سورت القريش
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-3
پنهنجي مالڪ جي عبادت ڪريو، جنهن بک کان کاڌو ڏنو ۽ ڊپ کان بچايو.
(١) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري، (جو اهي ڪعبي جا متولي آهن.) (٢) (ان عزت ۽ احترام جو نتيجو آهي جو چوڌاري قبيلن ۽ ملڪن انهن کي) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن (جي قافلن) کي چاهت سان (حفاظت ۾) رکيو آهي. (٣) (ليڪن قريشين ان ڪعبي جي امين بنجڻ واري ذميواريءَ کي وساري ڇڏيو آهي،) سو کين جڳائي ته اهي هن گهر جي مالڪ جي
عبادت ڪن. (٤) جنهن انهن کي (ڪعبي جي ڪري تجارت ۾ سهولت ڏيئي) بک کان کاڌو ڏنو ۽ (قبيلن جي ڦرلٽ جي) ڊپ کان بچايو. (ته جيئن مطمئن ٿي ڪعبي کي خدائي نظام جو مرڪز بنائن.)