مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الروم

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
الله تعاليٰ آخر انهن کي فتح ٿو ڏئي جيڪي نيڪ آهن.
(١) الف – لام – ميم. (٢) رومي سلطنت مغلوب ٿي ويئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن.) (٣) ويجهي ملڪ (شام ۽ فسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي) غالب پوندا. (٤) ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئينده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن مسلمان خوشيون ڪندا (جو). (٥) الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي. (٦) اهو الله تعاليٰ جو واعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ واعدو ضرور پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا). (٧) (اهي ڀليل ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ جون رڳو ظاهري حالتون ڄاڻن ٿا (انسان جي اندروني حالت جي خبر کين ڪانه ٿي پوي) ۽ هو آخرت جي حالت کان بلڪل بي خبر آهن. (٨) ڇا هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ (اڪيلائي ۾ ويهي دماغ هلائي) غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ نٿا سمجهن ته) الله تعاليٰ جو آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو بنا مصلحت ۽ حقي مقصد جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ انهن کي هڪ خاص مقرر مدي لاءِ پيدا ڪيو اٿس. ۽ (تنهن هوندي به) بيشڪ گهڻائي (بي وقوف) ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا مڃين ته ڪو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي آڏو پيش ڪيا ويندا. (٩) (غور ۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار نافرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هُنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (پر هُنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو، ڏسو) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (جو بدعمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون). (١٠) پوءِ جيڪي ماڻهو برائيون ٿا ڪن تن جي پڇاڙي نيٺ بڇڙي ٿيندي، ڇو ته هنن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪيو (نه رڳو ايترو پر) انهن نشانين ۽ حڪمن تي ٽوڪون ۽ مسخريون ڪيون.

رڪوع ٢ آيت 11-تا-19
قيامت جي ڏينهن نيڪ ماڻهن کي جدا ڪري باغن ۾ رهايو ويندو ۽ برن کي عذاب ۾ وڌو ويندو.
(١١) الله ئي آهي جو شين ۽ جانورن کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو (توهان انسانن کي به مرڻ بعد وري زنده ڪندو) پوءِ توهان کي سندس حضور ۾ موٽائي آندو ويندو. (١٢) ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن (پڇاڻي ۽ بدلي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي تڏهن گنهگار ماڻهو نااميديءَ جي بحر ۾ غوطا کائيندا. (١٣) ۽ سندن (هٿرادو ٺهرايل) ديوتائون جن کي خدا سان شريڪ سمجهندا هئا تن مان ڪوبه سندن سفارشي ڪونه ٿيندو. بلڪ هو پاڻ (حقيقت کي سمجهي) انهن ديوتائن يا شريڪن جا منڪر ٿيندا. (١٤) ۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهن کي (سندن نيڪ ۽ بدعملن موجب) جدا جدا ڪيو ويندو. (١٥) پوءِ جن ماڻهن (هن دنيا ۾ سچين حقيقتن تي) ايمان آندو هوندو ۽ (انهن موجب) نيڪ عمل ڪيا هوندائون سي بهشت جي باغ ۾ خوشين ۽ موجن ۾ هوندا. (١٦) ۽ جن ماڻهن (جهل ۽ خودغرضيءَ سببان حقيقتن کان) انڪار ڪيو ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ پڻ آخرت ۾ (جزا ۽ سزا لاءِ) خدا جي روبرو اچڻ واري ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو سي سڀ حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا. (١٧) سو توهان (مؤمن ۽ مسلمان هر وقت) صبح توڙي شام الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو. (١٨) ۽ آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ سندس ئي ساراهه آهي (يعني سندس اعليٰ صفتون ۽ وصفون هر هنڌ ظاهر آهن) (سو سندس اعليٰ صفتون بيان ڪندا رهو) ٽپهريءَ جي وقت توڙي ڏينهن لڙڻ وقت. (١٩) الله تعاليٰ (ڏسو ته) بي جان شين مان جاندار پيدا ڪري ٻاهر آڻي ٿو ۽ جاندار شين مان بي جان شيون ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو، ۽ زمين کي سندس موت (خشڪ ۽ ويران ٿيڻ) (يعني سربسز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) ۽ اهڙيءَ طرح اوهان انسانن کي به (مرڻ بعد جيئرو ڪري) ٻاهر ڪڍيو ويندو.


رڪوع ٣ آيت 20-تا-27
الله تعاليٰ جي قدرت جون نشانيون جن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان اسان حقيقتن کي سمجهي سگهون ٿا.
(٢٠) ۽ هن جي (يعني الله) جي نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڏسو ته (اگرچه خسيس شمار ڪيل مٽيءَ مان ٺاهيل آهيو ته به) توهان (وڏي مرتبي ۽ شان وارا) انسان آهيو ۽ (ڪيئن نه) زمين تي پکڙجي ويا آهيو. (٢١) ۽ سندس نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن توهان منجهان ئي توهان جي لاءِ عورتون پيدا ڪيون آهن. انهيءَ لاءِ ته توهان انهن وٽ آرام ۽ فرحت محسوس ڪيو. ۽ هن اوهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمدلي رکي آهي. بيشڪ انهيءَ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (٢٢) ۽ آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ (ماڻهن جي) ٻولين ۽ رنگن جو اختلاف به الله جي نشانين مان ڪي نشانيون آهن. بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي علم وارا آهن. (٢٣) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي اوهان جي رات ۽ ڏينهن واري ننڊ (جا غم ٽار ۽ تازو توانو ڪندڙ آهي) ۽ اوهان جو سندس فضل ۽ روزي جي تلاش (۾ نڪرڻ ۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ). بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي (حق جون ڳالهيون ڪن ڏيئي ڌيان سان) ٻڌن ٿا. (٢٤) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ آهي ته هو اوهان کي (ڪڪرن ۾) بجلي ڏيکاري ٿو جنهن جي ڏسڻ سان اوهان کي خوف ٿو ٿئي (ته متان ساڙي وجهي) ۽ اوهان کي اميد به ٿي ٿئي (ته مينهن وسندو گاهه نڪرندا ۽ اناج ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿيندون) ۽ هيءَ به هڪ نشاني آهي ته هو آسمان مان برسات موڪلي ٿو جنهن جي وسيلي زمين کي سندس موت بعد وري جيئرو ڪري ٿو ڇڏي. (يعني خشڪ ۽ ويران زمين کي سبرسبز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن. (٢٥) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ (به) آهي ته سندس ئي حڪم سان آسمان ۽ زمين قائم آهن. (جنهن خدا کي ايڏي وڏي قدرت آهي سو ڇا نٿو ڪري سگهي) پوءِ جڏهن هو اوهان کي هڪڙي ئي سڏ سان زمين مان نڪري اچڻ لاءِ سڏيندو تڏهن توهان هڪدم ٻاهر نڪري ايندؤ. (٢٦) ۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. سڀ شيون ۽ جانور سندس پورا پورا فرمانبردار آهن. (٢٧) ۽ اهو ئي آهي جو شين، جانورن وغيره کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به پيدا ڪندو رهي ٿو، ۽ اها ڳالهه هن لاءِ نهايت ئي آسان آهي. (سو نيڪن کي حال توڙي مستقبل ۾ ڪامران ڪرڻ ۽ نافرمانن کي حال ۾ توڙي مستقبل ۾ ناڪام ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي. نه ڪي قيامت جي ڏينهن وري ماڻهن کي جيئرو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه آهي) ۽ بلند ۾ بلند مثال (۽ صفتون) آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ فقط الله جي لاءِ آهن، ۽ هو ئي هر چيز تي غالب آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.

رڪوع ٤ آيت 28-تا-40
اوهان انسان جي ڀلائي صرف هن ۾ آهي ته فقط خدا جي حڪم تي عمل ڪيو.
(٢٨) الله تعاليٰ توهان جي لاءِ توهان (جي ئي تجربي) مان هڪڙو مثال (توحيد جي سمجهاڻي لاءِ) ڏئي ٿو (ڏسو) جيڪو رزق اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن ۾ پنهنجي ٻانهن کي به ڪڏهن ڀائيوار ڪيو ٿا (ايتري قدر) جو اوهان ۽ اوهان جا ٻانها ان رزق ۾ برَبر ٿي وڃو يا توهان انهن (ٻانهن) کان اهڙوئي ڊڄو ٿا جهڙو هڪ ٻئي کان ٿا ڊڄو؟ (هرگز نه) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون ۽ حڪم کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن. (٢٩) (پر افسوس جو ڀليل انسان رحيم ۽ ڪريم خدا جي حڪمن تي نٿا هلن) اٽلندو اُهي جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن سي بنا سوچ سمجهه ۽ ڄاڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي تابعداري ڪري رهيا آهن (۽ حقيقت ۾ وقتي فائدي يا خوشيءِ لاءِ دائمي مصيبتون خريد ڪري رهيا آهن) پوءِ ڪير اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت ڪري سڌي راهه تي آڻي سگهندو، جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي جهالت ۽ ظلم سببان) گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ (ياد رکو ته) اهڙن (ظالمن) لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ٿيندو (جو کين تباهيءَ ۽ عذاب کان بچائي سگهي.) (٣٠) سو (اي منهنجا پيغمبر!) تون (غيرن جي حڪمن ۽ خواهشن کان منهن موڙي) فقط الله جي سيکاريل سچي دين تي پنهنجو رخ محڪم رک (يعني رڳو سندس حڪمن جي پيروي ڪر اهو سچو دين ڪهڙو آهي؟) اهو آهي الله تعاليٰ جي فطرت (يا جوڙ) جنهن تي انسانن کي پيدا ڪيو اٿس. انهيءَ (اعليٰ ۽ نيڪ) فطرت ۾ جنهن تي الله تعاليٰ (انسان کي) خلقيو آهي ڪابه ڦيرڦار ٿيڻ نه ڏيو. اهوئي آهي سچو ۽ سڌو دين. پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن. (٣١) (پنهنجي فطرت يعني سچي دين کان جيڪڏهن هٽي ويا آهيو ته وري به) انهيءَ الله ڏانهن موٽو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن کان ڊڄو ۽ نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ مشرڪ نه ٿيو (يعني فقط هڪ الله جا فرمانبردار ٻانها ٿي رهو). (٣٢) (مشرڪ نه ٿيو) انهن ماڻهن منجهان نه ٿيو جن دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ فرقا ٺاهيا ۽ جدا جدا ٽوليون ٿي ويا. هرهڪ ٽوليءَ جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن خيالن رسمن وغيره تي فخر، ناز ۽ خوشيون ڪري رهيا آهن (۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿن). (٣٣) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي تڏهن پنهنجي پروردگار کي پڪارين ٿا ۽ (پشيمان ٿي گناهه ڦٽي ڪري) ڏانهس موٽن ٿا، پر پوءِ جڏهن (سندن نيڪ عملن جي ڪري) الله تعاليٰ کين پنهنجي رحمت جو مزو چکائي ٿو تڏهن ڏسو ته انهن مان ڪي (وري) پنهنجي پروردگار سان ٻين کي به شريڪ ٿا ڪن (يعني خدا جا ڪي حڪم ڇڏي شيطان جا يا ٻين جا حڪم مڃڻ لڳن ٿا). (٣٤) (ائين نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ ئي کين پنهنجي رحمت سان خوشحال ڪيو آهي.) جيڪي اسان کين عطا ڪيو آهي تنهن جا بي شڪر ٿا ٿين ۽ انڪار ٿا ڪن (ته ڪو اهي نعمتون الله وٽان عطا ٿيل آهن. چڱو! ڀلي بي شڪر ٿيو) ۽ (گهڙيءَ جون) موجون ماڻي وٺو. پر جلدئي توهان کي خبر پئجي ويندي (ته نافرمانيءَ جو نتيجو ڪهڙو نه خراب ٿو ٿئي). (٣٥) يا هيئن آهي ڇا ته اسان کين ڪا سند يا اختيار يا دليل موڪليو آهي، جو هنن کي ٻڌائي ٿو اهي شيون جنهن ڪري اهي خدا سان شريڪ ٿا ڪن؟ (اهڙي سند کين بلڪل ڪانه موڪليل آهي). (٣٦) ۽ جڏهن اسان ماڻهن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو ان تي خوشيون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن سندن ئي بدعملن جي شامت کان مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي تڏهن ڏسو ته هو هڪدم مايوسيءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. (٣٧) (گهڻائي ماڻهو رزق دولت ۽ ٻين نعمتن لاءِ گناهه ۽ ظلم ڪن ٿا) هو نٿا ڏسن ڇا ته يقيناً الله ئي جنهن کي چاهي تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي ۽ (جنهن لاءِ چاهي تنهن لاءِ) توري ماپي ڏئي ٿو (يعني ٿورو رزق ڏئي ٿو). انهيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. (جيڪي الله جي قانونن جي پابندي ڪري ان جي قدر واري رزق جا مستحق بڻجن ٿا). (٣٨) پوءِ (جڏهن ته رزق خدا جو آهي نه اوهان جو، تڏهن خدا جي حڪم موجب) مائٽن کي، مسڪينن کي ۽ واٽهڙو مسافرن کي سندن حق ڏيو ۽ (ياد رکو ته) ائين ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏي بهتري آهي جيڪي الله جي راضپي جي طلب رکن ٿا ۽ يقيناً اهي ئي ماڻهو (دنيا توڙي آخرت ۾) ڪامياب ۽ آسودا رهندا. (٣٩) ۽ توهان جيڪي ڏيو ٿا انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي مال ملڪيت مان، وياج سان (يا ٻين ناجائز طريقن سان) دولت هٿ ڪيون ۽ وڌايون سا الله وٽ هرگز ڪانه وڌندي. (بلڪ الله تعاليٰ اوهان کي مصيبتن هيٺ آڻيندو) پر جيڪي توهان صدقن ۽ زڪوات طور خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪيو ٿا (سا دولت بيشڪ وڌندي ۽ پاڪ ٿيندي) اهڙن ئي ماڻهن کي (الله وٽان) وڌندڙ انعام ۽ نعمتون ملنديون. (٤٠) (ياد رکو ته) الله ئي آهي، جنهن اوهان کي خلقيو آهي ۽ جنهن اوهان کي رزق ڏنو آهي. اهوئي اوهان کي ماريندو ۽ وري (جزا ۽ سزا لاءِ) جيئرو ڪندو. اوهان جن (ديوتائن وغيره) کي مون سان شريڪ ٺهرايو آهي تن مان آهي ڪو اهڙو جو انهن ڳالهين مان ڪابه ڳالهه ڪري سگهي. (يعني خلقي، رزق ڏئي ۽ ماري ۽ جيئاري. هرگز نه!) پاڪ آهي الله تعاليٰ ۽ بلڪل بلند ۽ بالا آهي انهن کان جن کي هو خدا سان شريڪ ٺهرائين ٿا.

رڪوع ٥ آيت 41-تا-53
فساد جو نتيجو عذاب آهي. دنيا ۾ سير ڪري ان عذاب ۽ برباديءَ جا کنڊر ڏسو.
(٤١) خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ تي (سڄي دنيا ۾) فساد ئي فساد (يعني بگاڙو ئي بگاڙو) پکڙجي ويو آهي جو ماڻهن پاڻ پنهنجي هٿن سان بدعمل ڪيا آهن. (اهو فساد ۽ بگاڙو هن لاءِ ٿيو آهي) ته ماڻهن جيڪي بدعمل ڪيا آهن تن مان ڪن جي نتيجن جو مزو چکن (يعني مصيبتون ڏسن) انهيءَ لاءِ ته من (مصيبتن ۾ غور ۽ فڪر ڪري حق جي راهه ڏي) موٽن. (٤٢) (اي پيغمبر ماڻهن کي) چئو ته، توهان ملڪ ۾ سير سفر ڪيو ۽ ڏسو ته توهان کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. انهن اڳين ماڻهن مان (جن جي پڇاڙي خراب ٿي) گهڻا ماڻهو مشرڪ هئا. (يعني خدا جي خالص ٻانهپ ڇڏي ٻين جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لڳا هئا). (٤٣) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجو رخ سچي دين تي (يعني خدا جي خالص ٻانهپ تي) محڪم رک انهيءَ کان اڳي جو اهو ڏينهن (تباهيءَ جو) الله تعاليٰ وٽان اچي وڃي جنهن کي پوءِ ڪابه روڪ ڪانه ٿي سگهندي (يعني پوءِ تباهيءَ کان بچي ڪونه سگهبو.) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو جدا جدا (ٽولين ۾) ورهائجي ويندا (گنهگارن کي جدا ڪري تباهه ڪيو ويندو ۽ نيڪن کي جدا ڪري ڪامران ڪيو ويندو.) (٤٤) جيڪي (حقيقتن کان) انڪار ڪن ٿا (۽ بدعمل ٿا ڪن) سي پنهنجي انڪار جو (۽ بدعملن جو) نتيجو لوڙيندا، ۽ جيڪي صالح عمل ڪن ٿا سي پنهنجي لاءِ (آرام ۽ امن امان جو) ڪوچ وڇائي رهيا آهن. (٤٥) جو (الله تعاليٰ جو قانون آهي ته) جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا، تن کي پنهنجي فضل سان وڏا انعام ۽ نعمتون ڏئي. الله تعاليٰ بي شڪر منڪرن کي بلڪل پسند نٿو ڪري. (٤٦) ۽ الله تعاليٰ جي نشانين مان هڪڙي هيءَ آهي ته هو هوائن کي موڪلي ٿو ته (برسات جي) خوشخبري پهچائين. ۽ انهيءَ لاءِ ته هو اوهان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکائي، ۽ انهيءَ لاءِ ته جهاز سندس حڪم سان (درياهن ۽ سمنڊن تي) هلندا رهن ۽ توهان الله جي فضل (۽ دولت وغيره) جي تلاش ۾ نڪري پئو ۽ انهيءَ لاءِ ته من توهان شڪرگذار ٿيو (۽ خدا جي نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ۾ آڻيو). (٤٧) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته (جيئن اسان هوائون ۽ برسات ماڻهن جي فائدي لاءِ موڪليون ٿا تيئن) اسان توکان اڳي به گهڻائي رسول سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي رسول انهن ماڻهن ڏي روشن دليل ۽ چٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ جن ماڻهن (کين نه مڃيو ۽) گناهه ڪندا رهيا تن کي اسان پورو پورو بدلو ڏنو (يعني سزا ڏني ۽ تباهه ڪيو) ۽ اهو اسان تي حق هو (۽ اسان جو فرض هو) ته اسان ايمان وارن جي مدد ڪيون (۽ کين ڪامياب ڪيون). (٤٨) الله ئي آهي جو هوائون موڪلي ٿو جي هوائون ڪڪرن کي مٿي کڻن ٿيون. پوءِ هو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو تان جو توهان ڏسو ٿا ته ڪڪرن منجهان مينهن جا ڦڙا نڪرڻ (۽ ڪرڻ) لڳن ٿا. پوءِ جڏهن هو پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان مينهن جو فائدو پهچائي ٿو، تڏهن ڏسو ته اهي ماڻهو وڏيون خوشيون ٿا ڪن. (٤٩) اگرچه برسات کان اڳي اهي ماڻهو نهايت ئي نااميد هئا ۽ مايوس ٿي چڪا هئا (تڏهن به برسات بعد موجن ۾ اچي ويا). (٥٠) سو الله تعاليٰ جي رحمت جا نتيجا ۽ اثر ڏسو ته ڪيئن زمين کي سندس موت بعد زنده ڪري ٿو ڇڏي (يعني خشڪ زمين کي سرسبز ڪري ٿو ڇڏي) يقيناً اهوئي خدا مئل ماڻهن کي زنده ڪري ڇڏيندو، ڇو ته هن کي هر چيز تي قدرت ۽ غلبو آهي. (٥١) ۽ جيڪڏهن اسان (ٻئي قسم جي) هوا موڪليون ۽ پوءِ اهي ماڻهو ڏسن ته (ان هوا جي ڪري) سندن پوکون سوڪ ٿي ويون ته پوءِ هو هڪدم بي شڪر (منڪر) ٿي پون ٿا. (۽ مايوس ٿي پون ٿا، حالانڪ وقتي مصيبتن جو مقابلو ڪرڻ مؤمن جو فرض آهي ۽ مقابلو ڪرڻ سان وڌيڪ ترقي ڪري ٿو). (٥٢) سو (اي پيغمبر!) تون ائين نٿو ڪري سگهين جو مئل تنهنجي ڳالهه ٻڌن، نڪي ائين ڪري ٿو سگهين جو ٻوڙا تنهنجو سڏ ٻڌن، جڏهن ته هو پٺي ڏيئي پٺتي موٽي ٿا پون. (٥٣) نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ مان ڪڍي سڌيءَ واٽ تي آڻي ٿو سگهين، تون ته فقط انهن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي سگهين ٿو، جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن تي ايمان رکن ٿا ۽ اسان جي حڪمن جي تعميل ۽ فرمانبرداري ڪن ٿا.

رڪوع ٦ آيت 53-تا-60
ننڍپڻ جواني ۽ ٻڍاپڻ جون حالتون اهو ئي پيدا ڪري ٿو جو قادر ۽ قدير آهي.
(٥٤) اهو الله ئي آهي جنهن اوهان کي (ڄمڻ وقت) ضعيف حالت ۾ پيدا ڪيو، پوءِ هيڻائيءَ جي حالت بعد اوهان کي طاقتور جوان ڪيائين، ۽ وري طاقت بعد اوهان کي هيڻائي ۽ اڇا وار (يعني پوڙهائي) ڏنائين، هو جيئن چاهي ٿو تيئن خلقي ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ ڪامل قدرت وارو آهي. (٥٥) (پوءِ الله اوهان کي ماريندو ۽ قيامت جي ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريندو) ۽ جنهن ڏينهن (حساب ڪتاب ڏيڻ واري) گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن گنهگار چوندا ته اسان ته هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪونه ترسيا آهيون. اهڙيءَ ئي طرح (دنيا ۾ به) هو ڀليل رهيا (۽ خبر ڪانه پوندي هين ته آخر حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو ۽ بدعملن جي سزا ملندي). (٥٦) پر جن ماڻهن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو هو سي (کين) چوندا ته سچي ڳالهه هيءَ آهي ته توهان الله جي ڪتاب ۾ (لکيل ۽ مقرر ڪيل مدت) ترسيا آهيو ۽ اڄ قيامت جو ڏينهن آهي، (جنهن تائين توهان ترسيا آهيو) پوءِ اهو اٿو قيامت جو ڏينهن، پر توهان ته ڄاڻندائي ڪونه هئو (نڪي مڃيندا هئو ته ڪو قيامت ٿيندي). (٥٧) پوءِ انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن (دنيا ۾) ظلم ڪيا هوندا تن کي سندن عذر ۽ بهانا ڪم نه ايندا. نڪي کين چيو ويندو ته (پشيمان ٿي) خدا جي مهرباني ۽ فضل جي طلب ڪيو. (٥٨) هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن (کي سمجهائڻ) لاءِ هن قرآن ۾ هر قسم جا مثال (۽ سمجهاڻيون) ڏنيون آهن، پر (اي پيغمبر! جيڪڏهن تون هنن وٽ ڪوبه حڪم يا نشاني آڻيندين ته جيڪي ماڻهو (ضد ۽ تڪبر ڪري) ڪفر ۽ انڪار تي ڄمي بيٺا آهن سي ضرور چوندا ته توهان (مسلمان) ڪوڙيون واهيات ڳالهيون ٻڌائيندڙ آهيو. (٥٩) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي دلين تي مهر لڳائي ٿو ڇڏي، جيڪي (ضد ڪري) جاهل ٿا رهن (۽ حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن). (٦٠) سو (اي پيغمبر!) تون (انهن ماڻهن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ پنهنجي تبليغ جي ڪم ۾) ثابت قدم رهه ۽ يقين ڄاڻ ته الله جو واعدو سچو آهي (ته هو ضرور مؤمنن کي غالب ڪندو) ۽ اهي ماڻهو جن کي علم ۽ يقين ڪونهي تن جي ڪري تون مايوس نه ٿي (۽ ڪوشش ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪر.)