مان ڪوبه دل ۾ ڪا ڳالهه چوي، يا زور سان پڪاري چوي، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گهمندڙ هجي هن (الله) جي لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي (يعني سندس علم کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي). (١١) انسان جي اڳيان ۽ پٺيان هڪ ٻئي پوئتان ايندڙ (قوتون) آهن جي الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿيون. الله تعاليٰ ڪڏهن به انهيءَ حالت کي نٿو بدلائي جنهن حالت ۾ ڪا قوم آهي جيستائين ڪه اها قوم پاڻ پنهنجي صلاحيت کي بدلائي ڇڏي. ۽ جڏهن الله تعاليٰ چاهي ٿو ته ڪنهن قوم کي (سندس صلاحيت کي ڦيرائڻ جي عيوض ۾) مصيبت پهچي ته (مصيبت پهچي وڃي ٿي) اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نٿي سگهي ۽ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو هن جو ڪارساز ۽ بچائيندڙ ٿئي. (١٢) اهو (الله ئي) آهي جو اوهان کي کنوڻ جي تجلي (چمڪو) ڏيکاري ٿو، اها کنوڻ يا بجلي دلين ۾ هراس به پيدا ڪري ٿي ۽ اميد به پيدا ڪري ٿي. اهو ئي آهي جو ڪڪرن کي (پاڻيءَ سان) ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي. (١٣) ۽ ڪڪرن جي گجگوڙ سندس حمد ۽ ساراهه ڪري ٿي. ۽ فرشتا به ان جي دهشت کان (خدا جي) حمد ۽ ساراهه ڪن ٿا. هو بجليون ڪيرائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان هيٺ آڻي موت جي مصيبت ۾ وجهي ٿو. (تنهن هوندي به) اهي (منڪر الله جي قدرت ۽ حڪمت جي انهن سڀني نشانين کان اکيون بند ڪيون ويٺا آهن جو) سندس (هستي ۽ هڪ هئڻ جي) باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ڪري رهيا آهن، حالانڪ هو (پنهنجي قدرت ۽ طاقت ۾) ڏاڍو سخت ۽ غالب آهي. (١٤) هن (الله) کي پڪارڻ (يعني کانئس دعا ۽ مدد گهرڻ) سچو پڪارڻ آهي. جيڪي ماڻهو هن کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن جي پڪار اهي ٻيا ڪجهه به نٿا ٻڌن. انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ماڻهو (سخت اُڃ ۾) ٻئي هٿ پاڻيءَ جي طرف وڌائي ڊگها ڪري ته بس (ائين ڪرڻ سان) پاڻي هن جي وات ۾ پهچي وڃي. حالانڪ اهو ان تائين پهچڻ وارو ئي ناهي ۽ (يقين ڪيو ته) حق جي منڪرن جي دعا يا پڪار سواءِ هن جي ڪجهه به نه آهي ته ڏنگن ڦڏن رستن تي رلڻ ڦرڻ آهي. (١٥) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهي (يعني الله جي حڪمن ۽ قانونن جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو کيس چاروئي ڪونهي.) خوشيءِ سان يا مجبوريءَ سان (سجدي ۾ ڪريل آهي) ۽ (ڏسو) سندن پاڇا به صبح توڙي شام جو (ڪهڙيءَ طرح گهٽجن ٿا ۽ وڌن ٿا ۽ ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي ٿي وڃن ٿا). (١٦) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ تون (ئي) چؤ ته الله ئي آهي(کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي)، (وري کين) چؤ ته (جنهن صورت ۾ اهوئي پروردگار آهي تنهن صورت ۾) هي ڇا آهي جو توهان هن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنائي رکيو آهي. جن کي خود پنهنجي جانين جو نفعو نقصان به پنهنجي اختيار ۾ ناهي، پڻ کين چؤ ته انڌو ۽ ڏسندڙ ٻئي برابر آهن ڇا؟ يا (هيئن به ٿي سگهي ٿو) ڇا ته اونداهي ۽ روشنائي برابر ٿي وڃن يا (وري هيءَ ڳالهه آهي ڇا ته) سندن ٺهرايل شريڪن به اهڙيءَ ئي طرح مخلوقات پيدا ڪئي آهي جهڙي طرح خدا پيدا ڪئي آهي. جنهن ڪري پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ هنن کي شڪ شبهو پئجي ويو آهي (ته رڳو الله خالق ناهي پر ٻيا به ڪجهه خلقي ٿا سگهن). تون (کين) چؤ ته الله ئي آهي جو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ هو (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. (١٧) هن آسمان مان پاڻي وسايو ته نديون پنهنجي قدر (يعني ڪشادگي ۽ اونهائي وغيره) آهر وهي هليون ۽ (ڪن ڪچري مان جَهڳي بڻجي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي چڙهي ته) پاڻيءَ جو وهڪرو ان کي کڻي هليو ويو ۽ ڏسو ته اهڙيءَ ئي طرح جي جهڳي (ڪن ڪچري مان) انهيءَ وقت به چڙهي ٿي جڏهن ماڻهو زيور يا ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ لاءِ (ڌاتن کي) باهه ۾ تپائن (يا پگهارن) ٿا. حق ۽ باطل جو مثال اهڙو ئي سمجهو جهڙو الله تعاليٰ بيان ڪري ٿو. پوءِ (ڪن ڪچري جي) جهڳي (جا ڪنهن به ڪم جي نه هئي) ائين ئي هلي ويئي ۽ جنهن شيءِ ۾ انسان جو نفعو هو سا زمين ۾ رهجي پيئي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ (ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏئي ٿو. (١٨) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو حڪم قبول ڪيو تن جي لاءِ سراسر چڱائي آهي ۽ جن قبول نه ڪيو (تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. اهي نامرادي ۽ بدحاليءَ کان بچي ڪونه سگهندا) جيڪڏهن سڄي زمين جي سڀ دولت سندن قبضي ۾ اچي وڃي ۽ ان کي وري ٻيڻو ڪيو وڃي ته اهي ماڻهو ضرور ان کي فدئي طور ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ته من نامرادي ۽ عذاب کان کين پناهه ملي، پر هرگز نه ملندي) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ حساب جي سختيءَ ٿيندي ۽ سندن ٽڪاڻو جهنم هوندو ۽ (اهو جهنم) ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.

رڪوع ٣ آيت 19-تا-26
حقيقت ۽ وحي کي قبول ڪندڙن جون خصلتون، شرارت ۽ فساد ڪندڙن تي لعنت آهي.
(١٩) (اي پيغمبر!) ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ته (هيٺ ڄاڻايل) ٻئي ماڻهو برابر هجن. اهو جيڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽ سمجهي) ٿو ته جيڪا ڳالهه تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿي آهي سا حق آهي ۽ اهو جيڪو (هن حقيقت جي ڏسڻ کان) انڌو آهي. جيڪي دانشمند آهن (۽ عقل کان ڪم وٺن ٿا). (٢٠) اهي (نصيحت وٺندڙ) اهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجي (ٻانهپ جو) عهد پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو قول ۽ قرار نٿا ڀڃن. (٢١) ۽ اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن رشتن (يعني لاڳاپن) کي جوڙين ۽ ڳنڍين ٿا جن جي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جو الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي. (فقط) پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ حساب (ڏيڻ) جي سختي جي خيال کان انديشي ۾ رهن ٿا. (٢٢) ۽ اهي اُهي ماڻهو آهن جن الله تعاليٰ جي محبت ڪندي (يا الله تعاليٰ جي راضپي حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ هر طرح جي پَوڻاين ۽ سختين ۾) صبر ڪيو (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم رهيا) نماز قائم رکي جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راهه ۾) مخفي طرح توڙي ظاهرظهور خرچ ڪندا رهيا. هنن برائيءَ جي مقابلي ۾ برائي نه ڪئي، بلڪ چڱائيءَ جي هلت ڪئي. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ عاقبت جو گهر (تيار رکيل) آهي. (٢٣) (اهو عاقبت جو گهر آهي) دائمي باغ، جن ۾ اهي پاڻ به داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن، زالن ۽ اولاد مان جن صالح عمل ڪيا هوندا سي به داخل ٿيندا. (اتي جي زندگي اهڙي هوندي جو) هر دروازي کان فرشتا انهن ڏي ايندا. (٢٤) (۽ چوندا ته) هي جو توهان (دنيا جي زندگيءَ ۾) صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهيؤ تنهن جي سببان (اڄ) توهان تي سلامتي هجي. پوءِ ڪهڙو نه چڱو عاقبت جو گهر آهي (جو انهن ماڻهن کي نصيب ٿيو). (٢٥) ۽ جن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله جو عهد مضبوط ڪرڻ بعد وري ان کي ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تن کي ڪپي ٿا ڇڏين ۽ ملڪ ۾ شرارتون ۽ فساد ڪندا ٿا رهن سي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ لعنت آهي ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي، (يعني دوزخ ۾ داخل ٿيندا). (٢٦) الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ) ماپي توري (ٿورو) رزق ڏئي ٿو. ماڻهو دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ (۽ ان جي عارضي فائدن) تي شادمانيون ڪن ٿا. حالانڪ دنيا جي زندگي ته آخرت جي زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. فقط ٿورو فائدو وٺڻ آهي.

رڪوع ٤ آيت 27-تا-31
الله جي ذڪر ۽ فرمانبرداريءَ سان قلب کي قرار اچي ٿو.
(٢٧) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چون ٿا ته هيئن ڇونه ٿيو جو هن شخص (پيغمبرﷺ) تي سندس پروردگار وٽان (ڪا حيرت ۾ وجهندڙ) نشاني نازل ٿئي ها. (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جنهن کي الله تعاليٰ چاهي ٿو تنهن کي (سندس ئي انڌائيءَ سبب) گمراهه ڪري ڇڏي ٿو، پر جيڪو شخص الله ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي هو پنهنجي طرف وڌڻ جي راهه ڏيکاري ٿو ڇڏي. (٢٨) (جيڪي ماڻهو الله ڏي رجوع ٿيا سي) اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ سندن دلين کي خدا جي ذڪر سان آرام ۽ قرار اچي ويو ۽ ياد رکو ته الله جو ذڪر ئي آهي جنهن سان دلين کي آرام ۽ قرار ملي ٿو (۽ شڪ شبهي، خوف ۽ غم جا سڀ ڪنڊا نڪري ٿا وڃن). (٢٩) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ نعمتون ۽ خوشحاليون آهن ۽ (آخرت) تمام چڱي رهڻ جي جاءِ آهي. (٣٠) ۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان توکي هڪڙي امت ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو جنهن امت کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن (۽ انهن امتن ۾ سچائيءَ جا پيغمبر پنهنجي پنهنجي زمانن ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن) ۽ هن لاءِ (توکي پيغمبر ڪري) موڪليوسين ته جيڪا ڳالهه توتي نازل ڪئي اٿئون سان ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ انهن ماڻهن جو حال هي آهي جو منڍ کان ئي خدائي رحمان جا مڃيندڙ ئي نه آهن. تون (کين) چئي ڏي ته اهوئي منهنجو پروردگار آهي. ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ هن جي. انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ سندس ئي طرف رجوع ٿو ٿيان. (٣١) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ها جو ڪنهن قرآن سان جبل هلڻ لڳن ها يا زمين جا وڏا وڏا مفاصلا (هڪ پلڪ ۾) لتاڙي سگهجن ها يا مُردا ڳالهائڻ لڳن ها (ته ضرور هن قرآن سان به ائين ئي ٿئي ها) پر نه (ائين ڪونه ٿو ٿئي ڇو ته) سڀني ڳالهين جو اختيار فقط الله کي آهي (۽ سندس سنت ناهي ته ائين ڪري، هو پنهنجو ڪلام واٽ ڏيکارڻ لاءِ نازل ٿو ڪري. نه عجائبات ڏيکارڻ لاءِ) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي (هن ڳالهه کان) نااميد نه ٿيا آهن ڇا (ته نه مڃڻ وارا ڪڏهن به نه مڃيندا؟ هنن هيءَ ڳالهه نه سمجهي آهي ڇا؟ ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي (هڪ ئي) حق جي راهه ڏيکاري ڇڏي ها (پر هن ائين نه چاهيو. سندس حڪمت جو فيصلو هي ٿيو ته هن دنيا ۾ هر ڪنهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي (اهي ائين مڃڻ وارا ناهن) انهن کي سندن ڪرتوتن جي بدلي ۾ ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي، يا هيئن ٿيندو جو سندن رهڻ جي جاين جي نزديڪ اچي نازل ٿيندي تان جو اهو وقت اچي وڃي جڏهن الله جو واعدو ظهور ۾ اچڻ وارو هجي، بيشڪ (سندس واعدو سچو آهي) هو ڪڏهن به واعدي خلافي نٿو ڪري.

رڪوع ٥ آيت 32-تا-31
حق تي ٺٺوليون ڪندڙن کي آخر تباهه ڪيو ويو. ڪافرن جا غلط عقيدا ۽ عمل.
(٣٢) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي به ائين ئي پئي ٿيو آهي جو پيغمبرن تي ٺٺوليون ۽ مسخريون ڪيون ويون ۽ مون (پنهنجي قانون موجب) پهريائين کين ڍر ڏني، پوءِ انهن کي پڪڙ ڪيم. سو ڏسو ته اسان جو ٺهرايل بدلو (جو کين ڏنو ويو سو) ڪهڙو هو، (۽ ڪهڙيءَ طرح ظهور ۾ آيو). (٣٣) پوءِ جنهن (الله جي علم ۽ قدرت جو هي ڪمال آهي جو) هر جان تي نگاهه رکي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ڪنهن پنهنجي عملن سان ڪهڙي ڪمائي ڪئي (سو الله انهن جهڙو سمجهيو وڃي ٿو ڇا جن کي ڪافرن معبود کڻي ٺهرايو آهي؟) ۽ هنن (اهڙين معبودن کي) الله سان شريڪ ٺهرايو آهي. (اي پيغمبر!) انهن (ڪافرن مشرڪن) کان پڇ ته (اهي شريڪ ۽ معبود ڪير آهن؟) انهن جون صفتون ته بيان ڪيو يا وري توهان (مشرڪ) الله کي اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ ٿا چاهيو ڇا جا خود کيس به معلوم ناهي ته زمين ڪهڙي هنڌ آهي؟ يا خالي ڏيکاوَ جي ڳالهه آهي ڇا (جنهن جي ڪا حقيقت يا اصليت آهي ئي ڪانه؟) اصل حقيقت هي آهي ته منڪرن جي نگاهن ۾ سندن مڪاريون سهڻيون ڏسڻ ۾ آيون آهن ۽ حق جي راهه ۾ قدم کڻڻ کان روڪجي ويا آهن ۽ جنهن تي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه بند ڪري ڇڏي، تنهن لاءِ ڪير آهي جو کيس راهه ڏيکارڻ وارو ٿي سگهي؟ (٣٤) انهن جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به عذاب اهي ۽ آخرت ۾ به ۽ آخرت جو عذاب يقيناً گهڻو وڌيڪ سخت ٿيندو ۽ ڪوبه ڪونهي جو هنن کي الله (جي قانون جي پڪڙ) کان بچائي سگهي. (٣٥) متقي (پرهيزگار) انسانن جي لاءِ جنهن جنت جو واعدو ڪيو ويو آهي تنهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ باغ هجي، جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن (جن جي پاڻيءَ سببان اهي باغ هميشه سرسبز ۽ شاداب رهن) انهن جا ميوا به دائمي آهن (۽ ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارا ناهن) ۽ انهن جي وڻن جي ڇانو به دائمي هوندي اها آهي انهن ماڻهن جي پڇاڙي جن تقويٰ جي راهه اختيار ڪئي، پر ڪافرن جي پڇاڙي آهي باهه (جنهن ۾ هو سڙندا رهندا). (٣٦) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي هن ڳالهه تي خوش ٿا ٿين جا توتي نازل ڪئي وئي آهي ۽ انهن جماعتن ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن کي ان (يعني قرآن) جي ڪن ڳالهين کان انڪار آهي. سو تون چئي ڏي ته، مون کي ته بس اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ته، الله جي بندگي ڪيان ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايان. انهيءَ ئي (الله) جي طرف اوهان کي سڏيان ٿو ۽ انهيءَ ئي جي طرف منهنجو رخ آهي. (٣٧) ۽ اهڙيءَ طرح (هيءَ ڳالهه ٿي جو) اسان ان (قرآن) کي هڪ عربي فرمان جي شڪل ۾ (يعني عربي زبان ۾) نازل ڪيو. جيڪڏهن (انهيءَ قرآن جي) علم حاصل ڪرڻ بعد به تون هنن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي ڪندين ته پوءِ سمجهي ڇڏ ته الله جي مقابلي ۾ نڪو تنهنجو ڪوئي ڪارساز هوندو، نڪو توکي ڪو بچائڻ وارو هوندو.

رڪوع ٦ آيت 38-تا-43
اڳوڻا رسول به انسان هئا ۽ کين زالون ۽ اولاد هئا. هر زماني ۾ خدائي ڪتاب نازل ٿيو
(٣٨) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به (گهڻائي) پيغمبر موڪليا ۽ (اهي به تو وانگر انسان هئا) اسان کين زالون ۽ اولاد ڏنو هو ۽ ڪنهن به پيغمبر لاءِ هيءَ ڳالهه ڪانه ٿي جو هو (پنهنجو پاڻ) ڪا نشاني (يا معجزو) آڻي ڏيکاري پر تڏهن جڏهن الله جو حڪم ٿيو هجي. هر وقت لاءِ هڪ ڪتاب آهي. (٣٩) الله تعاليٰ جيڪا ڳالهه چاهي ٿو تنهن کي ميساري (يا فنا ڪري) ٿو ڇڏي ۽ جيڪا چاهي ٿو تنهن کي قائم رکي ٿو ۽ ڪتاب جو اصل بنياد وٽس ئي آهي. (٤٠) ۽ اسان هنن ماڻهن سان (يعني مڪي جي ڪافرن سان نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جا) جيڪي واعدا ڪيا آهن سي (هروڀرو هڪ ئي وقت ظهور۾ اچڻا ناهن) ممڪن آهي ته انهن مان ڪي ڳالهيون اسان توکي تنهنجي زندگيءَ ۾ ڏيکاريون ۽ ائين به ممڪن آهي ته، ان کان اڳي ئي تنهنجي (زندگيءَ جو) وقت پورو ڪري ڇڏيون. بهرحال جيڪي تنهنجي ذمي آهي سو آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ، هنن کان (سندن ڪمن جو) حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي (نه تنهنجو). (٤١) پوءِ ڇا هي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسان هن سرزمين (ملڪ عرب) جو قصد ڪري رهيا آهيون؟ ان کي هر طرف گهٽائيندا (۽ مڪي جي ظالمن جي طاقت ٽوڙيندا) ٿا وڃون. (يعني جلد مسلمان سڄو عرب ملڪ فتح ڪري وٺندا). ۽ الله ئي آهي جو (آخر) فيصلو ڪري ٿو. ڪوبه ڪونهي جو سندس فيصلو ٽاري سگهي. هو حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. (٤٢) ۽ جيڪي ماڻهو هنن کان اڳي ٿي گذريا آهن تن به (حق جي دعوت جي مقابلي ۾) مخفي تدبيرون ڪيون هيون. سو ياد رکو ته) هر طرح جون تدبيرون الله جي لاءِ آهن. اهو ڄاڻي ٿو ته هر انسان ڪهڙي ڪمائي ڪري رهيو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪافرن کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن جي لاءِ پڇاڙي چڱي آهي. (٤٣) (اي پيغمبر!) حق جا منڪر چون ٿيا ته تون خدا جو موڪليل نه آهين، تون چؤ ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ خدا جي شاهدي بلڪل ڪافي آهي ۽ انهن جي شاهدي جن کي ڪتاب جو علم آهي.