سورت الغاشيه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-26
جنت ۽ جهنم جو منظر ۽ آخرت جا دليل
(١) (اي پيغمبر!) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (قيامت جي) ڳالهه پهتي آهي؟ (٢) ڪي منهن ان ڏينهن خوار (۽ ڀيلا هوندا). (٣) (دنياداري يا خيالي ۽ غلط دين ڪارڻ) مشقتن جا ماريل ٿڪل هوندا. (انهن بيجا مشقتن جو ثمر سندن ٿڪاوٽ هوندي.) (٤) تمام گرم باهه ۾ گهڙندا. (٥) حد درجي جي گرم چشمي مان کين (پاڻي) پياريو ويندو. (٦) انهن لاءِ زهري ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. (٧) جو نه سٻر ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو. (٨) ڪي (يعني ٻي گروهه وارا) منهن ان ڏينهن سرها (بکندڙ) هوندا. (٩) (سچي دين ڪارڻ) پنهنجي ڪوشش (مشقتن ۽ جدوجهد) جي ڪري خوش هوندا. (١٠) مٿاهين عاليشان بهشت ۾ هوندا. (١١) جنهن ۾ ڪابه اجائي ڳالهه نه ٻڌندا. (١٢) ان ۾ وهندڙ چشما آهن. (١٣) ان ۾ (ويهڻ لاءِ) تخت مٿي ڪيل هوندا. (١٤) ۽ (پيئڻ لاءِ ترتيب سان) پيالا رکيل. (١٥) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل. (١٦) ۽ (اعليٰ درجي جا) غاليچا وڇايل آهن. (١٧) ڇا پوءِ (انهيءَ مقام تي پهچڻ لاءِ جنهن مشقت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ) اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته انکي ڪيئن (هر حال ۾ بار کڻندڙ ڪري) پيدا ڪيو ويو آهي؟ (١٨) ۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن (رفعتن سان) مٿي کنيو ويو آهي. (انسان ۾ به روين، سوچ ۽ خيال جي ايتري رفعت ۽ اوچائي گهرجي.) (١٩) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن (مضبوط ۽ استقامت سان) کڙو ڪيو ويو آهي؟ (٢٠) ۽ زمين ڏي ته ڪيئن (انسانن جي لاءِ) وڇاڻو بڻائي ويئي آهي. (٢١) پوءِ (اي پيغمبر پاڻ مجسم انهن خوبين جو بڻجي ٻين کي به) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت
ڪندڙ ئي آهين. (٢٢) (نصيحت نه وٺن ته) تون (رڳو انهن کي ياد ڏياريندڙ آهين ۽) مٿن ڪو نگهبان نه آهين. (٢٣) پر جنهن منهن موڙيو ۽ انڪار جي واٽ ورتي. (٢٤) پوءِ تنهن کي الله (پنهنجي مڪافات وارن قانونن هيٺ) تمام وڏي سزا ڏيندو. (٢٥) (ويندا آخر ڪيڏانهن) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي. (٢٦) وري انهن کان (ذري ذري جوچڪائي) حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي.