سورت التڪاثر
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-8
حرص، غفلت ۽ دنيا پرستيءَ جو انجام.
(١) اوهان کي (دولت، معتبرائپ ۽ منصب ۾) واڌاري جي حرص (۽ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي هوس) غافل ڪيو. (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويؤ). (٢) (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ هوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي قبرن کي پهتؤ (يعني مري ويئو). (٣) (زندگي رڳو) ائين نه آهي، (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ. (٤) وري (چئون ٿا ته زندگي) ائين نه آهي، اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺندؤ. (٥) پڪ سان ائين نه آهي، جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائيءَ ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها). (٦) (پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ. (٧) وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ. (٨) وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي خواهشن ۽ هوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو.)