مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت النور

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
زانيءَ جي سزا. ڪنهن عورت تي زنا جي تهمت رکڻ متعلق حڪم
(١) هيءَ هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي، ۽ ان ۾ ڏنل حڪم اوهان تي فرض ڪيا ويا آهن، ۽ اسان ان ۾ چٽيون ۽ صاف صاف نشانيون ۽ حڪم نازل ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان نصيحت وٺو (۽ انهن تي عمل ڪيو.) (٢) زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد (ٻنهي مان) هرهڪ کي سؤ سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو ته (ائين ضرور ڪيو) ۽ الله جي دين جي معاملي ۾ انهن ٻنهي سان رعايت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ ٻنهي جي سزا مسلمانن جي هڪ جماعت (اکين سان) ڏسي (۽ عبرت وٺي). (٣) زاني مرد ، زاني عورت يا مشرڪياڻي عورت کان سواءِ ٻي ڪنهن به عورت سان شادي ڪري نٿو سگهي ۽ زاني عورت سان سواءِ زاني يا مشرڪ مرد جي ٻيو ڪوبه نڪاح ڪري نٿو سگهي. مسلمانن لاءِ ائين ڪرڻ حرام ٺهرايو ويو آهي. (زاني عورت سان نڪاح ناجائز آهي ۽ زاني مرد کي سڱ ڏيڻ به ناجائز آهي.) (٤) ۽ انهن ماڻهن کي، جيڪي پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت لڳائين، ۽ وري چار شاهد به پيش ڪري نه سگهن، (تن کي) اسي اسي ڦٽڪا هڻو، ۽ (پوءِ) آئينده لاءِ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو. اهي ماڻهو فاسق بدڪار (خدا جا نافرمان) آهن. (٥) پر اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ (يعني ڪوڙي تهمت لڳائڻ کان پوءِ) توبه ڪن ۽ پنهنجا عمل سڌارين ۽ درست ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٦) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي (نڪاح ٻڌل) زالن تي زنا جي تهمت لڳائين ۽ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاهد ڪونه هجي، ته پوءِ هرهڪ جي شاهدي هيءَ آهي ته پهريائين چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته، بيشڪ مان پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهيان (۽ سچ ٿو چوان ته منهنجي زال زنا ڪئي آهي.) (٧) ۽ پنجين ڀيري هيئن چوي ته، جيڪڏهن مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان (۽ ڪوڙي تهمت ٿو رکان) ته مون تي الله جي لعنت هجي. (٨۽ ٩) ۽ پر جيڪڏهن (اها) عورت به پهريان چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي شخص (يعني منهنجو مڙس) سراسر ڪوڙو آهي ۽ پنجين ڀيري چوي ته، جيڪڏهن هو سچو آهي ته مون تي الله جو غضب پوي ته پوءِ انهيءَ عورت تان (سندس صفائي واري) اها شاهدي سزا (کي) ٽاري ڇڏيندي. (١٠) ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان جي گهرن ۾ فساد ۽ بگاڙو ئي بگاڙو هجي ها) بيشڪ الله تعاليٰ رحمت جي موٽ ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.

رڪوع ٢ آيت 11-تا-20
حضرت عائشه رضي الله عنها تي ڪوڙي تهمت تي وحي جو اچڻ، تهمت لڳائيندڙ کي بنا ثابتيءَ جي سچو نه سمجهو.
(١١) جن ماڻهن (حضرت عائشه صديقه تي) تهمت لڳائي سي به بيشڪ توهان مان ئي هڪ ٽولي آهن. توهان ان (تهمت واري واقعي) کي پنهنجي لاءِ خراب نه سمجهيو، بلڪ ان ۾ اوهان جي لاءِ چڱائي آهي. انهن مان هرهڪ شخص جنهن (انهيءَ تهمت پکيڙڻ ۾) حصو ورتو تنهن گناهه جو ڪم ڪيو ۽ انهن مان جنهن (انهيءَ تهمت لڳائڻ ۽ پکيڙڻ ۾) وڏو حصو ورتو تنهن کي تمام وڏو سخت عذاب ٿيندو. (١٢) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي. (١٣) هنن پنهنجي ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ڇو نه چار شاهد آندا. پوءِ جنهن صورت ۾ هو شاهد نه ڏئي سگهيا تنهن صورت ۾ الله تعاليٰ وٽ هو ئي ڪوڙا آهن. (١٤) ۽ جيڪڏهن اوهان (مسلمانن) تي الله جو فضل ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان جيڪي (حضرت عائشه جي تهمت پکيڙڻ ۾) ڪري چڪا آهيو تنهن لاءِ توهان تي سخت عذاب اچي ها. (١٥) جڏهن توهان هن ڳالهه متعلق پنهنجي زبان سان چوپچو ڪرڻ لڳؤ ۽ پنهنجي وات مان اهڙيون ڳالهيون ڪڍڻ لڳؤ، جن جي توهان کي خبر به ڪانه هئي، (تڏهن توهان کي شرم اچڻ گهربو هو) پر توهان ان کي معمولي ۽ خسيس ڳالهه سمجهيو هو. پر الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي. (١٦) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن توهان ڇو نه چئي ڏنو ته، اسان جي لاءِ مناسب ناهي ته اسان اهڙي ڳالهه (رڳو) زبان مان ڪڍون. سبحان الله! (پاڪ آهي الله تعاليٰ) هي ته وڏو بهتان آهي، (ان وقت اهي لفظ ڇو نه توهان چيا هئا). (١٧) (ڏسو) الله تعالي! اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ ايمان اٿوَ ته وري ڪڏهن به ان جهڙي روش ۽ هلت نه وٺجو. (١٨) ۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجا حڪم کولي کولي چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي. ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٩) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي چاهين ٿا ته مسلمانن ۾ بي شرمي وڌي ۽ پکڙجي، (تن لاءِ) دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر توهان ڪونه ٿا ڄاڻو. (٢٠) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته توهان کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي ها) پر بيشڪ خدا نهايت ئي مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ٣ آيت 21-تا-29
حضرت عائشه رضي الله عنها جي واقعي سان تعلق رکندڙ نصيحتون ۽ هدايتون
(٢١) اي مؤمنؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلجو، (يعني سندس عملن جهڙا عمل نه ڪجو) ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو سو ته ضرور فاحش ڪم ۽ گناهه ڪرڻ جو ئي حڪم ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان هڪ به (انهيءَ گناهه کان) پاڪ نه هجي ها، پر خدا جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (سندس دل جو حال ڄاڻي سندس توبه قبول ڪري) پاڪ ڪري ٿو ڇڏي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٢٢) ۽ اوهان مان جيڪي فضل ۽ وسعت وارا آهن، تن کي گهرجي ته اهو قسم نه کڻن ته اسان (فلاڻن) مائٽن، مسڪينن ۽ خدا جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڪجهه به نه ڏينداسين. کين گهرجي ته (سندن قصور) معاف ڪري ڇڏين ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪيو ته خدا اوهان کي بخشي ڇڏي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٢٣) اهي ماڻهو جيڪي ڪن پاڪدامن معصوم ۽ بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا تن تي دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت پوندي ۽ انهن کي سخت عذاب ٿيندو. (٢٤) انهيءَ ڏينهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ سندن پير به انهن جي خلاف شاهدي ڏيندا ته هنن ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا. (٢٥) انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي پورو پورو ۽ حق ۽ انصاف وارو بدلو ڏيندو. ۽ هنن کي معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي آهي جو سچو آهي، ۽ هرهڪ ڳالهه کي ظاهر ڪندڙ آهي. (٢٦) گنديون عورتون گندن مردن لاءِ آهن ۽ گندا مرد گندين عورتن لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن. اهي ماڻهو (يعني پاڪ مرد ۽ پاڪ عورتون) انهن (شريرن) جي ڳالهين کان بلڪل آجا آهن، (يعني هو انهن تهمتن کان پاڪ آهن ۽ انهن جي تهمتن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ڪونه رسندو) انهن جي لاءِ خدا جي بخشش ۽ عزت جي روزي آهي.

رڪوع ٤ آيت 27-تا-34
بنا اجازت پرائي گهر ۾ گهڙڻ کان منع. ڌاريا مرد ۽ عورتون اکيون هيٺ رکن
(٢٧) اي مؤمنؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ بنا اجازت جي ۽ بنا السلام عليڪم چوڻ جي نه گهڙو. ائين ڪرڻ (يعني سلام ورائڻ ۽ اجازت گهرڻ) توهان جي لاءِ ئي تمام چڱو آهي، عجب ناهي ۽ ممڪن آهي ته توهان (ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻ سان) هدايت واري واٽ وٺندؤ (۽ خراب خيالن کان بچندؤ). (٢٨) جيڪڏهن سمجهو ته گهر ۾ ڪوبه ڪونهي ته به جيستائين اجازت نه ملي تيستائين گهر ۾ اندر نه وڃو. ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته، موٽي وڃو ته (بلڪل رنج نه ٿيو، خوشيءِ سان) واپس هليا وڃو. اها ڳالهه توهان جي ئي لاءِ بهتر آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سڀ خدا کي خبر آهي. (٢٩) (پر) هن ڳالهه ۾ گناهه ڪونهي ته اهڙن گهرن ۾ هليا وڃو جن ۾ ماڻهو رهندڙ ڪونه آهن ۽ انهن ۾ توهان جو ڪو مال اسباب آهي (پر ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه (اوهان جي دل جي حالت به) ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان کليو کلايو ظاهر ٿا ڪيو سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سوبه ڄاڻي ٿو. (٣٠) مؤمن مردن کي چئو ته، هو پنهنجون اکيون (پرائي عورتن جي سامهون اچڻ وقت) هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن (يعني اوگهڙ ڍڪين ۽ لڄ ۽ پاڪدامني رکن) اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائيءَ واري آهي، (يعني بدخيالن کان پاڪ رکندي. ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي. (٣١) ۽ مؤمن عورتن کي به چئو ته، هو به پنهنجون اکيون هيٺ رکن (جڏهن ڪو ڌاريو مرد سامهون ايندڙ هجي) ۽ پنهنجي لڄ ۽ شرم جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار (ڌارين جي اڳيان) ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪي (رواجي طرح) ان مان ٻاهر رهندڙ آهي ۽ هيٺين (ذڪر ڪيل) ماڻهن کان سواءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار ظاهر نه ڪن؛ سندن مڙس يا پيءُ، يا سهرو، يا سندن پٽ، يا سندن ٻانهيون، يا اهي خادم جيڪي انهيءَ خواهش کان گذر ڪري چڪا هجن يا اهي ٻار يا ڇوڪر جن کي اڃا عورتن جي پردي جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي، (انهن جي اڳيان عورتون پنهجي زينت ظاهر ڪن ته گناهه ڪونهي) ۽ عورتن کي گهرجي ته (گهمڻ وقت) پنهنجا پير زمين تي اهڙو زور سان نه هڻن جو هنن جي لڪل زيورن جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ اچي. ۽ اي مؤمنؤ! (مکيه ڳالهه هي اٿؤ ته) توهان سڀ خدا ڏي موٽو (ٻيا خيال ڇڏي الله جي حڪمن موجب هلو) ته توهان هر طرح جي بهبودي ۽ بهتري حاصل ڪيو. (٣٢) ۽ اوهان ۾ جيڪي به اڻ پرڻيل عورتون هجن، (ڪنواريون توڙي بيوهه توڙي طلاق ڏنل) تن جو نڪاح ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو به نڪاح ڪندا ڪريو. (يعني انهن سان پرڻجو يا انهن کي پرڻايو) جيڪڏهن اهي مسڪين هونديون ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هنن کي خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعاليٰ وسعت رکندڙ ۽ سڀني کي وسعت ڏيندڙ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٣٣) ۽ جن ماڻهن کي نڪاح جي لاءِ طاقت ڪانهي سي پاڻ تي ضابطو رکن (۽ پاڪ دامن رهن) جيستائين ڪه الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ۽ جيڪي ٻانها توهان کان دستاويز لکائي وٺڻ چاهين (ته هيترا پئسا ڪمائي ڪرڻ يا هيترو ڪم ڪرڻ بعد آزادي ملندي) ته انهن کي اهڙو دستاويز لکي ڏيو، جيڪڏهن توهان هنن ۾ ڪجهه نيڪي ۽ صلاحيت معلوم ڪيو ۽ جيڪو مال الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، تنهن مان انهن کي به ڪجهه ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهين کي دنيوي زندگي جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ زنا ڪاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، جڏهن ته هو پاڪ دامن رهڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪو ماڻهو (ڪسب ڪرڻ لاءِ) مجبور ڪندو ته پوءِ هنن جي مجبوريءَ بيوسيءَ جي ڪري الله تعاليٰ (هنن کي بخشي ڇڏيندو، ڇو ته هو) غفور ۽ رحيم آهي. (٣٤) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان ڏي چٽا حڪم احڪام ۽ نشانيون موڪليون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال (ڏنا آهن) جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ نصيحتون نازل ڪيون آهن.

رڪوع ٥ آيت 35-تا-40
جيڪي الله جي حڪمن تي هلن ٿا، سي حقيقت پسي ٿا وٺن. جيڪي نٿا هلن، سي ڀٽڪن ٿا.
(٣٥) الله تعاليٰ آسمانن جو ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال ائين آهي جيئن هڪ جارو آهي، جنهن ۾ هڪ بتي رکي آهي ۽ بتي هڪ شيشي (چمني يا گلوب) جي اندر آهي. شيشو اهڙو ته (صاف) آهي جو ڄڻ ته هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ برڪت واري وڻ جو تيل ٻاريو وڃي ٿو، يعني زيتون جي وڻ جو جيڪو نڪي اوڀر منهون آهي، (جو شام وقت سج جي روشنيءَ کان محروم هجي) نڪي اولهه منهون آهي (جو صبح جي وقت چوٽيءَ تي آهي) ان جو تيل (اهڙو ته چمڪندڙ آهي جو) ڄڻ ته خودبخود ٻرڻ تي آهي، اگرچه ان کي باهه نه ڇهي (الله تعاليٰ ۽ سندس حقائق ائين آهن جيئن) روشنيءَ مٿان روشني، الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي انهيءَ نور ۾ پهچائي ٿو ۽ ڏسو الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ (ڪهڙا نه سهڻا ۽ چٽا) مثال ڏئي ٿو (۽ حقيقتون سمجهائي ٿو) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه جو علم آهي. (٣٦) (اها بتي خاص طرح ٻاري وڃي ٿي) انهن (پاڪ) گهرن ۾ جن متعلق الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته سندس نالو بلند ڪيو وڃي ۽ جن ۾ سندس ذڪر ڪيو وڃي ۽ جن ۾ ماڻهو صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. (٣٧) اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کين واپار ۽ ڌنڌا نڪي خدا جي يادگيريءَ کان غافل ٿا ڪري سگهن، نڪي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ٿا ڪن. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ابتيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون. (٣٨) (سندن سچائي جو نتيجو هي ٿيندو جو) جيڪي به (چڱا) عمل هنن ڪيا آهن تن جو بهترين بدلو الله تعاليٰ کين ڏيندو، ۽ پنهنجي (خاص) فضل سا ڪجهه زياده به عنايت ڪندو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي به چاهي ٿو تنهن کي بنا حساب گهڻو رزق عطا ڪري ٿو. (٣٩) ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي روش ورتي آهي تن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي. اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان جو جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي ۽ هو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ٿو ڏسي. سو خدا سندس (بد) عملن جو حساب پوريءَ طرح ڪري انهن جي بدلو کيس ڏئي ٿو ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. (٤٠) يا اهي (ڀليل بدڪار ماڻهو) گويا هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن، جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇانئجي ويون آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن، يعني اوندهه مٿان اوندهه جا طبقا چڙهيل آهن. (ايتري قدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خود غرضيءَ سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه.

رڪوع ٦ آيت 41-تا-50
دنيا جون سڀ شيون ۽ سڀ ساهوارا خدا جو شان ڳائي رهيا آهن.
(٤١) توهان ڏسو نٿا ته جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا ۽ پر کولي اڏامندڙ پکي به (سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا.) هرهڪ ڄاڻي ٿو ته ڪيئن خدا جي عبادت ڪجي ۽ ڪيئن سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪجي ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. (٤٢) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. (ٻيو ڪو به بادشاهه ڪونهي) ۽ الله جي ئي طرف موٽي وڃڻو آهي. (٤٣) توهان ڏسو نٿا ڇا ته الله ئي ڪڪرن کي (هيڏي هوڏي) هلائي ٿو؟ وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي گڏي ٿو ڇڏي. وري انهن کي هڪ ٻئي مٿان تهه ڪري رکي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان (جُهڙ) مان پاڻي نڪري وسڻ لڳي ٿو. ۽ ڪڪرن جي جبل جيڏن حصن مان ڳڙا وسائي ٿو. اهي ڳڙا جن تي وڻيس ٿو تن تي وسائي ٿو ۽ جن کان چاهي ٿو تن کان هٽائي پري ڪري ٿو ڇڏي. (ڏسو) کنوڻ جو چمڪو (ڪهڙو نه تيز) آهي جو گويا اکين کي انڌو ڪري ٿو ڇڏي. (٤٤) اهو الله ئي آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان آڻيندو رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ اکين وارن لاءِ يعني عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ بيشڪ وڏي عبرت آهي. (٤٥) ۽ الله تعاليٰ هرهڪ (چرندڙ پرندڙ) جانور کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي. انهن جانورن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ ڪي وري چئين پيرن تي هلن ٿا. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ شيءِ تي قادر آهي (يعني سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو سگهي ۽ سڀ ڪنهن کي هلائي چلائي سگهي ٿو ۽ سڀني تي غالب آهي.). (٤٦) هيءَ حقيقت آهي ته اسان چٽائي ڪندڙ صاف صاف حڪم نازل ڪيا آهن ۽ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سڌيءَ واٽ تي هلائي ٿو. (٤٧) (ماڻهو) چون ٿا ته اسان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو آهي، ۽ اسان تابعدار ۽ فرمانبردار آهيون، پر ان بعد ڪي (منافقن جون) ٽوليون منهن ڦيرائي ٿيون ڇڏين. (سچ هي آهي ته اصل کان) انهن ماڻهن ايمان آندو ئي ناهي. (٤٨) ۽ جڏهن هنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ته هنن جو فيصلو نبيري تڏهن هنن مان هڪڙي ڌر هڪدم ڦري وڃي ٿي (۽ اچي فيصلي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ٿي). (٤٩) پر جيڪڏهن هنن کي (فيصلي ۾) حق ملندو هجي (يعني جيڪڏهن هو حق تي آهن ۽ هنن کي انصاف جي فيصلي ۾ فائدو ملڻو آهي) ته هو (خوشيءِ سان) الله جي رسول ڏي اطاعت ۽ تابعداري ڏيکاري هليا اچن ٿا. (پر جيڪڏهن هو حق تي ناهن ۽ سمجهن ٿا ته انصاف جي فيصلي ۾ سندن نقصان آهي ته پوءِ نٿا اچن). (٥٠) هنن جي دلين ۾ مرض آهي ڇا؟ يا هو شڪ شبهي ۾ ڦاٿل آهن ڇا؟ يا هو ڊڄن ٿا ڇا ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندا؟ نه نه (اهي ڳالهيون ناهن) پر هو پاڻ ظالم آهن.

رڪوع ٧ آيت 51-تا-57
مؤمنن جون صفتون ۽ انهن جا نتيجا، ڪافرن ۽ منافقن جون چالبازيون ۽ انهن جا برا نتيجا.
(٥١) (مٿي بيان ڪيل ڪافرن جي ابتڙ) جڏهن مؤمنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي تڏهن هنن جو قول اهوئي هوندو آهي جو بي ڌڙڪ چئي ڏيندا آهن ته اسان (دل و جان سان) ٻڌون ٿا ۽ اسان (پنهنجي عملن ۾) پوري پوري فرمانبرداري ڪيون ٿا، اهڙائي ماڻهو (دنيا ۽ آخرت جي) بهبودي ۽ بهتري ماڻيندا. (٥٢) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄي ٿو ۽ (سندس ٻڌايل برن ڪمن کان) پرهيز ڪري ٿو سو اهڙا ماڻهو ئي آهن جيڪي ڪامياب ٿيندا ۽ چڱيون مرادون ماڻيندا. (٥٣) (اي پيغمبر! هي منافق ماڻهو تو وٽ اچي) الله جا وڏا وڏا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان اسان کي رڳو حڪم ڪيو ته پوءِ اسان ضرور (جهاد لاءِ گهرن مان) نڪري پونداسين. انهن کي چئي ڏي ته (سکڻا) قسم نه کڻو. (زباني ٺڪاون جي بدران اٿي عملن کي لڳو). سچي فرمانبرداري (عملن سان) سڃاتي وڃي ٿي. (ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جا عمل ٿو ڏسي) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي بيشڪ سڀ خبر آهي. (توهان جي دلين جو حال به کانئس لڪل ناهي). (٥٤) ۽ (اي پيغمبر! تون) عام اعلان ڪر ته (اي انسانو) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. توهان جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان جو ئي نقصان آهي) منهنجي ذمي ته رڳو (حڪم پهچائڻ جو) بار آهي ۽ توهان ئي پنهنجي (عملن جي) بار کڻڻ جا ذميوار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان منهنجي فرمانبرداري ڪندؤ ته (سچي) هدايت واري واٽ تي هوندؤ (۽ ڪامياب ٿيندؤ). ۽ رسول جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته هو حق جو پيغام چٽيءَ طرح (ماڻهن کي) پهچائي ڏئي. (٥٥) (انسانو! هيءَ ڳالهه ٻڌو ۽ غور ڪيو) اوهان مان جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن سان الله جو واعدو آهي ته هو کين اهڙيءَ طرح دنيا ۾ حڪومت ۽ بادشاهي ڏيندو جهڙيءَ طرح اڳوڻن (مؤمنن ۽ صالح عمل ڪندڙن) کي حڪومت ڏني هئائين ۽ جيڪو دين هن سندن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن کي سندن لاءِ پڪي پائي تي بيهاري زور وٺائيندو ۽ (هلندڙ وقت واري) خوف ۽ هراس کان پوءِ هنن (مسلمانن) لاءِ (اڳوڻي حالت) بدلائي امن ۽ امان واري حالت آڻيندو آهي. (مؤمن پوءِ به) منهنجي ٻانهپ ڪندا رهندا، ۽ مون سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه ٺهرائيندا. پر جيڪي هن کن پوءِ به ڪفر جي واٽ وٺندا سي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ليڪو لنگهي بيهندڙ آهن (۽ تباهه ٿيندا). (٥٦) ۽ (اي مسلمانو!) نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (زباني مسلماني ۽ سکڻو ايمان ڪم نه ايندو). (٥٧) ائين متان سمجهو ته جن ماڻهن ڪفر (۽ ظلم) جي واٽ ورتي آهي، سي ملڪ ۾ (الله تعاليٰ جي واعدي ۽ رٿن کي روڪي ڇڏيندا ۽) غالب پوندا. سندن ٽڪاڻو (آخر دوزخ جي) باهه آهي جتي هو موٽي ويندا، ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي.

رڪوع ٨ آيت 57-تا-61
گهرن ۾ اچڻ وڃڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي تهذيب متعلق خدا جا حُڪم
(٥٨) اي مؤمنؤ! توهان کي هن ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان جا ٻانها (۽) ٻانهيون جيڪي اوهان جي قبضي ۾ آهن (۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون) ۽ پڻ اهي جيڪي بلوغت جي عمر کي نه پهتا آهن، (يعني اڃا ننڍا آهن) اهي سڀ توهان وٽ اچڻ لاءِ ٽن وقتن تي پهريائين موڪل گهرن: (١) فجر جي نماز کان اڳي (٢) منجهد جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي (يا بدلائي) آرام ڪندا آهيو. (٣) سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ. اهي ئي (اُهي) وقت آهن (جن ۾) توهان پوريءَ طرح پهريل نه هوندا آهيو (ٻيا ماڻهو ته هر وقت موڪل بنا نه اچن) انهن ٽن وقتن کان سواءِ (انهن ٻانهن نوڪرن ۽ ننڍن جي بنا موڪل اچڻ ۾) نه اوهان جي لاءِ گناهه جي ڳالهه آهي نه ئي هنن لاءِ، ڇو ته (ڪم ڪار لاءِ) توهان هڪ ٻئي ڏانهن اچو وڃو ٿا، (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٥٩) ۽ جڏهن توهان جا ٻار (پنهنجا يا پراوا) بلوغت کي پهچن (يعني جوان ٿين) تڏهن گهرجي ته اهي به ساڳيءَ طرح (هر وقت ۽ هر موقعي تي) موڪل گهرن، جهڙيءَ طرح انهن کان اڳيان (يعني وڏا) موڪل گهرندا پئي آيا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام چٽائي سان بيان ڪري ٿو ڇڏي. (۽ وري وري ياد رکو ته سندس سڀ حڪم مفيد ۽ ضروري آهن، ڇو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٦٠) ۽ وڏيون پوڙهيون عورتون جن کي پرڻجڻ جي ضرورت ئي نه رهي آهي سي جيڪڏهن پنهنجا (غير ضروري ٻاهريان) ڪپڙا (جيئن چادر ڪنهن وقت) نه پائين ته انهن کي گناهه ڪونهي، بشرطيڪه هو زينت وارين جاين کي ظاهر نه ڪن، پر جيڪڏهن انهيءَ کان به بچن (يعني ٻاهران ڪپڙا به پائينديون رهن) ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٦١) نڪي انڌن لاءِ (هيءَ ڳالهه) ڪا پوڻائي جي ڳالهه آهي، نڪي منڊن يا بيمارن لاءِ، نڪي توهان ٻين لاءِ (ڪا رڪاوٽ آهي) ته توهان (انڌا منڊا ۽ بيمار) پنهنجي گهرن ۾ يا پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهرن ۾ کائو پيئو يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن ۾ يا ڀينرن جي گهرن ۾ (کائو پيئو) يا پنهنجي چاچن جي گهرن ۾ يا پڦين جي گهرن ۾ يا مامن جي گهرن ۾ يا ماسين جي گهرن ۾ يا انهن گهرن ۾ جن جون ڪنجيون توهان جي قبضي ۾ هجن يا پنهنجي (نيڪ) دوستن جي گهرن ۾ (بيشڪ کائو پيئو). هن ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ڪونهي ته گڏجي ويهي کائو يا جدا جدا (اڪيلا ويهي) کائو، پر (ياد رکو ته) جڏهن گهرن ۾ گهڙو تڏهن پنهنجن ماڻهن کي پهريائين السلام عليڪم وغيره چوندا ڪيو، (يعني سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪت جي دعا ڪندا ڪريو) اهو سلام ڪرڻ (يعني اها دعا ڪرڻ) الله وٽان هڪ برڪت وارو ۽ پاڪ سلام آهي. (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي ٻڌائي ٿو توهان انهن کي چڱيءَ طرح سمجهو (۽ انهن جي تعميل ڪيو).

رڪوع ٩ آيت 62-تا-64
حضرت جن جي درٻار ۾ مسلمانن کي ڪهڙا آداب رکڻ گهرجن؟
(٦٢) (سچا) مؤمن فقط اهي آهن جيڪي الله ۽ سندس رسول ۾ (پورو پورو) ايمان ٿا رکن ۽ جڏهن هو ڪنهن اهڙي موقعي تي گڏ ٿيل (هوندا) آهن جنهن تي (قومي معاملن سان تعلق رکندڙ) ڪنهن اهم ڪم جو فيصلو ڪرڻو (هوندو) آهي يا ڪو اهڙو ڪم گڏجي ڪرڻو (هوندو) آهي تڏهن اهي سچا مؤمن سندس موڪل وٺڻ کان سواءِ اٿي هليا نٿا وڃن. (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو توکان اجازت گهرن ٿا، سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيندڙ آهن. سو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ توکان موڪل گهرن تڏهن انهن مان جنهن کي چاهين تنهن کي موڪل ڏي، ۽ الله کان هنن جي لاءِ مغفرت (يعني معافي) جي دعا گهر. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٦٣) توهان رسول (ﷺ) جي سڏ کي اهڙو نه سمجهو جهڙو هڪ ٻِئي جي سڏ کي سمجهندا آهيو. (سندس سڏ کي تمام وڏي ۽ ضروري ڳالهه سمجهو ۽ هڪدم حاضر ٿيو). يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان منجهان اک وٺي کسڪي اٿي وڃن ٿا. (يا ڪوڙو بهانو ڏئي هليا وڃن ٿا). (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو رسول(ﷺ) جي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا تن کي هن ڳالهه کان ڊڄڻ گهرجي ته متان مٿن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو دردناڪ عذاب اچي مٿن ڪڙڪي. (٦٤) خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ الله جي لاءِ آهي. هو خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي روش ۽ توهان جا خيال ۽ خواهشون ڪهڙيون آهن، ۽ جنهن (قيامت جي) ڏينهن توهان موٽي وٽس ويندؤ تنهن ڏينهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئو. ۽ (پڪ ڄاڻو ته) الله تعاليٰ هر شيءِ ۽ هر ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.