سورت الممتحنه (ظاهر ڪرڻ واري )
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-6
جنگي راز کولي ويهڻ زبردست گمراهي آهي. ابراهيم جي طريقي تي هلي ڪافرن کان پاسيرا ٿيو.
(١) ايمان وارؤ! اوهين منهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست نه بنايو! اوهين انهن ڏي دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا. هوڏانهن جيڪو حق اوهان وٽ آيو آهي، ان جو اهي انڪار ڪري چڪا آهن. اُهي رسول ۽ اوهان کي (پنهنجي ديس مان) هن ڪري ڪڍن ٿا جو اوهين پنهنجي پالڻهار الله کي مڃيو ٿا. جيڪڏهن اوهين (منهنجي قانونن جي پيروي ڪندي) منهنجي رستي ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضامندي گهرڻ لاءِ نڪتا آهيو (۽ ٻئي پاسي) اوهين لڪي انهن (منڪرن) سان دوستي رکو ٿا. هوڏانهن جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ان کي آئون چڱيءَ ڄاڻندڙ آهيان ۽ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪندو سو بيشڪ سڌي رستي کان گمراهه ٿي پري وڃي پيو. (٢) جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندؤ ته (پوءِ ڏسندؤ ڪيئن) هو اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اوهان ڏي بڇڙائيءَ سان پنهنجو هٿ ۽ زبانون ڊگهيون (ڪري هر قسم جون اذيتون) ڏيندا ۽ هي خواهش اٿن ته اوهين (دين کان منحرف ٿي وري) ڪافر ٿيو. (٣) (جيتوڻيڪ اوهان جون انهن سان مائٽيون آهن پر) قيامت جي ڏينهن نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا، الله اوهان جي وچ ۾ سنڌو وجهندو (توهان کي توهان جا عمل ئي ڪم ڏيندا) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي رهيو آهي. (٤) (مٿئين ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ) بيشڪ ابراهيم ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا تن (جي طريقي) ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي. جڏهن انهن پنهنجي قوم کي چيو ته، اسين اوهان کان ۽ جن جي اوهين الله کان سواءِ (پيروي) ۽ پرستش ڪريو ٿا، تن کان بيزار آهيون. اسان اوهان (جي عقيدي) جو انڪار ڪيو ۽ اسان ۽ اوهان جو سچ ۾ دشمني ۽ وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو (سو تيستائين رهندو) جيستائين اڪيلي الله کي (نه) مڃيو. پر ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي (صرف ايترو) چوڻ (هو) ته آئون ضرور تو لاءِ معافي گهرندس، توڙي جو آئون تو لاءِ الله جي طرفان ڪنهن شيءِ جو به اختيار نه نٿو رکان. (جڏهن پڻس ايمان نه آندو تڏهن ابراهيم چيو ته) اي اسان جا پاليندڙ! توتي اسان ڀروسو ڪيو، (تنهنجي هدايت قانون جي صداقت جو اسان کي يقين آهي) ۽ توڏي موٽيا آهيون ۽ (سڀ ڪنهن جو) توڏي ئي موٽڻ آهي. (٥) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ڪافرن جي زيردست نه ڪر ۽ اسان کي حفاظت ۾ رک. اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون سڀني جي مٿان غالب (۽) حڪمت وارو آهين. (٦) بيشڪ ان (ابراهيمي) جماعت ۾ اوهان مان جيڪو الله (جي قربت) ۽ قيامت جي ڏينهن (اچڻ) جي اميد رکي ٿو، ان لاءِ چڱي پيروي آهي. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله (انسانن جي مڃتا جو محتاج ڪونهي، هو) بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي.
رڪوع ٢ آيت 7-تا-13
مسلمان مردن لاءِ ڪافر زالون ۽ مسلمان عورتن لاءِ ڪافر مڙس حلال ناهن.
(٧) اميد آهي ته الله اوهان ۽ انهن جي وچ ۾، جن سان اوهان دشمني رکي آهي، دوستي پيدا ڪري ڏي ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (٨) الله اوهان کي انهن کان نٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته (انهيءَ صورت ۾) اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي پيارو رکي ٿو. (٩) الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته (ان صورت ۾) اوهين انهن سان دوستي نه رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوست رکندا سي ئي (مسلمانن سان) زيادتي ڪندڙ آهن. (١٠) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان وٽ ايمان واريون زالون لڏي اچن ته انهن (جي ايمان) کي جاچيو، الله ته انهن جي ايمان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي، (پر اوهان جي لاءِ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي). پوءِ جيڪڏهن (تحقيق مان) اوهان کي معلوم ٿئي ته اهي ايمان واريون آهن ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو، نه اهي (مسلمان زالون) انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي (ڪافر مرد) هنن لاءِ حلال ٿيندا. ۽ جو ڪجهه انهن (ڪافر مردن شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو کين موٽائي ڏيو ۽ (بعد ۾) اوهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪجهه به گناهه نه آهي، جڏهن جو اوهين کين سندن مهر ڏيو ۽ ڪافر زالن (جن ايمان نه آندو آهي تن) جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو ۽ جيڪو اوهان (شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو گهري وٺو ۽ جو انهن (ڪافرن) خرچ ڪيو هجي (زالن جي مسلمان ٿي لڏي اچڻ تي) سو اهي گهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ (اختلافي معاملا ان جي حڪمن مطابق حل ڪيو، ڇاڪاڻ ته) الله علم (۽) حڪمت وارو آهي. (١١) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان کا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏي وڃي (۽ اهي شاديءَ جا خرچ ادا نه ڪن ته) پوءِ اوهان جي سزا ڏيڻ جو وارو اچي (۽ مال غنيمت ملي) ته جن جون زالون ويون هجن انهن کي (ان مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو هجي، ۽ (ڏسو زياتي نه ڪجو) ان الله کان ڊڄو جنهن کي اوهين مڃيو ٿا. (١٢) اي نبي! جڏهن مؤمن عورتون (هجرت ڪري) تو وٽ اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون، نه زنا ڪنديون، نه پنهنجن ٻچن کي ڪهنديون، نه
پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان (ديده دانسته) تهمت ٺاهي ڪنهن تي هڻنديون ۽ نه ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر. ۽ انهن کي الله جي حفاظت واري نظام ۾ آڻ! بيشڪ الله (ان نظام هيٺ سڀني کي) حفاظت ۾ وٺندڙ نهايت رحم وارو آهي. (١٣) اي ايمان وارو! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي الله (خدائي نظام جي مخالفت جي بنياد تي) ڪاوڙيو آهي. اهي آخرت کان اهڙا نااميد ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن (جي ٻيهر جيئري ٿيڻ) کان نااميد ٿيا.