مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الانشراح

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-8
ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو، بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.
(١) (اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ (پنهنجي وحي ذريعي زندگيءَ جون سڀ راهون روشن ڪري) تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو. (٢) ۽ اسان توتان (ابتدائي مرحلن ۾ آيل سختيءَ جو) اهو بار لاٿو، (۽ تنهنجي ساٿين جي هڪ جماعت تيار ٿي.) (٣) جنهن (بار) تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو هو. (٤) ۽ اسان تو لاءِ (پنهنجي موڪليل پروگرام جي عظمت سان) تنهنجي تعريف بلند ڪئي. (٥) پوءِ (انهن عارضي تڪيلفن کان بد دل نه ٿيءُ) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي. (٦) بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي. (٧) پوءِ جڏهن (به) تون (هدايت جي پروگرام مان) واندو تئين ته (پالڻهار جي عبادت لاءِ) محنت ڪر. (٨) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي ذڪر ۽ فڪر سان) دل لڳاءِ.