مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت التحريم (حرام ڪرڻ )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-7
الله جون حلال ڪيل شيون پنهنجي مٿان حرام نه بڻايو. هرهڪ کان پنهنجي رعيت ۽ نگرانيءَ ۾ آيل جي پڇا ٿيندي.
(١) اي نبي! جنهن شيءِ کي الله تو لاءِ حلال ڪيو آهي، سا تون ڇو (قسم ذريعي پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ (۽ اهو به ان لاءِ ته) تون پنهنجي زالن جي رضامندي گهرين ٿو، ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (جو تو کي تنبيهه ڪري ان جي خرابيءَ کان توکي بچائڻ گهري ٿو). (٢) بيشڪ الله اوهان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آهي ۽ الله اوهان جو مالڪ آهي (جنهن پنهنجي قانون ۾ هن ڳالهه جي گنجائش رکي آهي ته سهو ۽ خطا جو تدارڪ ٿئي) ۽ اهوئي علم وارو حڪمت وارو آهي. (جو انسان جي طبعي ڪمزورين کي ڄاڻي ٿو.) (٣) ۽ (ياد ڪر ته) جڏهن نبي پنهنجي زالن مان ڪنهن زال کي ڪا ڳجهي ڳالهه چئي، پوءِ جڏهن ان (بيبيءَ) اها (ڳجهي ڳالهه ٻي بيبيءَ کي) ٻڌائي ۽ الله نبيءَ کي ان جي خبر ڏني ته پاڻ ڪجهه ڳالهه بيان ڪيائون ۽ ڪجهه ڳالهه بيان ڪرڻ کان منهن موڙيائون. پوءِ جڏهن (بيبيءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪرڻ) جي خبر ڏنائون ته ان چيو ته، توکي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي آهي؟ پاڻ چيائون ته مون کي پوري ڄاڻڻ واري ۽ پوري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي. (٤) (اي پيغمبر جون ٻئي بيبيون! جيڪي هن راز ۾ شريڪ هيو) جيڪڏهن اوهين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون (ته سٺي ڳالهه آهي) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون (ته ياد رکو توهان ان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهنديون، ڇاڪاڻ) ته بيشڪ الله سندس ڪم ٺاهيندڙ آهي ۽ جبريل ۽ چڱا مسلمان ۽ ملائڪ هن کان پوءِ (سندس) مددگار آهن. (٥) اميد آهي ته پيغمبر جيڪڏهن (مودت ۽ سڪون نه ڀانئي) اوهان کي طلاق ڏيندو ته سندس پاليندڙ ان کي بدلي ۾ اهڙيون زالون ڏيندو جيڪي اوهان کان گهڻيون چڱيون، اسلام واريون، ايمان واريون، تابعدار، توبه ڪرڻ واريون، عبادت ڪرڻ واريون، روزا رکڻ واريون، (ڪي) رنڙون ۽ (ڪي) ڪنواريون هونديون. (٦) اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن. ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن جنهن جو کين الله حڪم ڪيو آهي، تنهن ۾ سندس نافرماني نٿا ڪن ۽ جنهن جو کين حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا. (٧) (ان ڏينهن ڪافرن کي چونداسون ته) اي ڪافرو! اڄ (عذاب کان بچڻ (لاءِ) بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا رڳو تن (عملن) جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.

رڪوع ٢ آيت 8-تا-12
الله وٽ سچي توبه ڪريو، اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو.
(٨) اي ايمان وارؤ! (زندگيءَ جي ڪنهن مرحلي تي توهان جو قدم سهو سان غلط کڄي وڃي ته ان روش کان پاسو ڪيو ۽) اوهين الله وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان کان اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺيان واهه پيا وهن. (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله نبي(ﷺ) کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄي پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي پنهنجو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو. (٩) اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن (جي خلاف جدوجهد جاري رک ۽ انهن) سان جنگ ڪر ۽ انهن تي (سندن لچاين جي ڪري) سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي بڇڙي جاءِ آهي. (١٠) الله تعاليٰ (مڪافات جو قانون اٽل هئڻ جي سلسلي ۾) ڪافرن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان چڱن ٻانهن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي. (يعني ايمان ۾ انهن جو ساٿ نه ڏنو) پوءِ اهي ٻئي (پيغمبر) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ چيو ويو ته اوهين ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو. (١١) ۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر بناءِ! ۽ مون کي فرعون ۽ سندس غلط ڪمن کان بچاءِ! ۽ ظالم قوم کان به مون کي بچاءِ! (جنهن هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ) تي سندرو ٻڌو آهي.) (١٢) ۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو به (مثال بيان ڪيو آهي). جنهن پنهنجي عصمت کي (سڀني مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو (پيدا ڪيل خاص) روح ڦوڪيو، ۽ ان پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (جيڪي کيس ملائڪن جي ذريعي معلوم ٿينديون هيون) ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ پاڻ (خدا جي نهايت) تابعدارن مان هئي.