سورت مريم
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-15
حضرت زڪريا عليه السلام کي پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ۽ سندس نالو يحيٰ رکڻ
(١) ڪاف- ها- يا- عين- صاد (٢) (اي پيغمبر!) تنهجي پروردگار پنهنجي بندي زڪريا تي جا مهرباني ڪئي هئي، تنهن جو بيان هي آهي. (٣) (ڇا ٿيو جو) حضرت زڪريا دل ئي دل ۾ پنهنجي پروردگار کي پڪاريو. (٤) ۽ التجا ڪئي (يعني دعا گهري) ته (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي. (٥) هاڻي مون کي پنهنجي برادريءَ کان انديشو آهي ته منهنجي مرڻ بعد (خبر ناهي ته ڇا ڇا ڪندا) منهنجي اهليه (يعني زال) سنڍ آهي (يعني اهڙي حالت اٿس جو ٻار ڪونه ٿي ڄڻي سگهي) پوءِ تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي هڪڙو وارث عطا ڪر. (٦) اهڙو وارث ڏي، جيڪو منهنجو به وارث ٿئي ۽ حضرت يعقوب جي خاندان (جي برڪتن) جو به وارث ٿئي ۽ اي پروردگار! ان وارث کي (پنهنجي نظر ۾ توڙي تنهنجي بندن جي نظر ۾) سند پيل ڪجانءِ. (٧) (تنهن تي حڪم ٿيو ته) اي ذڪريا اسان توکي هڪڙي پٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٿا ڏيون جنهن جو نالو يحيٰ هوندو. اسان هن کان اڳي ڪنهن لاءِ به اهو نالو نه رکيو آهي. (٨) حضرت زڪريا (عجب ۾ پئجي) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي پٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته منهنجي اهليه بانجهه (يعني سنڍ) ٿي چڪي آهي، ۽ مان گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان. (٩) الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته، ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ بلڪل آسان آهي. مون هن کان اڳي توکي پيدا ڪيو، حالانڪ تنهنجي هستيءَ جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو. (١٠) تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي لاءِ (هن ڳالهه متعلق) ڪا هڪ نشاني ٺهرائي ڇڏ. الله تعاليٰ فرمايو ته، تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته ٽي راتيون لاڳيتو نه ڳالهاءِ. (١١) پوءِ هو پنهنجي قربان گاهه مان نڪتو ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ آيو. (هن زبان نه کولي) اشارن سان چيائين ته، صبح شام خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو. (١٢) (جڏهن اهو پٽ ڄائو ۽ ڇوڪر ٿيو تڏهن الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته) اي يحيٰ خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان جهل (يعني ان جي حڪمن تي پورو پابند رهه). هو اڃا ننڍو ڇوڪرو ئي هو ته، اسان کيس علم عقل ۽ فضيلت ڏني. (١٣) ۽ پڻ اسان کيس دل جي نرمي ۽ نفس جي پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو وڏو پرهيزگار هو. (١٤) ۽ ماءُ پيءُ لاءِ مهربان خدمتگار هو ۽ سختي ڪندڙ نافرمان نه هو. (١٥) مٿس سلامتي هجي جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪيائين ۽ جنهن ڏينهن وري اٿاريو ويندو.
رڪوع 2 آيت 16-تا-40
حضرت مريم عليه السلام جو قصو، سندس بطن مان معجزي سان حضرت عيسيٰ پيدا ٿيو.
(١٦) ۽ (اي پيغمبر! ماڻهن کي) هن ڪتاب ۾ (ڏنل) مريم جو معاملو بيان ڪري ٻڌاءِ. (انهيءَ وقت جو معاملو) جڏهن هوءَ هڪ مڪان (يعني جاءِ) ۾ ويئي جا اوڀر طرف هئي ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان جدا ٿي ويئي. (١٧) پوءِ هن انهن ماڻهن جي طرف کان پردو ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو فرشتو موڪليو. اهو (فرشتو) هڪ ڀلاري نيڪ ماڻهو جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. (١٨) مريم ان کي ڏسي (گهٻرائجي ويئي ۽) چيائين ته، جيڪڏهن تون نيڪ ماڻهو آهين ته رحمان خدا جي نالي تي توکان پناهه ٿي گهران. (يعني منهنجي ويجهو نه اچ، ۽ نه وري ڪو نقصان پهچاءِ). (١٩) فرشتي چيو ته، مان تنهنجي پروردگار جو موڪليل آهيان، ۽ هن لاءِ موڪليو ويو آهيان ته، توکي هڪ پاڪ فرزند (جي خوشخبري) ڏيان. (٢٠) مريم فرمايو ته، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو مون کي پٽ ٿئي، جڏهن ته مون کي ڪنهن به مرد هٿ نه لاتو آهي، ۽ نه وري بدچال آهيان. (٢١) فرشتي چيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پروردگار فرمايو آهي ته، اهو ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو ناهي (هو فرمائي ٿو) ته هي انهيءَ لاءِ ٿيندو ته ان (پٽ يعني حضرت عيسيٰ) کي ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني بنايان ۽ منهنجي رحمت جو ان ۾ ظهور ٿئي ۽ هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ٿيڻ جو حڪم ٿي چڪو آهي. (٢٢) پوءِ ان (پيدا ٿيڻ واري پٽ حضرت عيسيٰ) جو حمل ٿيس، هوءَ (پنهنجي اها حالت لڪائڻ لاءِ) ماڻهن کان جدا ٿي پري هلي وئي. (٢٣) پوءِ ويم جي سورن جي ايذاءَ کان کجور جي هڪ وڻ جي هيٺان ويئي. (۽ ان جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي) ۽ چيائين ته، ڪهڙو نه چڱي ٿئي ها جيڪڏهن مان هن کان اڳي مري وڃان ها ۽ ماڻهو منهنجي هستي بلڪل وساري ڇڏين ها. (٢٤) ان وقت (هڪ فرشتي) کيس هيٺئين طرف کان پڪاري چيو ته، غم نه ڪر، تنهنجي پروردگار تنهنجي بطن (پيٽ مبارڪ) ۾ هڪ وڏي هستي پيدا ڪري ڇڏي آهي. (٢٥) تون کجور جي وڻ جو ٿڙ هٿن ۾ جهلي پنهنجي طرف لوڏو ڏي، ته تازن ۽ پڪل کارڪن جا ڇڳا توتي ڪرڻ لڳندا. (٢٦) پوءِ کاءُ پيءُ، (پنهنجي فرزند ڏسي) پنهنجون اکيون ٺار (۽ سڀ غم وهم وساري ڇڏ) پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏسين (جو توکان ڪجهه پڇي ته، کيس اشاري سان) چئي ڏي ته، مان رحمان خدا جي حضور ۾ روزي رکڻ جو نذر باسيو آهي. تنهن ڪري مان اڄ ڪنهن به ماڻهو سان ڳالهه ٻولهه نه ڪنديس. (٢٧) پوءِ (ڇا ٿيو جو) هوءَ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان کڻي پنهنجي ماڻهن وٽ آئي ۽ پٽ سندس هنج ۾ هو. ماڻهن (ڏسندي ئي) چئي ڏنو ته، اي مريم! تو ته تمام حيران ڪندڙ ڳالهه ڪري ڏيکاري آهي. (٢٨) اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو هو، نڪي تنهنجي ماءُ بدچال هئي، (تو هي ڇا ڪري ڇڏيو؟) (٢٩) تنهن تي حضرت مريم پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪيو (ته هو اوهان کي ٻڌائيندو ته، حقيقت ڇا آهي؟) ماڻهن چيو ته، ڀلا هن سان ڪيئن ڳالهايون، جو اڃا هنج ۾ ويهندڙ ٻار آهي. (٣٠) (پر) هن چئي ڏنو ته مان الله جو ٻانهو آهيان. هن مون کي ڪتاب ڏنو آهي. ۽ (مونکي) نبي بنايو اٿس. (٣١) ۽ هن مون کي برڪتن وارو ڪيو آهي، جتي به مان هجان، هن مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏنو آهي، ته جيستائين جيئرو رهان تيستائين اهي ڪم ادا ڪندو رهان. (٣٢) هن (الله) مون کي پنهنجي ماءُ لاءِ مهربان خدمتگار ڪيو آهي ۽ سرڪش ۽ نافرمان ڪونه ڪيو اٿس. (٣٣) ۽ مون تي سندس طرف کان سلامتيءَ جو پيغام آهي، (مون تي سلامتي هجي) جنهن ڏينهن ڄائيس، جنهن ڏينهن مرندس ۽ جنهن ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندس. (٣٤) اهو آهي مريم جي پٽ عيسيٰ (جو احوال). سچي ڳالهه اها ئي آهي جنهن بابت ماڻهو (عيسائي ۽ يهودي هيترا) اختلاف ڪرڻ لڳا آهن. (٣٥) الله جي لاءِ هيءَ ڳالهه (هرگز مناسب) ٿي نٿي سگهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بنائي. پاڪائي هجي ۽ آهي ان (پاڪ خدا) لاءِ (هو ڪيئن اهڙو مجبور ٿي سگهي ٿو جو ڪنهن فاني هستيءَ کي پنهنجو پٽ بڻائي). سندس شان هي آهي ته جڏهن ڪوبه ڪم ڪرڻ جو فيصلو ٿو ڪري ته رڳو حڪم ٿو ڪري ته ٿي پؤ! ته بس ٿي ٿو پوي. (٣٦) ۽ (حضرت عيسيٰ جي پڪار هيءَ هوندي هئي) بيشڪ الله ئي منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي. بس انهيءَ ئي جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪيو. اهوئي (سچائي جو) سڌو رستو آهي. (٣٧) پر وري کانئس پوءِ مختلف فرقا پاڻ ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا. سو جن ماڻهن حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي حالت تي افسوس آهي، انهيءَ ڏينهن جي نظاري تي افسوس جو (اچڻ وارو آهي ۽ جو) ڏاڍو سخت ڏينهن ٿيندو. (٣٨) جنهن ڏينهن اهي اسان جي حضور ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سندن ڪن ڪهڙا نه چٽو ٻڌندڙ ۽ سندن اکيون ڪهڙيون نه چٽو ڏسندڙ هونديون. پر اڄوڪي ڏينهن ظالمن جو ڪهڙو حال هوندو؟ ظاهر ظهور گمراهي ۾ (تباه حال) هوندا. (٣٩) ۽ (اي پيغمبر!) کين انهيءَ (اچڻ واري) ڏينهن بابت به خبردار ڪري ڇڏ، جو وڏو پڇتائڻ وارو ڏينهن ٿيندو جڏهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي ويندو. هاڻي ته هي ماڻهو غفلت ۾ پئجي ويا آهن ۽ (هن ڳالهه تي) ايمان آڻڻ وارا ناهن. (٤٠) اسان ئي (آخر) زمين جا وارث ٿينداسين ۽ انهن سڀني ماڻهن جا به جيڪي زمين تي رهندڙ آهن ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي.
رڪوع ٣ آيت 41-تا-50
حضرت ابراهيم عليه السلام انهن کان ۽ انهن سڀني کان، جن کي خدا کان سواءِ پوڄيندا هئا جدا ٿي ويو، تڏهن اسان هن جي نسل ۾ برڪت ڪئي.
(٤١) ۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت ابراهيم جو ذڪر (بيان) ڪر، يقيناً هو سچو هو، ۽ الله تعاليٰ جو نبي هو. (٤٢) (انهيءَ وقت جو ذڪر ڪر) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا بابا! تون ڇو ٿو اهڙيءَ شيءِ جي پوڄا ڪرين جا نڪي ٻڌي ٿي، نڪي ڏسي ٿي ۽ نڪي توکي ڪنهن ڪم اچي ٿي. (٤٣) اي منهنجا بابا! مان سچ ٿو چوان ته، علم جي ڪجهه روشني مون کي ملي آهي جا توکي ڪانه ملي آهي. پوءِ منهنجي چوڻ تي لڳ. مان توکي سڌي واٽ ڏيکاريندس. (٤٤) اي منهنجا بابا! شيطان جي ٻانهپ نه ڪر، شيطان ته خدا جو نافرمان ٿي چڪو آهي. (٤٥) اي منهنجا بابا! مون کي خوف ٿو ٿئي ته متان رحمان خدا جي طرفان توتي ڪو عذاب اچي ڪڙڪي ۽ تون شيطان جو سنگتي ٿي پئين. (٤٦) پيءُ (اهي ڳالهيون ٻڌي) چيو ته، اي ابراهيم تون منهنجي معبودن (خدائن) کان ڦري ويو آهين ڇا؟ ياد رک ته جيڪڏهن تون اهڙين ڳالهين کان باز نه ايندين ته توکي سنگسار ڪري (ماري) ڇڏيندس، (پنهنجو خير گهرين ته جان بچائي) مون کان پري هليو وڃ. (٤٧) حضرت ابراهيم فرمايو ته، چڱو منهنجو سلام قبول پوي (مان جدا ٿي ٿو وڃان) هاڻي مان پنهنجي پروردگار کان تنهنجي بخشش لاءِ دعا گهرندس. هو مون تي ڏاڍو مهربان آهي. (٤٨) مان توهان سڀني کي ڇڏي ٿو وڃان ۽ انهن کي به ڇڏي ٿو ڏيان جن کي توهان الله کان سواءِ پڪاريندا آهيو، مان پنهنجي پروردگار (هڪ الله) کي ٿو پڪاريان، اميد آهي ته پنهنجي پروردگار کي پڪاري مان محروم (يا ناڪامياب) ڪونه ٿيندس. (٤٩) پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم انهن ماڻهن کان ۽ انهن سڀني کان جن کي خدا کان سواءِ پوڄيندا هئا جدا ٿي ويو، تڏهن اسان (هن جي نسل ۾ برڪت ڪئي ۽) هن کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ انهن مان هرهڪ کي اسان نبوت ڏني هئي. (٥٠) ۽ کين پنهنجي رحمت مان بخششو ڪيوسين ۽ پڻ انهن سڀني لاءِ سچائيءَ جون صدائون (آواز) بلند ڪيوسين. (يعني سندن سچي ساراهه پئي ڳائجي).
رڪوع ٤ آيت 51-تا-65
حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام ، حضرت ادريس عليه السلام جو ذڪر ۽ انهن مان نتيجو ڪڍڻ
(٥١) ۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت موسيٰ جو بيان پڙهه، بيشڪ هو هڪ خاص خاص ٻانهو ۽ (الله جو) موڪليل پيغمبر هو. (٥٢) اسان کيس طور جبل جي ساڄي (يعني اوڀر) طرف کان سڏ ڪيو ۽ (وحي جي) ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ويجهو آندو. (٥٣) ۽ پڻ پنهنجي رحمت سان (سندس مددگاريءَ لاءِ کيس) هارون ڏنوسين جو سندس ڀاءُ هو ۽ نبي هو. (٥٤) ۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب (قرآن مجيد) ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر پڙهه، بيشڪ هو پنهنجي قول جو سچو هو ۽ (الله جو) موڪليل هو. (٥٥) ۽ هو پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ هو (سڀني ڳالهين ۾) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پسند پيل هو. (٥٦) ۽ (اي پيغمبر!) ڪتاب ۾ ادريس جو به ذڪر ڪر، بيشڪ هو به سچائيءَ جو پتلو ۽ نبي هو. (٥٧) ۽ اسان هن کي وڏي بلند مقام (درجي) تائين پهچائي ڇڏيو هو. (٥٨) هي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن نبين مان آهن جن کي الله تعاليٰ نعمتون ڏنيون، آدم جي نسل مان ۽ انهن جي نسل مان جن کي اسان حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو. پڻ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسرائيل (يعني حضرت يعقوب) جي نسل مان ۽ انهن قومن مان جن کي اسان سڌيءَ واٽ تي لڳايو ۽ (ڪاميابيءَ ۽ سعادت لاءِ) چونڊيو. اهي اهي ماڻهو آهن جن کي جڏهن رحمان خدا جون آيتون ٻڌايون وينديون هيون تڏهن بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندا هئا ۽ سندن اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. (٥٩) پر انهن کان پوءِ اهڙا ناخلف (نڀاڳا) سندن جانشين ٿيا جن نماز (جي حقيقت) ضايع ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان پئجي ويا. سو (ڏسندؤ ته) جلد سندن سرڪشي سندن آڏو ايندي. (٦٠) پر جيڪو (گناهن کان) باز ايندو، ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪرڻ ۾ لڳي ويندو (تنهن لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان ذرو به بي انصافي نه ٿيندي. (٦١) هميشه واري جنت (۾ داخل ٿيندا) جنهن متعلق رحمان خدا پنهنجي ٻانهن سان واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو واعدو هڪ غيبي ڳالهه جي باري ۾ آهي (جنهن کي هو هن حياتيءَ ۾ محسوس ڪري نٿا سگهن پر) يقيناً هن جو واعدو اهڙو آهي، جو ڄڻ ته اها ڳالهه ٿي ويئي. (٦٢) انهيءَ (جنت واري) زندگيءَ ۾ ڪابه واهيات ڳالهه هنن جي ڪنن ۾ نه پوندي. جيڪي به ٻڌندا، سا سلامتيءَ جي ئي صدا هوندي. اتي صبح توڙي شام سندن رزق سندن لاءِ مهيا ٿيندو رهندو. (٦٣) سو (ڏسو) اها آهي جنت جنهن جو اسان انهيءَ ماڻهو کي وارث ڪري ٿا ڇڏيون جيڪو اسان جي ٻانهن مان متقي (يعني پرهيزگار) آهي. (٦٤) ۽ (فرشتا جنتين کي چوندا ته،) اسان (توهان ڏي) تڏهن ٿا اچون جڏهن توهان جي پروردگار وٽان حڪم ٿو ملي، جيڪي به اسان جي اڳيان آهي، جيڪي به اسان جي پٺيان گذري چڪو آهي، ۽ جيڪي به انهن ٻنهي وقتن جي وچ ۾ ٿي گذريو سڀ سندس ئي حڪم سان آهي ۽ اوهان جو پروردگار اهڙو ناهي جو ڪابه ڳالهه وساري ڇڏي. (٦٥) هو آسمان ۽ زمين جو پروردگار آهي ۽ انهن سڀني جو پروردگار آهي جي آسمان ۽ زمين ۾ آهن. سو (اي پيغمبر!) انهيءَ ئي جي ٻانهپ ڪر ۽ سندس ٻانهپ ڪرڻ جي راهه ۾ جيڪي به تڪليفون پيش اچن سي صبر سان سهندو رهه. ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ٻيو به ڪو سندس همنام آهي. (يعني الله جهڙو آهي؟ هرگز نه!)
رڪوع ٥ آيت 66-تا-82
انسان جي غفلت، دولت ۽ طاقت تي غرور
(٦٦) ۽ (حقيقتن کان غافل) انسان چوي ٿو ته، جڏهن مان مري ويندس تڏهن وري جيئرو اٿاريو ويندس ڇا؟ (٦٧) (افسوس) انسان کي هيءَ ڳالهه به ياد ناهي ڇا ته اسان کيس اڳي به پيدا ڪيو هو، جنهن کان اڳي هو ڪجهه به نه هو. (٦٨) سو (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار شاهد آهي اسان انهن سڀني کي ۽ انهن سان گڏ سڀني شيطانن کي ضرور هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي چوڌاري حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏينداسين ۽ هو گوڏن ڀر ڪريل هوندا. (٦٩) پوءِ هر هڪ ٽوليءَ مان انهن ماڻهن کي (چونڊي) جدا ڪنداسين، جيڪي (پنهنجي زندگيءَ ۾) رحمان خدا کان سخت باغي (نافرمان) ٿي ويا هئا. (٧٠) پوءِ هيءَ ڳالهه به اسان ئي بهتر ڄاڻنداسين ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو دوزخ ۾ پوڻ جا زياده لائق آهن. (٧١) ۽ (ياد رکو ته) اوهان (ڪافرن) مان ڪوبه اهڙو ڪونهي جو انهيءَ منزل مان نه لنگهندو (يعني دوزخ ۾ نه پوندو) ائين ڪرڻ (يعني ڪافرن کي دوزخ ۾ وجهڻ) تنهنجي پروردگار ضروري ٺهرايو آهي. اهو هڪ ڪيل فيصلو آهي. (٧٢) پوءِ اسان متقين کي نجات (يعني ڇوٽڪارو) ڏينداسين ۽ ظالمن کي دوزخ ۾ گوڏن ڀر ڪريل ڦٽو ڪنداسين. (٧٣) ۽ جڏهن اسان جون روشن آيتون ماڻهن کي ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ پيل آهن سي ايمان وارن کي چون ٿا ته هي ته ٻڌايو ته، (اسان) ٻنهي ٽولين ۾ ڪهڙي ٽولي آهي جا وڏي پوزيشن (درجي) واري آهي ۽ جنهن کي شاندار (دٻدٻي واري) مجلس (يا ڪائونسل) آهي. (٧٤) ۽ هنن کان (اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته) کانئن اڳي گهڻين ئي قومن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو جي کانئن گهڻو بهتر اسباب ۽ (جنگي) سامان رکنديون هيون ۽ جن کي کانئن گهڻو وڌيڪ دٻدٻو ۽ رونق هئي. (٧٥) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جيڪڏهن ڪو گمراهيءَ ۾ پوي ٿو ته رحمان خدا جو قانون هي آهي جو هن کي (عذاب کان) مهلت ڏيندو رهي ٿو. هو انهيءَ حال ۾ رهندو تان جو پنهنجي اکين سان اها ڳالهه ڏسي جنهن جو ساڻس واعدو ڪيو ويو هو، يعني عذاب يا قيامت جي گهڙي. پوءِ ان وقت کيس پتو پوندو ته ڪير هو جنهن جي پوزيشن (يا درجو) بدتر (وڌيڪ خراب) ثابت ٿيو ۽ جنهن جو ٽولو سڀني کان وڌيڪ هيڻو ۽ ضعيف ثابت ٿيو. (٧٦) ۽ جن ماڻهن سچي واٽ لڌي ۽ ان تي هليا تن کي الله تعاليٰ وڌيڪ هدايت ٿو ڪري (۽ سنئين واٽ تي ٿو هلائي) ۽ تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ ته باقي رهڻ واريون (يعني بقاءُ ڪندڙ) نيڪيون ئي بهتر آهن، ثواب ۾ توڙي (بهتر) نتيجن (ڏيکارڻ) ۾. (يعني چڱن عملن جا چڱا نتيجا نڪرندا ۽ وڏا انعام ۽ نعمتون ملنديون). (٧٧) (اي پيغمبر!) تو ڏٺو ته، انهيءَ شخص جو ڪهڙو حال ٿيو جنهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مان ضرور مال ۽ دولت حاصل ڪندس ۽ مان ضرور گهڻي اولاد وارو ٿيندس. (٧٨) (هو جو ائين ٿو چوي سو) هن کي غيب جي خبر پئجي ويئي آهي ڇا؟ يا خدا کان ڪو عهد وٺي ڇڏيو اٿس ڇا؟ (جو خدا کي ضرور ائين ئي ڪرڻو پوندو). (٧٩) هرگز نه (ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي) چڱو هو جيڪي چوي ٿو سو اسان لکي ٿا ڇڏيون (يعني هن جي اها ڳالهه ڪانه وسرندي. سندس آڏو ايندي) ۽ سندس عذاب جي رسي ڊگهي ڪندا رهنداسين. (٨٠) هو جنهن مال ۽ اولاد جي دعويٰ ڪري ٿو (سو کڻي مليس ته به) آخر هو اسان جي ئي قبضي ۾ ايندو. ۽ اسان وٽ ايندو به اڪيلوئي اڪيلو. (مال ۽ اولاد ڪم ڪونه ايندس). (٨١) ۽ هنن ماڻهن الله کان سواءِ ٻين کي کڻي معبود بنايو آهي ته سندن مددگار ٿين. (٨٢) پر هرگز ائين ڪونه ٿيندو آهي (قيامت جي ڏينهن) سندن بندگيءَ بابت صاف انڪار ڪندا ۽ اٽلندو هنن جا مخالف ٿيندا.
رڪوع ٦ آيت 83-تا-98
انسانن جا به فرقا آهن، هڪڙا متقي ۽ ٻيا سرڪش گنهگار، عيسائين جو حضرت عيسيٰ عليه السلام کي خدا جو پٽ ۽ خدا بنائي رکيو آهي، سا ڳالهه تمام سخت ڪفر جي آهي.
(٨٣) (اي پيغمبر!) تون ڏسين ٿو ڇا ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي چاڙهي موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته هنن کي (گناهن ۽ فساد ڪرڻ لاءِ برغلائيندا ۽) اڀاريندا رهن. (٨٤) پوءِ تون انهن جي باري ۾ تڪڙ نه ڪر، (سندن فيصلو ڪرڻ ۽ کين مغلوب ڪرڻ ۾ جا دير ٿي رهي آهي، سا فقط هن ڪري آهي جو) اسان هنن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون. (مقرر وقت ويجهو اچي ويو آهي). (٨٥) انهي ڏينهن (جيڪو پري ناهي) اسان پرهيزگار انسانن کي پنهنجي حضور ۾ مهمانن وانگر آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪنداسين. (٨٦) ۽ گنهگارن کي اڃايل جانور وانگر دوزخ ڏي ڪاهي هڪالي وينداسين. (٨٧) انهيءَ ڏينهن سفارش ڪرڻ يا ڪرائڻ ڪنهن جي به اختيار ۾ نه هوندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي خدا جي حضور مان واعدو مليو هوندو. (٨٨) ۽ اهي ماڻهو (يعني عيسائي) چون ٿا ته رحمان خدا پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي. (٨٩) اها تمام سخت خراب ڳالهه آهي جا ٺاهي پيش ڪئي ويئي آهي. (٩٠) (اهڙي خراب ڳالهه تي ممڪن آهي ته) آسمان ڦاٽي پوي ۽ زمين ۾ ڏار پئجي وڃي ۽ جبل ڏڪي ڪري پون. (٩١) (جو) ماڻهو الله جي لاءِ پٽ هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. (٩٢) الله تعاليٰ کي ڪيئن ٿو جڳائي جو پاڻ لاءِ هڪ پٽ بنائي رکي. (٩٣) حالانڪ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي سو انهيءَ لاءِ آهي ته الله جي اڳيان ٻانهپ جو سر جهڪائي حاضر ٿئي. (٩٤) هن (پنهنجي قدرت سان) انهن (عيسائين) کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، ۽ (پنهنجي علم سان) هڪ هڪ کي ڳڻي ڇڏيو آهي. (٩٥) ۽ قيامت جي ڏينهن سندس حضور ۾ اڪيلا اچي بيهندا. (يعني ڪوبه مددگار ساڻن ڪونه هوندو). (٩٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عملن کي لڳي ويا آهن تن متعلق يقين آهي ته رحمان خدا (ماڻهن جي دلين ۾) انهن لاءِ محبت پيدا ڪري ڇڏيندو. (يعني ماڻهو انهن ڏانهن ائين ڇڪجي ايندا جيئن لوه جي سئي چقمق ڏانهن ايندي آهي ۽ کين نهايت پسند ڪندا).
(٩٧) (انهيءَ غرض سان) اسان قرآن کي تنهنجي ٻولي (عربي) ۾ نازل ڪري آسان ڪيو آهي ته پرهيزگار انسانن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏئي ۽ جيڪا قوم سچائيءَ جي مقابلي ۾ ضد ڪندڙ ۽ هٺ ڪندڙ هجي تنهن کي (انڪار ۽ سرڪشيءِ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏي. (٩٨) هنن (قريش سرڪشن) کان اڳي قومن جا ڪيترائي دور ٿي گذريا آهن جن کي اسان (بدعملن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن جي به هستي (هاڻي) محسوس ڪيو ٿا؟ ڇا هنن جي رڳو ڀڻ ڀڻ به ڪا ٻڌجي ٿي؟