مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الملڪ (حڪومت- بادشاهي)

حصو اوڻٽيهون

سورت الملڪ (حڪومت- بادشاهي)

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-14
موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيائين، هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي.
(١) اهو (الله) وڏي عظمت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ (ساري ڪائنات جي) بادشاهي آهي (جو ڪائنات جون سڀ شيون سندس قدرتي قانونن ۽ حڪمن مطابق هلن پيون) ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي. (٢) جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته (پنهنجي قانونن مٿان عمل ذريعي) اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن. ۽ اهو (فرد توڻي قومن کي چڱن عملن جو صلو ڏيڻ ۾) زبردست (۽ انهن جي ننڍين لغزشن کي) بخشڻ وارو آهي. (٣) جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ! تون ان جي قدرت ۽ رحمت جي اهڙين خوبين تي غور ڪر) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. (ڏس ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار تي هلن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن نٿا) پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته، ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير يا ڏار ڏسين ٿو؟ (٤) وري تون (خدا جي تخليق ڪيل انهيءَ ڪائنات ۾) نظر کي بار بار موٽاءِ ته (مٿي به توکي بي ترتيبي نظر نه ايندي ۽) توڏي (تنهنجي) نظر ساڻي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي. (٥) ۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ويجهي) آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (جيڪي انهن ستارن مان غيب جا حالات معلوم ڪرڻ جي ڪوشش يا دعويٰ ڪن ٿا). (٦) ۽ جن (خدائي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ (دنيا ۾ به تباهي ۽ بربادي آهي ۽ آخرت ۾) دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (٧) جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته انهن جون (ڪربناڪ رڙيون ۽) ۽ هينگون ٻڌڻ ۾ اينديون ۽ اهو (جهنم) پيو ٽهڪندو. (٨) (ائين پيو لڳندو) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا ته، اوهان وٽ (بدعملين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟ (٩) اهي چوندا ته، ڇو نه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو (الله جو پيغام ڏيندڙ) آيو هو، پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو سون ته، الله ڪابه شئ نازل نه ڪئي آهي. (۽ جيڪي ماڻهو ان کي مڃن پيا تن کي الٽو ٽوڪيون پيا ته) اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو. (١٠) ۽ چوندا، (ته اسان عقل ۽ فڪر کان ڪم ئي نه ورتو رڳو ضد ۽ انڌي تقليد ۾ انهن جي مخالفت ڪئي) اسين (هيڪر انهن کي) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها. (١١) پوءِ (عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏسي) انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (وقت وڃائي آيا ۽ هاڻي رحمت کان) پري هجن. (١٢) بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا (۽ غلط عملين جي نتيجن کان خبردار رهن ٿا) تن لاءِ (ننڍين لغزشن کان) معافي ۽ وڏو اجر آهي. (١٣) ۽ (اي ماڻهو!) اوهين (خدا جي قانونن تي هلڻ متعلق) پنهنجي ڳالهه لڪائي ڪريو يا کليءَ طرح علي الاعلان ڪريو، اهو ته سينن جون ڳالهيون (۽ اتي اچڻ وارا خيال به) ڄاڻيندڙ آهي. (١٤) ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي، سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.

رڪوع ٢ آيت 15-تا-30
پوري ڪائنات ۾ ڪٿي به بدنظمي ۽ بي ربطي نظر نه ايندي.
(١٥) هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ (رزق جي سرچشمي) زمين کي تابع ڪيو آهي، پوءِ ان جي رستن تي هلو ۽ الله جي رزق مان کائو ۽ (هي نه سمجهو ته ان رزق جي سرچشمن جا اوهان اڪيلا ۽ بي پڇا مالڪ آهيو، بلڪ اها اوهان وٽ امانت آهي، جنهن جي حساب لاءِ اوهان جو) ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي. (١٦) (اوهان جو رزق جي معاملي ۾ پاڻ کي آزاد ۽ بي پڇا ٿا سمجهو) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي رزق جي ساڳئي سرچشمي) زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها ڌڏڻ لڳي؟ (١٧) يا وري، جيڪو (الله) آسمان ۾ آهي تنهن کان اوهان کي اهو ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻ وسائڻ وارو واءُ موڪلي؟ (هن وقت اوهان هنن ڳالهين کي مذاق سمجهو ٿا) پر سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي. (١٨) ۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به اهڙي طرح) ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن جي تاريخ ۾ جاچيو ته) منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (۽ سندن نتيجو ڪهڙي تباهي ۽ بربادي جي شڪل ۾ سامهون آيو). (١٩) ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙندڙ ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي؟ انهن کي وڏي مهربان (الله جي جوڙيل قانونن) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته (زندگيءَ جي لوازمات لاءِ) سڀ ڪنهن شئ کي ڏسندڙ آهي. (٢٠) ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي (آفتن کان بچڻ لاءِ) وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏئي ٿو؟ ڪافر ته رڳو (سرڪشي ۽ خودفريبيءَ جي) ڌوڪي ۾ پيل آهن. (٢١) ڀلا اهو ٻيو ڪير آهي، جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو، جيڪڏهن الله (زمين جي صلاحيت ختم ڪري) پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر (هي ڳالهيون کين سمجهه ۾ نٿيون اچن جو) اهي سرڪشي ۽ نفرت ۾ ورتا پيا آهن. (٢٢) ڇا پوءِ جيڪو شخص پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟ (٢٣)(اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ
ڪن، اکيون ۽ دليون بنايون. (جن سان اوهان ان جي آيتن کي ٻڌي ان جي تخليق کي ڏسي ۽ ان جي مثالن کي سمجهي سگهو پر) اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا. (٢٤) (اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو (پر اوهان جو اهو پکڙجڻ ضابطي کان ٻاهر نه هجي) ۽ اوهان ان ڏانهن ئي (پنهنجي ڪئي ڪيتي جو حساب ڏيڻ لاءِ) گڏ ڪيا ويندو. (٢٥) ۽ (پنهنجي ڪئي جو حساب ڏيڻ جي ڳالهه تي اهي منڪر مسلمانن کي) چون ٿا، ٻڌايو ته هيءَ (تباهي ۽ سزا وارو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (٢٦) (اي پيغمبر!) چئو ته، (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آئون ته رڳو (غلط ڪارين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (٢٧) پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن (ڪارا) بڇڙا ٿي ويندا ۽ (ان وقت کين) چيو ويندو ته، هي اهو (عذاب) آهي جيڪو اوهين (سڏي سڏي) گهرندا هيئو. (٢٨) (اي پيغمبر!) چئو ته، جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي پڪڙ ۾ آڻي يا اسان تي رحم ڪري (اهو فڪر نه ڪريو، بلڪ اوهان فڪر رڳو هن ڳالهه جو ڪريو ته اوهان جي انڪار ۽ آڪڙ تي) ڪير آهي جو (اوهان) ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟ (٢٩) (اي پيغمبر!) چئو ته، اهو (الله) وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان (جي رحمت وارن اصولن) تي اسان ڀروسو ڪيو. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. (۽ ڪير صحيح رستي تي هلي رهيو آهي؟) (٣٠) (اي پيغمبر! کين) چئو ته، ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان (ان جي پالڻهاريءَ جي مقرر ڪيل طريقن کي نه مڃيندو ۽ اوهان) جو پاڻي سڪي وڃي (جنهن تي اوهان جي زندگيءَ جو دارومدا آهي) ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟