مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الجن

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-19
جنن جو ايمان آڻڻ ۽ انهن جي ايمان آڻڻ جي ڪيفيت
(١) (اي رسول!) تون چئو ته، مون ڏي هن ڳالهه جو وحي ڪيو ويو آهي ته، جنن مان هڪ جماعت (مون کان قرآن پڙهندي) ٻڌو. پوءِ (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون ته، بيشڪ اسان عجب طرح جو قرآن ٻڌو آهي. (٢) جو سڌي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو، ان ڪري اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسين (هاڻي) پنهنجي پاليندڙ سان (سندس عبادت ۽ فرمانبرداريءَ ۾) ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون. (٣) ۽ (هي به بيان ڪيائون ته) اسان جي پاليندڙ جو شان مٿي آهي، (۽ مخلوق مان) نه ڪنهن کي (پنهنجي زال ۽ نه ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنايو اٿس.( ۽ اسان جو اهڙي قسم جو عقيدو وهم پرستي هئي، جنهن کان اسان توبه ڪيون ٿا.) (٤) ۽ اسان مان (ڪن) بيوقوف شخصن الله تي (اهڙي قسم جي) حد کان لنگهيل ڳالهه (پنهنجي ذهن مان گهڙي) مڙهي ڇڏي هئي. (٥) ۽ اسان (جي سادگي ڏسو جو پهريائين هي) گمان ڪيو هو ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ ڪڏهن به نه چوندا. (٦) ۽ ماڻهن مان ڪيترا مرد جنن جي مردن وٽ اچي ڏسندا هئا، پوءِ انهن (ماڻهن) هنن (جنن) جي هيڪاري (وهم پرستي، بد دماغي ۽) سرڪشي وڌائي ڇڏي. (٧) ۽ (انهن ماڻهن ۾ هيءُ) گمان عام ڪيو هو (ته اسان کي عرب ۾ پيغمبر نه اچڻ جي ائين ئي پڪ آهي) جيئن اوهان (جنن) گمان ڪيو آهي ته الله (هتي) ڪنهن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو. (٨) ۽ اسان (اڳ وانگر مٿان جون خبرون لهڻ واسطي) آسمان کي جاچيو، پوءِ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن (محافظ فرشتن) ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي. (٩) ۽ (اڳي اسان جو طريقو هو ته) اسين آسمان جي (گهڻن) رستن تي (ملائڪن جي ڳالهه ٻولهه) ٻڌڻ لاءِ ويندا هئاسون، پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو. (١٠) ۽ اسين نٿا ڄاڻون ته (هن نئين پيغمبرﷺ جي اچڻ سان) زمين وارن کي تڪليف ڏيڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پاليندڙ انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. (١١) ۽ اسان مان (پهريان به) ڪي نيڪ (ٿيندا آيا) آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا (به ٿيندا آيا) آهن، ڇو ته اسين مختلف طريقن تي آهيون. (ان ڪري ظاهر آهي ته نيڪن کي واٽ ملندي ۽ خطاڪارن کي تڪليف ملندي). (١٢) ۽ اسان هي (چڱيءَ طرح) سمجهي ورتو آهي ته، اسين الله (جي سگهاري ذات) کي زمين (جي ڪنهن به حصي) ۾ ڪڏهن بي شڪست ڏئي نه سگهنداسون ۽ نه ڪي (ڌرتيءَ مان) ڀڄي ڪڏهن ان کي ٿڪائي سگهنداسون. (١٣) ۽ اسان جڏهن (هدايت جي) رستي تي هلڻ جي ڳالهه ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ تي (اسان وانگر) ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان (رسڻ) کان ۽ نه ڪنهن ظلم ۽ زيادتي کان ڊڄندو. (١٤) (تنهن ڪري) اسان مان ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي فرمانبردار (ٿي چڪا) آهن ۽ ڪجهه (اهڙا آهن جيڪي بدستور) بي واٽا آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو. (١٥) ۽ (سرڪش ۽ ڪنڌ ڪڍائيندڙ) بي انصاف جهنم جو ٻارڻ بڻبا. (١٦) ۽ (اي رسول!) جيڪڏهن (هي مڪي وارا) ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسين کين گهڻو سيراب ڪيون ها. (١٧) (هن لاءِ) ته ان ۾ سندن امتحان ڪريون ۽ جيڪو به پنهنجي پاليندڙ جي (پالڻهاريءَ واري) يادگيريءَ کان منهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو. (١٨) ۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون سڀ جايون (اطاعت ۽ سجدا) الله جي (عبادت) لاءِ آهن، پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو. (١٩) ۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمدﷺ ڳالهه لاءِ اٿي) بيٺو ته، الله کي سڏي (۽ ان جي دعوت ماڻهن کي ڏئي) ته اهي (ڪافر) مٿس انبوهه ڪري ڪرڻ تي هئا (جيئن چٻجي وڃي).

رڪوع ٢ آيت 20-تا-28
منڪر پنهنجي انجام واري وقت ڏسي وٺندا ته ڪنهن جا مددگار زياده ڪمزور آهن.
(٢٠) (اي رسول!) چئو ته، آئون رڳو پنهنجي پاليندڙ کي سڏيان ٿو، (ماڻهن کي ان جي دعوت ڏيان ٿو) ۽ ڪنهن کي به ان (جي ذات ۽ قانونن) سان شريڪ نٿو ڪريان. (٢١) (اي رسول!) چئو ته، آئون نه اوهان کي ڪنهن نقصان پهچائڻ (جو اختيار رکان ٿو) ۽ نه رستي تي آڻڻ (يا ڀلائي رسائڻ) جو اختيار رکان ٿو. (٢٢) (اي رسول!) چئو ته، (ٻين کي ڀلائي رسائڻ ته پنهنجي ماڳ، پر منهنجي پنهنجي حالت هيءَ آهي جو) بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو ۽ نه ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس. (ان ڪري خدا جي قانونن تي هلڻ کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي.) (٢٣) پر الله جي طرفان (مون کي خبر) پهچائڻي آهي ۽ سندس پيغام پهچائڻا آهن. (سو ڪيان پيو) ۽ جيڪي الله (جي نظام) ۽ سندس رسول (پاران ان نظام کي ڏنل شڪل) جي نافرماني ڪندا تن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باهه آهي. جنهن ۾ سدائين رهندا. (٢٤) (اي رسول!) اهي غفلت ۾ آهن ته هنن جو تعداد به ٿورو آهي ۽ حمايت به ڪمزور اٿن) نيٺ جڏهن ان (تباهي ۽ عذاب) کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن سگهوئي ڄاڻندا ته ڪنهن جا مددگار زياده ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي. (٢٥) (اي رسول! هي توکان پڇن ٿا ته اهو عذاب ايندو ڪڏهن؟) چئو ته، آئون نٿو ڄاڻان ته جنهن (تباهي ۽ عذاب) جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو ويجهو آهي يا منهنجو پاليندڙ ان لاءِ ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو. (٢٦) (اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي به واقف نٿو ڪري. (٢٧) پر جنهن رسول کي چونڊيائين ته (پوءِ ان کي مستقبل جي متعلق بقدر ضرورت وحي جي ذريعي
ٻڌائيندو آهي ۽) ان (جي وحي) جي اڳيان ۽ پويان (به) چوڪيدار (ملائڪ) هلائي ٿو. (٢٨) (رسولن کي به بقدر ضرورت ٻڌائي ٿو، هن لاءِ ته هو عملي طرح) ڄاڻن ته بيشڪ انهن (رسولن) پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا آهن. هوڏانهن جيڪي به وٽن آهي تنهن جي (حفاظت ۾ رهڻ جي) ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.