مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الدهر

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-22
انسان کي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ سگهه ۽ هدايت ڏنل آهي. ان کان ڪم نه ورتائين ته ڀٽڪي ويندو. بيشڪ اسان شاڪر ۽ ناشاڪر ٻنهي کي رستو ڏيکاريو.
(١) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شيءِ نه هو جنهن جي ڳالهه ڳڻي وڃي. (٢) بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (۽ ماءُ جي پيٽ ۾ اهڙيءَ طرح صلاحيتن سان ان کي ٺاهيو) جو (اڳتي هلي) ان کي آزمائش ۾ آڻيون. پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. (٣) بيشڪ اسان (ان سوچ ۽ سمجهه جي قابل) انسان کي (وحي وارو) هدايت جو رستو ڏيکاريو، پوءِ هو شڪر ڪندڙ بڻجي يا انڪار ڪندڙ. (٤) بيشڪ اسان انڪار ڪندڙن لاءِ زنجير، ڳچيءَ جو ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. (٥) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي. (٦) (اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. (٧) اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. (٨) ۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا. (٩) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. (١٠) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (١١) پوءِ (ان عمل جي نتيجي ۾) الله انهن کي ان (ڏينهن) جي بڇڙائيءَ (۽ هلاڪت) کان بچايو، ۽ انهن کي تازگيء ۽ خوشي پهچايائين. (١٢) ۽ سندن ثابت قدميءَ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين. (١٣) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويهندا. نه ان ۾ (سج جي گرمائيندڙ) اس ۽ نه سخت (ڏڪائيندڙ) سردي ڏسندا. (١٤) ۽ ان باغ جون ڇانئون (شاخون) مٿن ويجهيون (جهڪيل) هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا. (مطلب ته راحت جي ڪابه شئ سندن گرفت کان ٻاهر نه هوندي). (١٥) ۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون اهڙن پيالن سان (خادمن جي) اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا. (١٦) (پر اهو) شيشو چانديءَ جهڙو (چمڪندڙ) هوندو. جن کي (پورو) اندازو ڪري بنايو ويو هوندو. (١٧) ۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پيارو ويندو جنهن ۾ ملاوت سنڍ (چشمي) جي هوندي. (١٨) جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو. (١٩) ۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا (خادم سندن خدمت لاءِ) وٽن پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين. (٢٠) ۽ جڏهن اتي ڏسندين (۽ جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسندين) ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين. (٢١) مٿن سنهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي (اميري شان سان) چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا، ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ پيئڻ جون شيون پياريندو. (٢٢) (کين چيو ويندو ته) بيشڪ اهو اوهان (جي پنهنجي نيڪ عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش (ڏسو ته ڪيئن نه) قبول ڪيل آهي.

رڪوع ٢ آيت 23-تا-31
پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر.
(٢٣) بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (ته جيئن ان تي گڏوگڏ عمل به ٿيندو رهي). (٢٤) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي). (٢٥) ۽ (ان کان بچڻ جو طريقو هي آهي ته تون) پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. (٢٦) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪندو رهه. (٢٧) (جيڪي ماڻهو تنهنجا مخالف آهن) بيشڪ اهي جلد ملڻ واري (مفاد واري) شيءِ کي پسند ڪن ٿا ۽ بيحد ڳوري (حساب ڪتاب واري) ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. (٢٨) (اهي پنهنجي طاقت تي آڪڙجن ٿا حالانڪ) اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سنڌ مضبوط ڪيا آهن ۽ (اهي اسان جي قانونن جي مخالفت ۾ حد ٽپي ويا ته پوءِ) جڏهن اسين گهرنداسون ته (کين برباد ڪري) انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسين. (٢٩) بيشڪ هيءَ (هڪ چٽي حقيقت ۽) نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته (ان مان عبرت حاصل ڪري) پنهنجي پاليندڙ ڏي ويندڙ رستو وٺي. (٣٠) ۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (ان ڏي ويندڙ رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو، ڇو ته الله (اوهان جي دلين جي سچائي متعلق سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (٣١) جنهن کي وڻيس (ته سندس دل جو حضور قبول ڪري) ان کي پنهجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ (جيڪو الله جي قانونن مڃڻ ۾ اٽڪل بازيءَ جي زيادتي ڪري ٿو ته اهڙن) لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.