مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت صٓ

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-14
مڪي جي ڪافرن جي مخالفت ۽ انڪار
(١) صاد قرآن مجيد تي غور ڪيو جنهن ۾ (الله جو پيغام آهي ۽ جنهن ۾ اعليٰ) نصيحت آهي.(٢) حقيقت هي آهي ته جيڪي ماڻهو (قرآن جي مڃڻ کان) انڪارڪن ٿا. (٣) (هنن منڪرن هيءَ ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته) کانئن اڳي اسان ڪيتريون ئي پيڙهيون (سندن بدعملن جي ڪري) برباد ڪري ڇڏيون. پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳا جڏهن (عذاب ۽ برباديءَ کان) بچڻ جو وقت گذري ويو. (٤) ۽ هي (مڪي جا منڪر) عجب ٿا کائين ته اسان مان ئي اسان ڏي هڪڙو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي. ۽ اهي ڪافر چون ٿا ته، هي (پيغمبرﷺ) جادوگر آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائي چوي ٿو (ته مان پيغمبر آهيان). (٥) (۽ منڪر چون ٿا ته) ڇا هن (پيغمبر) گهڻن معبودن ديوتائن کي گڏي هڪ خدا کڻي بڻايو آهي. يقيناً هيءَ وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي. (٦) هنن منڪرن ۾ جيڪي سردار هئا سي (اسلام بابت بحث ڪندي ڪاوڙجي) اٿي هليا (۽ وڃڻ وقت ماڻهن کي چيائون ته) توهان به هليا وڃو. ۽ پنهنجي ديوتائن (جي پوڄا ڪرڻ) تي ثابت قدم رهو. يقين رکو ته هيءَ ڳالهه (ڪنهن مطلب لاءِ اوهان جي خلاف) سٽي ويئي آهي. (۽ چيائون ته). (٧) اسان اڳوڻي قوم يا پيڙهيءَ ۾ اهڙي ڳالهه ڪڏهن به نه ٻڌي. اها ڪجهه به ناهي. رڳو هٿرادو ٺاهيل ڳالهه آهي. (٨) ڇا اسان سڀني مان اچي هن (يتيم بي پهچ مسڪين) تي وحي نازل ٿيو آهي؟ حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي منهنجي وحي بابت ئي شڪ آهي (هو سمجهن ٿا ته خدا وحي موڪليندو ئي ڪونهي، ان کان سواءِ هنن کي قرآن جي تعليم پسند به نٿي اچي) هيئن به آهي ته هنن اڃا منهنجي عذاب جو ذائقو نه چکيو آهي، (جڏهن عذاب ايندن تڏهن اکيون سندن کلنديون.) (٩) (هي سردار جو هيترو هٺ ۽ وڏائي ٿا ڪن سو اي پيغمبر!) هيئن آهي ڇا ته، وٽن تنهنجي انهيءَ پروردگار جي رحمت جا خزانا پيل آهن جو وڏي طاقت، غلبي وارو آهي ۽ وڏو فياض آهي ۽ بي حساب نعمتون عطا ڪندڙ آهي؟ (١٠) يا هيئن آهي ڇا ته هنن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي (تنهن جي به کين بادشاهي آهي) جيڪڏهن ائين آهي ته رسن يا ڏاڪڻين سان مٿي ته چڙهن. (۽ الله جي وحي کي روڪين ۽ مؤمنن کي غالب ٿيڻ نه ڏين. اٽلندو جلد هو پاڻ مغلوب ٿيندا.) (١١) هي (مڪي جو گروهه به اڳوڻن ڪافرن جي) لشڪرن وانگر هڪڙو لشڪر آهي، جنهن کي هتي (شڪست ڏيئي) ڀڄايو ويندو. (١٢) انهن کان اڳ ۾ حضرت نوح جي قوم، عاد جي قوم ۽ ڪِلن واري فرعون (پيغمبرن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ کين نه مڃيو، (ته تباهه ٿي ويا.) (١٣) ۽ ثمود جي قوم ۽ حضرت لوط جي قوم ۽ ٻيلي جا ماڻهو به (اهڙائي) لشڪر هئا (جن نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.) )١٤) انهن مان هرهڪ رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.

رڪوع ٢ آيت 15-تا-26
حضرت دائود عليه السلام جو احوال ۽ کيس حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪرڻ جي تلقين.
(١٥) ۽ (اي پيغمبر!) اهي (منڪر) انهيءَ گهڙيءَ جو انتظار ڪيون ويٺا آهن جڏهن هڪ (دهشتناڪ) آواز ٿيندو (۽ هو فنا ٿي ويندا) جنهن آواز ۾ هڪ پل جو ناغو به ڪونه پوندو. (١٦) اهي (مسخريءَ طور) چون ٿا ته، اي اسان جا پروردگار حساب جي ڏينهن کان اڳ ئي تڪڙو ئي تڪڙو اسان جي لاءِ اهو عذاب آڻ جو اسان جي حصي ۾ اچڻو آهي. (١٧) سو (اي پيغمبر!) جيڪي هو چون ٿا سو صبر سان برداشت ڪر ۽ اسان جي ٻانهي حضرت دائود جو قصو ياد رک جيڪو وڏي طاقت وارو هوندو هو. هو هر وقت ۽ هر حال ۾ (الله ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني هر ڪم ۾ الله جي حڪمن تي هلندڙ هو.) (١٨) بيشڪ اسان جبل به (حضرت دائود عليه السلام کي) تابع ڪري ڏنا. جي ساڻس گڏ صبح شام خدا جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا هئا. (١٩) ۽ پکي به گڏ ڪيا ويندا هئا سڀ هن ڏي رجوع ڪندڙ هيا، (يعني حضرت دائود جي ڪم ايندا هئا). (٢٠) ۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪيو. ۽ کيس عقل ۽ دانائي ڏني ۽ تقرير ڪرڻ جي اهڙي قابليت ڏني جو اها (تقرير) پورو فيصلو ڪندڙ هئي ۽ پوري چٽائي ڪندڙ هئي. (٢١) ۽ (اي پيغمبر!) تو ڪڏهن انهن دعوا ڪندڙن جو قصو ٻڌو آهي جيڪي (حضرت دائود عليه السلام جي) خانگي ڪمري ۾ ڀت ٽپي لنگهي آيا هئا. (٢٢) جڏهن هو اندر گهڙي حضرت دائود عليه السلام وٽ (اوچتوئي اوچتو) پهچي ويا تڏهن هو هنن کان گهٻرائجي ويو. هنن کيس چيو ته، ڊڄ نه، اسان ٻه تڪراري آهيون، اسان مان هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو آهي. سو اسان جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ اسان کي سڌي واٽ ڏيکارجانءِ. (٢٣) (انهن مان هڪڙي چيو ته) بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. هن کي نوانوي دنبيون آهن ۽ مون کي فقط هڪڙي دنبي آهي. تڏهن به هو چوي ٿو ته، اها به منهنجي حوالي ڪري ڇڏ ۽ گفتگو ۾ هو مون کي دٻائي ٿو. (٢٤) (حضرت دائود عليه السلام کيس) چيو ته، يقيناً هو ظلم ڪري رهيو آهي، جو تنهنجي هڪڙي دنبي پنهنجين دنبن سان ملائڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. ۽ يقيناً گهڻائي ڀائيوار اهڙا هوندا آهن جو هڪ ٻئي سان بي انصافي ڪندا آهن (۽ ٻئي جو حق کائي ويندا آهن) سواءِ انهن جي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ صالح عمل ڪندڙ آهن، پر اهڙا بلڪل ٿورا آهن ۽ حضرت دائود عليه السلام ڀانيو ته اسان سندس آزمائش ٿي ورتي، سو هن پنهنجي پروردگار کان معافي گهري ۽ رڪوع ۾ جهڪي پيو ۽ خدا جي طرف رجوع ڪيائين. (٢٥) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) پوءِ اسان هن کي اها خطا معاف ڪري ڇڏي، ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو درجو حاصل آهي ۽ (آخرت ۾) سهڻي جاءِ تي موٽي اچڻو آهي. (٢٦) اي دائود! اسان توکي زمين تي بادشاهي ڏني آهي، سو ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪندو ڪر ۽ (پنهنجي دل جي) خواهش تي نه لڳجانءِ. جو اهي خواهشون توکي الله جي واٽ کان ڀڙڪائي هٽائي ڇڏينديون. يقين آهي جيڪي خدا جي واٽ کان هٽي ٿا وڃن تن جي لاءِ سخت ۾ سخت عذاب آهي، جو هنن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو آهي.

رڪوع ٣ آيت 27-تا-40
آسمان ۽ زمين ڪنهن مقصد لاءِ خلقيا ويا آهن، حضرت سليمان عليه السلام جو ذڪر.
(٢٧) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي بنا مقصد جي ڪونه خلقيو آهي. اهو خيال (ته دنيا رڳو کيل تماشو آهي) انهن ماڻهن جو خيال آهي جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي. سو جن ماڻهن ڪفر (يعني بدڪمن) جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ وڏي مصيبت آهي، جو هو باهه ۾ سڙندا. (٢٨) يا (هيئن آهي ڇا ته) اسان ايمان آڻيندڙن ۽ صالح عمل ڪندڙن کي انهن جهڙو ڪري ڏسنداسين، جيڪي ملڪ ۾ (سڌاري بدران) بگاڙو ڪندڙ آهن؟ يا پرهيزگارن ۽ نيڪيون ڪندڙن کي حق کان هٽندڙ بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟ (٢٩) هي (قرآن) برڪتن سان ڀريل اسان توتي (اي پيغمبر!) هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته ماڻهو ان جي آيتن (۾ ڏنل ڳالهين ۽ حڪمن) تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ سمجهه وارا ماڻهو نصيحت حاصل ڪن. (٣٠) ۽ اسان حضرت دائود کي حضرت سليمان (پٽ) عطا ڪيو. هو (يعني حضرت سليمان عليه السلام) ڪهڙو نه چڱو ٻانهو (خدا جو) هو. هو يقيناً (هر حالت ۾) الله تعاليٰ (جي حڪمن) ڏي رجوع ٿيندڙ هو. (٣١) ڏسو! شام جي وقت جڏهن اصيل ۽ تيز (ڀڄندڙ) گهوڙا هن جي اڳيان آندا ويا. (٣٢) تڏهن هن چيو ته، مان جو دولت (۽ گهوڙن) سان حب ٿو رکان سو خدا جي يادگيريءَ جي ڪري (۽ سندس حڪمن جي تعميل جي نيت سان گهوڙن کي نظر مان ڪڍندو رهيو) تان جو سج پردي پٺيان لڪي ويو. (يعني سج لهي ويو.) (٣٣) (سج لهي وڃڻ بعد چيائين ته، انهن گهوڙن کي) وري به موٽائي مون ڏي آڻيو (ماڻهن گهوڙا موٽائي آندا ۽) هو سندس ٽنگن ۽ ڳچين تي (پيار جو) هٿ گهمائڻ لڳو. (٣٤) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت سليمان جي آزمائش ورتي ۽ سندس تخت تي هڪڙو بي جان بوتو ويهاريوسين، پر (تڏهن به) هو خدا ڏي رجوع ٿيندو رهيو (۽ چڱا ڪم ڪندو رهيو.) (٣٥) حضرت سليمان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي (هر قسم جي خطرن کان) پناهه ۾ رک ۽ اهڙي حڪومت عطا ڪر جهڙي مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه سونهي. بيشڪ تون وڏيون نعمتون بخشيندڙ آهين. (٣٦) پوءِ اسان هوا کي هن جي تابع ڪيو جا سندس حڪم موجب جاڏي چاهيندو هو تاڏي لڳندي هئي (جهازن کي هلائيندي هئي). (٣٧) ۽ شيطان کي به (يعني سرڪش جنن جون ٽوليون به اسان هن کي تابع ڪري ڏنيون) جيڪي (هن جي لاءِ) عمارتون ٺاهينديون هيون ۽ (موتين وغيره ڪڍڻ لاءِ يا مڇين مارڻ لاءِ) سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻنديون هيون. (٣٨) ۽ کين ڪي ٻيا جن (به تابع ڪري ڏناسون) جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا. (٣٩) (اي سليمان!) هي (توتي) اسان جي بخشش آهي. پوءِ (اها دولت وغيره ٻين کي) احسان طور ڏيئي ڇڏين يا بي حساب دولت گڏ ڪري پاڻ وٽ (خدائي ڪمن لاءِ) رکين (ته تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي). (٤٠) ۽ يقيناً هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو وڏو درجو مليل هو. ۽ (آخرت ۾ به هن جي لاءِ) سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي، (جتي هو موٽي اچي رهندو.)

رڪوع ٤ آيت 41-تا-64
حضرت ايوب عليه السلام جو ذڪر، قيامت بعد نيڪن ۽ بدڪارن جون مختلف حالتون.
(٤١) ۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهي حضرت ايوب جو قصو ياد رک. جنهن پنهنجي پروردگار کي پڪاري چيو ته، شيطان مون کي رنج ۽ تڪليف پهچائي آهي. (٤٢) (الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) پنهنجو پير (زمين تي) هڻ (ائين ڪيائين ته پاڻي ظاهر ٿي پيو ۽ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) هي اٿئي وهنجڻ جو پاڻي جيڪو ٿڌو ۽ صحت بخش آهي ۽ پيئڻ لاءِ به چڱو آهي. (سڀ بيماريون لهي ويس). (٤٣) ۽ (هن جا ٻار ٻچا ۽ مٽ مائٽ مري ويا هئا پر هاڻي وري) اسان هن کي ٻار ٻچا ۽ ڪٽنب عطا ڪيو، بلڪ ٻيڻو عطا ڪيو. اها هئي اسان وٽان (هن جي لاءِ) رحمت ۽ سمجهه وارن لاءِ (انهيءَ واقعي ۾) وڏي نصيحت آهي. (٤٤) (ڀانئجي ٿو ته بيماريءَ جي حالت ۾ حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي گهرواريءَ کي چيو هو ته، توکي مار ڏيندس، سو هاڻي الله تعاليٰ سندس چوڻ پورو ڪري ڏيکارڻ لاءِ کيس فرمايو ته) پنهنجي هٿ ۾ ڪجهه گاهه کڻ ۽ ان سان (آهستي) ڌڪ هڻ ۽ (پنهنجو) واعدو نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر ۽ ثابت قدم ڏٺو. هو ڪهڙو نه چڱو ٻانهو هو. يقيناً هو هر حالت ۾ (الله جي حڪمن ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني الله جي حڪمن جي تعميل ڪندو هو). (٤٥) ۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهن حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق ۽ حضرت يعقوب جو قصو به ياد رک، جيڪي سڀ وڏي طاقت وارا ۽ وڏي عقل وارا هئا. (٤٦) بيشڪ اسان هنن کي خاص طرح هن لاءِ چونڊيو (۽ نبي ڪري موڪليو) ته (ماڻهن کي) آخرت جي گهر متعلق پيغام پهچائين (۽ هيءَ حقيقت سمجهائين ته نيڪ ڪمن جو نيڪ بدلو ۽ بد ڪمن لاءِ عذاب آخر ضرور ملڻو آهي. (٤٧) ۽ بيشڪ اُهي (پيغمبر) اسان جي نظر ۾ انهن منجهان آهن، جن کي اسان چونڊي کنيو ۽ نيڪ هئا. (٤٨) ۽ حضرت اسماعيل، حضرت يسع ۽ حضرت ذوالڪفل جا قصا به ياد رک اهي سڀئي به نيڪن مان هئا. (٤٩) اهو (يعني نيڪن جو بيان ياد رکڻ ۽ ٻڌائڻ) وڏي نصيحت ۽ عبرت جو سامان آهي. ۽ يقيناً پرهيزگار ۽ نيڪ ماڻهن جي لاءِ سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي (جنهن ۾ هو موٽي اچي رهندا.) (٥٠) (اهي سهڻيون جايون آهن) دائمي باغ جن جا دروازا هنن جنتين لاءِ هميشه کليل هوندا. (٥١) اهي (جنتي) انهن باغن ۾ (ڪوچن تي) ٽيڪ ڏيئي آرام سان ويهندا)، ۽ انهن ۾ هو بي انداز ميون ۽ لذيذ شربتن لاءِ طلب ڪندا (۽ سندن طلب جي تعميل هڪدم ٿيندي.) (٥٢) ۽ هنن وٽ (شرميليون) اکيون هيٺ ڪندڙ، پاڪدامن هڪ جيڏيون عورتون (سنگت ۾) هونديون. (٥٣) (کين چيو ويندو ته) هي اٿؤ (اهي نعمتون) جن لاءِ اوهان کي واعدو ڏنو ويو هو، ته اوهان کي حساب وٺڻ واري ڏينهن ملنديون. (٥٤) بيشڪ اها اسان جي بخشش آهي جا ڪڏهن به نه کٽندي يا گهٽ ٿيندي. (٥٥) اهي آهن (نعمتون يقيناً نيڪن کي نصيب ٿينديون) ۽ سرڪشن (بدڪار ماڻهن) کي (دنيا مان) موٽي اچي رهڻ لاءِ نهايت ئي بڇڙي جاءِ ملندي. (٥٦) (يعني) کين جهنم ملندو جنهن ۾ هو سڙندا. پوءِ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ هوندي. (٥٧) (بيشڪ) اهوئي آهي (عذاب جو کين ملندو) هو ڀلي ته ان جو مزو چکن (هنن کي) اتي ٽهڪندڙ پاڻي ۽ وهندڙ پونءِ ملندي (جا تمام بدبودار ۽ برف جهڙي سخت ٿڌي هوندي.) (٥٨) ۽ انهن عذابن سان گڏ ٻيا به اهڙا عذاب کين ڏنا ويندا. (٥٩) (کين چيو ويندو ته، اجهو) هي هڪ ٻيو ٽولو اوهان سان گڏ (جهنم ڏانهن) ڌوڪيندو ٿو وڃي. هنن جي لاءِ مرحبا (يا ڀليڪار) ڪانهي. يقيناً هو باهه ۾ پچندا. (٦٠) (اُنهي ٽولي جا ماڻهو) چوندا ته بلڪ اوهان به (باهه ۾ پچندؤ) توهان جي لاءِ به مرحبا ڪانهي. توهان ئي اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي. هي دوزخ ڪهڙي نه بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي. (٦١) هو هيئن به چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! جنهن به اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي تنهن جو باهه ۾ (سڙڻ جو) عذاب وڌائي ٻيڻو ڪر. (٦٢) ۽ هو چوندا ته اسان کي ڇا ٿي پيو آهي جو اسان انهن ماڻهن کي ڪونه ٿا ڏسون، جن کي اسان شريرن ۾ شمار ڪندا هئاسين. (هئا پاڻ شرير پر سچن مؤمنن کي شرير سمجهندا هئا). (٦٣) اسان انهن سان مسخريءَ طور اهڙي هلت ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون (۽ سمجهه) انهن لاءِ چنجهيون ٿي پيون هيون؟ (جو نه سمجهي سگهياسين ته هو نيڪ آهن تنهن ڪري ڪامران رهندا). (٦٤) بيشڪ اهو حق ۽ انصاف آهي ته دوزخي ماڻهو هڪ ٻئي سان جهڳڙا ڪن (اها به هنن لاءِ سزا آهي).

رڪوع ٥ آيت 65-تا-88
حضرت جن خدا جو موڪليل وحي ماڻهن کي پهچائن ٿا.
(٦٥) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) چؤ ته، مان ته يقيناً فقط خبردار ڪندڙ آهيان، ۽ معبود (۽ بادشاهه) فقط الله آهي جو هڪ آهي ۽ سڀني تي غالب آهي. (٦٦) هو آسمانن ۽ زمين جو پرودگار آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به پروردگار آهي. هو وڏيءَ طاقت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ وڏو بخشيندڙ ۽ پناهه ڏيندڙ آهي. (٦٧) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته هي (قرآن الله تعاليٰ جو) عظيم پيغام آهي ۽ اعليٰ نصيحت آهي. (٦٨) (افسوس جو) اوهان ان کان منهن موڙيو ٿا (۽ پاڻ کي تباهه ٿا ڪيو.) (٦٩) مون کي انهن اعليٰ سردارن جي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪهڙا بحث يا مشورا ٿا ڪن. (٧٠) مون کي ته فقط هي وحي موڪليو ويو آهي ته مان فقط چٽو پٽو خبردار ڪندڙ آهيان. (٧١) (اي پيغمبر!) ياد رک ته تنهنجي پروردگار ملائڪن کي ٻڌايو ته مان مٽيءَ مان انسان کي پيدا ڪرڻ وارو آهيان. (٧٢) پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي مڪمل ڪيان ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيان (يعني علم ۽ عقل حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪيان ۽ کيس ارادي جي قوت ڏيان) تڏهن توهان هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئو. (٧٣) سو سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. (٧٤) پر ابليس سجدو نه ڪيو. هن تڪبر ڪيو ۽ نافرمان ڪافر ٿيو. (٧٥) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس! توکي ڪهڙيءَ ڳالهه هن کي سجدي ڪرڻ کان روڪيو جنهن کي مون پاڻ پنهنجي هٿن سان خلقيو آهي؟ ڇا توکي هٺ وڏائي چڙهي ويئي يا تون اعليٰ مرتبي وارو آهين؟ (٧٦) هن جواب ڏنو ته، مان هن کان (يعني انسان کان) بهتر آهيان، تو مون کي باهه مان ٺاهيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي. (٧٧) الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته (جنهن صورت ۾ تون هٺ ٿو ڪرين ۽ منهنجي نافرماني ڪئي اٿئي تنهن صورت ۾) هتان نڪري وڃ (يا هن حالت مان نڪري وڃ) تون (هاڻي) مردود تڙيل ۽ لعنتي آهين. (٧٨) ۽ بيشڪ قيامت تائين توتي منهنجي لعنت رهندي. (٧٩) (تنهن تي شيطان) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (مئل ماڻهو وري) جيئاري اٿاريا ويندا. (٨٠) الله تعاليٰ فرمايو ته، وڃ توکي مهلت آهي. (٨١) توکي مقرر وقت واري ڏينهن تائين يعني قيامت تائين (مهلت آهي). (٨٢) ابليس (تنهن تي) چيو ته، قسم آهي تنهنجي عزت جو ته مان هنن سڀني ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيندس. (٨٣) سواءِ انهن جيڪي، جي انهن مان تنهنجا سچا (فرمانبردار) ٻانها آهن. (٨٤) الله تعاليٰ فرمايو ته، اها ڳالهه حق ۽ انصاف جي ڳالهه آهي ۽ مان اهائي ڳالهه ڪندو آهيان جا حق ۽ انصاف جي ڳالهه هوندي آهي. (٨٥) مان چوان ٿو ته (اي شيطان) مان توسان ۽ انهن ماڻهن مان جيڪي تنهنجي پوئتان لڳندا تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس. (٨٦) (اي پيغمبر! ماڻهن کي) چؤ ته، مان هن (وحي ٻڌائڻ وغيره) جي عيوض ۾ اوهان کان ڪو اجورو انعام ته ڪونه ٿو گهران (پوءِ ڇو نٿا منهنجي ڳالهه سچي سمجهو) ۽ (پڪ سمجهو ته) مان انهن منجهان نه آهيان جيڪي پنهنجا ٺاهه ٺاهيندا آهن. (٨٧) هي (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ هن جي ته جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (خدا جو) پيغام ۽ نصيحت آهي. (٨٨) ۽ يقيناً توهان ڪنهن وقت کان پوءِ ان جي حقيقت معلوم ڪندؤ.