سورت انفال (لڙائيءَ ۾ هٿ آيل غنيمت جو مال)
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-10
سچا مؤمن اهي آهن جيڪي جڏهن الله جو نالو ٻڌن تڏهن سندن دليون ٿڙڪي وڃن.
(١) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪ ٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو. (٢) مؤمنن جو شان ته هي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو (يا نالو ورتو وڃي ٿو) تڏهن سندن دليون دهلجي ٿيون وڃن ۽ جڏهن سندس آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن سندن ايمان کي وڌيڪ پڪو ڪري ٿيون ڇڏين، ۽ هو هر حال ۾ پنهنجي پروردگار تي (پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ بعد) پورو ڀروسو رکن ٿا. (٣) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه حصو اسان جي راهه ۾ به) خرچ ڪن ٿا. (٤) بيشڪ اهڙائي ماڻهو حقيقي مؤمن آهن، انهن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان مرتبا ۽ درجا آهن ۽ بخشائش ۽ عزت جي روزي آهي. (٥) (هن غنيمت جي معاملي کي به اهڙوئي سمجهو) جهڙئيءَ طرح (بدر جي جنگ ۾) هيءَ ڳالهه ٿي هئي جو تنهنجي پروردگار سچائي سان (حق جي راهه ۾) توکي گهر کان ٻاهر آندو هو ۽ هيءَ سچي ڳالهه آهي ته مؤمنن جي هڪڙي ٽولي هن ڳالهه ۾ (يعني ڪافرن جي لشڪر سان وڙهڻ ۾) بلڪل ناراض هئي. (٦) اهي (ناراض ٽوليءَ وارا) توسان حق جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، اگرچه معاملو صاف ظاهر ٿي چڪو هو (ته هڪ هزار ڪافر مديني تي ڪاهڻ لاءِ اچي رهيا هئا، اهي مسلمان لڙائي ڪرڻ کان ايتري قدر ٿي ڇرڪيا جو) ڄڻ ته کين زور سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پي ويو ۽ هو (پنهنجو موت پنهنجي اکين سان) ڏسي رهيا هئا. (٧) ۽ (اي مسلمانو! اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله اوهان سان واعدو ڪيو هو ته (دشمنن جي) ٻن جماعتن مان هڪ ضرور اوهان جي هٿ ايندي ۽ اوهان جو حال هي هو جو چاهيو ٿي ته جنهن جماعت ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪانهي (يعني قافلي واري) سا هٿ اچي وڃي، پر خدا ته چاهيو ٿي ته پنهنجي واعدي موجب حق کي ثابت (۽ پائدار) ڪري، ۽ حق جي دشمنن جون پاڙون پٽي وڍي ڇڏي. (٨) اهو انهيءَ لاءِ ته (الله تعاليٰ) حق کي حق (يعني ثابت ۽ پائدار) ڪري ڏيکاري ۽ باطل کي باطل ڪري ڏيکاري (يعني ڪوڙ کي ناڪامياب ۽ فنا ڪري ڇڏي) اگرچه (ظلم ۽ فساد ڪندڙ) گنهگار ائين ٿيڻ پسند نه ڪن. (٩) (۽ اهو وقت به ياد رکو) جڏهن توهان (بدر جي جنگ جي موقعي تي) پنهنجي پروردگار وٽ پڪار ڪئي هئي ته، اسان جي مدد ڪر ۽ هن اوهان جي پڪار ٻڌي هئي، هن چيو هو ته، مان هڪ هزار فرشتن سان جي هڪ ٻئي پٺيان ايندا توهان جي مدد ڪندس. (١٠) ۽ الله جو اها ڳالهه ڪئي سو سندس مقصد سواءِ هن جي ڪجهه نه هو ته (توهان جي لاءِ) خوشخبري ٿئي ۽ اوهان جون (هراسيل) دليون تسلي ۽ قرار حاصل ڪن، نه ته مدد ته (هر حال ۾) الله ئي جي طرف کان آهي. بيشڪ هو (سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي.
رڪوع ٣ آيت 11-تا-19
جيڪي الله جي راهه ۾ نڪري پوندا ته الله به انهن لاءِ رحمت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
(١١) (اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن الله تعاليٰ اوهان تي ڇانئجي ويندڙ ننڊ آندي، جا ننڊ خدا جي طرفان اوهان لاءِ تسلي ۽ بي ڊپائيءَ جو سبب بڻجي پئي ۽ الله تعاليٰ آسمان مان اوهان تي مينهن وسايو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جو موقعو ڏئي ۽ اوهان مان شيطان (جي وسوسن) جي ناپاڪائي ڪڍي ڇڏي. پڻ توهان جون دليون ڳنڍي مضبوط ڪري ڇڏي ۽ (واريءَ تي) اوهان جا قدم ان مينهن جي وسيلي ڄمائي. (١٢) (اي پيغمبر! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجي پروردگار فرشتن تي وحي نازل ڪيو ته مان اوهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد توهان سان آهي) پوءِ مؤمنن کي محڪم ۽ ثابت قدم رکو. جلدئي مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جي) دهشت وجهندس تنهن ڪري (اي مسلمانو!) هنن جي گردنن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ هنن جي هٿن ۽ پيرن جي هرهڪ آڱر تي ڌڪ لڳايو. (١٣) ۽ هي (هلت) هن ڪري (ڪيو) جو هنن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ ياد رکو ته الله تعاليٰ (کين سندن عملن جي بدلي ۾) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. (١٤) (اي حق جا دشمنؤ!) هيءَ آهي سزا اوهان جي لاءِ، پوءِ ڀوڳيو اها سزا ۽ يقين ڄاڻو ته حق جي منڪرن لاءِ دوزخ جي باهه جو عذاب به اچڻو آهي. (١٥) مؤمنؤ! جڏهن ڪافرن جي لشڪر سان اوهان جو مقابلو ٿئي (يعني هو اوهان تي چڙهي اچن ۽ اوهان کي ساڻن وڙهڻو پوي) تڏهن هنن کي هرگز پٺي نه ڏيکار جو (يعني متان ڊڄي پوئتي ڀڄو). (١٦) ۽ جيڪو به اهڙي موقعي تي پٺي ڏئي ڀڄندو تنهن بابت سمجهيو ته هو خدا جي غضب هيٺ اچي ويو ۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو. (۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو ته پوءِ) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي، پر جيڪو لڙائي جي مصلحت لاءِ هٽي وڃي يا (پنهنجي ٽولين مان) ڪنهن ٽوليءَ سان جاءِ وٺڻ چاهي (۽ انهن مقصدن لاءِ هڪ جاءِ کان هٽي ٻي جاءِ ڏي وڃي ته پوءِ جائز آهي.) (١٧) (ٻٽاڪ نه هڻجو ياد رکو ته) توهان هنن کي (جنگ ۾) قتل نه ڪيو پر خود خدا هنن کي قتل ڪيو ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ مٽيءَ سان مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن) اڇلائي هئي تڏهن حقيقتاً تو ڪين اڇلائي هئي پر خدا اڇلائي هئي ۽ اهو هن ڪري ٿيو هو ته ان جي وسيلي ايمان وارن کي هڪڙي چڱي آزمائش ۾ وجهي آزمائي. بيشڪ الله تعالي! ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٨) هي سڀ ته ٿي چڪو (جو بدر ۾ ڪافرن کي شڪست آئي) هاڻي (هي به ٻڌي ڇڏيو ته) الله تعاليٰ يقيناً ڪافرن جي مخفي تدبيرن کي به (جيڪي هو اسلام کي روڪڻ لاءِ ڪري رهيا آهن) ڪمزور ڪري ڇڏڻ وارو آهي. (١٩) (اي مڪي جاسردارؤ!) جيڪڏهن توهان سوڀ جا طلبگار هئو ته ڏسي ورتوَ ته سوڀ توهان جي سامهون اچي ويئي. (يعني فتح مؤمنن کي ملي) ۽ جيڪڏهن (آئنده لڙائيءَ کان) باز اچو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن وري اها هلت (وڙهڻ واري) وٺندؤ ته اسان به اهائي هلت وٺنداسين ۽ ياد رکو ته اوهان جو لشڪر توهان جي ڪجهه به ڪم نه ايندو، اگرچه گهڻا ماڻهو گڏ ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن سان آهي. (کين مدد ڪندو ۽ اوهان ڪافر نيٺ مغلوب ٿيندؤ).
رڪوع ٣ آيت 20-تا-28
مال ۽ اولاد اوهان جي آزمائش لاءِ آهن، متان انهن جي خاطر بدفضيلتا ٿي وڃو
(٢٠) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. ان کان منهن نه موڙيو، جڏهن ته توهان (حق جو سڏ) ٻڌي رهيا آهيو. (٢١) ۽ انهن ماڻهن (اهل ڪتاب) وانگر نه ٿيو، جن (زبان سان ته) چيو ته، اسان ٻڌو پر حقيقت هيءَ آهي ته هو ڪونه ٻڌندا هئا. (يعني نڪي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، نڪي تعميل ڪندا هئا). (٢٢) يقيناً الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب اهي (انسان) آهن جي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جي ڪجهه به نٿا سمجهن. (٢٣) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن ۾ ڪجهه به ڀلائي ڏسي ها (يعني فهم ۽ حق جي قبوليت جو مادو ڏسي ها) ته ضرور هنن کي ٻڌرائي ها، ۽ جيڪڏهن هنن کي ٻڌرائي ته به نتيجو هي نڪرندو جو هو منهن موڙي ڇڏيندا (يعني نڪي مڃيندا، نڪي عمل ڪندا) هو (ايمان کان) ڦري وڃڻ وارا آهن. (٢٤) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ اونايو، جڏهن هو اوهان کي سڏي. انهيءَ لاءِ ته توهان کي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي ۽ ڄاڻو ته (اڪثر وقتن تي ڇا ٿو ٿئي جو) الله تعاليٰ (پنهنجي ٺهرايل قانون ۽ سببن جي وسيلي) انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ حائل ٿي ٿو وڃي، ۽ پڻ ڄاڻو ته آخر سندس ئي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ. (٢٥) ۽ انهيءَ فتني کان (خبرداريءَ سان) پاڻ کي بچائيندا رهو جو فتنو جيڪڏهن ايندو ته ان جي چوٽ رڳو ظلم ڪندڙن کي نه لڳندي ۽ ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. (٢٦) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن (مڪي ۾) اوهان (مسلمانن) جو تعداد تمام ٿورو هو ۽ توهان ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ٿي ويؤ. توهان انهيءَ وقت ڊڄندا هئو ته متان (زبردست دشمن) ماڻهو اوهان کي اڏائي کڻي نه وڃن. پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني، پنهنجي مددگاريءَ سان اوهان کي طاقت ڏني ۽ چڱيون شيون ڏئي رزق جو سامان مهيا ڪيو، انهيءَ لاءِ توهان شڪرگذار رهو (۽ خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو.) (٢٧) مؤمنؤ! ائين نه ڪجو جو الله ۽ سندس رسول سان خيانت ڪيو. هڪ ٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو ۽ توهان هن ڳالهه کان ناواقف ڪونه آهيو. (٢٨) ۽ ياد رکو ته توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (اوهان جي لاءِ) هڪ آزمائش آهي (۽ هيءَ ڳالهه به نه وسارجو ته) الله ئي آهي جنهن وٽ (نيڪي ڪندڙن لاءِ) وڏو اجر (۽ نعمتون) آهن.
رڪوع ٤ آيت 29-تا-37
خدا کان خوف رکڻ سان حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ٿئي ٿي.
(٢٩) مؤمنؤ! جيڪڏهن توهان خدا کان ڊڄندا رهو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته پوءِ هو توهان جي لاءِ (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ڪندو ۽ اوهان منجهان اوهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي. (٣٠) ۽ (اي پيغمبر!) اهو وقت ياد ڪر جڏهن (مڪي ۾) ڪافر تنهنجي خلاف پنهنجين مخفي تجويزن ۾ مشغول هئا، انهيءَ لاءِ ته توکي گرفتار ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين ۽ (جڏهن) هو پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيا هئا (تڏهن) الله تعاليٰ به پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيو هو ۽ الله تعاليٰ بهتر تجويزون ڪندڙ آهي. (٣١) ۽ جڏهن اسان جون آيتون هنن (ڪافرن) کي پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هائو، اسان ٻڌيون. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اهي ڳالهيون سواءِ هن جي ڇا آهن ته گذري ويل ماڻهن جا لکيل داستان آهن. (٣٢) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن (مڪي جي ڪافرن) چيو هو ته، اي خدا! جيڪڏهن هيءَ ڳالهه (يعني اسلام جي دعوت) تنهنجي طرف کان حق آهي ته اسان تي پٿرن جو مينهن وساءِ يا اسان کي (ڪنهن ٻئي) دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪر. (٣٣) پر الله ته ائين ڪرڻ وارو نه هو جو تون انهن ۾ موجود هجين ۽ انهن کي عذاب ۾ وجهي ۽ الله ائين به ڪرڻ وارو نه هو جو هنن کي عذاب ۾ وجهي ۽ هو معافي گهري رهيا هجن. (٣٤) پر (هاڻي جڏهن هنن توکي مڪو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي تڏهن) ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي جو الله کين عذاب نه ڏئي، حالانڪ هو ڪعبة الله کان مسلمانن کي روڪي رهيا آهن ۽ حقيقت هيءَ آهي ته هو ان جا متولي ٿيڻ جا لائق ئي نه آهن، ان جا متولي جيڪڏهن ٿي سگهن ٿا ته اهي ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي متقي (پرهيزگار) هجن (نه فسادي ۽ ظالم) پر هنن مان گهڻن کي (هن حقيقت جي) خبر ڪانهي. (٣٥) ۽ ڪعبي جي گهر ۾ هنن جي نماز سواءِ هن جي ٻيو ڇا هئي ته سيٽيون وڄائن ۽ تاڙيون هڻن، پوءِ جيڪو ڪفر توهان ڪيو ٿا (تنهن جي بدلي ۾) عذاب جو مزو چکو. (٣٦) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي پنهنجو مال ملڪيت انهيءَ لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪين. اهي ماڻهو آئنده به (اهڙيءَ طرح) خرچ ڪندا رهندا، پر پوءِ (اهو وقت ايندو جڏهن انهيءَ خرچ ڪرڻ تي) هنن کي ڏاڍو ارمان ٿيندو ۽ پوءِ (آخر) هو مغلوب ڪيا ويندا (يعني هو تباهه ٿيندا ۽ مسلمان مٿن غالب پوندا) ۽ (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي (۽ پڇاڙيءَ تائين ان تي قائم رهيا) تن کي دوزخ ڏي هڪاليو ويندو. (٣٧) ۽ اهو هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ ناپاڪ (روحن) کي پاڪ (روحن) کان جدا ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ناپاڪ آهن تن مان ڪن کي ڪن سان ملائي ڇڏي، پوءِ سڀني کي (سندن بدحال ۾) جمع ڪري، پوءِ (قيامت جي ڏينهن) انهن کي دوزخ جي حوالي ڪري. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر تباهه ٿيڻ وارا آهن.
رڪوع ٥ آيت 38-تا-44
ڪافرن کي امن ۽ صلح جي دعوت ۽ اڳين زيادتين کي معاف ڪرڻ جو وعدو
(٣٨) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان (هاڻي دشمنيءَ کان) باز اچو ته جيڪي ٿي گذريو سو توهان کي معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن هو پوءِ به (ظلم ۽ لڙائي جي طرف) موٽن ته (انهيءَ باري ۾) اڳوڻن جو طريقو ۽ ان جو نتيجو گذري چڪو آهي (۽ سڀني کي معلوم آهي ته ظلم جو نتيجو آهي ظالمن جي تباهي. اهوئي نتيجو هنن مڪي جي ڪافرن کي به پيش ايندو.) (٣٩) ۽ (اي مسلمانو! هاڻي توهان جي لاءِ فقط هي چارو رهيو آهي ته) هنن ڪافرن سان تيستائين لڙندا رهو، جيستائين ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين جو سڄو معاملو الله ئي جي لاءِ ٿي وڃي (يعني دين جي آزادي هجي ۽ انسان جو ظلم ان ۾ دخل نه ڏئي) پوءِ جيڪڏهن اهي ڪافر (جنگ کان) باز اچن ته پوءِ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي خدا ڏسي ٿو پيو. (٤٠) ۽ جيڪڏهن (صلح جي هن آخر دعوت کان به) منهن موڙين ته ياد رکو ته، الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) جو رفيق ۽ ڪارساز آهي (۽ جنهن جو رفيق الله هجي ته) ڪهڙو نه چڱو رفيق ۽ ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار.
حصو ڏهون
(٤١) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته اوهان کي جيڪو غنيمت جو مال هٿ اچي تنهن جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول لاءِ ۽ (رسول جي) مائٽن لاءِ، يتيمن جي لاءِ، مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي (۽ باقي چار حصا مجاهدن ۾ ورهائي سگهجن ٿا) جيڪڏهن توهان الله (جي انهيءَ غيبي مدد) تي يقين ٿا رکو جيڪا مدد اسان فيصلو ڪري ڇڏڻ واري ڏينهن پنهنجي بندي (حضرت رسولﷺ) تي نازل ڪئي هئي جڏهن ٻه لشڪر (بدر وٽ) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا (ته انهيءَ طرح ورهاڱو ڪيو) ۽ (ياد رکو ته) الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. (٤٢) هيءُ اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن توهان ماٿريءَ جي ويجهي هنڌ هئو ۽ دشمن جو لشڪر ماٿريءَ جي پراهين هنڌ هو ۽ (قريشن جو) قافلو توهان کان هيٺئين حصي ۾ هو (يعني قافلو سمنڊ جو ڪنارو وٺيو نڪري ويو) ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ لڙائي جي ڳالهه ٺهرايو ها ته ضرور جنگ جي وقت، جاءِ تان هٽي وڃو ها (ڇو ته توهان کي دشمنن جي گهڻائيءَ کان ڊپ هو ۽ اوهان مان گهڻن جي مرضي هئي قافلي کي لٽڻ جي) پر الله تعاليٰ (ٻنهي لشڪرن کي هڪ ٻئي جي مقابل آندو) انهيءَ لاءِ ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري (يعني ڪافرن جي طاقت کي ٽوڙي ڇڏي) پڻ هن لاءِ ته جنهن کي تباهه ٿيڻو آهي سو حجت پوري ٿيڻ بعد تباهه ٿئي ۽ جيڪو زندهه (۽ ڪامياب) ٿيڻ وارو آهي سو به حجت جي پوري ٿيڻ بعد زندهه رهي. (يعني ٻئي ڌريون ڏسن ته حق ڪهڙي طرف آهي ۽ الله تعاليٰ حق کي فتح ڏيندڙ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ڄاڻي ٿو. (٤٣) ۽ (اي پيغمبر!) هي اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ توکي خواب ۾ هنن (دشمن ڪافرن) جو تعداد ٿورو ڪري ڏيکاريو (يعني هي ڏيکاريو ته اگرچه ظاهراً گهڻا هوندا، پر وڙهڻ ۾ ٿورا ثابت ٿيندا) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن (ڪافرن) کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته توهان (مسلمان) همت هاري وڃو ها ۽ انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف ۽ جهڳڙا ڪيو ها، پر الله تعاليٰ توهان کي (اهڙيءَ حالت کان) بچائي ورتو. يقين ڪيو ته جيڪي به (ماڻهن جي) دلين ۾ لڪل آهي سو سندس علم کان لڪل ناهي. (٤٤) ۽ (وري ڏسو ته) جڏهن توهان ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي مقابل ٿيا هئو، تڏهن الله تعاليٰ هيئن ڪيو جو دشمن اوهان جي نظر ۾ ٿورا ڏسڻ ۾ آيا (يعني اوهان جي دلين ۾ ايمان ۽ ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪجي ويو هو) ۽ هنن جي نظر ۾ اوهان ٿورا ڏسڻ ۾ آيؤ) (ڇو ته ظاهر طرح توهان برابر هنن کان ٿورا هئو) ۽ اهو سڀ الله تعاليٰ هن لاءِ ڪيو ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري ۽ سڀني ڪمن (جي فيصلي) جو دارومدار فقط الله تعاليٰ تي آهي.
رڪوع ٦ آيت 45-تا-48
الله جي يادگيري/ فرمانبرداري ۽ ايمان دلين کي مضبوط ٿا ڪن
(٤٥) اي مؤمنؤ! جڏهن (حملو ڪندڙن جي) ڪنهن ٽوليءَ سان اوهان جو مقابلو ٿئي تڏهن لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهو ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪيو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪامياب ٿيو. (٤٦) ۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن. (٤٧) ۽ (خبردار) انهن ماڻهن جهڙا نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان (لڙائي ڪرڻ لاءِ) آڪڙ ڪندي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ نمائش ۽ ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ جن جو حال هي آهي جو الله جي راهه کان (سندس بندن کي) روڪين ٿا ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به عمل هي ماڻهو ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪيون بيٺو آهي. (٤٨) ۽ اهو (واقعو به ياد رکو جو) شيطان (سراقه بن مالڪ) هنن جي عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريو هو ۽ چيو هو ته، اڄ ماڻهن ۾ ڪي به اهڙا ڪونه آهن جي توهان تي غالب پئجي سگهن ۽ مان توهان جو پشت پناهه آهيان، پر جڏهن ٻئي فوجون (بدر وٽ) هڪ ٻئي جي مقابل ٿيون تڏهن پٺئين پير واپس ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، مان توهان کان بيزار آهيا. مان اهو ڪجهه ڏسي رهيو آهيان جو توهان نٿا ڏسو. مان خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا (بدعملن جي بدلي ۾) تمام سخت سزا وارو آهي.
رڪوع ٧ آيت 49-تا-58
هر ڪا قوم پنهنجي بلندي ۽ ترقي پنهنجي ئي ايمان ۽ نيڪ عملن وسيلي آڻي ٿي.
(٤٩) ۽ (وري ڏسو ته) منافقن ۽ انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوريءَ جو) مرض هو چيو هو ته، هنن مسلمانن کي سندن دين مغرور ڪري ڇڏيو آهي (يعني دين جو نشو ۽ جوش هنن کي وڏي لشڪر جي مقابلي لاءِ اڀاري رهيو آهي. هنن منافقن کي خبر ناهي ته مسلمانن جو ڀروسو الله تعاليٰ تي آهي) ۽ جيڪڏهن ڪوبه الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ (سندس حمايت ۾) غالب پوڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي. (٥٠) ۽ جيڪڏهن توهان (پنهنجي اکين سان) اها حالت ڏسو جڏهن فرشتا انهن ڪافرن جا روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيءَ تي ڌڪ هڻندا ۽ (چوندا ته اي ڪافرؤ) هاڻي چکو باهه جي عذاب جو ذائقو (ته پوءِ توهان ڏسندڙن جو ڪهڙو حال ٿئي؟) (٥١) (اي حق جا دشمنؤ!) هي عذاب انهيءَ (بدعمليءَ) جو نتيجو آهي جنهن جو سامان خود اوهان جي هٿن اڳ ئي گڏ ڪري رکيو آهي. (توهان بدعمل ڪري پاڻ تي پاڻ عذاب آندو آهي) الله تعاليٰ ته ڪڏهن به پنهنجي بندن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي. (٥٢) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو هو جي انهن کان اڳي ٿي گذريا تهڙو ئي (ظلم ۽ فساد جو) دستور اوهان (مڪي وارن) جو آهي. هنن الله جي نشانين کي نه مڃيو ته الله به سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (٥٣) هيءَ ڳالهه هن ڪري ٿي جو الله تعاليٰ جو مقرر قانون آهي ته جيڪا نعمت هو ڪنهن قوم کي عطا فرمائي ٿو، سا وري ڪڏهن به نٿو بدلائي، جستائين انهيءَ قوم جا ماڻهو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائين). ۽ هن ڪري به جو الله تعاليٰ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو. (٥٤) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو، جي انهن کان اڳي ٿي گذريا اهڙو ئي دستور (فسق جو) اوهان جو به آهي. هنن پنهنجي پروردگار جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ته اسان کين سندن گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فرعون جي ماڻهن کي (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ظالم هئا. (٥٥) بيشڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ بدترين چوپايا جانور اهي (انسان) آهن جن ڪفر جي واٽ ورتي. پوءِ اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (٥٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن سان تو (صلح جو) عهدنامون ڪيو هو، تن اهو عهدنامو ٽوڙيو ۽ وري وري عهدناما ڪري ٽوڙيندا رهيا ۽ (اهڙي بد هلت جي نتيجن کان) ڊڄن به ڪونه ٿا (نه خدا کان ٿا ڊڄن نه انسانن کان). (٥٧) تنهن ڪري (هاڻي گهرجي ته جهڙي هلت پاڻ وٺن تهڙي تون به وٺ) جيڪڏهن تون هنن کي لڙائيءَ ۾ موجود ڏسين ته کين اهڙي سزا ڏي جو جيڪي ماڻهو هنن جي پٺ ۾ آهن (يعني سندن حمايتي مڪي جا مشرڪ) تن کي ڀڄندو ڏسي پاڻ به ڀاڄ شروع ڪن ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ شڪست ۽ سزا مان) عبرت وٺن (۽ آئينده لاءِ صلح ۾ رهن). (٥٨) ۽ جيڪڏهن ڪو ٽولو (اهڙي هلت وٺي جو)انهن کان اوهان کي دغا جو انديشو ٿئي ته اوهان کي گهرجي ته انهن جو عهدنامو انهن کي اڇلائي ڏيو ته ٻئي طرف هڪ جهڙي حالت ۾ ٿي وڃن. (يعني ائين نه ٿئي جو اوچتو عهد ٽوڙي حملي ڪجي جيئن مخالفن کي لڙائي وغيره جي تياريءَ جي مهلت ۽ وقت ئي نه ملي) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن کي هرگز پسند نٿو ڪري.
رڪوع ٨ آيت 59-تا-64
الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هر وقت جنگ لاءِ تيار رهو.
(٥٩) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ائين نه سمجهن ته بازي کڻي ويا. هو ڪڏهن به (حق جي پيروي ڪندڙن کي) عاجز ۽ هيڻو ڪري نه سگهندا. (٦٠) ۽ (اي مسلمانو!) جيتري قدر ئي ٿي سگهي اوتري قدر پاڻ ۾ قوت پيدا ڪري ۽ گهوڙا (جنگ لاءِ) تيار رکي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجو (جنگ جو) سامان تيار ڪندا رهو. ڇو ته اهڙيءَ طرح تيار رهڻ سان اوهان الله جي دشمن ۽ پنهنجي دشمنن تي پنهنجو ڌاڪو ۽ رعب ڄمائيندؤ ۽ پڻ انهن ماڻهن کان علاوه ٻين تي ڌاڪو ڄمائيندؤ، جن جي توهان کي خبر ناهي (ته اوهان جا دشمن آهن) الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي تياريءَ ۾) توهان جيڪو به خرچ ڪندؤ سو توهان کي پورو پورو ملي ويندو ۽ اوهان جو حق هرگز تلف نه ڪيو ويندو. (٦١) ۽ جيڪڏهن (دشمن) صلح جي طرف جهڪن ته اوهان کي گهرجي ته اوهان به صلح جي طرف جهڪو ۽ (هر حال ۾) الله تي ڀروسو رکو (ته) بيشڪ اهوئي الله آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. (٦٢) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هنن جو ارادو هي هجي ته توکي ڌوڪو ڏين ته (به فڪر ناهي) الله تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي مددگاريءَ سان ۽ مؤمنن (جي همراهيءَ) سان تنهنجي تائيد ڪئي (۽ قوت پيدا ڪري فتح ڏني). (٦٣) ۽ اهوئي آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ الفت ۽ محبت پيدا ڪري ڇڏي. جيڪڏهن تون اهو سڀ ڪجهه خرچ ڪرين جو روءِ زمين تي آهي ته به هنن جي دلين کي الفت ۽ محبت ۾ ڳنڍي نه سگهين ها. پر اهو الله ئي آهي جنهن منجهن الفت ۽ محبت پيدا ڪئي، بيشڪ هو (پنهنجي ڪمن ۾) غالب ۽ حڪمت وارو آهي. (٦٤) اي پيغمبر! الله تعاليٰ تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي ۽ انهن مؤمنن لاءِ )به) ڪافي (مددگار) آهي جيڪي تنهنجي تابعداري ڪندڙ آهن (نه انهن لاءِ رڳو نالي طور مؤمن يا مسلمان آهن.)
رڪوع ٩ آيت 65-تا-69
توهان مسلمانن کي مال جو حرص نه هجڻ گهرجي
(٦٥) اي پيغمبر! مؤمنن کي لڙائيءَ جو شوق ڏيار (اي مسلمانو!) جيڪڏهن توهان ۾ رڳو ويهه صابر ۽ ثابت قدمي رکندڙ ماڻهو نڪري پون ته يقين ڪيو ته اهي ٻه سؤ دشمنن تي غالب پئجي ويندا، ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ اهڙا ماڻهو سؤ ٿي وڃن ته هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا. هن ڪري جو ڪافر ماڻهو (حق ۽ باطل کي) نٿا سمجهن (منجهن دانش ۽ بصيرت ڪانهي.) (٦٦) مسلمانو!) هاڻي ته خدا توهان جي لاءِ بار هلڪوڪيو آهي. هن کي خبر آهي ته توهان ۾ ڪمزوري آهي. سو هن وقت جيڪڏهن توهان ۾ صبر سان مشڪلاتون سهڻ وارا هڪ سؤ ماڻهو هوندا ته (انهن کي فقط ٻيڻي تعداد سان مقابلو ڪرڻو پوندو يعني) هو ٻن سون دشمنن تي غالب پئجي سگهندا. ۽ جيڪڏهن هزار هوندا ته الله جي حڪم (۽ تائيد) سان ٻه هزار دشمنن کي مغلوب ڪري سگهندا، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (مشڪلاتن ۾) صبر ڪندڙ ۽ (فرض ادائين ۾) ثابت قدم رهندڙ آهن. (٦٧) نبيءَ کي مناسب ناهي ته سندس قبضي ۾ قيدي هجن تان ته ڪافرن کي قتل ڪري (ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري وٺي.) (مسلمانو!) توهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا پر الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (اوهان کي) آخرت (جو اجر ڏئي) ۽ الله غالب رهندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. (٦٨) جيڪڏهن (هن باري ۾) اڳ ئي الله جو حڪم نه اچي وڃي ها ته جيڪو مال توهان (غنيمت طور بدر ۾) هٿ ڪيو تنهن لاءِ ضرور اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها. (٦٩) بهرحال جيڪي توهان کي غنيمت ۾ هٿ آيو آهي تنهن کي حلال ۽ پاڪ سمجهي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.
رڪوع ١٠ آيت 70-تا-75
جيڪڏهن توهان جي دلين ۾ چڱائي آهي ته فديه جي عيوض اوهان کي اجر ۽ بخشش ملندي
(٧٠) اي پيغمبر! لڙائي جي قيدين مان جيڪي ماڻهو تنهنجي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان جي دلين ۾ ڪجهه چڱائي ڏٺي ته پوءِ جيڪو (فديو) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان بهتر اجر توهان کي عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي بخشي ڇڏيندو. هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (٧١) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو چاهين ته توسان دغا ڪن ته (به اهو ڪو سبب ناهي جنهن جي ڪري تون ان انديشي کان پنهنجو عملي دستور عدل ۽ احسان وارو ڦيرائي ڇڏين) اهي ماڻهو هن کان اڳي خود الله سان ٺڳيون ڪري چڪا آهن، ۽ انهيءَ ئي ڪري توکي هنن تي غلبو ڏنو ويو آهي. (ياد رک ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي. (٧٢) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي سي اهي ماڻهو آهن جي هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن، ۽ جن ماڻهن ايمان ته آندو پر هجرت نه ڪئي تن جي مدد ۽ رفاقت اوهان تي لازم ناهي، جيستائين هو پنهنجي وطن مان هجرت نه ڪن. پر جيڪڏهن دين جي باري ۾ توهان کان مدد گهرن ته پوءِ بيشڪ توهان تي انهن جي مددگاري لازم آهي. سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن اهڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد گهرن جنهن قوم سان توهان جو (صلح ۽ امن جو) عهدنامو ٿيل هجي. (ڇو ته ان حالت ۾ توهان عهد نامي جي خلاف عمل ڪري نٿا سگهو.) جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (٧٣) ۽ (ڏسو) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ڪفر جي واٽ ۾) هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ (يعني هڪ ٻئي سان محبت ۽ مددگاري نه ڪندؤ) ته ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ٿيندو ۽ وڏي خرابي ۽ بگاڙو پکڙبو. (٧٤) (مطلب ته) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي) پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي سي (مهاجرين ۽ انصار) في الحقيقت سچا مؤمن آهن ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (٧٥) ۽ جن ماڻهن پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان شامل ٿي جهاد ڪيائون سي به توهان ۾ ئي داخل آهن. (انهن کي پاڻ کان الڳ نه سمجهو) ۽ (باقي رهي هيءَ ڳالهه ته) الله جي حڪم موجب مائٽ هڪ ٻئي جي ميراث جا وڌيڪ حقدار آهن، (انهيءَ کان جو انصار جو ترڪو مهاجر ڀاءُ ڏي وڃي) بلاشبه الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.